; سنڌي شخصيتون: عبدالهادي ’منور‘ چانڊيو - رياضت ٻرڙو

02 August, 2012

عبدالهادي ’منور‘ چانڊيو - رياضت ٻرڙو


عبدالهادي ’منور‘ چانڊيو
رياضت ٻرڙو
استاد عبدالهادي ’منور‘ چانڊيو عوامي انداز سان، سماجي موضوعن ۽ ناانصافين بابت، شاعريءَ ۾، پنهنجن اُڌمن جو اظهار ڪري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڏيهه سان محبت سمايل آهي.


عبدالهادي ولد مولانا محمد قاسم چانڊيو ۲۴ جنوري ۱۹۳۱ع تي، ڳوٺ ڊرگهه سومر چانڊيي، يونين ڪائونسل بوهڙ، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن ۱۹۴۷ع ۾ فائنل پاس ڪئي ۽ فارسي نصاب سڪندر تائين حاصل پڙهيو، ڪجهه عربي تعليم به پِرائي ۽ اديب عالم ۽ اديب فاضل ۱۹۶۹ع ۾ پاس ڪيو. هُو ۱۹۴۸ع ۾ پرائري استاد مقرر ٿيو، جنهن بعد نور شاهه اسڪول قنبر، بوهڙ هيٺين، ڳڙهي ڪرٽيي، ٻير ۽ ٺوڙهي بجار جي پرائري اسڪولن ۾ پڙهائي، هيڊماستر جي عهدي تان، مين پرائمري بوائز اسڪول قنبر مان ۱۹۹۱ع ۾ رٽائر ڪيو. هُو شهري اتحاد قنبر جو نائب صدر ۽ پ.پ.پ. پاران ڪائونسلر به رهيو آهي.
استاد عبدالهادي چانڊيي رٽائرمينٽ کان پوءِ شاعري شروع ڪئي. پنهنجن ذاتي مسئلن، سماجي ۽ سياسي سرگرمين سبب شاعريءَ کي مناسب وقت ڏئي نه سگهيو آهي. اڪثر ڪري رباعيون ۽ نظم لکيا اٿائين. عوامي پروگرامن ۾ شهر ۽ شهري مسئلن ۽ ٻين موضوعن تي بلند آواز سان پنهنجي شاعري پڙهندو آهي. هُو جنوري ۱۹۹۹ع ۾ س.ا.س. قنبر جو مقمبر ٿيو، جنهن سان وس پڳي نڀايون پيو اچي.
استاد عبدالهادي چانڊيو ۱۹۸۴ع ۾ قنبر لڏي آيو. سندس رهائش سرڪيولر روڊ سان، غريب آباد محلي ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا