; سنڌي شخصيتون: مھتاب اڪبر راشدي

19 August, 2012

مھتاب اڪبر راشدي

مھتاب اڪبر راشدي

سنڌ جي بهادر نياڻي لاءِ نيڪ تمنائنون

مدد علي سنڌي



پنهنجي والد وانگر ادي مهتاب به استاد بڻجي زندگيءَ جي عملي ابتدا ڪئي. سينيٽ ميريز گرلز هاءِ اسڪول مان سندس انهيءَ زندگيءَ جي شروعات ٿي. الله سائين وري کيس آواز به موهيندڙ عطا ڪيو. ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، شهر جي ثقافتي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو مرڪز هوندو هو. اتان هُن مختلف ڊرامن ۾ پنهنجي لازوال صداڪاري شروع ڪئي. جڏهن ماڻهو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان کيس مختلف ڊرامن ۾ صداڪاري ڪندو سندس آواز ٻڌندا هئا، ته کين ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون.


سال ۱۹۷۳ع ۾ هن سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل رليشنز ڊپارٽمينٽ جوائن ڪئي. تڏهن وائيس چانسلر پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه هو. ڪلاس ۾ ڀلي کڻي ڇو نه هڪڙو شاگرد هجي، پر هوءَ ڪلاس ضرور وٺندي هئي، ان ڪري آءِ آر جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون سندس مداح هوندا هئا. دلير وري اهڙي، جو ڪڏهن ڪنهن وائيس چانسلر آڏو سچ جي ڳالهه ڪرڻ کان هرگز نه ڪيٻائيندي هئي. هڪ وائيس چانسلر جي ايامڪاريءَ ۾ هڪ ئي ڌڪ سان ۷ سينيئر استادن کي سنڌ يونيورسٽيءَ مان نيڪالي ڏني ويئي. سڄي يونيورسٽيءَ ۾ ٿرٿلو مچي ويو. وي سي صاحب جي انهيءَ نادري فيصلي کي وفاقي حڪومت جي ٿپڪي شامل هئي. هاڻ ڪنهن ۾ همت پئي آهي جو ان فيصلي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍي، پنهنجي لاءِ مصيبت پيدا ڪري. ان دوران وي سي صاحب، سمورن جونيئر ۽ سينيئر استادن کي وي سي هائوس گهرايو ۽ اتي کين سمجھائڻ جيڪوشش ڪئي، ته سندس اهو فيصلو درست آهي. تقريبن سڀني استادن اتي وي سي آڏو اکر به نه ڳالهايو. جن ڳالهايو تن وري وي سي جي انهيءَ فيصلي جي آجيان ڪئي پر ان مهل اوچتو مهتاب اڪبر راشدي اٿي، وي سي صاحب کي چيو ”اوهان کي انهن سينيئر استادن کي اهڙي طرح سنڌ يونيورسٽي مان نيڪالي نه ڏيڻ کپندي هُئي“. سندس انهيءَ جرئتمند آواز سڄي هال کي جھڙوڪه ڌوڏي وڌو. هر ليڪچرار حيران ۽ پريشان. هر ڪو پيو ڏسي کيس ته هي ڇا؟ ڪنهن جي نهارڻ ۾ طنز، ته ڪير پيو هيڏانهن هوڏانهن ڏسي. پر سمورا ماٺ. آخرڪار اجلاس ٿيو ختم. ڪن استادن جي چپن تي سرٻاٽ ته هاڻ اجھو ٿو مهتاب لاءِ ڪو ئي آرڊر يونيورسٽي مان نيڪالي جو جاري ٿئي. سڀ موٽي آيا.

پر خير ٿيو. جو وائيس چانسلر صاحب ڪاوڙيو ته سهي، پر وري کيس وي سي هائوس گهرايو ويو. اتي وي سي صاحب ٻيهر کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مهتاب کيس ٻڌايو ته هوءَ سندس دليلن سان اتفاق نه ٿي ڪري ۽ کيس اهو به ٻڌايو ته هوءَ ٻن ٽن ڏينهن اندر پرڏيهه اسڪالر شپ تي وڃي رهي آهي ته هو به خوش ٿيو، ته هڪڙي مخالف وڃي پئي خير سان يونيورسٽي کان ٻاهر.

مهتاب پاڻ ٻڌائي ٿي ته جڏهن هوءَ ڪراچي ايئرپورٽ تان پرڏيهه وڃي رهي هئي، ته اتي انهن ستن نيڪالي ملندڙ استادن طرفان، هڪڙو استاد کيس ڪارڊ ڏئي ويو. ان تي لکيل هو”سنڌ جي بهادر نياڻي لاءِ نيڪ تمنائون“.

پرڏيهه مان واپس اچي، هن سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ جو سلسلو جاري رکيو. جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور ۾ اهي استاد، سنڌ يونيورسٽي موٽي آيا جن کي سنڌ يونيورسٽي مان نيڪالي ڏني ويئي هئي ۽ انهن ئي ستن مان هڪ سينيئر استاد پروفيسر الياس ابڙي اچي شيخ اياز کان وائيس چانسلر جي عهدي جي چارج ورتي. الياس ابڙو، جيستائين به وائيس چانسلر رهيو ميڊم مهتاب کي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسندو رهيو.

ميڊم مهتاب اڪبر راشدي کي، سنڌ يونيورسٽي جي سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر آگسٽ ۱۹۸۳ع ۾ مقرر ڪيو ويو. اهو هڪڙو اهم عهدو هو ۽ سنڌ الاجي جهڙي اداري، جنهن جو ورهين کان ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊائريڪٽر ٿي رهيو هو. الانا صاحب سنڌ الاجي کي وڏي محنت ۽ دلجوئيءَ سان ويهي سنڀاليو. پاڻ ان عهدي تي سيپٽمبر ۱۹۸۹ع تائين رهي.

بعد ۾ هوءَ ڪراچي هلي آئي ۽ وري لياقت نيشنل لائبريري جي ڊائريڪٽر جو عهدو اچي سنڀاليائين.

مهتاب راشدي کي سنڌ جي تاريخ، ڪلچر، سنڌي ٻولي، سنڌي راڳ سان بيحد موهه رهيو آهي.

هوءَ، سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي کاتن جي سيڪريٽري جي عهدن تي به فائز رهي آهي. تعليم کاتو، ماحوليات ۽ ڪلچر، اتي هن ڪيترائي موچارا ڪم ڪيا. ڪلچر کاتي جي جڏهن سيڪريٽري هئي. اهو سال خدا نه ڀلائي ته ۱۹۸۹ع جو هو. پاڻ آڪٽوبر ۱۹۸۹ع ۾ سنڌو درياءَ جي اڀياس لاءِ هڪ ٽيم موڪلڻ جو اعلان ڪيو. ان ۾ صحافي ۽ ا ديب شامل هئا.

سو مهتاب کي الله سائين ڪا اهڙي همت عطا ڪئي آهي، جو ڪنهن به وڏي کان وڏي ماڻهوءَ جي اصل پرواهه ڪو نه ڪري. پوءِ چاهي اهو ملڪ جو صدر هجي، چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هجي، وزيراعظم هجي يا صوبي جو وڏو وزير! جنهن مهل سندس مٿي ۾ ڪا ڳالهه نه ويٺي يا نه وڻي، سا پوءِ چوندي دير اصل نه ڪندي.

مهتاب صاحبه کي، سنڌ جي تاريخ، سياست ۽ خاص طرح ماضي قريب واري سياست سان گهڻي دلچسپي آهي. ڪجهه وقت اڳ هن، اليڪٽرانڪ چيئنلس تي ڪيترن ئي سياستدانن ۽ مشاهيرن کان انٽرويو ورتا هُئا. مونکي ياد اچي ٿو، ته انهن ۾ نواب اڪبر خان بگٽي، مخدوم محمد امين فهيم، ممتاز علي خان ڀٽو، عبدالحفيظ پيرزادو، غلام مصطفيٰ کر، مصطفيٰ جتوئي، فاروق لغاري اڳوڻو صدر، علي احمد بروهي وغيره شامل هئا. اهي انٽرويو، تاريخ هئا. ڪجهه حقيقتون هيون، ماضي جا داستان هئا ۽ حال جي حالتن جو چٽو پٽو عڪس هئا. انهن انٽرويوز کي جيڪڏهن ٽرانسڪرائيب ڪري، ڪتابي شڪل ۾ آڻجي ته هوند اهو هڪڙو وڏو ذخيرو سنڌ ۽ سنڌين جي آڏو اچي ويندو.

هوءَ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر به رهي چڪي آهي. سنڌ جي حقن لاءِ سدائين اتي به آواز اٿاريندي رهي. سندس گفتگوءَ ۾ دليل هوندا آهن. لفظن جي چونڊ جهڙوڪ؛ الله سائين ڏات جي صورت ۾ عطا ڪئي اٿس. ڳالهائڻ لاءِ اُٿي ته سڄو ايوان، هن جي دليلن آڏو لاجواب بڻجي ويندو هو، رب پاڪ کيس وڏي ڄمار عطا ڪري.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

مهتاب اڪبر راشدي

سنڌ جي شعور ۽ شفقت جي علامت

امير راڄڙ

تاريخ ڪوئلي جي کاڻ مثل ٿئي ٿي! انهي مان هيرا، ڪڏهن ۽ ڪيترا ٿا ملن، اهو ڪنهن تي به ظاهر ناهي هوندو. ڪوئلن جي کاڻ مان هيرن جو ملڻ اهڙو لقاءُ آهي، جيڪو قدرت پنهنجي هٿ وس رکيو آهي. ڪوئلي جي ابدي محرومي ۽ ڪوجهائپ جي درد مان روشني ڳوهجي ٿي ۽ انهي روشني مان وري هيرا جنم وٺن ٿا. سنڌ جي محرومي جي اٿاهه گهري کاڻ مان جيڪي هيرا هٿ آيا، انهن مان مئڊم مهتاب اڪبر راشدي تمام اهم ۽ وڏي مان وارو اسم آهي. مهتاب اڪبر راشدي جو جنم اهڙي ڏينهن تي ٿئي ٿو، جڏهن هندوستان جو ڪوھنور تاريخ جي سيني ۾ ٽٽي ٻه اڌ ٿيو هو. هڪ حصو هندوستان ٿي رهيو. ٻئي حصي کي پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. سنڌ جيڪا حيران انهي سموري لقاءَ کي ڏسي رهي هئي، سا هڪ صوبي طور پاڪستان جو حصو بڻي. پاڪستان جي انهي ٺهڻ واري ڏينهن تي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جو جنم ٿيو. اهو جنم هڪ انسان جو جنم ته هيو ئي مگر اهو هڪ قدر جو به جنم هيو. هڪ آواز جو به جنم هو. احساس جو به جنم هو. عقل، شعور ۽ صلاحيتن جو به جنم هيو. شفقتن جو به جنم هيو، وري احتجاج ۽ انڪار جو به جنم هيو.

هونئن ته ڪنهن به اهڙي شخصيت تي ڳالهائڻ يا لکڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿئي ٿو، جنهن شخصيت جي ذات ۾ انوکائي ۾ اڃا ڪيترائي روپ لڪيل هجن ٿا ۽ جيڪڏهن ڪا شخصيت مئڊم مهتاب وانگر تمام گهڻين صلاحيتن ۽ خوبين جي حامل هجي ته ان تي لکڻ لاءِ قلم به نڪور گهرجي ۽ ذهني سطح به ان معيار جي هئڻ گهرجي... ... ! مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پاڻ کي هڪ سٺي استاد، تعليمي ماهر، قوم کي دڳ ڏيندڙ ليکڪ، سماجي اڳواڻ، ٽي وي اينڪر، ڪمپيئر، صلاحڪار، مقرر، بيورو ڪريٽس ۽ سياستدان طور مڃرايو آهي.

شايد اهو ستر جو ڏهاڪو آهي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان هڪ اهڙو آواز گونجي ٿو، جنهن سنڌ جي عورت ۾ خود شناسي جو ٻج ڇٽيو ۽ ان آواز سنڌ جي شعور جو ڪڙو کڙڪايو. هن مرداڻي سماج ۾ جتي عورت هجڻ ئي ”ڏوهه“ هجي ان سماج ۾ سنڌ جي سڀني مظلوم عورتن جو آواز بڻجندڙ اهو آواز ان شخصيت جو هيو، جيڪا اڳتي هلي سنڌ جي اتهاس ۾ ”مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي نالي سان سڃاپجڻ لڳي. ريڊيو پاڪستان انهي دور ۾ ابلاڪ ۽ رابطي جو اڪيلو ذريعو هو. جنهن جو وقتائتو ۽ صحيح استعمال ڪري مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي صلاحيتن سان سنڌ ۾ شعور جي چڻنگ دکائڻ جي شروعات ڪئي. اڳتي هلي مئڊم مهتاب راشدي سنڌ جي ماڻهن سان پنهنجي تڪڙي رابطي کي ضروري سمجهيو ته هن پاڪستان ٽيليوزن جوائن ڪيو. هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان سنڌ جي ٻارڙن لاءِ روشن تارا جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ڪيو. جنهن ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي گڏيل اسڪول جي حيثيت اختيار ڪري ورتي. مئڊم مهتاب جي شروع ڪيل انهي مڪتب فڪر جڏهن سنڌ جي شعور کي جاڳائڻ شروع ڪيو ته کانئس سنڌ جي عوام سان سڌي رابطي جو وسيلو واپس ورتو ويو. مئڊم راشدي کي انهي ڳالهه جو پهريان کان ئي ادراڪ هيو ته جنهن رستي جي هن چونڊ ڪئي آهي، انهي رستي تي پوکيل هر گل ۾ ڪيئي ڪنڊا آهن پر چپ ڪري ويهي رهڻ ته هن ڪڏهن سکيو ئي نه هيو. هوءَ ته هميشه لطيف سرڪار جي کاهوڙي ڪردار وانگر رهي آهي.

”کرڪڻا لاهي سُک نه ستا ڪڏهين،

اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.“

انهي دوران مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي اعليٰ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي شعور جو مرڪز سمجهي ويندڙ سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل ريليشن ڊپارٽمينٽ ۾ بطور هڪ استاد جي پنهنجون ذميواريون نڀايون. هڪ استاد ۽ تاريخ جي سمجهدار شاگرد هئڻ جي ناتي مئڊم مهتاب کي نه رڳو ان ڳالهه جو ادراڪ هيو ۽ سندس ان ڳالهه تي پختو يقين هيو ۽ آهي ته تعليم ئي اهو اوزار آهي، جنهن سان زندگي جي خراب ٿيل هر گاڏي کي ٺاهي سگهجي ٿو. مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جو اهو دور جيڪو مئڊم سنڌ يونيورسٽي ۾ بطور استاد جي گذاريو، اهو به عجيب، حسناڪ دور هيو. سنڌ يونيورسٽي جا ان زماني جا شاگرد اڄ به جڏهن گڏجي ويهندا آهن ته هو سنڌ، سنڌ يونيورسٽي سان گڏوگڏ مئڊم مهتاب جو ۽ روسٽرم جي پويان بيهي زندگي جي گوناگون موضوعن تي ڏنل مئڊم جي ليڪرچس جو ذڪر به ضرور ڪندا آهن. مئڊم مهتاب جي ذورائتن دليلن جا پڙاڏا اڄ سنڌ جي موجوده شعور منجهان کوجندي محسوس ٿين ٿا. استاد جي وقار ۽ فرض کي هڪ جيترو سمجهڻ ۽ ادا ڪرڻ مئڊم جي ڪردار جا خاض محرڪ رهيا آهن.

ملڪ مٿان جڏهن ضياءَ جي نحوست ڪڙڪي هئي ته انهي سچي سياسي ۽ سماجي شاڪ جو شڪار مئڊم مهتاب پڻ ٿي ۽ مئڊم مهتاب محمدود وسيلن ۽ موقعن جي اڻ هوند جي باوجود به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ پي چاهيو. اهو ئي سبب هيو، جو مئڊم انهي عرصي دوران پاڪستان ٽيليوزن تان مشهور ۽ هميشه ياد رهندڙ پروگرام ”فروزان“ بطرو هڪ ميزبان شروع ڪيو. انهي پروگرام ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تمام وڏي ناماچاري حاصل ڪئي ۽ هي اهو دور هيو، جڏهن ڪنهن سنڌي عورت جو تصور گهرن ۾ ڪم ڪندڙ مشينن کان مٿي نه هيو. اهڙي دور ۾ هڪ پڙهيل، لکيل با شعور سحر انگيز آواز ۽ شخصيت رکندڙ سنڌياڻي پنهنجي صلاحيتن، ذهانت، علم، عقل ۽ قابليت ذريعي سنڌ جي عورت بابت ماڻهن جي تصور کي يسڪر تبديل ڪري ڏيکاريو. ”فروزان“ جي ڪمال عروج وقت جمهوري سوچ تي پابنديون لکيل هيون.

۱۴ آگسٽ تي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جو ته جنم ٿيو پر ساڳئي وقت هڪ انڪار جو به جنم ٿيو. اهڙو انڪار جنهن عورت جي ازلي آزادي جي حفاظت ڪئي ۽ اها به ڌرتي جي اهڙي خطي تي جتي عورت انسان کان وڌيڪ هڪ رَئي جي صورت ۾ موجود هئي. جنهن کي مٿي تي رکڻ ۽ مٿي تان لاهڻ جو اختيار مردن وٽ هيو. مئڊم پنهنجي انڪار ذريعي صدين کان عورتن مٿان راڄ ڪندڙ مرداڻي سماج ڏانهن هڪ بغاوت ڀريو پيغام موڪليو ته هاڻ گهڻو ئي ٿيو. اڄ مئڊم مهتاب جي ان انڪار کي ٽي ڏهاڪا گذري چڪا آهن پر تاريخ جي درگاهه ۾ مئڊم جو انڪار هڪ ڌمال جيان گونجي رهيو آهي.

پوءِ جڏهن ضياءَ پنهنجي ڊگهي اونداهي سميت پڄاڻي تي پهتو ۽ اقتدار فوج کان ٿيندو محترمه بينظير ڀٽو وٽ پهتو. محترمه بينظير ڀٽو دوست هئڻ سبب مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي صلاحيتن کان بخوبي واقف هئي. ان ڪري محترمه بينظير ڀٽو مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي صلاحيتن ۽ قابليت کي ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڪارائتو بڻائڻ پي چاهيو، تڏهن ۾ خود محترمه بينظير مئڊم مهتاب سان سڌو سنئون رابطو ڪري مئڊم مهتاب کي سنڌ حڪومت ۾ اهم ذميواري سنڀالڻ جي آڇ ڪئي ۽ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي کي بحيثيت سيڪريٽري ڪلچر مقرر ڪيو.

۽ اهڙي طرح مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ حڪومت ۾ پهرين عورت سيڪريٽري هجڻ جو اعزاز پنهنجي نانءُ ڪرڻ کانپوءِ مئڊم مهتاب سرڪار طرفان ڏنل ذميواري کي انتهائي خلوص، قابليت ۽ ڪاميابي سان نڀايو. مئڊم سيڪريٽري ڪلچر هئڻ واري زماني ۾ پنهنجو ڪردار انتهائي شاندار نموني سان ادا ڪيو بحيثيت سيڪريٽري هجڻ دوران هندو جيئم خاني جي مالڪي کان وٺي ٻاراڻي ادب کي ترقي وٺرائڻ تائين ۽ ملڪ جي مانائتي ۽ خاص طور تي سنڌ جي عظيم شخصيتن تي ڪتاب ڇڀرائي سموري سنڌ ۾ ورهايا ويا ته جيئن سنڌي قوم ۽ خاص ڪري اسان جي ايندڙ نسل پنهنجي عظيم شخصيتن جي ڪارنامن کان واقف ٿي سگهن.

وقت جا لاها چاڙها جڏهن مئڊم مهتاب اڪبر راشدي کي سياست جي ميدان ۾ کڻي آيا ته مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي ساکائتي ڪردار سان سياست کي عبادت سمجهي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي قوم لاءِ خدمت جي جذبي سان اڄ به جدوجهد جي ميدان ۾ آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جڏهن به اسيمبلي ۾ ڳالهايو آهي ته ائين لڳو آهي، ڄڻ سنڌ ڳالهائي رهي آهي. مئڊم سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ هر ظلم تي نه صرف آواز اٿاريو آهي پر ان تي ڀرپور احتجاج پڻ ڪيو آهي. موجوده اسيمبلي ۾ اها مئڊم جي ئي سنڌ دوست شخصيت آهي. جنهن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرايو. سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ جو معاملو هجي، سنڌ جي صحافين تي ٿيندڙ ظلم جي وارتا هجي يا سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو نه کٽندڙ سلسلو هجي ۽ سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافي ۽ ظلم خلاف مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي. اسيمبلي ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي عورت دشمن تجويزن خلاف ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جي همت ۽ جرئت سنڌ جي هن بيباڪ ۽ بهادر نياڻي کانسواءِ ٻيو ڪير پيو ڪري سگهي.

وقت جا لاها چاڙها جڏهن مئڊم مهتاب اڪبر راشدي کي سياست جي ميدان ۾ کڻي آيا ته مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي ساکائتي ڪردار سان سياست کي عبادت سمجهي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي قوم لاءِ خدمت جي جذبي سان اڄ به جدوجهد جي ميدان ۾ آهي. سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جڏهن به اسيمبلي ۾ ڳالهايو آهي ته ائين لڳو آهي، ڄڻ سنڌ ڳالهائي رهي آهي. مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ هر ظلم تي نه صرف آواز اٿاريو آهي پر ان تي ڀرپور احتجاج پڻ ڪيو آهي. موجوده اسيمبلي ۾ اها مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي ئي سنڌ دوست شخصيت آهي. جنهن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪرايو ۽ سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ جو معاملو هجي، سنڌ جي صحافين تي ٿيندڙ ظلم جي وارتا هجي يا سنڌ ۾ انساني حقن جي لتاڙ جو نه کٽندڙ سلسلو هجي ۽ سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافي ۽ ظلم خلاف مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي. اسيمبلي ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي عورت دشمن تجويزن خلاف ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ختم ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جي همت ۽ جرئت سنڌ جي هن بيباڪ ۽ بهادر نياڻي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي کانسواءِ ٻيو ڪير پيو ڪري سگهي... .؟ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ جي تعليم جي موجوده رحم جوڳي صورتحال تي سنڌ مان اڻلڀ ٿي ويل امن امان سميت سنڌ جي صحت، سنڌ جي ترقي، تباهه ٿيل انفرا اسٽرڪچر تي ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي تي اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿاريو آهي، جيڪو اسيمبلي جي رڪارڊ تي موجود آهي.

احساس محرومي جي زخمن تي پهي جهڙي شخصيت مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي شفقت جو اعتراف ته سنڌ جو ارڏو اديب حليم بروهي به ڪري چڪو آهي. سندس شخصيت ۾ شفقت، خلوص ۽ سهڻو سڀاءُ شامل آهي. ڪو وزير هجي يا فقير يا کڻي مون جهڙو طالب علم هجي، مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي در تي هر ماڻهو کي ايترو ئي مان ملي ٿو، جيتري مئڊم مهتاب پاڻ مانائتي ۽ شانائتي آهي.

مئڊم مهتاب اڪبر راشدي حسن، عقل، ادراڪ، دانش، سيرت، بصيرت، صلاحيتن، قابليت ۽ شعور جو هڪ اهڙو نانءُ آهي. جنهن کي سنڌ نه صرف قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿر پر سنڌ کي مئڊم مهتاب اڪبر راشدي تي فخر ۽ ناز پڻ آهي.

مئڊم مهتاب اڪبر راشدي شعور جي لاٽ دکائڻ کان وٺي اسيمبلي ۾ سنڌ ۾ آواز بڻجڻ تائين پنهنجي صلاحيتن ۽ محنت ذريعي پاڻ مڃرائيندي سنڌ جي symbolic personality طور عزت ماڻي آهي ۽ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي شخصيت سموري سنڌ لاءِ ويساهه ۽ اتساهه جو ذريعو هئڻ سان گڏوگڏ مون سميت ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن کانپوءِ جنم وٺندڙ نسلن لاءِ Role Model ۽ Ideal بڻجي چڪي آهي. اڄ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي کي جنم ڏينهن تي سنڌ پنهنجي هن صدوري ڌيءُ کي دل جي گهراين، دعائن، نيڪ تمائن ۽ خلوص سان واڌايون ڏئي ٿي ۽ سموري سنڌ کي ۽ سنڌ جي شعور کي پڻ مئڊم مهتاب اڪبر راشدي جي جنم ڏينهن جون واڌايون قبول پون. مئڊم مهتاب اڪبر راشدي سنڌ جي اها سلڇڻي ۽ سڀاڳي نياڻي آهي، جنهن نه صرف سنڌ جي عورت جي انهي اعتماد ۽ احترام کي واپس ورايو، جيڪو هن کان گهڻو اڳ کسيو ويو پر مئڊم مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي سنڌ امڙ جو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ اهو قرض به لاٿو آهي، جيڪو پٽن کي ادا ڪرڻو هو.


 

مھتاب اڪبر راشدي

شال! سندس مک تي مرڪ جي مکڙي ٽڙندي رهي

مولائي ملاح

چوڏهين آگسٽ جتي هڪ طرف مذهب جي نالي ۽ نعري هيٺ وجود ۾ آيل رياست پاڪستان جو جنم ڏڻ آهي؛ ته وري ان ئي ڏهاڙي ۱۴ آگسٽ ــ۱۹۴۷ع تي چنڊ جي ۲۷ هين تاريخ تي موهن جي دڙي جي چيڪي، خوشبودار مٽيءَ مان ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي (جيڪو هاڻ وڏو شهر ٿي ويو آهي.) ۾ ماستر محمد عيسي چنا جي گهر ۾ هڪ ننڍڙي چنڊ جنم ورتو. جنهن سنڌ جي سٻاجھڙي نياڻيءَ اڳتي هلي سنڌ جي ڪيترين ئي سدورين نياڻين کي علم ادب جي روشنيءَ واري واٽ جو راهي بڻائي. جنهن جو ڪوڏاڻو (ڇٺيءَ جو) نانءُ مهتاب رکيو ويو. جيڪا بيشڪ پنهنجي ڪردار ۽ گفتار ۾ به مهتاب ئي آهي. سندس والد محترم اسڪول ۾سندس  نانءُ بدرالنساءِ داخل ڪرايو. جنهن جي خبر سندس والد کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به ڪو نه هئي. سندس والد شايد ته اهو نالو رکي سندس ٻين ٻن وڏين ڀينرن عزيزالنساءِ، مهرالنساءِ، جي نالن پٺيان بدرالنساءِ، ملائي قافيو پئي ملايو. پر مزي جي ڳالهه اها هئي ته، سندس گھر ڀاتين مان ڪنهن کي به اها خبر ئي نه هئي ته سندس اسڪول ۾ نالو بدرالنساءِ داخل ڪرايو ويو آهي. ان نالي جي سندس گھر ڀاتين کي ان ڏهاڙي خبر پئي جڏهن سندس وڏي ڀيڻ هڪ ڀيري کيس اسڪول مان وٺڻ لاءِ آئي ۽ ڪلاس ۾ داخل ٿي سندس ٽيچر کي چيو ته: مهتاب کي موڪل ڏيو. ٽيچر چيو ته هت ته مهتاب نالي ڪابه ڇوڪري ناهي. هن هٿ جي آڱر جي اشاري سان چيو ته؛ هيءَ مهتاب منهنجي ڀيڻ آهي. جنهن تي ٽيچر کيس چيو ته: هيءَ ته بدرالنساءِ آهي. جنهن تي سندس ڀيڻ وراڻيو ته جيڪا به آهي. ان کي موڪل ڏيو. اسڪول کانپوءِ يونيوورسٽيءَ ۾ به مسٽر رول/ حاضري رجسٽر تي به مهتاب نانءُ بدرالنساءِ لکيل رهيس.

هيءَ جيڪا پڙهيل لکيل ڇوڪري (عورت) آهي. اها صرف بدرالنساءِ آهي. مهتاب رڪارڊ ۾ اڄ به اسان کي اڻ پڙهيل ملندي. ريڊيو جي لاگ بوڪ کان وٺي چيڪ تائين ۽ شوبز جي ستارن کان وٺي علم، ادب، آرٽ، جي دنيا ۾ اسان کي مهتاب ئي ملندي. ان دنيا ۾ بدرالنساءِ کي ڪو به نه سڃاڻي. اهو مهتاب جو ڪردار، ٻاجھ ڀري  محبت ئي آهي؛ جو جنهن مهتاب کي اڄ تائين ڏٺو به ناهي اهي سندس سالگره تي سندس سنڌ لاءِ ادا ڪيل علمي ادبي خدمتن تي هڪ ڪالم جي صورت ۾کيس ساراهي رهيا آهن .اها ئي ته سندس مهانتا آهي.

مهتاب زندگيءَ جي هر رنگ، ڍنگ ۾ پنهنجي نالي جيان نمايان/ مهتاب ئي رهي آهي. ايئن؛ جيئن نيري آسمان تي ستارن جي جھرمٽ ۾ کير جهڙي روشني ڦهلائيندڙ چوڏهينءَ جو چنڊ هوندو آهي. هن پنهنجي شو بز جي ڪيريئر جي شروعات ننڍ پڻ کان ڇهين درجي ۾ ۱۹۵۸ع کان يارهن سالن جي ڄمار ۾ ريڊيو کان ڪئي. جتي کيس پهرين ته صرف ٻار جي آواز طور موقعو مليو. پوءِ ۵۰ واري ڏهاڪي جي آخر ڌاري ڪيترا ئي ڊراما ڪيا. جتي سندس آواز هڪ يارنهن ٻارنهن سالن جي ڇوڪريءَ جو ٿي ويو. جيڪو هيروئن طور استعمال ٿيڻ لڳو. ريڊيو تي سندس يادگار پروگرام ’جھڙا گل گلاب جا‘ ’گيتن ڀريون ڪهاڻيون‘ آهن. ريڊيو، ٽي وي طرف ۱۹۷۴ع ۾ پير پاتائين. جتي هيءَ هڪ مهمان جي حيثيت سان هڪ پروگرام ۾ شريڪ ٿي. ان کان پوءِ هڪ اردو پروگرام ڪيائين. ’اس هفتي‘ پاڻ ان پروگرام جي ميزبان بڻي. ايئن پوءِ ’روشن ستارا‘، ’اپني بات‘ به سندس يادگار پروگرامن مان آهن ”موتين مالها“ جنهن ۾ اهم شخصيتن جا انٽرويوز ڪيائين. جنهن ۾ پير حسام الدين راشديءَ کان ويندي فنڪار جلال چانڊيو جا يادگار انٽرويوز شامل آهن.

سنڌ جي هن ڏاهي شخصيت جو ٽي ويءَ تي سڀني ڪردارن مان هڪ نمايان ڪردار اهو هيو ته؛ هن جنرل ضياءُ جي چوڻ تي اسڪرين تي اچڻ مهل مٿي تي رئو/ پوتي ڪو نه پاتي. هڪ سنڌي رسالي پاران سندس انٽرويو دوران جڏهن کانئس اهو سوال ڪيو ويو ته ”مارشل-لائي دور حڪومت ۾ حڪومتي حلقن سان ٽيلي ويزن جي حوالي سان اوهان ڪهڙي ڳالهه تي ناراض ٿيو ۽ ٽي ويءَ تي گھٽ اچڻ لڳو“، جي جواب ۾ مهتاب مرڪندي جواب ڏنو هو ته؛ رئو نه پائڻ واري ڳالهه تي ...!!

هن اهو انڪار ان ڪري ڪيو جو هيءَ چاهي پئي ته، آئون زندگيءَ ۾ جيئن آهيان ايئن ئي هر ڪنهن جي اڳيان اچان. کيس ڪوڙو ڍونگي لباس عجيب لڳندو آهي. جيئن ٽي وي اسڪرين تي لباس هڪ ۽ ان کان پوءِ ٻيو ايئن نه هئڻ گھرجي. سندس اهڙي انڪار انهن ڏهاڙن ۾ سندس شخصيت کي نکاري وڌو. مهتاب، جنرل ضياءَ جي بدترين آمريتي دور ۾ انساني آزاديءَ جو اهو بهترين مثال قائم ڪندي، پاڪستان ٽيليويزن جو اهو پروگرام ’اس هفتي‘ ڇڏي ڏنو ۽ هڪ آمر جي اهڙي حڪم کي پنهنجي سينڊل جي کڙيءَ هيٺان لتاڙي ڇڏيو. مهتاب جي ان عمل تي؛ جي ايم مهڪريءَ هڪ اهڙو ڪالم لکيو هو. جيڪو هن جي ’امر مرڪ‘ جيان اڄ به وقت جي وٺ ۾ نه اچي سگھيو آهي. جنهن ۾ جي ايم مهڪريءَ مهتاب کي ’اسان جي دلين جي بلبل‘ جهڙو عنوان ڏنو هو. پاڻ اڄ به پنهنجي ڪم، ڪردار۽ مرڪ ۾ امر آهي ان ڪري جو هوءَ اسانجي امڙ آهي.

مهتاب اڄ به پنهنجي هر روپ سروپ ۾ پنهنجي نالي جيان آهي. هن جي زندگيءَ جا انڊلٺ جي رنگن جيان ڪيترا ئي رنگ آهن. هيءَ گھڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ آهي. مالڪ هن جي شخصيت ۾ انيڪ خوبين جا ڪيترا ئي رنگ ڀريا آهن. جيڪي هن جي زندگيءَ جي هر پل کي جرڪائيندا رهن ٿا. هن جي زندگيءَ جي نمايان رنگن ۾ علم، ادب، آرٽ، فنون لطيف، نامياري تخليقڪاره، ڪمپيئر، معروف صداڪاره، ثقافت جي سورمي، وغيره  وغيره  آهن.

جنرل ضياءَ جي حڪم کي ٺوڪر هڻڻ بعد پاڻ ڪافي عرصو ٽي ويءَ تان غائب رهي پوءِ. ۱۹۸۸ع جي چونڊن جو نتيجو ٻڌائڻ لاءِ وري سنهڙي اڇي رنگ جي جوڙي ۾ رئو ڪلهن تي رکي عوام جي اڳيان هميشه جيان پنهنجي امر مرڪ مرڪي؛ مرڪندڙ چهري سان سامهون آئي. هن پاڪستان ٽيليويزن کانسواءِ جن پرائيويٽ چئنلن لاءِ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. انهن ۾ سنڌي خانگي ٽي وي چئنل لاءِ يادگار انٽرويوز ڪيا. ان کانسواءِ ARY ’انڊس ويزن‘ جي ڪجھ پروگرامن ۾ مهمان جي حيثيت سان شريڪ ٿي چڪي آهي. ان کان پوءِ ’هم ٽي وي‘ جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ هڪ سال تائين اهم شخصيتن جا انٽرويوز ڪيا. هن ڏاهي عورت جي علمي، ادبي خد متن تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو. ڇو ته اهو ڪم به سندس شوبز جي دنيا جيان تمام گھڻو ۽ گَھَرو ٿيل آهي.

امڙ مهتاب جي مرڪ جنهن کي مون ’امر مرڪ‘ لکيو آهي. اها اڄ به ان عمر جي آخري؛ وهيءَ جي اڌ حصي ۾ پهچڻ کان پوءِ به اهائي الهڙ جوانيءَ جهڙي لڳي/ ڀاسجي رهي آهي. هي ڪالم لکڻ وقت منهنجي ذهن اڳيان ميڊم جي اها تصوير ڦري رهي آهي. جيڪا ۵ مارچ ۱۹۸۱ع ۾ انگريزي اخبار ’دي اسٽار‘ ڇاپي هئي. جيڪا بعد ۾ ٽي ڏينهن حڪومت پاران بند ڪئي وئي هئي. اخبار جي بندش جو سبب مهتاب جي تصوير سان گڏ شهيد راڻي بينظيرڀٽو جي تصوير هئي. جيڪا حيدرآباد جي نيو مئجسٽڪ سئنيما جي ڀرسان فيڊرل ڪاليج ۾ ٿيل شاديءَ جي موقعي تي ورتل هئي. جنهن ۾ ميڊم مهتاب، شاديءَ جي ڳاڙهي جوڙي ۾ هڪ گول چهري واري سنهڙي ڇوڪري جنهن جي نڪ ۾ نٿ، نرڙ تي ٽڪو، ۽ اڌ مٿي تي رئو پاتل آهي. جنهن جي ڀرسان بينظيرڀٽو ويٺي آهي. محترمه مرڪي رهي آهي. مهتاب اڄ ڪنوار جي روپ ۾ هئڻ ڪري پنهنجي مرڪ لوڪ کان لڪائڻ جي گھڻئي ڪوشش ڪئي آهي. پر سندس ٻئي چپ زور سان پاڻ ۾ ڀڪوڙڻ کان پوءِ به چپن جي وٿين/ پاسن کان اها نماڻي مرڪ ظاهر ٿي بيٺي آهي جيڪا موناليزا جي مرڪ کي به مات ڏيو بيٺي آهي.

آئون اها ڳالهه دعوا سان چوان ٿو ته، ڪيترو به ضدي/ ڪاوڙيل ماڻهون هن برف جھڙي ٿڌي طبيعت جي مالڪ امڙ مهتاب جي مرڪ ’امر مرڪ‘ ڏسندو ته اهو به في الحال مرڪي پوندو ۽ کانئس پهرين ڳالهه وسري ويندي. اسانجي دعا آهي ته شال! سندس مک تي’ امر‘ مرڪ جي مکڙي ٽڙندي رهي ۽ سندس ڏات ۽ ذات هميشه سلامت رهي.


 

مھتاب اڪبر راشدي

ماھر تعليم، سياستدان، ٽي وي ڪمپيئر ۽ ڪالم نويس - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا - مھراڻ جا موتي (قسط نمبر. ۳۵۷)

ساجد رند

بدرالنساء عرف “مھتاب اڪبر راشدي “۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ ع تي تعلقي نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد عيسيٰ چنا جي گھر ۾ جنم ورتو.

پاڻ مئٽرڪ ۱۹۶۳ع ۾، بي اي ۱۹۶۷ع ۾، ايم اي (سياست ۾) ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان، بي ايڊ ۱۹۷۱ع ۾ ۽ ايم اي (سياسيات ۾) ۱۹۷۸ع ۾ يونيورسٽي آف مانچسٽر آمريڪا مان ڪئي.

پيشي جي لحاظ کان ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۷ع تائين سنڌ يونيورسٽي جي شعبي بين الاقوامي تعلقات (انٽرنيشنل رلشنس) ۾ ليڪچرر، ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين اسٽنٽ پروفيسر ۽ بعد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر رھي.

مھتاب اڪبر راشدي ۱۹۸۸ع کان ۱۹۸۹ع تائين سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ڪجھ وقت محڪمي انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي ۾ ڊائريڪٽر ماحوليات ۽ ۱۹۹۷ع کان ۱۹۹۹ع تائين سيڪريٽري سوشل ويلفيئر حڪومت سنڌ، سيڪريٽري تعليم ۽ پوءِ ڊائريڪٽر جنرل محتسب اعليٰ سنڌ جي عهدن تي ڪم ڪيائين.

مھتاب اڪبر راشدي ادبي سفر جي شروعات ڪھاڻيون لکڻ سان ڪئي، سندس ڪھاڻي “تو جنين تانگھ “نمائنده ڪھاڻي آھي.

مھتاب اڪبر راشدي گھڻ پاسائين شخصيت رھي آھي، ھوءِ ھڪ ليکڪ، ريڊيو آرٽسٽ، ٽي وي ڪمپيئر، تعليمي ماھر سميت سياست ۾ به سرگرم آھي، پاڻ مسلم ليگ فنڪشنل جي ايم پي اي طور سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبي لاءِ قانونسازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پئي اچي.

ھڪ ليکڪ جي حيثيت سان سوين ڪالم، مختلف موضوعن تي مضمون لکيا آھن، جيڪي سنڌ توڙي ملڪ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيندا رھن ٿا، ھن سنڌيءَ سان گڏوگڏ انگريزيءَ ۾ پڻ ڪافي لکيو آھي.

مھتاب اڪبر راشدي جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

(۱)Mouzi Thoughts on Imperialism

(۲) Big Power on four Japanese Islands

(۳) Meckawalis Concept of Neutrality

(۴) Tashkent and Shimla Agreement

(۵) India Pakistan Relations

(۶)ڪالھ، اڄ ۽ سڀاڻ (ٻه جلد)


 

مهتاب اڪبر راشدي

اسان جي لاءِ اتساھ

رفيعه ملاح

جيتوڻيڪ عورتن جو عالمي ڏينهن ۸ مارچ تي ملهايو ويندو آهي پر دنيا ۾ انهي ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو پهرين مارچ کان ئي شروع ٿي ويندو آهي ۽ اهو ۸ مارچ تائين جاري رهندو آهي، هونئن ته دنيا ۾ هر لمحو عورت جو ئي آهي، هر ڏينهن عورت جو آهي ۽ هر سال عورت جو آهي، ڇاڪاڻ جو خدا پنهنجي جوڙيل هن خوبصورت ڪائنات جي وجود جي تسلسل جو سبب به عورت کي ئي بڻايو آهي، انهي عورت جي ڪک مان ئي دنيا جا وڏا وڏا دانشور، محقق، سائنسدان ۽ ٻين شعبن ۾ مهارت رکندڙ ماڻهو پئدا ٿيا آهن، انهن عورتن مان ڪيتريون ئي عورتون به اسان جي لاءِ رول ماڊل آهن، جن کي ڏسي اسان سنڌ جي ڳوٺن سان تعلق رکندڙ عورتن کي اهو احساس ٿئي ٿو ته عورتون به مردن جيان پنهنجو الڳ مقام ۽ سڃاڻپ پئدا ڪري سگهن ٿيون.

سنڌ ڌرتي سان تعلق رکندڙ شهيد بينظير ڀٽو ته دنيا جي عظيم ترين اڳواڻن مان هڪ هئي، پر مائي بختاور، جيجي زرينه بلوچ، خيرالنساءَ جعفري، نورالهديٰ شاھ، دادي ليلان، مائي جندو سميت ٻيون ڪيتريون ئي عورتون سر فهرست آهن پر اڄ انهي عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان ۽ سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي عورت تي لکي رهي آهيان، جيڪا اسان جي لاءِ اڄ به اتساھ جو سبب بڻيل آهي. مهتاب اڪبر راشدي جو نالو ڪنهن نه ٻڌو هوندو؟ ۽ هوءَ به ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، اسين ڇو پنهنجن اهڙن ڪردارن کي مرڻ کانپوءِ ڀيٽا پيش ڪيون ۽ ڇو نه ساڻن زندگي ۾ ئي محبت جو اظهار ڪري کانئن ڪجھ نه ڪجھ سکي وٺون. مهتاب اڪبر راشدي جنهن لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ نئون ديرو ۾ ۳ مارچ ۱۹۴۷ع تي جنم ورتو، مهتاب اڪبر راشدي تعليمي لحاظ کان پوليٽيڪل سائنس ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽر ڪيائين ۽ ساڳي ڊگري يو ايس اي مان به ڪيائين، انهي کان اڳ گورنمينٽ گرلس ڪاليج مان بي اي به ڪيائين، مهتاب اڪبر راشدي پيشي جي لحاظ کان استاد هئي، هڪ ڳوٺاڻي ماحول مان نڪتل ڇوڪري جڏهن ريڊيو جي دنيا ۾ مهتاب چنا جي نالي سان پروگرام ڪندي هئي، ته سندس ٻڌندڙ مردن جي ڪنن جا به تاڪ کلي ويندا هئا. هن پنهنجي هر ڪم ۾ عورت جي آزادي ۽ عورتن جي حقن جي تبليغ ڪئي آهي.

مونکي ياد آهي ته اسانکي ريڊيو جي دنيا سان دلچسپي وڌائڻ ۾ سندس ئي آواز ۽ گفتن جو ڪمال هو. مهتاب اڪبر راشدي هڪ ذهين بيوروڪريٽ طور پڻ پاڻ مڃايو، جڏهن مرداڻي سماج ۾ هڪ عورت پنهنجي ئي گهر جي ڊرائيور کي ڪٿي وٺي وڃڻ لاءِ پيءُ يا ڀاءُ کي چوندي هئي ته ڊرائيور کي چئو مونکي اتي ڇڏي اچي، انهي سماج ۾ هن عورت سنڌ يونيورسٽي ۾ پنهنجي شعبي آءِ آر جي چيئرپرسن ٿي گذاريو ۽ يونيورسٽي جي استادن توڙي شاگردن کي اداري جي قاعدن مطابق هلڻ تي مجبور ڪيو. جيتوڻيڪ هو اسان جي يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ سنڌ يونيورسٽي ڇڏي آفيسرياڻي بڻجي چڪي هئي پر هن جا مثال ان وقت به يونيورسٽي ۾ اڪثر استاد ڏيندا هئا. مهتاب اڪبر راشدي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌيالاجي ۾ ڊائريڪٽر رهي، جتي ناميارو ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجو هن سان گڏ ڊپٽي ڊائريڪٽر هو ۽ انهن ماڻهن ۶ سال اتي گذاري سنڌيالاجي کي سنڌيالاجي بڻايو. سنڌ حڪومت ۾ جوائن ڪرڻ کانپوءِ لياقت لائبريري جي ڊائريڪٽر رهي، ان کان علاوه هوءِ سنڌ جي ثقافت کاتي، تعليم کاتي، اطلاعات کاتي ۽ انٽر پراونشل ڪوآرڊينيشن واري کاتي جي سيڪريٽري طور ذميواريون به ادا ڪيون، انهي دوران هن پي ٽي وي سميت ڪيترن ئي ٽي وي چئنلز تي ميزباني جا فرض انجام ڏنا، مهتاب اڪبر راشدي پنهنجي نوڪري تان رٽائرمينٽ کانپوءِ گهر ويهڻ بدران پنهنجون سماجي سرگرميون جاري رکيون ۽ هوءَ اڄ به هڪ متحرڪ ڪردار آهي.

پنهنجي نوڪري سان گڏ هن مختلف اين جي اوز ۾ رضاڪاراڻي طور ڪم ڪيو ۽ مختلف سماجي تنظيمن جي بورڊ آف ڊائريڪٽوريٽ ۾ ذميوار طور ڪردار ادا ڪندي مفيد مشورا ڏيندي رهي ٿي. مهتاب اڪبر راشدي ليکڪا هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين موٽيويٽر پڻ آهي، اهو ئي سبب آهي جو انگلينڊ ۾ هيڊڪوارٽر رکندڙ اداري آءِ پي پي ايف ۾ هوءَ سائوٿ ايشيا جي نمائندگي ڪري ٿي ۽کيس دنيا جي ۱۵۷ ملڪن جي نمائندن پاران کيس ووٽ ڏئي انهي اداري ۾ بطور ٽريزرر چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته آءِ پي پي ايف جا رڳو ٻه عهدا ئي هجن ٿا، هڪ صدر ۽ هڪ خزانچي. انهي اداري جي خزانچي يعني ٽريزرر هڪ سنڌ جي ڄائي عورت مهتاب اڪبر راشدي آهي،

مهتاب اڪبر راشدي جهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي عورتون آهن، جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻ مڃايو آهي پر مهتاب راشدي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن رسمن ۽ رواجن جي آڙ ۾ عورتن لاءِ جوڙيل ديوارن کي ڌڪو ڏئي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جڏهن پي ٽي وي تي بطور ميزبان پروگرام ڪيا ته ان وقت ماڻهو گهرن ۾ ٽي وي ڏسڻ به نه چاهيندا هئا، انهي زماني ۾ هن بيٺل پاڻي ۾ پٿر هڻي اهو ثابت ڪيو ته سنڌي عورت ڪنهن کان پٺتي ناهي ۽ نه ئي سنڌ دقيانوسي سوچ کي قبول ڪندي. هن شعور جي لاٽ اجاڳر ڪندي سياست ۾ به پير پاتو، جنهن بعد هوءَ فنڪشنل ليگ جي پليٽ فارم تان ايم پي اي به ٿي ۽ ۲۰۱۳ع کان ۲۰۱۸ع تائين سنڌ اسمبلي ۾ سگهارو آواز بڻيل رهي. هن جي ڌيمي لهجي ۽ دليلن سان ڀرپور ڳالهين تي کيس مخالف به داد ڏيندا هئا، هن وقت هن جو تعلق سياسي طور پيپلزپارٽي سان آهي، جيڪو سندس حق آهي ته هو ڪٿي به رهي پنهنجو سياسي سفر جاري رکي، پر هن جو مقصد سنڌ جي عورت جي ترقي ۽ تبديلي آهي. مهتاب اڪبر راشدي کي سندس اهليت جي آڌار تي ئي سگا جي چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو آهي، اسانکي سندس حياتي جي هر قدم مان سکڻ گهرجي ۽ انهن ڪردارن کي جيئري ئي سندن حياتي ۾ عزت ۽ مان ڏيڻ گهرجي، سماج جي هن متحرڪ ڪردار واري عورت کي اڄوڪي ڏينهن تي جنم ڏينهن جون کوڙ ساريون واڌايون هجن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ميڊم مهتاب اڪبر راشدي

۱۴ آگسٽ جنم ڏينهن

حسن پٺاڻ

سنڌ جي ناليواري اديب، ڪمپيئر، تعليمدان ۽ سرڪاري عملدار جنهن کي سڄي سنڌ پيار ۽ احترام مان ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ سڏيندي آهي جو اصل نالو بدرالنساءِ آهي. سندس جنم ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ع تي محمد عيسيٰ چنا جي گھر ۾ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد تعليم کاتي ۾ ملازم هو ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو هو، تنهنڪري سندس خاندان جو حيدرآباد ۾ رهڻ ٿيو. جتي هن ميٽرڪ ۱۹۶۳ع ۾، بـي اي ۱۹۶۷ع ۾، ايـم اي سياسيات ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪري ۱۹۷۱ع ۾ بي. ايڊ جي ڊگري حاصل ڪئي. کانپوءِ پهريان سينٽ ميريز ڪانوينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ۱۹۷۱ع ۾ استاد ۽ ان کانپوءِ ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۷ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انٽرنيشنل رليشنز ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار، ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر ۽ بعد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر رهي. يونيورسٽي آف مانچسٽر، آمريڪا مان ايم. اي سياست ۾ ڪيائين.

آخر سال ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۰ع تائين چيئرپرسن ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي عهدي تي رهي. ان کانپوءِ گورنمينٽ ملازم جي حيثيت سان ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۵ع تائين ڊائريڪٽر يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن حيدرآباد ريجن، آگسٽ ۱۹۸۵ع کان سيپٽمبر ۱۹۸۸ع تائين ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، پوءِ ڊائريڪٽر لياقت نيشنل لئبرري ڪراچي ۽ ان کان پوءِ سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ڪجھ وقت نئين محڪمي انوائرنمينٽ پروٽيڪشن ايجنسيءَ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ماحوليات رهي، ۱۹۹۷ع کان ۱۹۹۹ع تائين سيڪريٽري سوشل ويلفيئر حڪومت سنڌ، سيڪريٽري تعليم ۽ پوءِ ڊائريڪٽر جنرل محتسب اعليٰ سنڌ جي عهدن تي ڪم ڪيائين.

ان کانسواءِ ڪيترن قومي ۽ بين الاقوامي، تعليمي، سياسي ۽ سماجي ادارن جي بورڊ يا گورننگ باڊيءَ جي ميمبر ۽ عهديدار بہ رهي چڪي آهي. هوءَ سگا (خواتين) شاخ سنڌ جي ٻہ ڀيرا صدر بہ رهي چڪي آهي.

مهتاب اڪبر راشدي، فن جي شعبي سان بہ گھڻو لاڳاپيل رهي آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ۶۵-۱۹۶۷ع تائين بدر چنا جي نالي سان ڊرامن ۾ آرٽسٽ طور ڪم ڪيائين. ۷۴-۱۹۷۸ع تائين ريڊيو تي ڪمپيئر بہ رهي. پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي ۷۴-۱۹۸۰ع تائين لڳاتار سنڌي اردو پروگرامن جي ڪمپيئر ۽ ميزبان طور ڪم ڪيائين. ٽي. ويءَ تي ضياءُالحق سرڪار پاران رئو پائڻ لاءِ مليل حڪم نہ مڃڻ تان کيس شهرت حاصل ٿي. مهتاب اڪبر راشدي ذاتي طرح توڙي سرڪاري حيثيت ۾ مختلف ڪورسن، ڪانفرنسن يا وفدن سان شرڪت جي سلسلي ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، جن ۾ آمريڪا، ڪئناڊا، انگلنڊ، سنگاپور، فرانس، جاپان، چين، بئنڪاڪ، سريلنڪا، مالديپ، سعودي عرب، دبئي ۽ اٽلي شامل آهن.

هن انگريزيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب لکيا آهن:

۱. Mouzi Thoughts On Imperialism

۲. Big Power On Four Japanese Islands

۳. Mekawali’s Concept of Neutrality

۴. Tashkent and Shimla Agreement: A Comparative Study

۵. India Pakistan Relations.

مهتاب اڪبر راشديءَ جي شخصيت گھڻ پاسائين رهي آهي. هوءَ هڪ ليکڪ، استاد، ريڊيو آرٽسٽ ۽ ٽي وي ڪمپيئر، فني، ثقافتي، علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستہ رهي آهي. هوءَ ذهانت ۽ تقرير جي فن سان گڏ اعليٰ شخصيت جي مالڪ آهي، هيٺئين وچولي طبقي جي هڪ پرائمري استاد جي گھر ۾ جنم وٺندڙ مهتاب، جنهن سماج ۾ پنهنجي لڳاتار محنت ۽ جدوجهد سان مڃتا ماڻي، پنهنجي لاءِ جڳهه پيدا ڪري سنڌي نارين لاءِ مثال قائم ڪيو آهي. هن وقت هم ٽي وي ۾ هڪ اهم عهدي تي ڪم ڪري رهي آهي. هن ۲۶ فيبروري ۱۹۸۱ع تي انجينئر سيد اڪبر حسين راشديءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن پٽن رافع ۽ صهيب جو اولاد آهي.

اڄ ۱۴ آگسٽ تي ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو جنم ڏينهن آهي، کيس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون.

 

(حسن پٺاڻ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا