محمد علي کوسو
هڪ مور ماڻهو
وفا رضا
اڄ آگسٽ مهيني جي ۳
تاريخ آهي. اها تاريخ جنهن تي منهنجو پرين دوست وڇڙي ويو هو. ۹ ورهيه اڳ، اڄوڪي تاريخ تي، ان دلبر دوست شهادت ماڻي، جنهن کي سڄي
سنگت سر ڪري سڏيندي هئي.
مانَ-واري سائين عبدالحڪيم کوسي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ، محمد علي کوسو
ڪٿي ٿو وسري سگهي. هو جيڪو غريبن جو همدرد هو. وڏ گهراڻي سان سندس تعلق هوندي، مون
ڪڏهن به کيس وڏو ماڻهو باور ڪرائيندي نه ڏٺو.
هو الستي ماڻهو هو. جتي آيو، جنهن سان آيو، ويهي رهندو هو، قرب
ڪچهريون ڪرڻ. سندس ڪچهريون به اهڙيون هونديون هيون جو هڪ ڀيرو به جيڪو ساڻس مليو
هوندو سو اهي ڪچهريون ڪٿي ٿو وساري سگهي. ارڏي طبعيت رکندڙ هن يار کي پنهنجي ۽
پرائي جي پرک هوندي هئي، ڪمزور ماڻهو جو هو ڀرجهلو هو ڪنهن سان زيادتي ٿي ۽ محمد
علي ڏسندو رهي سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هو هڪل سان هڪل ملائڻ وارو قربدار هو،
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان اڄ جيڪڏهن محمد علي حيات هجي ها ته ٽي وي
چئنلس، اخبارن ۽ انٽرنيٽ جي جهان ۾ پنهنجي ٻولي جو ڦهلاءُ ڏسي هو ڪيڏو نه خوش ٿئي
ها،
مطالعو ۽ موسيقي سندس وندر جون شيون هيون، مون کيس پڙهندي يا وري
موسيقي ٻڌندي ڪڏهن به ٿڪجندي نه ڏٺو.
تنهن يار جي وڇوڙي واري تاريخ تي ڪجهه اکر لکڻ جو خيال آيو ته سوچيم،
مٺڙي دوست جون ڪهڙيون يادون لکي ڪهڙيون لکجن،
ڀٽائي جي حاضري واري پنڌن جي ڪٿا کڻجي يا سن جي سائين وٽ ٿيندڙ محفلن
جو ذڪر، درگاهه جمن شاهه جتي تي سائين انور علي شاهه ڪاظمي، فقير ليمون لاهوتي،
نصير لغاري ۽ ٻي فقراءَ سان سندس ٿيندڙ ڪچهريون توڙي ابراهيم شاهه بخاري جي ميڙي ۾
ٿيندڙ ملاکڙن جي منظرن جو احوال اورجي،
محمد علي جو قرب هيو جو آئون توڙي ٻي سنگت جنهن ۾ علي شير بهڻ، ذاڪر
بلوچ، امداد راهي، خادم خاصخيلي، شفيع ٻجورو، يارل ڏيرو، فقير غلام حسين ڏيرو،
انور بهڻ، وحيد جيلاني توڙي دادا علي بخش وجهه ملندي ساڻس روح رچنديون ڪندا
هئاسين، جتي هو سنگت تان گهور ويندو هو،
سندس ئي اوطاق تي هڪ ڀيرو آرڙهه جي شام جو ڪچهري ڪندي سوچيوسين ته
ٽنڊي آدم جو شهر هيڏو وڏو هوندي هتي پڙهڻ لاءِ اهڙو ڪو ماڳ ناهي جتي ماڻهو ڪجهه
گهڙيون ويهي ڪو ڪتاب پڙهي سگهي.
ذوالفقار، آفتاب، اعجاز، ممتاز ۽ معظم جو سڪيلڌو ڀاءُ ۽ محمد بخش عرف
منو کوسو جو ڪزن ان ڏينهن مونکي تمام گهڻو خوش نظر آيو جڏهن اسان سنڌ سماجي ثقافتي
سنگت پاران شاهه لطيف جي پارکو سيد صالح محمد شاهه المعروف فتح خان سان ٽنڊي آدم ۾
سرهي سانجهه رچائي هئي ته هن پنهنجي هٿن سان سائين صالح محمد شاهه کي ماني
کارائيندي چيو هو، ڀلا ڀاڳ اسان جا جو اڄ ههڙي هستي اسان جي اڱڻ تي ڪهي آئي آهي.
اڄ نه اهي ڏينهن رهيا آهن نه ئي وري دل گهريا دوست بس جيڪڏهن رهيون
آهن ته رڳو يادون، ياد ٿو پوي ته هڪ ڀيري آئون پنهنجي هفتيوار موڪل ڪري جڏهن عبرت
آفيس اچڻ لاءِ گهران نڪري محمد علي کان موڪلائڻ سندس آشياني تي پهتس ته مون کيس
ولي محمد خاصخيلي، محمد خاصخيلي ۽ اميد علي ڪلوئي سان ڪچهري ڪندي ڏٺو، ملڻ سان
چيائين سر اڄ دل چئي پئي ته حيدرآباد گڏ هلون، جنهن تي وراڻي ۾ کيس چيم پوءِ ته
وهه واهه. ائين ڪندي فقير الياس به اچي پهتو، سنگت سان هٿ ملائيندي فقير چيو چانهه
چئي آيو آهيان، اها پي پوءِ حيدرآباد پنڌ پئجو.
جنهن تي محمد علي کيس چيو فقير تياري ڪر، اڄ پاڻ به هلي ٿا حيدرآباد
جي هوائن ۾ سنگت جي حاضري ڀري اچون ۽ پوءِ محمد علي، فقير الياس ٻرڙو ۽ آئون، لطيف
گيٽ وٽان وين ۾ سوار ٿي حيدرآباد پهتاسين، آئون سڌو عبرت آفيس آيس، باقي محمد علي
۽ الياس فقير ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جي ان فليٽ ڏانهن ويا جتي محمد علي جا ننڍا
ڀائر ممتاز کوسو ۽ معظم کوسو پڙهائي دوران رهندا هئا، مون محمد علي جي اچڻ جو لالا
رحمان سمون ۽ جئه پرڪاش موراڻي سان ذڪر ڪيو، جن چيو ته اڄ رات محمد علي سان ڪچهري
ڪبي ۽ پوءِ ۱۰ وڳي ڌاري محمد علي عبرت آفيس پڳو، جيڪو ۱۲ تائين اخباري دنيا جي ڪرت ڏسي خوش ٿيندو رهيو، جتان پوءِ اسان گڏجي
ان فليٽ تي پڳاسين جتي الياس فقير اوسيئڙي ۾ هيو، رات جو دير تائين ٿيل ان ڪچهري
دوران الياس فقير مٺڙي آواز ۾ شاهه لطيف، سچل سائين، احمد شاهه لڪياري، پير اعجاز
۽ ٻين جي شاعري ڳائيندي ”توڙي لک ڏيو بيان، هي دل ڪا نه ڦرندي ڪا نه“ چئي محفل جي
پڄاڻي ڪئي هئي.
پر اها ته ان رات واري محفل جي پڄاڻي هئي، ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي يار
سدائين لاءِ ميلو متل ڇڏي سنگت کي وڇوڙي جي رڻ ۾ رولي وڃي آرامي ٿيندو، سندس ڪٽنب
۽ دوستن همٿ ڪري هن مور ماڻهو جي ياد ۾ هڪ لائبريري قائم ڪئي آهي، جتي علم جو ڏيئو
روشن رهي ٿو، دعا آهي ته علم جي اها لاٽ سدائين ٻرندي رهي.
No comments:
راءِ ڏيندا