; سنڌي شخصيتون: غلام حسين شاهه بخاري سيد

05 August, 2012

غلام حسين شاهه بخاري سيد

غلام حسين شاهه بخاري سيد، نقشبندي مجددي

رياضت ٻرڙو



حاجي سيد غلام حسين شاهه بخاري نقشبندي مجددي، قنبر شهر جي افضل مذهبي شخصيت آهن، جنهن جا مريد ملڪ جي چئني صوبن سميت پرڏيهه ۾ به آهن.


سيد غلام حسين شاهه ولد سيد گل محمد شاهه بخاري ۱۹۳۶ع ۾ ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ ڊٻ چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي مذهبي تعليم والد صاحب کان حاصل ڪيائون، جنهن کان پوءِ ڪجھ ديني تعليم مولوي قادر بخش ۽ مولوي خوش محمد تنيي (ميروخان واري) وٽ به پڙهيا. جڏهن ته رسمي تعليم پرائمري اسڪول ڊٻ چانڊيي ۾ پڙهيا ۽ روحاني تعليم حماد اللھ هاليجوي وٽ پِرايائون. سندن مرشد مير محمد عبدالغفار رحمت پور لاڙڪاڻي وارو هو، جنهن وٽ سائين جِن اڍائي سالن ۾ سلوڪ طَي ڪيا، جنهن کان پوءِ کين خلافت عطا فرمائي. سيد غلام حسين شاهه بخاري پهريائين پنهنجي ڳوٺ ڊٻ چانڊيي ۾ درگاهه قائم ڪئي، جنهن کان پوءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ سال بلوچستان ۾ تعلقي تنبو ۾ آستانو قائم ڪيائون. پاڻ ٻيهر ڳوٺ آيا، جتان ۱۹۷۳ع ڌاري وڏي ٻوڏ اچڻ سبب قنبر ۾ لڏي آيا ۽ هتي سرهيه محلي ۾ رهڻ لڳا. هتي سائين جن سرهيه مسجد ۽ گوئندي مسجد ۾ به خطبا ڏنا. سرهيه محلي ۾ سائين جن ۳ سال کن رهيا، جنهن کان پوءِ جماعت سان مشورو ڪري ريلوي اسٽيشن قنبر لڳ درگاهه عاليه جو بنياد رکيائون، جنهن جو نالو مفتي فاروق احمد (اوستي محمد واري) ۽ وڏي صاحبزادي سيد گل محمد شاهه بخاريءَ جي صلاح سان ”درگاهه حسين آباد“ رکيو ويو. سيد غلام حسين شاهه بخاري قنبر ۾ درگاهه سان گڏ ”دارالعلوم جامعه حسينيه نقشبنديه مجدديه اهل سنت والجماعت دربار عاليه، حسين آباد“ جو بنياد پڻ رکيو، جتان لڳ ڀڳ ۱۵۰ عالم ۽ لڳ ڀڳ ۸۰۰ عدد حافظِ قرآن ٿي چڪا آهن.

سيد غلام حسين شاهه بخاري کي اولاد ۾ ۴ صاحبزاده آهن، جن ۾ سيد گل محمد شاهه بخاري (۴۲ سالن جي ڄمار ۾ وفات)، سيد عطاء اللھ شاهه بخاري، سيد ثناء اللھ شاهه بخاري (۱۳ سالن جي ڄمار ۾ بجليءَ جي ڪرنٽ سبب وفات) ۽ سيد نصر اللھ شاهه بخاري (۹ ڏينهنِ جي عمر ۾ وفات) شامل آهن. سيد غلام حسين شاهه بخاري جي رهائش، درگاهه حسين آباد، نزد ريلوي اسٽيشن، قنبر ۾ آهي.


 

سيد غلام حسين شاهه بخاري

سنڌ جي سرزمين هڪ انمول روحاني پيشوا کان محروم ٿي وئي!

عبدالفتاح عباسي

سنڌ هڪ وڏي ڀاڳن، نصيبن، الله پاڪ جي ڪاملن ولين، روحاني شخصيتن جو ماڳ مسڪن رهي آهي. سنڌ جي ڌرتيءَ کي اهو شرف حاصل آهي جو هتي انسانيت جي خيرخواه هستين صوفياء ڪرام هستين جي محبت ڀري پيغام کي وستي وستي نگر نگر ڦهلائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. انهن ڪامل ولي بزرگان دين ۾ قمبر واري سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري نقشبندي جو نالو سنڌ جي روحاني رمزن جي حوالي سان سرفهرست آهي. سيد غلام حسين شاهه بخاري جن جو جنم ۱۹۳۲ع، ۱۳۵۱ هجري ۾ ڪامل ولي بزرگ سيد گل محمد شاهه رحمت الله عليه جي گهر ۾ تعلقه ميرو خان ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڊٻ شريف ۾ ٿيو. سندن ابتدائي رهنمائي والد بزرگوار جن ڪئي ۽ رسمي پرائمري تعليم استاد غلام محمد چانڊيو، استاد علي گوهر مستوئي ۽ ٻين کان حاصل ڪئي. جڏهن ته ديني تعليم جي حوالي سان مولانا قادر بخش، خوش محمد تنيو ۽ ٻين ڪئي. سائين قبله سيد غلام حسين شاهه بخاري طريقت جي حوالي سان ملڪ جي ڪامل ولي بزرگ سلسله عاليه نقشبنديه جي عظيم پيشوا حضرت قبلہ محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين فضلي نقشبندي رحمت الله عليه سان ملاقات ڪري سندس هٿ تي بيعت ڪئي ۽ پاڻ “غفاري نقشبندي مجددي” جي بابرڪت حلقه ۾ اچي ويا.

پاڻ حضرت پير مٺا سائين رحمت الله عليه جا نورِ نظر خليفا خاص بڻجي وڃڻ کانپوءِ قبله سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري نقشبندي جي اندر خوب تبليغ دين جو درد رهيو، جنهن ڪري هي قمبر وارو جوان جهر جهنگ وستي واهڻ نگر نگر ۾ سنڌ، بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخواہ سميت ملڪ کان ٻاهر به دين جي تبليغ ڪندي عشق رسول الله صلي الله عليه وسلم، عشق اهلبيت و صحابہ ڪرام، محبت پيران پير سيدنا غوث اعظم دستگير عبدالقادر جيلاني قطب رباني محبوب سبحاني قنديل نوراني جي ستي اهڙي ڏيندا رهيا جو هر پاسي نقشبندي ته نقشبندي پر سلسلہ پاڪ قادري، چشتي، سهروردي ۾ به سندن هاڪ رهي ۽ هي عظيم بزرگ روحاني شخصيت حضرت قبلا سائين سيد غلام حسين شاهه جا هر پاسي ديوانا مستانہ ٿيڻ لڳا. هن قمبر جي درگاهه حسين آباد ۾ غريبن مسڪينن مارو ماڻهن کي روحاني قلبي تسڪين قرار ميسر ٿيڻ لڳو، جنهن ڪري پري پري کان نه صرف سنڌ پر ٻين صوبن ۽ ملڪن جا ماڻهو اچي پنهنجي دلي تسڪين راحت حاصل ڪندا رهيا. هتي اهڙا اهڙا ماروئڙا سانگيئرا جهانگيئڙا پهچندا هئا، جيڪي پنهنجو حال سارو ڪندي دعائن جي برڪت سان غمگيني، غربت، مفلسي ۽ تنگدستي سميت ٻين مصيبتن کي پاسي تي رکي اهڙا ته خوشين ۾ مست ۽ خوشيون ماڻي ويندا هئا، جنهن جو اندازو نٿو ڪري سگهجي. هي اهو ڪامل ولي بزرگ روحاني رهبر هيو، جنهن جي صحبت ڪچهري ۾ ويهندڙ پنهنجو پاڻ کي وڏو خوش نصيب سمجهندو هيو، ڇاڪاڻ ته هتي هن صاحب ولايت هستي جي صحبت ۾ رهندڙ کي اسم اعظم “الله هو” ۽ الصلوات والسلام عليڪ يا سيدي يا رسول الله، وعلي آلڪ و اصحابک يا سيدي يا محمد نور من نور اللہ “ جي بابرڪت لولي ٻولي ۽ تنوار ملندي هئي. هن بزرگوار هستي جي چهري مبارڪ جي زيارت ڪرڻ سان خوشين جا انبار ملندا رهيا. هن الله جي ڪامل ولي هستي جي ملڪان ملڪ ديني خدمتن جي هاڪ رهي. ملڪ جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهيد به ۲۰۰۷ع ۽ انهيءَ کان اڳ ۾ به قمبر درگاهه تي عقيدت ڀري حاضري هن ڪامل ولي جي درٻار ۾ دعائون وٺڻ لاء پهچندي رهي. الله جي هن ڪامل ولي جي پنهنجي مرشد پير مٺا سائين رحمت الله عليه سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي ۽ هو اڪثر ڪري مرشد جون لکيل سرائيڪي ۾ حمد، نعت، منقبت نعت خوان محمد حسين حسيني ۽ نعت خوان رحمت الله لاشاري حسيني کي بار بار پڙهڻ لاءِ هدايت ڪندا هئا.

مون گنهگار عاصي تي وڏا مهربان هئا ۽ آخري دفعي لاڙڪاڻي شهر ۾ مهيسر برادري جي منعقد جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي موقعي تي به پنهنجي مرشد پير مٺا سائين رحمت الله عليه جو ذڪر پاڪ ڪيو هيو. اهڙي طرح قمبر وارا سائين سيد غلام حسين شاهه جن سان بين الاقوامي اسلامي ديني شخصيت دعوت اسلامي جا امير حضرت علامه قبله سائين محمد الياس عطار قادري، عالمي سطح جي مڃيل شخصيت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا سربراهه علامه مفتي خادم حسين رضوي، پير مٺا سائين رحمت الله عليه جا گادي نشين محمد عبدالغفار جان نقشبندي جن جي وڏي عقيدت محبت رهي. جڏهن ته ملتان جي درگاهه غوث بهاؤالدين، شاهه رڪن عالم سائين جي گادي نشين مخدوم شاهه محمود قريشي، صدر پاڪستان ڊاڪٽر عارف علوي، سابق وزير اعليٰ سنڌ سردار ممتاز علي خان ڀٽو، سابق صوبائي وزير سنڌ حاجي منور علي عباسي، معظم علي خان عباسي، جماعت اهلسنت پاڪستان جي اڳواڻن درگاهه ڀرچونڊي جا سائين عبدالخالق ڀرچونڊي وارا، مفتي محمد جان نعيمي ڪراچي، مفتي شفيق الرحمان قادري شڪارپور، مفتي محمد ابراهيم قادري سکر، عالمي استاد العلماء استاد مفتي محمد عبدالستار سعيدي لاهور وارا ۽ هزارين لکين عقيدت رکندي قمبر ايندا رهيا. الله پاڪ جي هن ڪامل ولي بزرگ هستي جو وصال مبارڪ ۳ رجب المرجب ۱۴۴۴ هجري، ۲۶ جنوري ۲۰۲۳ع، ۹۰ سالن جي عمر ۾ ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ ٿيو. جنهن جي جنازي نماز جمعي ڏينهن بتاريخ ۲۷ جنوري تي اڍائي وڳي منجهند درگاهه حسين آباد قمبر شريف ۾ ادا ڪئي وئي. عالم اسلام جي هن عظيم روحاني بزرگ هستي حضرت قبله سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري نقشبندي رحمت الله عليه هڪ صدي جي تاريخ هيا، جيڪي لکين مريدن، عقيدت مندن، محبت ڪندڙن کان بظاهر جدا ٿيا آهن پر سندن فيض جو سلسلو تعلق صدين تائين برقرار رهڻو آهي. ڇاڪاڻ ته الله پاڪ جا برگزيده بزرگ هڪ جڳهه کان ٻئي جاء منتقل ٿيندا آهن. الله پاڪ هن درگاهه حسين آباد کي هميشه شاد آباد رکي ۽ سندن اولاد قبله سائين سيد عطاءَ اللہ شاهه بخاري نقشبندي، سيد نصر اللہ شاهه بخاري، سائين ثناء اللہ شاهه بخاري هن گلستان جا گل آهن. الله پاڪ سائين قبله سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري نقشبندي رحمت الله عليه جا درجات بلند ڪري ۽ پونئرن، مريدن، عقيدتمندن کي صبر جميل عطا فرمائي آمين.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا