; سنڌي شخصيتون: ادل سومرو - رحمت الله پيرزادو

15 August, 2012

ادل سومرو - رحمت الله پيرزادو


ادل سومرو
سنڌ جو آدرش وادي ڪردار
رحمت الله پيرزادو
ادل سومرو، محمد صالح سومري جي گهر ۾ ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي سکر ۾ ڄائو. سندس نالو عبدالڪريم رکيو ويو. ادل سومري ۱۹۷۳ع ڌاري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات Economics ۾ ايم اي ڪئي ۽ ۱۹۷۹ع ڌاري سنڌي لٽريچر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس پوزيشن گولڊ ميڊل ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. ادل سومري، ۱۹۹۹ع ڌاري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ادل سومري جي ادبي اوسر ترقي پسند تحريڪن مان ٿي. هو سنڌي ادب سنگت ۽ سنڌ گريجوايٽس ايسوسيئيشن کان ويندي ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي.


سنڌي ادب ۾، ادل سومرو هڪ خوبصورت شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو. ادل سومرو ذاتي طرح شيخ اياز، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ تاج جويي جي ويجهو رهڻ ڪري ۽ انهن جي صحبت ۾ ادب جي سنجيدگيءَ کي سمجهي چڪو آهي. سندس ادبي پرورش ۾ انهن سينئر شاعرن جو وڏو حصو آهي. سندس ڏات، هر وقت سندس ذات تي حاوي رهي آهي. ذاتي طرح، ادل سومري ۾ مون اهو محسوس ڪيو آهي ته هو هڪ ئي وقت ليڊر ۽ ورڪر واريون ٻئي خصوصيتون رکي ٿو. جيڪا شيءِ ٻڌائي ٿي ته هو ادب کي نظرياتي طرح به Own ڪري ٿو.
ادل سومري جي شاعري وائيءَ کان شروع ٿئي ٿي. هن شروعات ۾ تمام خوبصورت وايون، بيت ۽ دوها (يعني ڪلاسيڪل صنفون) لکيا. ان بعد خوبصورت غزل، گيت ۽ نثري نظم لکيائين. سندس منفرد اسلوب، کيس پنهنجي همعصر شاعرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿو. موجودهه سنڌي شاعريءَ ۾ جيئن ته غزل سڀ کان وڌيڪ مقبول صنف ٿي اڀريو آهي، جنهن ۾ سنڌي شاعرن قابل داد تجربا پڻ ڪيا آهن، ادل سومري جو غزل سندس خوبصورت سڃاڻپ آهي. هو غزل جو ڪامياب شاعر آهي. هن وٽ پنهنجو ڍنگ (Diction) آهي.
ادل واحد شاعر آهي جنهن وٽ شهرن توڙي ڳوٺن جي زندگيءَ جو درد ساڳيءَ شدت سان نظر اچي ٿو. هو سادي ٻوليءَ ۾ شديد کان شديد احساس بيان ڪرڻ جو ڏانءُ رکي ٿو. هو هر صنف جي نزاڪتن سان گڏ پنهنجي مقصد جي ڳالهه چئي وڃي ٿو. هو وائيءَ ۾ ڪرفيو ۽ بم ڌماڪن جو ذڪر ڪري ڄاڻي ٿو. ”طبقاتي سماج ۾ دلبر ٿيو پٿر“ سندس اهي خيال، شديد ڪرب مان گذريل محسوس ٿين ٿا. طبقن واري ٽڪساٽ ۾، محبوب ڪيئن پٿر ٿئي ٿو؛ ان سماجي رويي کي شعر ۾ اظهارڻ ادل جي فن جو معراج آهي.
ادل جو شاعراڻو پيچرو اهو آهي. هو رومانوي ڪيفيتن جو مصور شاعر آهي. مگر حالتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ غير يقينيءَ جي صورتحال ۽ سنڌ جي احساس ڪمتريءَ وارو سڄو پس-منظر ادل جي اصل تخيل کي گرد آلود ڪندو رهيو آهي. (جيڪو تقريبًا سندس دور جي هر تخليق ڪار جو الميو آهي).
ادل سومرو، سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت رومانوي شاعر آهي. پر هو جلندڙ روم کي ڏسي، نيرو جي بنسري وڄائڻ بجاءِ، پنهنجي رومانوي انداز ۾ احتجاج ڪري، پنهنجي دور جي سچن لکارين ۾ ڳاٽ اوچو ڪري، هلندي نظر اچي ٿو. هاڻ ادل ڀلي وڏين ۽ شاندار نوڪرين تي ويٺل هجي. (جن جو هو حقدار به آهي) هن پنهنجو پاند آزاد ۽ بي داغ رکيو آهي. هو ڊرائنگ روم سوسائٽيءَ جو حصو ناهي بڻيو. ادل اڄ به اورچ، جاکوڙي ۽ محنتي آهي. هو سنڌ جو آدرش وادي ڪردار آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا