; سنڌي شخصيتون: پروفيسر عطاءُ الله ابڙو

14 August, 2012

پروفيسر عطاءُ الله ابڙو

پروفيسر عطاءُ الله ابڙو

رياضت ٻرڙو



پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو، لاڙڪاڻي شهر سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ نثر نويس هو، پر سندس خاص سڃاڻپ منتخب ترجما هئا. هُو شهرتن ۽ مشهوريءَ کان پاسائتو رهي، پنهنجي مُنهن لکپڙهه جو ڪم ڪندو رهيو ۽ ادبي خدمت ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي جھول ۾ لبناني اديب ۽ مفڪر خليل جبران جي لاجواب تخليقن، اردو اديب ڪرشن چندر جي ڪهاڻين، ڀڳت ڪبير جي دوهن ۽ فارسي شاعر ۽ سائنسدان عمر خيام جي رباعين کي وجھندو رهيو ۽ عمر جي پڇاڙڪن ڏينهنِ ۾ عربي ادب جي شاهڪار ”سبع معلقات“ کي ترجمو ڪري پورو ڪيو هئائين. مزاجًا هو ملنسار، محبتي ۽ پُرخلوص ماڻهو هو ۽ ڪم سان ڪم رکندو هو، اجائي ڊيگھ کان ڪِنارو ڪندو هو.


پروفيسر عطاءُ اللھ ولد امان اللھ ابڙو، ۵ ڊسمبر ۱۹۵۲ع تي، هاڻوڪي ضلعي قنبر-شهدادڪوٽ (اڳوڻي لاڙڪاڻي ضلعي) جي تعلقي ميروخان جي هڪ ڳوٺ حيدر ڏيٿو ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ئي ۱۹۶۳ع ۾ پِرائي، جنهن کان پوءِ مئٽرڪ ۱۹۶۹ع ۾ پائليٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪئي. انٽر (پري ميڊيڪل) ۱۹۷۱ع ۾ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي ۽ اتان ئي ۱۹۷۳ع ۾ بِي ايس سِي ڪئي، جنهن بعد ۱۹۷۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان باٽني شعبي ۾ ايم ايس سِي ڪئي ۽ ۱۹۷۷ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بِي ڪئي. ان کان پوءِ هن ۲۰۰۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم فِل (ماسٽرس اِن فلاسافي) پروفيسر ڊاڪٽر هدايت اللھ ابڙي جي نگرانيءَ ۾ هن موضوع تي ڪئي: ”ڪوئٽا ڊويزن، بلوچستان ۾ قدرتي طور ملندڙ کُنڀين جا مختلف قسم“. البت هُو پِي ايڇ ڊِي جو لڳاءُ هئڻ باوجود، ڪن سببن جي ڪري، نه ڪري سگھيو. کيس جن نامور استادن پڙهايو، تن ۾ مرحوم علي انور گوپانگ (ميروخان)، مرحوم واحد بخش شيخ، محسن چنه، قربان راڄپر، مرحوم حسين بخش کوکر (لاڙڪاڻو)، پروفيسر ڊاڪٽر هدايت اللھ ابڙو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمتين (ڄامشورو) شامل آهن.

سائين عطاءُ اللھ ابڙو ۱۹۷۸ع ۾ ڊگري ڪاليج سِبِي، بلوچستان صوبي ۾ باٽني شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ پوءِ سڄي حياتي بلوچستان ۾ ئي مقرر رهيو. ان دوران هُو ۱۹۸۴-۸۵ع دوران ڪوئٽا ۾، ۱۹۸۵-۲۰۰۰ع دوران اوستي محمد ۾ پڙهايو. هو جولاءِ ۲۰۰۴ع کان ڪجھ وقت جھل مگسي ۾ پرنسپال به رهيو، پر پوءِ اوستي محمد ۾ پروفيسر طور واپس وريو، جتان هن جولاءِ ۲۰۱۲ع ۾، ويهين گريڊ ۾، پروفيسر طور رٽائرمينٽ ورتي.

پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙي لکڻ جي شروعات ۱۹۷۳-۷۴ع ۾ ڪهاڻين سان ڪئي. گڏوگڏ هن ترجمو ڪرڻ پڻ شروع ڪيو. ترجمن ۾ سندس رهبري مرحوم محمد علي شيخ (لاڙڪاڻو) ڪئي. ابڙي صاحب ۱۹۸۷ع ۾، خليل جبران کي ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سندس مختلف ڪتابن مان چونڊ تحريرن جو مجموعو ”غلامي“ نالي سان جنوري ۱۹۸۸ع ۾، ماڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو قائم ڪري، ڇپائي پڌرو ڪيو. ابڙي صاحب جي ان پهرئين ڪتاب جا ۳ ڇاپا ڇپجي چُڪا آهن. ان بعد سائين عطاءُ اللھ نامور اردو اديب ڪرشن چندر جي منتخب ڪهاڻين جو ترجمو ڪيو ۽ اهو ڪتاب ”آزادي“ عنوان تحت، ماڪ پبليڪيشن پاران ۱۹۹۰ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.

پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙي کي جبران سان محبت هئي ۽ سندس فلسفي مان متاثر هو، جنهنڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ابڙي صاحب، خليل جبران جي فلسفي تي مشتمل ڪتاب ”Sand and Foam“ کي، حبيب اشعر جي ڪيل اردو ترجمي ”ريت اور جهاگ“ تان، ترجمو ڪيو، جيڪو ”ساحل ۽ سمنڊ“ نالي سان ۲۰۰۵ع ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپيو.

ان بعد سائين ابڙي صاحب جو لاڙو ڀڳت ڪبير ڏانهن ٿيو ته هُو ڪبير جي فلسفي جي عشق ۾ قابُو ٿي ويو. هن نه صرف مسلسل ٻه سال ٿر، ٿاڻي بولا خان، ٺٽي ۽ بدين مان ڪبير صاحب جا شعر هٿ ڪيا پر بلوچستان مان پڻ ڪيترن ئي ڪبير پنٿين سان ملاقاتون ڪري، ڪبير صاحب جا دوها وغيره اتاريا ۽ سندس ڪيئي ڪتاب پڙهيا. جيتوڻيڪ ان دوران هُو ڪينسر جھڙي موذي مرض سان پڻ جھيڙيندو رهيو. ڪبير صاحب جا دوها پڙهندي ۽ سولي سنڌيءَ ۾ سمجهائيندي، جيڪا خوشي مون سندس ٻهڪندڙ مُک تي جرڪندي ڏٺي تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. نيٺ سائينءَ ”ڀڳت ڪبير جا دوها“ عنوان سان ڪبير صاحب جي دوهن تي مشتمل ڪتاب جوڙي تيار ڪيو، جنهن ۾ نه صرف دوهن جو نثر ۾ ترجمو شامل هو، پر سندس دوهن جو مروج ادبي ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو (دوهي جو دوهي ۾) پڻ ڪيو ۽ ڪبير صاحب جي فڪر ۽ فن تي مفصل مقالو/ مقدمو به لکيو. اهو ڪتاب ۲۰۱۰ع ۾ ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ساڳئي سال اندر وڪرو ٿي ختم ٿي ويو. هن ڪتاب ۾ ڪبير صاحب جا اصل دوها پڻ ترجمي سان گڏ ڏنا ويا ۽ ان ريت ابڙي صاحب ڄڻ ته پاڻ کي احتساب لاءِ پڻ پيش ڪيو. ڪبير صاحب بابت اهڙو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾، ان کان اڳ ڪو به ناهي ڇپيو.

ڪبير صاحب کي ترجمو ڪرڻ سان سائين عطاءُ اللھ ڄڻ ته ادبي دنيا جي اها نئين واٽ هٿ ڪري ورتي، جنهن تي ئي هن کي اڳتي وڌڻو هو.

ان کان پوءِ ابڙي صاحب سڄيءَ دنيا ۾ رباعيءَ جي حوالي سان مشهور ايراني شاعر ۽ وڏي سائنسدان عمر خيام جي فارسي رباعين کي ترجمي ڪرڻ جو ڪم چونڊيو. سائينءَ جي عادت هئي ته جيڪو به ڪم هٿ ۾ کڻندو هو، ان بابت سنڌيءَ ۾ ڇپيل سمورو ڪم به نظر مان ڪڍندو هو. ڏسندي ئي ڏسندي عمر خيام بابت سنڌي مواد ۽ ڇپيل سنڌي رباعيون سندس مطالعي هيٺ اچي ويون. عمر خيام جي ۲۸۵ رباعين جي ترجمي جو ڪتاب سائينءَ جي لکيل اڀياسي مقالي سميت ”رباعياتِ عمر خيام“ نالي سان مارچ ۲۰۱۲ع ۾ ڏاهپ پبليڪيشن پاران ڇپيو، جنهن ۾ پڻ اصل فارسي رباعيون سنڌي ترجمي سان پيش ڪيون ويون. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪتاب پڻ ان کان اڳ ناهي ڇپيو.

مان کي خوشي آهي ته انهن ٽنهي ڪتابن ۾ مون کي سائينءَ سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو.

ان اهم ڪتاب کان پوءِ سائين عطاءُ اللھ ابڙي هڪ ٻيو اهم ڪم ترجمي لاءِ منتخب ڪيو، ۽ اهو هو عربي ادب ۾ دَورِ جاهليت جي مشهور شاعرن جي ”سبع معلقات“ جو سنڌي ترجمو. ان ڪتاب جي ابتدائي ترجمي جو ڪم به سائينءَ پورو ڪيو، پر ان تي اڃا نظرثاني رهيل هئي جو ان دوران ابڙي صاحب جي ڪينسر اُٿلي پئي. هُو سخت بيمار ٿي پيو. ڪراچيءَ به اسپتال ۾ مهينو کن داخل رهيو، پر بيماري زور وٺي وئي ۽ لاعلاج بڻجي وئي. نيٺ سائين بيماريءَ جي حالت ۾ ئي لاڙڪاڻي موٽيو. هتي به مَقامي ميڊيڪل سينٽر ۾ هو مرض سان جھيڙيندو رهيو. سندس طبيعت ڪجھ بهتر ٿي ته رحمت پور محلي ۾ واقع پنهنجي گھر منتقل ٿيو. ڳالهائڻ جي سگھ ٿيس ته دوستن سان فون تي توڙي روبرو ڪچهريون به شروع ڪيائين. مون سان خاص محبت هيس. ٻئي ٽئين ڏينهن ملاقات ٿيندي رهي. پر اوچتو بخار جو حملو ٿيس، نڙي ويهجي ويس ۽ متاثر ٿيل ڦڦڙ به ڪم ڇڏڻ لڳس. ان حالت ۾ ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۲ع تي مطابق ۲۱ رمضان المبارڪ (حضرت علي ڪرم اللھ وجھہٗ جن جي شهادت واري ڏيهاڙي) ۱۴۳۳هه تي، اسر ويل ساڍي چئين وڳي، مسلسل ذڪر ۽ فڪر بعد، وفات ڪيائين.

نُوري ۽ ناري، جوڳيئڙا جَهانَ ۾،

ٻَرِي جن ٻارِي، آءٌ نه جِيئندِي اُن ري.

(شاھ)

سندس جنازي نماز ۾ وڏي تعداد ۾ شهرين، اديبن ۽ مِٽن مائٽن شرڪت ڪئي. سندس تدفين جمعي ڏينهن ئي رات جو ساڍي نائين وڳي، ابوبڪر قبرستان، لاڙڪاڻي ۾، سندس امڙ جي پيرن ۾، ڪئي وئي.

 

 


 

پروفيسر عطا الله ابڙو

ساڻس منھنجي پهرين ملاقات

مٺل جسڪاڻي

پروفيسر عطا الله ابڙو سان پهرين ملاقات ۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۸ع واري عرصي ۾، تمام ٿوري وقت لاءِ ٿيڻ ڪري مون کي تـه ياد ئي نـه هئي! اوچتو سال کن ٿيندو، هڪ ڏينهن آئون پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هئس، هڪ نوجوان شاگرد، نالو ياد نـه پيو اچي، ذات جو مستوئي هو، مون وٽ آيو. دعا سلام ڪري مون کي ابڙو صاحب جا سلام ڏئي، ڪجھ ڪتاب ۽ ابڙو صاحب جي ايم فل واري ٿيسز جي ڪاپي ڏنائين. ان ٻڌايو ته ابڙو صاحب اهي ڪتاب مون کان کڻي ويو هو، جيڪي کيس ٿيسز ۾ حوالا ڏيڻ لاءِ گهربل هئا. ابڙو انهن ڪتابن جون اصل ڪاپيون مون کان وٺي، فوٽو اسٽيٽ ڪرائي، اصل تڏهن ئي واپس ڪري ڇڏيون هيون. ان مستوئي جي مدد سان هڪ ٻئي جا نمبر ملڻ تي، اسان جو موبائيل فون تي ڪڏهن ڪڏهن رابطو ٿيندو هو.......

ابڙو صاحب سان ٻي ملاقات سنڌ يونيورسٽي ۾ سندس ايم فل جي فائينل سيمينار دوران ٿي. جيڪا بـه تمام محدود وقت لاءِ هئي. سيمينار کان پهرين هو تياري ۾ مصروف هو ۽ سيمينار ختم ٿيڻ تي کيس ڀاڪر پائي مبارڪون ڏئي، آئون روانو ٿي ويو هئس. اسان جي وچ ۾ پل جو ڪردار پروفيسر ڊاڪٽر هدايت الله ابڙو جو هو. جنهن وٽ عطا ايم فل ڪئي...... انهن ٻن ملاقاتن جي عيوض، مونکي جڏهن ۲۵-۲۶ ورهيه اڳ، مون وٽان کڻي ويل ڪتاب ۽ ايم فل ٿيسز جي اعزازي ڪاپي ڏياري موڪلي تـه عطا جو قد نظر آيو.... هو پڪ سان سٺو استاد ئي هوندو، جنهن ڪري هن ۾ اڳتي وڌڻ جي جستجو هئي.

هو جاکوڙي هو، تڏهن ته جهرجهنگ رلي، گهمي نه، مختص علائقي جون کنڀيون ڳولي، ايم فل دوران ايترو تحقيقي ڪم ڪيائين، جنهن جي فائينل سيمينار ۾ ان ڪم کي ٿورو وڌيڪ ڪري پي ايڇ ڊي ڊگري ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي. اها سفارش صرف تحقيق جي بنياد تي ٿي هئي، شايد ان ڪري قبول نه پئي، جيڪڏهن مروج طريقي مطابق سفارش ٿئي ها، ته پوءِ گهڻو ڪري کيس پي ايڇ ڊي ملي وڃي ها، پر نه، هن کي به منهنجي خيال ۾ مروج سفارش نـه وڻي هوندي، نـه تـه مٿئين ڊگري لاءِ ماڻهو گهڻو ڪجهـ ڪري گذرندا آهن ......... اها عطا جي همٿ، حوصلو، محنت، جستجو، مقصد سان سچائي، سٺي استاد سان گڏوگڏ محقق هجڻ جي تعريف جوڳي صلاحيت هئي.... ڪجھ مهينا اڳ، فيس بوڪ ذريعي، مون کي خبر پئي ته هو سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب سان بـه چاهـ رکندڙ شخص هو! مون فيس بوڪ تي سندس ڪتابن جون تصويرون ڏٺيون آهن. بازار اچڻ وڃڻ گهٽ ٿيندو آهي. ڪتاب ڪي چند، ڪجھ مخصوص دوستن جي زور ڀرڻ تي، ڪڏهن ڪڏهن وٺندو آهيان، ان ڪري نه ڪتاب گهرن تي وڃان نه خبر پوندي آهي، تـه ڪير ليکڪ ۽ ڪير مترجم آهي. ها، هڪ اڌ اخبار ۽ هڪ رسالو مستقل پڙهندو آهيان، انهن معرفت ٿوري ڄاڻ اٿم ۽ بس....

پروفيسر عطا ابڙو ناچاڪ ٿي ڪراچي پهتو ۽ ڪجھ عرصي کان پوءِ ٽيون ڀيرو ملڻ کان اڳ هو هميشھ لاءِ هليو ويو! ساڻس ڊگهي ڪچهري واري تفصيلي ملاقات نـه ٿيڻ ۽ سندس وڇوڙي تي ڏک ٿيو..... ڌڻيءَ در سندس مغفرت لاءِ دعاڳو آهيان.....

هن شخص جي حوالي سان هي ڳالھ بـه هتي لکڻ ضروري ٿو سمجهان تـه اڄ ڪلھ جيڪو ٿو بيمار ٿئي، پوءِ....

پر هن شخص ۽ سندس پونئيرن توڙي اديب دوستن پاران، آئون جيڪي هڪ ٻـه اخبارون پڙهندو آهيان، رسالو پڙهندو آهيان، ان ۾ حڪومت کي سار لهڻ، مالي مدد ڪرڻ جي گهر، منٿ نـه ڪئي وئي...

ان ۾ بـه پڪ تـه ابڙو صاحب جي سندي حوصلي، همٿ، پاڻ ڀاڙن، ڪنهن تي ڪو ٿورو نـه جتائڻ ۽ سندس اولاد جي سٺي تربيت جو ئي عمل دخل هوندو. کيس اهڙي همٿ تي جس هجي، جنهن ڪري هن ڪنهن اڳيان هٿ نـه ٽنگيو، عوام ۽ حڪومت تي ٻولي ۽ ثقافت جي خدمت جو ٿورو نه جتايائين، واه ابڙا صاحب واه. اهو سندس تعريف جوڳو عمل آهي...

 


 

اُستاد عطاءُ الله ابڙو

شعور جي جوت جلائيندڙ هڪ امر ڪردار! - ۲۳ نومبر ڇھين ورسيءَ جي مناسبت سان

ساقي ابڙو

عظيم سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان هميشه اهڙا عظيم انسان پئي پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي عظيم ڪردار جي ڪارڻ نه صرف جيئري ئي هن جھان ۾ محبتون، عزتون ۽ عظمتون حاصل ڪيون آهن، پر مُئي پڄاڻان پڻ مھانتا جا معراج ماڻيندا رهن ٿا ۽ هو پنهنجي عظيم ڪردار جي سببان مرڻ کانپوءِ به ماڻهن جي دلين ۾ سدائين زنده رهن ٿا، انهن عظيم انسانن ۽ متحرڪ ڪردارن مان سنڌ جو برک اديب، دانشور، تجزيه نگار، ڪالم نويس ۽ سماج سڌارڪ استاد عطاءُ الله ابڙو به هڪ عظيم انسان ۽ متحرڪ ڪردار رهيو آهي جنهن هميشه شعور جي جوت جلائيندي پنهنجي سموري ڄمار جاکوڙ ۽ جدوجھد ۾ گذاري ۽ جيڪو سڄي حياتي عام اجارڻ ۽ قوم جيئارڻ جا جتن ڪندو رهيو.

استاد عطاءُ الله ابڙو سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شھر رتيديري جي قديم ۽ تاريخي ڳوٺ علي بيگ خان ڪوڏراڻي (ابڙو) يونين ڪائونسل وارثڏنو ماڇي ۾ هڪ پورهيت وارثڏنو ابڙو جي گهر پهرين ڊسيمبر ۱۹۳۷ع ۾ جنم ورتو. وارثڏنو ابڙو هيو ته پورهيت پر سڄي تر ۾ “سالک” ۽ “سپُورنج” طور سڃاڻپ رکندو هو ۽ ٻه ٽي سئو مزدورن جو جماندار هو جيڪي زرعي زمينن لاءِ نيون شاخون ۽ واھ کڻندا هئا ان حوالي سان کيس ايڏو ته تجربو هوندو هو جو کيس “اڻپڙهيو انجنيئر” سڏيو ويندو هو، ان “اڻپڙهئي انجنيئر” جي اڱڻ ۾ اک کوليندڙ عطاءُ الله ابڙو جڏهن سمجھ ڀريو ۽ سانڀر سان ٿيو ته ڳوٺ جي هڪ استاد سائين غلام عباس ابڙو جيڪو هڪ “تعليمي ماهر” پڻ هو وٽ پڙهڻ لاءِ ويھاريو ويو جتي “ست درجا” سنڌيءَ جا پڙهي ان دور جي ۾ “فائنل” جو امتحان پاس ڪيائين، پر غربت سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري ڪين سگهيو. هو انتھائي ذھين ۽ هوشيار شاگرد هو پڙهڻ ۽ پڙھائڻ سان دلي لڳاءُ ھجڻ ڪري پنهنجي ڳوٺ جي ساڳئي ئي اسڪول ۾ رضاڪاراڻي طور تي بنا اجُوري جي پڙهائڻ شروع ڪيائين جنهن ڪارڻ ئي کيس “استاد” جو اعزازي لقب مليو ۽ هو استاد عطاءُ الله ابڙو سڏجڻ لڳو. هن پنهنجي استاد سائين غلام عباس ابڙو سان گڏجي نه صرف پنهنجي ڳوٺ، پر سڄي تر اندر جھالت جي ٻاٽ اونداهي ۾ علم جي لاٽ ٻاري ۽ شعور جا ڏيئا روشن ڪيا سندس علمي ڪوششن ۽ ڪاوشن جو ئي نتيجو آهي جو سندس ڪافي شاگرد اڄ وڏن عهدن تي رسيل آهن.

استاد عطاءُ الله ابڙو پنهنجي دور جو ڪنهن مشق اديب، دانشور ۽ تجزيه نگار ٿي گذريو آهي ان وقت جون سنڌي اردو اخبارون ۽ رسالا سندس تجزين ۽ ڪالمن کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ ليڊ سان شايع ڪندا هئا جن ۾ ھلال پاڪستان، عبرت، امن، نواءِ وقت ۽ مساوات شامل آهن. پڙهندڙ پڻ سندس ليکن جو شدت سان انتظار ڪندا هئا جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري سندس ڪالم وغيره ڇپجڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته پڙهندڙ ايڊيٽرن ڏانهن خط لکڻ شروع ڪندا هئا جنهن مان ظاهر آهي ته ماڻهو کيس وڏي دلچسپيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان پڙهندا هئا سندس لکڻين ۾ غيرجانبداريءَ سان گڏ حقيقت پسندي ۽ بيباڪي پڻ شامل هوندي هئي هو سدائين سچ لکندو رهيو ۽ سچ لکڻ جي ڪري ئي کيس الاهي ساريون تڪليفون ۽ مشڪلاتون درپيش اينديون رهيون پر هو مڙسيءَ ۽ جوانمرديءَ سان انهن سڀني کي منهن ڏيندو رهيو ۽ هر قدم تي ثابت قدم رهيو.

استاد عطاءُ الله ابڙو جي شخصيت جو هڪڙو پاسو سماجي خدمتن وار به آهي، هو بهترين سماج سڌارڪ هو ۽ هر انسان جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي هوندو هو سندس نظر ۾ انسانيت ئي سڀ کان اتم ۽ اعليٰ هوندي هئي انسانيت جي خدمت ڪندي کيس دلي، ذھني ۽ روحاني سڪون ملندو هو، ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏک ۽ تڪليف ۾ ڏسي هو تڙپي پوندو هو ۽ پنهنجي حال سارو ان جي مدد ڪرڻ لاءِ هڪيو حاضر هوندو هو. غريبن، مسڪينن، نادارن يتيمن ۽ بيواهن جي واهر ڪرڻ توڙي هر انسان جي خدمت ڪرڻ ڄڻ ته سندس ايمان ۾ شامل هو. هو اٻوجھ ۽ بي پهچ ماڻهن جو هميشه ڀرجهلو ۽ مددگار بڻبو هو اهو ئي سبب هيو جو هتان جا ماڻهو کيس اتر سنڌ جو “مسڪين جھان خان کوسو” سڏيندا هئا.

استاد عطاءُ الله ابڙو پنهنجي گهر جو چرخو هلائڻ لاءِ مختلف خانگي ادارن ۾ ملازمت به ڪئي آخر ۾ کيس سرڪاري نوڪري به ملي، ايگريڪلچرل انجنيئرنگ کاتي لاڙڪاڻي ۾ سرڪاري ملازمت ملڻ بعد نوڪري سانگي پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي لاڙڪاڻي لڏي ويو جتي قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي ۽ سندس فرزندن حاجي منور علي عباسي ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي سان ذاتي لاڳاپن جي ڪري انهن کيس پنهنجي پاڙي وليد محلو منور آباد ۾ پنهنجو هڪ ذاتي پلاٽ ڏنو جتي جڳھ تعمير ڪرائي ٻچڙن سميت رهڻ لڳو. لاڙڪاڻي ۾ رهائش دوران هو سياسي طور تي به تمام گهڻو سرگرم رهيو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سان ويجهڙائيءَ جي ڪري ڀٽو صاحب جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد وڌو ته استاد عطاءُالله ابڙو ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي سان گڏ بنيادي ميمبر بڻيو ۽ هڪ نظرياتي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سموري ڄمار پيپلز پارٽي سان ساٿ نڀايو. توڙي جو سندس سياسي وابستگي پيپلز پارٽي سان هئي، پر قومي سوچ هجڻ ڪري هو سنڌ جي قومي معاملن تي قومپرستن پاران ٿيندڙ هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو.

استاد عطاءُ الله ابڙو مقرر به ڏاڍو لاجواب هو ننڍن ميڙاڪن کان وٺي وڏن وڏن جلسن تائين سندس تقريرون ماڻهن جي مٿان ڄڻ ته سحر طاري ڪري ڇڏينديون هيون کيس تقرير ڪرڻ جو زبردست ڏانءُ هو، هو ٻڌندڙن جي ڌيان ڇڪائڻ جو ماهر هو ۽ ماحول کي سنجيده ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبو جاڳائڻ بخوبي ڄاڻندو هو. استاد پنهنجي تقريرن ۾ موقعي جي مناسبت سان لطيف سائين، شيخ اياز، استاد بخاري، ابراهيم منشي، علامه اقبال، فيض احمد فيض ۽ ٻين شاعرن جا شعر جنهن خوبصورت انداز سان پڙهندو هو اهي سندس تقريرن کي اڃان به وڌيڪ سگهارو، جاندار ۽ اثرائتو بڻائيندا هئا. سندس تقريرون ٻڌي ۽ سندس انداز بيان ڏسي ڪيترائي نوجوان بهترين مقرر بڻجي ويا.

استاد عطاءُ الله ابڙو جا واسطا به تمام گهڻا وسيع هئا جن ۾ هي قابل ذڪر شخصيون آهن اديبن، دانشورن ۽ شاعرن مان ايشيا جا عظيم ڏاها ۽ دانشور ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، محمد ابراهيم جويو، تاج بلوچ، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، تاجل بيوس، سرڪش سنڌي، سائين راشد مورائي ۽ انور پيرزادو، صحافين ۾ فقير محمد لاشاري، سهيل سانگي، امداد علي اوڍو ۽ خير محمد جوڻو، سياستدانن ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد فاضل راهو، شھيد بشير خان بشير قريشي، ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي، ڪامريڊ حسين بخش ناريجو ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوه مقامي سطح تي به پنهنجن مٽن مائٽن، عزيزن قريبن، رشتيدارن ۽ دوستن مطلب ته هر واسطيدار سان سندس انتهائي بهترين لاڳاپا هوندا هئا جنهن ڪري هر ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندو هئا.

استاد عطاءُ الله ابڙو جيڏي وڏي قدآور شخصيت جو مالڪ هو اوڏو ئي صوفي منش ۽ فقيري طبيعت رکندڙ رحمدل ۽ ٻاجهارو انسان هو. سادگي، سچائي، عاجزي ۽ انڪساري سندس خمير ۾ شامل هئي. سندس همه گير شخصيت تي لکڻ لاءِ ته گهڻو ڪجھ ئي لکي سگهجي ٿو، پر مون پنهنجي هن مختصر مضمون ۾ سندس زندگيءَ جي ڪجھ رخن تي تمام مختصر روشني وجهي سچ پچ ته سج کي ڏيئي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي عظيم انسان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ ”سٽي“ رتوديرو بزمِ عزيز علم و ادب رتوديرو ۽ رتوديرو ڪلچرل سوسائٽي پاران گڏيل طور “العباس ادبي منزل رتوديرو” تي ۲۴ نومبر آچر ڏينھن سندس ڇھين ورسي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ناميارا اديب، دانشور، شاعر، محقق، سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تنظيمن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا جيڪي سندس زندگي، شخصيت ۽ خدمتن تي ڀرپور روشني وجهندا ۽ کيس ڀرپور انداز سان ڀيٽائون پيش ڪندا.

 

(ڏھاڙي ھمسري آن لائين حيدرآباد ۾ ۲۴ نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا