; سنڌي شخصيتون: حسن علي هَڪڙي جون بي تڪلف ڳالهيون - رياضت ٻرڙو

03 August, 2012

حسن علي هَڪڙي جون بي تڪلف ڳالهيون - رياضت ٻرڙو


حسن علي هَڪڙي جون بي تڪلف ڳالهيون
رياضت ٻرڙو
سڃاڻپ: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مڊل ڪلاس جو ماڻهو.
والد جو نالو: عبدالستار هڪڙو.
ڄم-تاريخ: ۱-مارچ ۱۹۴۵ع، بٺي هڪڙا ڳوٺ، تعلقو ميرو خان.
تعليم: گريجوئيشن.
روزگار: رٽائرڊ سرڪاري ملازم.
پهرينءَ ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙيءَ ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟ - سندس گفتگوءَ جو.
توهان جي روزاني زندگيءَ جو بنيادي اصول:
- اولاد لاءِ جدوجهد ڪرڻ، ته ڪنهن درجي تي پهچي.


ڪهڙيءَ ڳالهه تي اداس ٿيندا آهيو؟
- جيڪا طبيعت لاءِ اڻ وڻندڙ هجي.
اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟ - ماضيءَ کي ياد ڪندو آهيان.
ڪهڙيءَ ڳالهه تي خوش ٿيندا آهيو؟ - اولاد جي خوشين تي.
خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
- ٻين سان خوشيون شيئر ڪندو آهيان.
ڪهڙيءَ ڳالهه تي چِڙ لڳندي اٿوَ؟
- منافقيءَ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ تي.
ڪهڙيءَ ڳالهه تي روئڻ ايندو اٿوَ؟
- ڪنهن به پياري شيءِ جي وڇوڙي تي.
توهان جي ڪهڙيءَ عادت کان گھر وارا بيزار آهن؟
- غصي کان.
ڪهڙو سپنو ساڀيان ٿيو؟ - ڪو به نه.
ڪهڙو واقعو ڪَنڊي جيان چُڀندو اٿوَ؟
- اولاد جا شاديءَ جا غلط فيصلا.
زندگيءَ جي اُها گھڙي، جنهن زندگي بدلائي ڇڏيوَ؟
- ڪا به گھڙي ڪانهي.
آئينو ڏسڻ سان ڪهڙو خيال ايندو اٿوَ؟ - گھٽ ڏسندو آهيان.
توهان جي ننڍپڻ جا ڏينهن: ڪشمڪش ۽ جدوجهد وارا.
ڪاش! اُهي ڏينهن موٽي اچن: نه.
شاگرد هوندي ڪهڙو سبجيڪٽ نه وڻندو هُيوَ؟ - انگلش.
ڪهڙي جانور کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟ - هر جانور کان.
ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟ - ڪنهن کان به نه.
ڪهڙي موسيقي ٻُڌندا آهيو؟ - هر قسم جي.
توهان جو پيارو دوست؟ - اولاد.
توهان جي نظر ۾ بهترين سائنسي ايجاد؟ - ڦيٿو.
ڪهڙو وهم پريشان ڪندو اٿوَ؟ - خدا جو خوف.
ڪهڙي شخصيت شدّت سان ياد ايندي اٿوَ؟ - امان.
طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟ - وچٿرو.
وڻندڙ شعر:     ايندي چَوَنِي آءُ، ويندي چوني ويهه،
                   ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچجي تن جي.
وڻندڙ گيت:     تون مڃين، مڃين نه مهربان،
                   مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.
وڻندڙ شاعر: شاهه لطيف.
وڻندڙ اديب: امر جليل.
وڻندڙ اخبار: ڪاوش.
وڻندڙ صحافي: علي قاضي.
وڻندڙ فلم: ديوداس (دليپ ڪمار واري).
وڻندڙ گلوڪار/ گلوڪارا: محمد جمن/عابده پروين.
وڻندڙ موسيقار: نوشاد.
وڻندڙ لوڪ فنڪار/ فنڪارا: علڻ فقير/ ----
وڻندڙ ٽي وي پروگرام: سنڌي ڊراما.
وڻندڙ ريڊيو پروگرام: آل انڊيا جو ”منهنجي پسند“.
وڻندڙ ميوزيڪل انسٽرومينٽ: باجو.
وڻندڙ شهر: قنبر.
وڻندڙ وقت: شام جو.
وڻندڙ ڏينهن/مهينو: آچر/ محرم الحرام.
وڻندڙ ڏڻ: عيد جا.
وڻندڙ موسم: بهار.
وڻندڙ لباس: سلوار قميص.
وڻندڙ راند: ڪرڪيٽ.
وڻندڙ رانديگر: جاويد ميانداد.
وڻندڙ سواري: ڪار.
وڻندڙ گل: موتيو.
وڻندڙ خوشبوءِ: موتيي جي.
وڻندڙ مشروب: چانهه.
وڻندڙ ميوو: انب.
وڻندڙ کاڌو: چانورن جي ماني ۽ پَلي.
وڻندڙ موضوع: ادب.
توهان جو مشن: اولاد کي ڪنهن منزل تي پهچايان.
توهان کي خط ڪهڙيءَ ايڊريس تي لکجي؟
- معرفت ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، علي خان پاڙو، تعلقو قنبر.

(مئي ۲۰۰۳ع)

No comments:

راءِ ڏيندا