; سنڌي شخصيتون: سائين محمد عظيم سومري جون بي تڪلف ڳالهيون - رياضت ٻرڙو

03 August, 2012

سائين محمد عظيم سومري جون بي تڪلف ڳالهيون - رياضت ٻرڙو


سينئر استاد ۽ اديب
سائين محمد عظيم سومري
جون بي تڪلف ڳالهيون
رياضت ٻرڙو

ڇٺيءَ جو نالو: محمد عظيم
سڃاڻپ: استاد
والد جو نالو: امام بخش سومرو
ڄم-تاريخ ۽ ڏينهن: 16-نومبر 1952ع
ڄم-هنڌ: قنبر.
تعليم: ايم اي (سنڌي) ۽ ايم ايڊ.
روزگار: استاد.


پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
- ته علمي ۽ اخلاقي طرح ڪيئن آهي.
توهان جي روزاني زندگيءَ جو بنيادي اصول؟
- سچ ڳالهائڻ.
ڪهڙيءَ ڳالهه تي اداس ٿيندا آهيو؟
- بي قدريءَ تي.
اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
- ذهن ۾ لطيف جو شعر چوندو آهيان.
ڪهڙيءَ ڳالهه تي خوش ٿيندا آهيو؟
- جڏهن ڪنهن کي به مثبت نموني فائدو ملندو آهي.
خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
- گيت جهونگاريندو آهيان.
ڪهڙيءَ ڳالهه تي چڙ لڳندي اٿو؟
- جڏهن ڪو اڍنگو ڳالهائيندو آ.
ڪهڙيءَ ڳالهه تي روئڻ ايندو اٿو؟
- جڏهن دوست ياد پوندا آهن.
ڪهڙيءَ ڳالهه کان نفرت اٿو؟
- اجايو وقت وڃائڻ واري کان.
توهان جي ڪهڙيءَ عادت مان گھر وارا بيزار آهن؟
- ڪنهن مان به نه.
ڪهڙو سپنو ساڀيان ٿيو؟ - ڪو به نه.
ڪهڙو واقعو ڪنڊي جيان چڀندو اٿو؟
- مزي جي ڳالهه ته ڪو به واقعو ڪنڊي جيان چڀندو ناهي.
زندگيءَ جي اها گھڙي، جنهن زندگي بدلائي ڇڏيو؟
- اها آئي ئي ڪانهي.
آئينو ڏسڻ سان ڪهڙو خيال ايندو اٿو؟
- ڪو به نه.
توهان جي ننڍپڻ جا ڏينهن؟
- ڏاڍا پيارا.
ڪاش اهي ڏينهن موٽي اچن؟
ڪاڏهون موٽي ايندا!
شاگرد هوندي ڪهڙو سبجيڪٽ نه وڻندو هيوَ؟
- سڀ وڻندا هئا.
وڻندڙ شعر:
سائينم! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
وڻندڙ شاعر: شاهه لطيف، شيخ اياز، استاد بخاري ۽ شمشيرالحيدري.
وڻندڙ اديب: امر جليل، جمال ابڙو، جمال رند ۽ غلام علي الانا.
وڻندڙ اخبار: هلال پاڪستان ۽ عبرت.
وڻندڙ ڪتاب/رسالو:
شاهه جي موضوع تي هر ڪتاب / مهراڻ ۽ نئين زندگي.
وڻندڙ صحافي: پروانو ڀٽي.
وڻندڙ ايڊيٽر: سراج الحق ۽ غلام محمد گرامي.
وڻندڙ سياستدان: هاڻ ڪو به نه.
وڻندڙ فلم: -----
وڻندڙ اداڪار/اداڪاره: -----
وڻندڙ گلوڪار/گلوڪاره: استاد منظور علي خان، محمد رفيع، محمد يوسف/لتا، زرينه بلوچ.
وڻندڙ موسيقار: آر ڊِي برمن.
وڻندڙ آرٽسٽ: اياز عالم ابڙو ۽ اياز حسين ابڙو.
وڻندڙ لوڪ فنڪار/فنڪاره: مراد فقير/مائي ڀاڳي.
وڻندڙ شهر: حيدرآباد.
وڻندڙ رنگ: هلڪو سائو.
وڻندڙ ٽي وي پروگرام: -----
وڻندڙ ريڊيو پروگرام: -----
وڻندڙ ميوزيڪل انسٽرومينٽ:
- ڪنهن زماني ۾ بينجو.
۲۴-ڪلاڪن مان وڻندڙ وقت: پرهه ڦٽي پرڀات.
وڻندڙ ڏينهن/مهينو/موسم: آچر/ بهار جا / بسنتي.
وڻندڙ ڏڻ: عيد جو.
وڻندڙ لباس: سلوار قميص.
وڻندڙ راند: والي بال.
وڻندڙ رانديگر: محمد ايوب انصاري.
وڻندڙ سواري: ٽرين جي.
وڻندڙ گل: گلاب ۽ رابيل جو.
وڻندڙ خوشبوءِ: گلاب ۽ رابيل جي.
وڻندڙ مشروب: پاڻي ۽ چانهه.
وڻندڙ کاڌو: مڇي.
وڻندڙ ميوو: صوف ۽ ڪيلو.
وڻندڙ موضوع: شاهه لطيف ۽ سنڌي لسانيات.
توهان جو پيارو دوست:
- منصور عالم ابڙو ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو.
ڪهڙي جانور کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟
- ڪنهن کان به نه.
ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿوَ؟
- موٽر سائيڪل جي سفر کان.
موسيقي ڪهڙي ٻڌندا آهيو؟
- نيم ڪلاسيڪل.
توهان جي نظر ۾ سائنس جي بهترين ايجاد؟
- هر شيءِ بهترين آهي.
ڪهڙو وهم پريشان ڪندو اٿوَ؟
- ڪو به نه. مون کي وهم ناهي ٿيندو.
ڪهڙي شخصيت شدت سان ياد ايندي اٿوَ؟
- منصور عالم، محبت ٻرڙو، غلام محمد گرامي ۽ محمد ابراهيم جويو.
طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو؟
- مون کي سمجھ ۾ نه ايندو آهي.
ڪهڙي غلطيءَ تي پشيمان آهيو؟
- ڪنهن تي به نه.
ڪهڙي ڪم تي فخر اٿوَ؟
- دوستن سان سچائيءَ ۽ وفاداريءَ تي.
توهان جو مشن؟
- سنڌي لوڪ حساب وارو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿئي.
زندگيءَ جي اها خواهش جنهن لاءِ زنده رهو ٿا؟
- شاهه لطيف تي ڪو ڪتاب لکان.
آٽوگراف ڪهڙو ڏيڻ چاهيو ٿا؟
- سچ ڳالهايو، ڀٽائيءَ کي شوق ۽ گهرائيءَ سان پڙهو.
توهان کي خط لکجي ته ڪهڙيءَ ايڊريس تي؟
- گورنمينٽ هاءِ اسڪول قنبر.

No comments:

راءِ ڏيندا