; سنڌي شخصيتون: حسن علي آفندي - طارق عزيز شيخ

15 August, 2012

حسن علي آفندي - طارق عزيز شيخ


حسن علي آفندي

هڪ شخصيت ۽ تحريڪ جو نالو

طارق عزيز شيخ
حيدرآباد جي مشهور آخوند گهراڻي، ڪيتريون ئي شخصيتون پيدا ڪيون، جيڪي علمي ادبي طور نالو ڪڍي چڪيون آهن. اهڙين ئي شخصيتن مان حسن علي آفندي به آهي، جنهن جو نالو ماهر تعليم طور هميشه روشن رهندو. آفندي صاحب جي جيتري خدمت آهي، حقيقت ۾ کيس ”شمس العلماءِ“ جو لقب ڏنو وڃي ها ته حق بجانب ٿئي ها. حسن علي آفندي ۱۸۳۰ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو محمد احسان هو. عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ منشيءَ جي نوڪري تي بيٺو پر ڪجهه عرصي کان پوءِ هو نوشهروفيروز ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ڪلارڪ بڻيو. حسن علي آفندي، نوڪريءَ سان گڏوگڏ اضافي تعليم به حاصل ڪندو رهيو. کيس پڙهڻ لکڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن انگريزيءَ ۾ تعليم پرائي ۽ وڪالت جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيو. هيءُ سنڌ جو پهريون مسلمان وڪيل هو، جنهن جيڪو ڪيس کنيو ان ۾ ڪامياب ٿيو.


حسن علي آفنديءَ جي جواني، ڪيسن جي پريڪٽس ۾ گذري. انگريزن جو سنڌ ۾ اهو دور هو، جنهن ۾ سنڌ جي علمي ادبي ترقي زور شور سان ٿي رهي هئي. انگريزن، سنڌي علم ادب جي جيتري ترويج ڪئي، ايتري ان کان اڳي ۽ بعد ۾ ڪڏهن به نه ٿي. آفندي صاحب کي به پنهنجون ڪامرانيون، انگريزن جي سهڪار سان حاصل ٿيون. انگريزن جي دور ۾، جيڪو به تعليم جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندو هو، تنهن کي هو ڀرپور مدد ڏيندا هئا. سنڌ ۾ تعليم جو جديد نظام رائج ٿي چڪو هو. سنڌي هندو ته لاتعداد تعليمي ادارا قائم ڪري چڪا هئا پر حسن علي آفندي پهريون مسلمان هو، جنهن مسلمانن لاءِ تعلمي ادارن جي قيام جون ڪوششون ڪيون. انجمن اسلام نالي هڪ فلاحي اداري جي نالي سان ٺاهيل اداري جي طرفان، ڪجهه اسڪول ٺهرايا پر پوءِ علي ڳڙهه تحريڪ کان متاثر ٿيو ۽ سنڌ ۾ به ان جي طرز سان ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيس. ان ڏس ۾ آفندي صاحب علي ڳڙهه ويو ۽ سر سيد احمد خان سان ملاقات ڪيائين. سنڌ ۾ اهڙي طرز جي تعليمي اداري جي خيال سان ڪم ڪرڻ جو جذبو ڏسي، سر سيد تمام گهڻو متاثر ٿيو. کيس پنهنجي پاران ڀرپور سهڪار جو يقين ڏيارايائين. حسن علي آفنديءَ، جيڪا سر سيد احمد خان سان ملاقات ڪئي، تنهن ۾ سر سيد کيس چيو هو ته؛ فقط اسڪول قائم ڪرڻ تي پنهنجو مقصد پورو نه ڪري بلڪ ان کي جيترو ٿي سگهي اعليٰ تعليمي ادارو بڻائي، اسڪول مان ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ تائين ان کي اڳتي وڌائي.
اهڙيءَ طرح ۱۸۸۵ع ۾ سنڌ مدرسة السلام جي نالي ۾ ڪراچي ۾ ادارو قائم ڪيو ويو، جيڪو محمدن ايسوسي ايشن پاران ٺهيو. هن اداري لاءِ پاڻ وڏي محنت ڪيائون. سنڌ جي هر علائقي مان شاگرد تعليم پرائڻ آيا. ڏينهن رات هڪ ڪري، انهن جي سٺي علمي تربيت ڪيائين. نه فقط اهو پر شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي جو انتظام به ڪيو ويو. چار سال تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪرڻ بعد ۱۸۸۹ع ۾ ترڪيءَ جي حڪومت پاران کيس تمغو پارايو ويو. اتي ئي ”آفندي“ جو لقب ڏنو ويو.، انهيءَ دوران، آفندي صاحب کي انگريزن پاران خان بهادر جو لقب به مليو.
حسن علي آفندي، حيدرآباد ۾ به تعليمي واڌاري لاءِ ڪم ڪيو. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا الڳ الڳ اسڪول قائم ڪيا. حيدرآباد ۾ تمام وڏو باغ هوندو هئس، جتي سندس رهائش گاهه به هئي. انهيءَ باغ ۾ هر ميوي جا وڻ هوندا هئا. فقير جي پڙ کان وٺي ٽنڊو آغا تائين، انهيءَ باغ جي ايراضي هئي. ڀر ۾ ٽيون نمبر تلاءُ هجڻ ڪري، پاڻيءَ جي سٺي فراهمي هوندي هئي. ۱۸۹۵ع ۾ سندس وفات کان پوءِ، سندس پٽ علي احمد ۽ علي اڪبر خاندان سان گڏ رهندا هئا. پر وقت سان گڏوگڏ آفنديءَ جو باغ زوال پذير ٿيڻ لڳو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تائين، باغ کي مالهي سنڀاليندا رهيا پر پوءِ وارثن باغ ختم ڪري پلاٽنگ ڪئي. اڄ اهو ٽڪرو آفندي ٽائون جي نالي سان قائم آهي.
سنڌ مدرسة الاسلام، آفندي صاحب جي زماني ۾ ته يونيورسٽي تائين ڪو نه پهچي سگهيو پر موجوده حڪومت، سندس خواب کي پورو ڪري ڇڏيو آهي. هن اداري مان وڏيون وڏيون شخصيتون تعليم پرائي اڳتي وڌيون. لازمي آهي تعليمي تربيت جي ڪري ئي اهي ماڻهو ڪامياب ٿيا، جيڪي هتان علم حاصل ڪري نڪتا. اهڙن ڪامياب ماڻهن ۾ ڪجهه نالا هيءُ آهن؛ قائد اعظم، سر شاهنواز ڀٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، سر غلام حسين هدايت الله ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه.
حسن علي آفنديءَ کي، سنڌ جو سر سيد احمد خان پڻ چوندا آهن. پنهنجي زماني ۾ هن اداري جي قيام جي ڪوششن دوران، آفندي صاحب کي مخالفت به ڏاڍي برداشت ڪرڻي پئي هئي. پر تنهن هوندي به هن همت ڪو نه ڇڏي. موجوده انتظاميا، حسن علي آفندي جي نظرئي موجب اداري کي شل ڪامياب ڪري.
(۱۴ آگسٽ تي سالگرهه ملهائي ويندي)

No comments:

راءِ ڏيندا