; سنڌي شخصيتون: راشد بروهي - رياضت ٻرڙو

02 August, 2012

راشد بروهي - رياضت ٻرڙو


راشد بروهي
رياضت ٻرڙو
راشد بروهي اُسرندڙ شاعر آهي. آهستي آهستي سندس شاعري اڳتي وڌندي رهي ٿي. في الوقت شاعريءَ جي پيچرن تي پنهنجا پير مضبوطي سان ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندي غزل جي زمين تي خيالن جي اڏار ڪرڻ سميت، واين ۽ نظمن تي پڻ ڌيان ڌري رهيو آهي.


محمد راشد ولد محمد ايوب بروهي ۴ مارچ ۱۹۸۰ع تي بروهي محلي، قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن بِي ايس سِي جي تعليم ۱۹۹۹ع ۾ ڊگـري ڪاليج نصيرآباد مان حاصل ڪئي. هن وقت ذاتي روزگار اٿس.
راشد بروهيءَ ۲۰۰۳ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن شاعريءَ سميت ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا آهن. ۲۰۰۳ع ۾ ئي هُو سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو ميمبر ٿيو، جنهن جو ۲۰۰۴ع ۾ خزانچي، ۰۶-۲۰۰۵ دوران م.ڪ.ڪ.  رهيو، ۲۰۰۷ع ۾ آڊيٽر ٿيو ۽ ۲۰۱۱ع ۾ سيڪريٽري ٿيو. هُو سنگت قنبر جي سرگرم ميمبرن مان هڪ آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”انت کان پوءِ“ ڇپيل آهي.
سندس رهائش بروهي محلي، قنبر ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا