; سنڌي شخصيتون: مولانا عبداللھ قريشي - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

مولانا عبداللھ قريشي - رياضت ٻرڙو


مولانا عبداللھ قريشي
رياضت ٻرڙو
مولانا عبداللھ ولد مولانا محمد ڪامل قريشي ريشمي رومال تحريڪ (۱۹۱۳ع) جو هڪ ڪردار هو، جڏهن ته مولانا تاج محمد امروٽيءَ سان گڏ خلافت ۽ هجرت تحريڪن ۾ به حصو ورتائين. سندس ڏاڏو مفتي محمد صديق قضا جي عهدي تي مقرر هو. مولانا عبداللھ انگريزن جي سخت خلاف هو. مولانا عبداللھ جي پيدائش ۱۸۵۰ع ۾ ٿي. پاڻ ميان نور محمد ميڪڻ شهدادڪوٽيءَ جو پيارو شاگرد رهيو، جنهنڪري کيس ’صاحبزادو‘ سڏيندو هو. هن صاحب فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڪَنڊڙي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جي درسگاهن ۾ درس تدريس شروع ڪئي ۽ ڪافي شاگرد تيار ڪيائين. هُو آخري عمر ۾ آبائي ڳوٺ ٻير ۾ اچي فقهي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس وفات ۱۹۲۴ع ۾ ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا