; سنڌي شخصيتون: آتش سنڌي - رياضت ٻرڙو

02 August, 2012

آتش سنڌي - رياضت ٻرڙو


آتش سنڌي
رياضت ٻرڙو
آتش سنڌيءَ جو شمار مزاحمتي ۽ قومي شاعرن ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته ميٺ محبت واري شاعري پڻ سرجي اٿائين. هُو سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيي تان نشر ٿيڻ سميت، آڊيو ڪيسٽن ۾ پڻ نامور فنڪارن پاران ڳايا ويا آهن.


آتش سنڌيءَ جو ڇٺيءَ نانءُ معشوق علي آهي. هُو ۱۷ جولاءِ ۱۹۵۳ع تي قنبر جي علي خان محلي ۾، ولي محمد شيخ جي گهر ۾، پيدا ٿيو. غربت سبب پرائمري تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. محنت مزوري ڪري گذر سفر ڪري پيو.
۱۹۶۷ع ۾ آتش سنڌيءَ شاعري شروع ڪئي. شاعريءَ ۾ استادُ، مشهور عوامي شاعر پيرل قنبر اٿس. شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن ۾ آتش سنڌيءَ لکيو آهي. کيس شاعريءَ جي مڃتا ۾، مهراڻ يونيورسٽي ڄام شوري پاران، يادگيري طور، ڪَپ ڏنو ويو. هن ۱۹۸۰ع ۾ لطيف ادبي سنگت قنبر قائم ڪئي، جا ۱۹۸۲ع تائين سرگرم رهي. ۱۹۸۲ع ۾ هُو سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س.) يونيورسٽي شاخ جو ميمبر ۽ ۱۹۸۸ع ۾ س.ا.س. قنبر جو ميمبر ٿيو، جيڪا رڪنيت ۱۹۹۴ع ۾ ختم ٿيڻ کان پوءِ، س.ا.س.  قنبر جو ٻيهر ميمبر ۱۹۹۹ع ۾ ٿيو. هُو ۱۹۹۹ع ۾ مئي کان ڊسمبر تائين سيڪريٽري، ۲۰۰۰ع ۾ ڪائونسلر ۽ ۲۰۰۳ع ۽ ۲۰۰۴ع ۾ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي رهيو آهي. هُو ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر جو ميمبر (۲۰۰۰ع) ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي (۰۱-۲۰۰۰ع) رهيو. سياسي طور آتش سنڌي، جيئي سنڌ تحريڪ سان ۱۹۷۸ع کان وٺي لاڳاپيل آهي. آتش سنڌيءَ جي رهائش علي خان محلي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا