; سنڌي شخصيتون: ايس سرمد - رياضت ٻرڙو

02 August, 2012

ايس سرمد - رياضت ٻرڙو


ايس سرمد
رياضت ٻرڙو
ايس سرمد شاعريءَ جي مختصر وزنن تي، سٺا غزل لکي، پنهنجيءَ شاعريءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. سندس شاعريءَ ۾ هڪ نوجوان فرد جي اُڌمن جي عڪاسي ڀرپوريت سان ڪيل آهي. هن ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون آهن.


ايس سرمد جو ڇٺيءَ نانءُ محمد هاشم ولد حاجي گل محمد سومرو آهي. هُو ۱۵ فيبروري ۱۹۸۲ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي آهي.
ايس سرمد، ان نالي کان اڳ، ’سومري سرمد‘ ۽ ’سراج‘ جي نالن سان پڻ لکيو آهي. هن ۱۹۹۸ع ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. گهر ۾ کيس ادبي ماحول سندس مامي محمد عظيم سومري ۽ سندس ڀاءُ سعيد سومري کان مليو. هُو جُون ۲۰۰۰ع ۾ س.ا.س. قنبر جو ميمبر ٿيو، ۲۰۰۱ع ۾ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي، ۲۰۰۴ع ۾ آڊيٽر، ۲۰۰۵ع ۾ خزانچي، ۲۰۰۶ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري رهيو ۽ ۲۰۰۷ع ۾ سيڪريٽريءَ ٿيو.
سـنـدس رهـائـش سـرڪـيـولر روڊ سان، لوڙهي واري مسجد ڀرسان آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا