ڪيھر شوڪت
ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامہ نگار
رضوان گل
سنڌي ڪهاڻي جي اوسر
۾ جن ڪهاڻيڪارن جو اهم ڪردار رهيو آهي انهن ۾ جمال ابڙي ۽ اياز قادري کان ويندي
رزاق مهر تائين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. اهڙن ئي برجستن ڪهاڻيڪارن
۽ پختن ڊرامي نگارن ۾ ڪيهر شوڪت جو نالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. هن وٽ لکڻ جو
نرالو ڏانءُ هو جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيندو هو. هن زندگيءَ جي ننڍڙن
مسئلن ۽ مونجهارن کان ويندي وڏن وڏن سماجي ناسورن تي جهڙي ڀرپور انداز ۽ جزيات ۾ وڃي
لکيو سو انداز ئي سندس خاص سڃاڻپ بڻيو. هن کي مشاهدي واري اک پيش ڪيل منظر ۾ موجود
چرندڙ پرندڙ ننڍين شين تي به هوندي هئي. سندس ڪهاڻين ۾ موجود منظرڪشي پڙهندڙ کي ان
ماحول ۾ پهچائي ڇڏيندي هئي جيڪو هو لفظن ذريعي چٽيندو هو ۽ اها سندس لکڻيءَ جي ڪمال
ڪاريگري هئي.
ڪيهر شوڪت ولد غلام
عباس ڪيهر ۲ فيبروري ۱۹۵۱ تي جنم ورتو. سندس اباڻو ڳوٺ آگاڻي باغن واري خاص سڃاڻپ رکندڙ آهي. سندس
ننڍپڻ جا ڏينهن سرسبز ۽ شاداب ڌرتيءَ تي رانديون ڪندي گذريا. شروعاتي دَرجا آگاڻي
جي پرائمري اسڪول ۾ تعليم ورتائين، جنهن کان پوءِ مڊل ڪلاسن تائين گورنمينٽ اسڪول ڪيهر
۾ پڙهيو، پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ۱۹۷۰ ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ڪجهه وقت
دادو ۾ به قيام ڪيائين، پوءِ گورنمينٽ ڪاليج دادو مان بي اي جو امتحان ڏيڻ بعد ڪراچي
يونيورسٽي ۾ ايم اي بين القوامي تعلقات ۾ داخلا وٺي اتي هاسٽل ۾ رهڻ لڳو، پر کيس
مزو نه آيو، جنهنڪري هن ايس ايم لا ڪاليج ۾ قانون جي تعليم وٺڻ شروع ڪئي. ۱۹۸۰ ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ۱۹۸۵ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي پڻ
ڪيائين.
ڪراچيءَ ۾ سندس نوڪريءَ
جي شروعات سنڌي استاد طور ٿي، پر پوءِ تُرت ئي وڪالت شروع ڪيائين. ۱۹۹۰ ۾ کيس صوبائي قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل جي
نوڪري ملي، جتان ۱۹۹۸ ۾ ڊپٽي اٽارني جي عهدي تي ترقي پڻ ماڻيائين. سندس مزاج حساس ليکڪ هئڻ سبب ٻين
وڪيلن کان گهڻو مختلف هو. هن جتي به نوڪري ڪئي سندس هٿ صاف رهيا، جيڪو به حاصل ڪيائين
سو سندس ذاتي محنتن جو نتيجو هو.
ڪيهر شوڪت جو شمار
سنڌ جي معروف ڊرامي نگارن ۾ به ٿئي ٿو. هن ستر واري ڏهاڪي ۾ لکڻ جي شروعات شاعري
سان ڪئي، جنهن بعد سندس لاڙو ڪهاڻين ڏانهن ٿيو ۽ هن پنهنجي احساسن جي اظهار لاءِ ڪهاڻيءَ
کي ئي مستقل اظهار جو ذريعو بڻايو. پاڻ هڪ متحرڪ انسان هو جنهن سڄي حياتي جدوجهد ڪندي
قلم ۽ ڪاغذ سان ناتو نڀائيندي گذاري. هن جي لکڻين ۾ بهتريءَ جو پيغام آهي، جيڪو پڙهندڙ
جي ذهن تي هاڪاري اثر ضرور ڇڏي ٿو. ڪهاڻي جي ڪئنواس تي خوبصورت ڪهاڻيون چٽيندي هن
جڏهن ڊرامن ڏانهن لاڙو ڪيو ته نه فقط سنڌي پر اردو ڊرامن ۾ به پاڻ مڃرايو. هن پي ٽي
وي تي پهريون ڊرامو تڏهن لکيو جڏهن اڃا سندس عمر ۲۶ سال هئي. اڳتي هلي سندس شمار ملڪ جي تمام سٺن
ناٽڪ نويسن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس يادگار ڊرامن ۾ ”انتها“، ”درد مندون ڪا ديس“، ”سج گرهڻ“،
”اڪيلو ماڻهو“ وغيره شامل آهن. ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين جو مجموعو ”پل تي ويٺل هڪ
نوجوان“ پڻ ڇپيل آهي.
انسان پنهنجي جيون
۾ ڪيئي سپنا ڏسي ٿو ۽ پوءِ سڄي حياتي انهن کي ساڀيان ڪرڻ جي جستجو ۾ گذاري ٿو ڇڏي.
اڻ کٽ خواهشون انسان کي جهوري ٿيون وجهن. ”سڪون ڪٿي آهي“ رزاق مهر جي فقط ڪتاب جو
ئي نالو نه آهي، پر اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جي جواب ڳولڻ ۾ زندگي جو ڏيئو به آخرڪار
اُجهامي وڃي ٿو! پر زندگيءَ ۾ سڪون ميّسر ڪونه ٿو ٿئي. ڪيهر شوڪت به سموري زندگي
انهيءَ سڪون جي تلاش ۾ گذاري.
ڪيهر شوڪت سدائين
پنهنجي آدرشن کي سامهون رکندي ڪم ڪيو. کيس ڪنهن جي ڊڪٽيشن وٺڻ کان ڪَٽَ هئي، هو هڪ
ارڏو، سنجيده، گهڻ پڙهيو ۽ خوش گفتار انسان هو. هن جي سنگت جو حلقو به وسيع هو.
آگاڻين کان ويندي ڪراچيءَ تائين سڄي سنڌ جي ادبي لڏي سان سندس هٿ جوڙ هئي. هڪ ڳالهه
جيڪا اندر کي ڏک سان تار ڪندڙ آهي ته ڪيهر شوڪت، فقير محمد لاشاري، روشن تنيو،
واجد، رزاق مهر، ملڪ آگاڻي ۽ انور پيرزادو اهي سڀئي هڪ ٻئي پٺيان ڪيئن هليا ويا! ۽
ايترو جلدي! جڏهن ته انهن مڙني ماڻهن جي سنڌ کي اڃا شديد ضرورت هئي.
هونءَ ته هر ماڻهوءَ
اندر پنهنجو موهه هجي ٿو پر ڪجهه ماڻهن جو وڇوڙو دل ۾ گهاءُ ڪري وجهندو آهي. سندن
موت جي خبر ٻڌي پڪَ ئي نه ٿيندي آهي ته ڪو ايترو جلدي هو اسان کان وڇڙي ويندا! اهڙن
ئي ڇرڪائيندڙ خبرن ۾ ڪيهر شوڪت جي وفات جي خبر به هئي، جيڪو ۲۴ اپريل ۱۹۹۹ تي سوِل اسپتال ڪراچي ۾ اسان کان وڇڙي ويو
هو.
ڪيھر شوڪت
پري ٿي ويل هڪ نوجوان
انور ابڙو
هينئر قاضي منظر
حيات پنهنجي ٺاهيل پوسٽر ذريعي ياد ڏياريو ته، اڄ ڪيهر شوڪت صاحب جي ورسي آهي. ۲۳
اپريل ۱۹۹۹ع، سندس وڇوڙي جو ڏينهن ۽ سال هئا. اڄ ان کي ۲۲ سال ٿي ويا. جن کان هُو
ناهي وسريو، تن کان نه وسرندو. ڪنهن به جاءِ تي سندس نالو پڙهبو يا سندس نالو ٻڌبو
ته ماضيءَ جا اُهي پل، واقعا ۽ ڳالهيون ياد اچي ويندويون، جيڪي اسان جو ساڻس علمي،
ادبي ۽ ذاتي تعلق جوڙين ٿيون.
مون کي ڪيهر شوڪت
صاحب سان پنهنجي ٿيل پهرين ملاقات ته ياد ناهي، پر ساڻس ٿيل آخري ملاقات مون کان ڪڏهن
به وسري نه سگهندي. پنهنجي جدائيءَ کان ڪجهه هفتا اڳ ۾ هو سنڌ مدرسي ۾ اچي مون سان
مليو. تڏهن مان سنڌ مدرسي جي پهرين ماڙ تي، ان جي کٻي هٿ تي، بلڪل آخري ڪمري ۾،
پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هئس (اهو ڪمرو هاڻي گهڻو ڪري ته ڪانفرنس هال آهي) ته ڪيهر شوڪت
صاحب آيو. اڳ جيان تمام گهڻي پنهنجائپ سان ملياسين. پهرين ڳالهه ئي اها ڪيائين ته،
”هِتان گذريس پئي، سو سوچيم ته تو سان ملندو ٿو وڃان.“ سندس ان ئي جملي ۾ مون
پنهنجي لاءِ بي انتها پنهنجائپ محسوس ڪئي. زماني جا حال احوال ٿيا، دوستن جو ذڪر نڪتو.
چانهه پيتي سين. پوءِ هيءُ هڪ وڏو سنڌي ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامي نگار موڪلائي ويو. ڄڻ
هميشه جي لاءِ موڪلائڻ آيو هو!!
ان ڏينهن مون کي هو
ڪافي مايوس نظر آيو. تڏهن هن وڪالت به ڪرڻ شروع ڪئي هئي، سو هو ان وقت به عدالت
مان ئي موٽيو هو. ڪيهر شوڪت صاحب سان ملي مون کي اڪثر پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي، ۽
هيءُ مون کي ننڍي ڀاءُ جهڙو پيار ڏيندو هو.
سندس لاڏاڻي کان ڪجهه
ڏينهن پوءِ پي ٽي وي، ڪراچي سينٽر تي گهڻو ڪري ته پروڊيوسر منظور مگسي صاحب سندس
ياد ۾ هڪ پروگرام رڪارڊ ڪيو هو، جنهن ۾ پروڊيوسر محمد بخش سميجي صاحب ۽ گلاب چانڊيي
صاحب سان گڏ مون کي به ڪيهر شوڪت صاحب تي ڳالهائڻ لاءِ سڏيو هئائين. مون کي سندس ڪهاڻين
تي ڳالهائڻ لاءِ چيو ويو هو. جيئن ته مون وٽ سندس ڪهاڻين وارو ڪتاب ”پُل تي ويٺل هڪ
نوجوان“ نه هو، سو اهو مون پنهنجي پياري دوست ۽ شاعر ليلا رام کان ورتو هئو (جيڪو
کيس اڄ ڏينهن تائين موٽائي نه ڏنو اٿم، ۽ اڄ ڪتابن جو عالمي ڏينهن آهي، ان موقعي
تي ليلا رام جيڪڏهن پنهنجي چوري ٿيل يا دوستن کي ڏنل ڪتابن کي ياد ڪندو ته هيءُ ڪتاب
کيس ضرور ياد ايندو). ڪيهر شوڪت جون ڪهاڻيون مون کي پنهنجون ڪهاڻيون محسوس ٿيون
هيون، ۽ سوچيو هئم، ڪيهر شوڪت اهي ڪهاڻيون، مون کان پنهنجي وڏي عمر جو فائدو وٺي
مون کان اڳ ۾ لکي ويو آهي، خاص طور ڪراچي شهر ۾ ايندڙ هڪ نوجوان جهڙي طرح پنهنجون
اڪيلايون، مسئلا ۽ درد کڻي هلي ٿو، سي، تِن ڏينهن ۾ ائين ٿي محسوس ٿيو هو ڄڻ اهي
منهنجون ئي ڪهاڻيون آهن.
ياد اچي ٿو، هڪ ڀيري
اسان جو انتهائي پيارو دوست رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ ۽ مان، رمضان شريف جو ئي
مهينو هئو، سهراب ڳوٺ ڀرسان معمار ڪامپليڪس ويا هئاسين، جتي رزاق مهر پنهنجي پڦاٽ
جي فليٽ تي هليو هو، جيڪو پاڻ ته نه هو، پر ان فليٽ جي رزاق صاحب وٽ چاٻي هئي، اتي
رزاق صاحب آنن جو آمليٽ ٺاهيو هو، جيڪو اسان سيڪيل سلائس سان کاڌو هو. ان بعد ڪيهر
شوڪت صاحب جي فليٽ تي آيا هئاسين، جتي هو موجود نه هو. ساڻس، هنن دوستن سان گڏ، هڪ
يادگار ڪچهري نه ٿيڻ جو افسوس رهجي ويو هو!
لاڙڪاڻو تڏهن مون
کي ڏاڍو ڀريل لڳندو هو، جڏهن رزاق مهر، ڪيهر شوڪت، ملڪ آگاڻي ۽ واجد موجود هوندا
هئا. سنڌي ادب جا هي وڏا نالا ۽ دوست اسان کان آهستي آهستي الڳ ٿي، هڪ ٻي دنيا ڏانهن
هليا ويا... ڪيهر شوڪت ۴۸ سالن جي عمر ماڻي (جنم ۲ فيبروري ۱۹۵۱ع- حوالو: ويب سائٽ:
سنڌي شارٽ اسٽوريز بلاگ). اها به ڪا عمر آهي!!
سو ڪيهر شوڪت صاحب
کي سندس خوبصورت شڪل شبيهه سبب تڏهن به ۽ اڄ به مان نوجوان سمجهان ٿو، ۽ جيڪڏهن
سندس باري ۾ ڪو ڪتاب لکان ته، سندس ئي ڪتاب تان مدد وٺي، ان جو نالو بدلائي جيڪر
هن طرح رکان: ”پري ٿي ويل هڪ نوجوان.“
(انور ابڙو، جمع،
۲۳ اپريل ۲۰۲۱ع)
ڪيھر شوڪت
ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نگار -
وڇڙيو آھين پر وسريو ناھين
جھانگير عباسي
ستر واري ڏھاڪي دوران
نمايان ڪھاڻيڪارن جي ھڪ وڏي کيپ سنڌي ڪھاڻي کيتر منجھ اڀري نروار ٿي جن ۾ ڪيھر شوڪت
ولد غلام عباس ڪيھر جو نالو به ڳڻجي ٿو. ڪيھر جي پيدائش ۰۲فيبروري ۱۹۵۱ع تي لاڙڪاڻي
تعلقي ۽ ضلعي جي زيتونن ۽ گلابن واري مردم خيز ڀونءِ ڳوٺ آگاڻي ۾ ٿيو جتي ملڪ آگاڻي
۽ سعيد ميمڻ جھڙن انمول ھيرن پڻ جنم ورتو آھي. ڪيھر شوڪت پرائمري تعليم ڳوٺ جي سرڪاري
اسڪول مان ۽ مڊل ڪلاس تائين ڪيھر مڊل اسڪول (جيڪو ھاڻ ھائير سيڪنڊري اسڪول بڻجي
ويو آھي) مان پاس ڪري گورنمينٽ ڊسٽرڪٽ ھاءِ اسڪول (ڊي سي) اسڪول لاڙڪاڻو کان مئٽرڪ
پاس ڪئي ته ڪن حالتن ڪري سندس والد لڏپلاڻ ڪري دادو شھر ۾ اچي ويٺو جتي ھن ڊگري ڪاليج
دادو کان انٽر ميڊيٽ ۽ بي اي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي بين الاقوامي تعلقات (آءِ آر) شعبي
۾ داخل ٿيو. ماسٽرز بعد وڌيڪ تعليم ڪراچي جي ايس ايم لا ڪالج مان ايل ايل بي جي
قانوني ڊگري حاصل ڪري ري سنڌ يوني ورسٽي مان سنڌي مضمون ۾ ايم، اي، سنڌي پڻ ڪئي.
ڪيھر شوڪت عملي زندگي
جي شروعات ڪراچي شھر ۾ سنڌي زبان ۽ مضمون جي استاد سان ڪئي پوءِ ايل ايل بي ڪرڻ
بعد ھن اھا نوڪري ڇڏي وڪالت شروع ڪئي ۽ انھي ڪرت سان لاڳاپجڻ باوجود پنھنجي قول، فعل،
عمل ۾ ھڪ سچو کرو ۽ بي باڪ انسان ٿي رھيو ته وري مزاج ۾ به اھڙو ئي نظرياتي ۽
آدرشي ٿي رھيو ھن ڪڏھن به نه ڪنھن جي ڊڪٽشن قبولي ۽نه وري جي حضور ڪئي. وڪالت
دوران سنڌ جي قانون کاتي۾ پھريون سرڪاري وڪيل منتخب ٿيو جتي محض پنجن سالن جي قليل
عرصي ۾ ترقي ماڻي ڊپٽي اٽارني سنڌ جي منصب تي وفات وقت تائين ڪم ڪندو .
سنڌ جي ڪيترن ئي سر
موڙ ۽ سيئيرن ڪھاڻيڪارن جيان ڪيھر شوڪت به ادب ۾ لکڻ جي ابتدا شاعري سان ڪئي پوءِ ڪھاڻي
طرف آيو جو ھن جي اندر ۾ ھڪ سلڇڻو ۽ سدا حيات ڪھاڻيڪار ويٺل ھيو ڏسندي ئي ھن پنھنجن
ھمعصر ڪھاڻيڪار دوستن سليم ڪورائي، ملڪ آگاڻي، رزاق مھر، بادل جمالي، قبول ابڙي، غللام
نبي سومري، پروفيسر سرور سيف ۽ رسول ميمڻ کان مختلف ۽ منفرد اسلوب سان ھڪ اھڙي ڪھاڻيڪار
طور سڃاڻپ سان گڏ مڃتا ماڻي جنھن پنھنجين ڪھاڻين جي موضوعن ۽ ڪردارن منجھ فرد جي
داخلي۽ خارجي نفسياتي مونجھارن، رجحانن، جنسي مسئلن، سماجي ويڳاڻپ، نااميدي ۽
مايوسي سان گڏ طبقاتي گروھ بندين کي چٽيو ۽ ڪھاڻي شڪل ۾ پيش ڪيو اھي ڪھاڻي جي
ميدان ۾ ماڻڪ، مشتاق شورو، شوڪت شورو ۽ شرجيل، نظير شيخ جھڙا ڪھاڻيڪار اڳ موجود
ھوندي ڪھاڻيون سرجي رھيا ھئا. ڪيھر جو جنم جيئن ته ٻھراڙي جي نج فطري ڳوٺاڻي ماحول
۾ ٿيو ۽ پرورش به اتي ورتي ھائين ان ڪري ھو اتان جي رونما ٿيندڙ سماجي وارتائن، حالتن،
واقعن ۽ حادثن کان ڀلي ڀت واقفيت رکندڙ ڏات ڌڻي ھيو جنھن انھن سڀني ڳالھين جو نه
صرف اثر قبوليو پر ھن اتي وسندڙن سادن اٻوجھن انسانن سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين، زيادتين،
نا انصافين، پير پرستي وڏيرا شاھي ۽ رياستي پوليس جي بالا دستي واري ڏاڍائي جي ظلم
کي نديندي ڪھاڻين جي موضوعن ۾ پڻ انھن خلاف لکيو جنھن جو مثال ھن جي ڪھاڻي “رک” ۽ وري
سن ۱۹۸۶ع بعد سنڌ ۾ رونما ٿيندڙ لساني جھيڙڻ ۽ شھري دھشتگردي وارين وارتائن تي
لکيل ڪھاڻي” ڊڄڻو” ملن ٿيون. ائين ڪيھر جي ڪھاڻين ۾ ”لئي تي لھي آيل چٻرو”، حيثيت”،
”پل تي ويٺل نوجوان“، گھٽ“، ”کدڙا” ۽ ”گيس بتي” به سنڌي ادب جون شھڪار ڪھاڻيون آھن
ڪيھر شوڪت جو اڄ تائين فقط ھڪ ڪھاڻي ڪتاب ھن جي زندگي ۾ ”پل تي ويٺل نوجون” سال ۱۹۷۹ع
۾ پبلشر نظام عباسي پاران بنا مھاڳ جي رابيل پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو. جنھن کي ۴۵
سال ٿي ويا آھن. انھيءَ ڪھاڻي ڪتاب ۾ ڪيھر جون ڪل اٺ ڪھاڻيون شامل آھن ۽ ھينئر ناپيد
آھي. جڏھن ته ڪيھر جي لکيل ڪھاڻين جو تعداد سو جي لڳ ڀڳ مختلف سنڌي رسالن منجھ ٽڙيل
پکڙيل موجود آھي. مون کي خوشي آھي ته ڪيھر جي ھڪ ڪلاسڪ ڪھاڻي “کدڙا” جو اڙدو ترجمو
(هیجڑے) جي نالي سان سال ۲۰۱۲ع ۾ ڪيو جيڪو ماھوار سنگت ڪوئيٽه ۾ شايع ٿيل آھي مان
پاڻ لاءِ اھو اعزاز سمجھان ٿو.
ڪھاڻيڪار جي سڃاڻپ ڪيھر
شوڪت جو بنيادي حوالو رھي آ پر ھن ڪھاڻين سان گڏ ڊرامي ليکڪ طور به ڌار شناخت ماڻي
آھي ڪيھر جي پھرين لکيل سولو پلي جو نالو ”اڪيلو” آھي جيڪو ڪراچي پي ٽي وي سينٽر
جي سنڌي ڊرمي سلسلي ناٽڪ رنگ ۾ نشر ٿيو ائين ھن ڪيترن سولو پليز کان پوءِ ”رڃ” جي
نالي سان سيريل سرجيو جنھن کي پروڊيسر محترم بيدل مسرور پنھنجي ڪلا سان يادگار ۽
شھڪار سيريل بڻائي پيش ڪيو جو ھو پاڻ به مڃيل ڪھاڻيڪار۽ فنڪار، نثرنگار آھي. سنڌي ڊرامي
کان پوءِ ڪيھر ٻي وک اڙدو ڊرامي طرف وڌائي عبدالقادر جوڻيجو ۽ نورالھدي شاھ جي
موجودگيءَ ۾ ھن اڙدو زبان ۾ به ”انتها”، “درد
مندوں کا ديس”، “چمبيلی کی بيل”، ۽ ”سورج گرهن” جھڙا ڊراما لکي ملڪ گير سطح تي عزت ۽ شھرت ماڻي آھي.
ڪيھر شوڪت ھڪ گھڻ
رخي شخصيت رکندڙ ھڪ ارڏو ۽ اصول پرست انسان ٿي رھيو جنھن ڪري کيس صدائين تڪليفون ۽
مشڪلاتون به دريش اينديون رھيون پر ھو ھميشه ثابت قدمي سان حالتن جو مقابلو ڪندي اھڙين
آزمائشن ۾ سرخرو ٿي رھيو ھن جي اھڙين خوبين ڪري سندس ذاتي ۽ ادبي دوستي جو حلقو به
غير معمولي ھيو. ھو ا دب برا۽ زندگي سان سھاڙيل ترقي پسند فڪر ۽ خيال رکندڙ ليکڪ
ھيو کيس ۴۸ سالن جي ڄمار ۾ ڳلي جي تڪليف ۽ اڳتي ھلي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿيڻ جو ڊاڪٽرن
طرفان خدشو ظاھر ڪرڻ تي کيس جلد کان جلد آپريشن ڪرائڻ جو چيو ويو ۽ سول اسپتال ڪراچي
۾ جڏھن ڪامياب آپريشن ڪيو ويو پوءِ ساھ جي نلي ۾ رت جي داخل ٿيڻ سان طبعيت ۾ بگاڙ
آيو ۽ خرابي سبب صحت ڪرڻ لڳي ته کيس مسلسل نشي واري حالت ۾ رکيو ويو. جتي سخت تڪليف
دوران ۽ ھر طرح جي علاج باوجود، ڪئي ڏينھن بستري تي رھندي ڪيھر ۲۱ اپريل ۱۹۹۹ع تي
نشي واري حالت ۾ سڀني کان وڇڙي ان ڏوراھين ماڳ جو راھي بڻجي ويو جتي پھچي وري ڪو به
واپس ناھي ورندو.
اڄ ۲۱ اپريل جو ڏينھن،
ڪيھر شوڪت جي وڇوڙي ۽ ورسي جو ڏينھن آھي جنھن کي ھاڻ ۲۴ سال ٿي چڪا آھن پر ستم
ظريفي چئبي جتي کيس پنھنجي اولاد جن وٽ اڄ به ڪيھر جون سموريون تخليقون سانڊيل آھن
۽ ڪٻٽن منجھ وقت جي دز ھيٺ پيل آھن جي ڪراچي شھر ۾ خوش حال زندگي گذارين پيا تن به
کيس وساريو آھي ته سندس غير معمولي دوستيءَ واري حلقي جي يارن دوستن کي به ياد ناھي
رھيو. باقي ادبي تنظيمن جي سرواڻن، ادارن ۽ ادبي گروپن کي معيار ڏيڻ بي معني آھي
جن لاءِ ڪيھر جھڙا تخليڪقار ڪا به معي نٿا رکن. جنھن جي شخصيت ۽ ڪيل ادبي پورھئيي
کان اڄ جو لکندڙ نوجوان بي خبر آھي ته مستقبل جو لکاري به اڻ واقف ئي رھندو ۽ ڪيھر
جي ڪھاڻي فن واري ڪلا ماضي جي ورن ھيٺ گم ٿي ويندي جيڪو ڪيھر جھڙن نه ڄاڻ ٻين
الائجي ڪيترن ليکڪن جو به ھڪ دکدائڪ الميو بڻجي ويل آھي. ضرورت ھن ڳالھ جي آھي ته
ساڃاھ وندن کي اڳتي وڌي ڪيھر جي ڪيل ڪم کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ گھرجي. آگاڻي
ڳوٺ اڄ به آباد آھي جتي پنھنجي پنھنجي مندن ۾ زيتونن جي خوشبوءِ به رچجي ٿي ته
گلابن جو ھڳاء سان ماحول به معطر بڻجي ٿو پر ان زرخيز ڀونءِ تي جي ناھي ته ھاڻ ڪيھر
جو نه ڪو نانءُ نشان نه وري ڪنھن کي سندس ياد جي سار من ۾ چھنڊڙي پائي تڙپائي ٿي
جنھن جي وصال تي سندس ويجھي نامور شاعر ۽ ڪھاڻيڪار مرحوم تاجل بيوس لکيو ھو ته؛
تنھائي ۾ ھڪ ھڪ ڇڏيندو وڃي ٿو،
پنھنجي راھ ھر ڪو مٽيندو وڃي ٿو،
ھزارن ۾ اھڙو ته ڪو دوست آھي،
اکيون بند پوءِ به سڏيندو وڃي ٿو.
(جھانگير عباسيءَ
جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ اپريل ۲۰۲۳ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا