; سنڌي شخصيتون: پريو مرهيات - پير علي محمد راشدي

08 August, 2012

پريو مرهيات - پير علي محمد راشدي


پريو مرهيات
پير علي محمد راشدي
انگريزن آئي، سنڌ مان ٻانهَن جو رواج ته ختم ٿي چڪو هو، پر جن شخصن هڪ لڱا ”ٻانهپ جي ٻولي“ ڪري ڇڏي هئي، تن جا پويان به پشت بپشت، ان ٻوليءَ اندر ٻڌا رهيا. تَڙيونِ، تڙ نه مَٽيندا، ڌِڪيونِ، در نه ڇڏيندا: جت جنم ورتائون، اتانهون ئي ”اڻ ڏٺي ڏيهه“ روانا ٿي ويا. نه ڄمندي لولي ٻڌي هئائون، نه کٽ کڄندي ئي پارن جا پڙلاءَ نصيب ٿين! پر نمڪ جا ناتا، بدرجه اُلا، نباهيندا ويا.


پريي جو پيءُ ساٿي ڏڦير، اسان جي ڏاڏي مرحوم کي بطور ٻانهي جي ورثي ۾ مليو هو. ساٿي مري ويو، پنهنجو پٽ پريو، ڇڏي ويو هو. پريي جو فرض ٿيو چوڪيداري، ۽ سندس ٺڪاڻو هو، ڪوٽ جي دروازي ٻاهران، ڪکائين جهوپڙي. ان جهوپڙي اندر جِيئو، ان جهوپڙيءَ ۾ ئي مئو. وچ ۾ سٺ سال گذاري ڇڏيائين. ريل ۾ به مشڪل سان ٻه يا ٽي دفعا چڙهيو. اوائلي زماني ۾ ڪنهن هڪ دفعي ڏاڏي مرحوم سان گڏ بمبئي ۽ پوني جو سفر ڪري چڪو هو، ۽ پوءِ ته ساري عمر اتانهون جا قصا پئي بيان ڪيائين. بمبئيءَ کي ”مبئي“ سڏيندو هو، ۽ ”مبئيءَ“ جي ڪسوٽيءَ تي ئي پيو هر واقعي، هر معاملي کي تڪيندو توريندو هو.
”اڄ ته پوني جهڙا ٿڌڪار ٿي ويا آهن!“
”اهڙي ڳالهه ته مبئي ۾ به ڪانه ٻڌيسين!“
”مائي حرمت به ائين پئي ٽِلي جو ڄڻ مبئيءَ جي ڪراڦٽ (ڪرافورڊ) مارڪيٽ جو سير پئي ڪري!“
”مائيءَ نازيءَ اڄ اهڙو سينگار ڪيو آهي، جو ڄڻ هاڻي ٿي مبئيءَ رواني ٿئي!“
”رمضان ٻٻر اهڙو ڀڀ وڌو آهي جو ڄڻ مبئيءَ جو ميمڻ پيو لڳي!“ وغيره، وغيره.
ساري عمر شادي ڪا نه ڪيائين. طبيعت جو تيز هوندو هو. تنهنڪري ذات ضائفان پئي سندس پاڇي کان ٽهندي هئي. البت مزاج ضرور مجاز آگين هوس، جنهن جو اسين ڪافي فائدو وٺندا ٿي رهياسين. پريي جي هٿ ۾ اسان جي قسمت جون واڳون هونديون هيون. اسان جي خرچيءَ جي رقم سندس حوالي هوندي هئي، ۽ اهو سندس اختيار هو ته اسان کي روزانو، ٽڪو يا آنو، خرچي ڏئي يا مورڳو نه ڏئي. سندس ٻيو نمبر پاور اهو هو ته مڪتب جي وقت پوري ٿيڻ بعد، اسان کي ڪوٽ اندر موڪلي ڏئي يا ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ۽ راند ڪرڻ جي مهلت ڏئي. تنهنڪري، پريي کي راضي رکڻ اسان لاءِ سخت ضروري هو. پر، پريو راضي ڪيئن ٿئي؟
هڪ ڏينهن ڏٺوسين ته مائي ڪؤڙي شيخياڻي دلا ڀرڻ کوهيءَ تي آئي، ۽ پريان پريو، بنڊ تي چڙهيو، ڏانهنس مُنهن ڪريو پيو مڇون مروٽي. ٻه-چار ڏينهن وڌيڪ نظر رکيسين، جنهن بعد يقين ٿي ويو ته جنهن وقت ڪؤڙي کوهيءَ تي اچي ٿي، ان وقت پريو به بلاناغي مڇون مروٽيندي اچي ٿو موقعي واردات تي موجود ٿئي.
پريي جي اها ڪمزوري معلوم ٿي ويئي، ۽ هينئر ان بنياد تي مستقبل جي ساريءَ پاليسيءَ جي پيڙهه رکي ڇڏيسين. مثلًا، ڪوڙيءَ جا ڪوڙا سلام آڻي کيس ڏيڻ. ڪؤڙيءَ کي ڪنهن پاسي ويندو ڏسي، ڊوڙي اچي اها ڳالهه سندس ڪن تي وجهڻ. ”کاڪوءَ کُٿابيءَ“ جي آندل خبر ته جنهن وقت پريو هٽ تي اچي ٿو، ان وقت ڪؤڙي کيس ڏسڻ لاءِ لڪيو اچيو پنهنجي پُئيءَ ۾ بيهي ٿي، وغيره، وغيره ۽ جڏهن انهن خبرن جي قلعي کلڻ جو خطرو پيدا ٿيو، تڏهن کيس نئين ۽ وڌيڪ زوردار ڊوز ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي. کيس چيوسين ته؛ ”صالح چاچڙ خبر ٻڌائي آهي ته مَنگين جو مُلان اهڙا تعويذ لکي ٿو جو مطلوب مِهري انڌي اونڌي ٿيو اچيو ڇيڪوءَ اڳيان ڪِري!“ تصديق لاءِ خود صالح پيش ڪيو ويو. صالح تي اهو بار رکيو ويو ته پريي ۽ ڪؤڙيءَ واري معاملي لاءِ ملان کان تعويذ لکائي اچي. ڪجهه ڏينهن بعد، صالح اچي قصو ڪيو ته؛ ”ملان چوي ٿو ته تعويذ سان گڏ پليدا يا پليتا به تيار ٿيندا، جن جي سڙڻ شرط مِهريءَ جي پيرن کي اهڙي باهه لڳندي جو جيستائين ڇيڪوءَ سان نه ملندي، اوستائين اها باهه نه اُجهامندس. پر پليدن تيار ڪرڻ لاءِ هنن شين جي ضرورت آهي: وڏي چٻري جا ڪن، سِرڻ جون اکيون، سوندي جي چُهنب، ڪانءَ جي ڄڀ، بگهڙ جي کل، گدڙ جون مڇون، ۽ خود مطلوب مهريءَ جا ٻه-چار وار.“
ان ”تعميري پلان“ جي تڪميل جو فرض مون خاص پنهنجن ڪمزور ڪلهن تي هموار ڪيو. خود پريي کان فقط ايتري مدد گهري ويئي ته:
1.      اسان جي روزاني خرچيءَ واريءَ رقم ۾ مناسب اضافو ٿئي، جيئن ان پلان جي ”فنانشل سائيڊ“ کڄي سگهي.
2.      ڪوٽ کان ٻاهر رهڻ، ۽ جهنگن جهرن ۾ گهمي ڦري انهن اڻلڀ پکين ۽ جانورن کي هٿ ڪرڻ لاءِ سهوليت فراهم ٿئي.
3.      ۲۸ بور واريءَ بندوق جا ڪارتوس ڪافي انداز ۾ ملن، جيئن اهي جانور ماري سگهجن.
پريي سڀ سهولتون ڏيڻ قبول ڪيون. خرچي ٽَڪي مان وڌي ٻه آنا روز ٿي. ٻاهر گهمڻ ڦرڻ تان بندش لهي ويئي. جنهنڪري خوب شئل شڪار جا موقعا ملي ويا، ۽ ساڳيءَ طرح ڪارتوسن جي ڪمي پڻ ڪا نه رهي، ڇو ته بنگلي جون ڪنجيون پريي جي حوالي هونديون هيون.
ان مهم هلندي، پريي هڪ ٻي ڊيوٽي پڻ منهنجي سپرد ڪئي. اُها هيءَ هئي ته منجهند ويل جڏهن گهر جا سڀ ڀاتي سمهي پون، تڏهن آءٌ کسڪي ٻاهر نڪري اچان ۽ سندس اڳيان ويهي، ”جانعالم ۽ انجمن آرا“ (۱) واري قصي جو هڪ باب کيس پڙهي ٻڌايان. ان قصي سان مرحوم جي ڏاڍي دلچسپي هوندي هئي. ڪتاب (گلخندان) جنهن ۾ اها ڪهاڻي لکيل هئي،  هميشه پنهنجي پيتيءَ ۾ موجود رکندو هو، توڙي جو پاڻ هوندو اڻپڙهيل هو. جنهن وقت آءٌ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هوس، ان وقت پاڻ منهنجي پاسي ۾ ”همه تن گوش“ ٿي ويهي رهندو هو. ڪو چست يا دل ڀِڄائيندڙ جملو آيو ته اکين مان پاڻي اچي ويندو هوس. مڇ هر حال ۾ مروٽيندو رهندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ”موڊ“ ۾ هوندو هو ته سنهي آواز سان ”پيرل“ جي ڪافين جا ٿلهه به پيو جهونگاريندو هو: ”خوش ٿو گذارين منهنجا پرين، عاشق تنهنجا آهن عذاب ۾‍.“
دربانيءَ کان سواءِ، بورچيءَ جو ڪم به ڪڏهن ڪڏهن ڪرڻو پوندو هوس، جنهن فن ۾ ته پنهنجو مثال پاڻ ئي هوندو هو. پريي جو رڌل پلاءُ ۽ دم پختو، ۽ تتر جي سيخ مشهور هوندا هئا. ڏاڏي مرحوم جا جيڪي به دوست ايندا هئا، تن کي پريي جي رڌل طعام کائڻ کان سواءِ آرام نه ايندو هو. حقيقت به اها هئي ته جا لذت سندس هٿ جي رڌل شين ۾ هوندي هئي، تنهن جو مثال ڪو نه هوندو هو.
پر وري به وڏو مدار ”موڊ“ تي هوندو هوس. مرحوم کي دم جي بيماري هوندي هئي. جنهنڪري طبيعت سخت غضبناڪ ٿي پئي هيس. ديڳڙن رڌيندي ڪا ناگوار ڳالهه ٿي پئي ته ديڳڙا لاهي اڇلائي ڇڏيندو هو. هڪ دفعي ته خود ڪوٽ مٿان اڇلائي ڇڏيائين. هفتي ۾ ٻه-ٽي دفعا پنهنجي رلهي رسيءَ ۾ ٻڌي، ”نوڪري ڇڏي وڃڻ“ لاءِ تيار ٿي ويهندو هو ۽ اعلان پيو ڪندو هو ته:
”پير شاهه ٻاهر نڪري ته اُن کي ٻه اکر چئي، ساريءَ ڀونگيءَ کي باهه ڏيو وڃان ٿو، ۽ وري بهمڻ ڏانهن جيئري به منهن نه ڪندس“. پر ڏاڏو مرحوم ٻاهر ايندو ته ان سان ڪو به اکر ڪڇي ڪو نه سگهندو. اُن کي ڏسي خودبخود رلهي ڇوڙي ويهي رهندو.
ساري عمر مرحوم جي اها حالت رهي: غصو ايندس ته روانگيءَ لاءِ رلهي تيار ٿيندي، مانيءَ رڌڻ جو وقت آيو ته رلهي ڇوڙي ويهي ماني رڌيندو، ۽ شام کان اڳ ڪاوڙ ختم.
سڄو گهر سندس نازبرداري ڪندو ٿي رهيو. خانداني ملازم هو، سندس حق اهڙا ئي هئا، جهڙا ڪنهن به ٻئي گهر جي ڀاتيءَ جا.
هڪ موقعي تي اسان ۽ پريي جو پاڻ ۾ تڪرار ٿي پيو. مون سندس هَجو ۾ نظم تيار ڪري، شهر جي ڇوڪرن کي سيکاري ڇڏيو. رديف قافيي جو ڪو سوال ڪو نه هو، مقصد مڙيوئي پريي کي چيڙائڻ ۽ تنگ ڪرڻ جو هو. نظم جو مهڙ؛
پريا، اي چريا، اي کريا، اي خوار،
خبر رک کنگهندڙ خوار ۽ خراب!
ڇوڪرن ۾ ڏاڍو مقبول ٿي ويو. پريو جيڏانهن نڪري، پويان شهر جا ڇوڪرا وڏي آواز ۾ اهو ”شعر“ پڙهندا وڃن، پاڻ ڪاوڙجي پٺيان لٺ ڦيرائينِ. ته سندس زد کان زوريءَ ڀڄيو وڃن. غريب ڏاڍو تنگ ٿيو‍ هڪ دفعي باقاعدي ”ڪرائسس“ (crisis) اچي ويو. هڪ ڇوڪري (حمزي نالي شيخ) کي پئسو خرچي ڏيئي پئي ٽَنگن کي زور ڏياريائين. کيس اڃا ننڊ ئي ڪا نه آئي هئي ته ڇوڪري جي زبان تي بي اختيار نظم اچي ويو، جيڪو هو جهونگارڻ لڳو:
پريا، اي چريا، اي کريا، اي خوار!
بس، پوءِ ته پريو بنهه باهه ٿي ويو. لت هڻي ڇوڪري کي کٽ تان هيٺ ڪيرائي ڦٽو ڪيائين. ڇوڪرو ڦٿڙي اڃا مس اُٿيو ته پاڻ لٺ کڻي اچي پٺيان پيس. ڇوڪرو اڳ ۾، پريو پٺ ۾! هلندي هلندي، ڇوڪري جي ماءُ، مائي الله جياريءَ جي باري ۾ پڻ ڪافي آزاد خياليءَ کان ڪم وٺندو ويو.
ڪجهه عرصي بعد تڪرار جا سبب رفع ٿي ويا، جنهنڪري اسان نظم ”وٿ ڊرا“ ڪري ورتو، ۽ پريي جون حالتون موٽي درست ٿي ويون!
لباس به عجيب غريب پهريندو هو. سياري ’ساوڻ‘ هيٺتي گرم بريچز، ۽ جسم تي ڪوٽ، مٿي تي پشميني بالڪلاوا قسم جي انگريزي ٽوپي، هٿ ۾ لٺ، کيسي ۾ (دم جي علاج طور) ڌاتوري جي پنن مان ٺاهيل ٻيڙيون، ۽ ماچيس. سياري جي موسم ۾ ڏينهن رات باهه جو مچ ٻاريو ويٺو هوندو هو. صبح جو تِڙڪو نڪرندو هو ته گهڙي پهر سج ڏانهن منهن ڪري ويهي لڱ ڪوسا ڪندو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا