; سنڌي شخصيتون: حسن علي هڪڙو - رياضت ٻرڙو

03 August, 2012

حسن علي هڪڙو - رياضت ٻرڙو


حسن علي هڪڙو
محبتي ۽ مٺڙو ماڻهو
رياضت ٻرڙو
چاچو حَسن علي هڪڙو (کيس اسان سڀ دوست سندس بزرگيءَ، محبتَ ۽ پنهنجائپ جي ڪري ’چاچا‘ ڪري مخاطب ٿيندا هئاسون) پنهنجي مخصوص انداز ۽ لب ۽ لهجي وارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار هو. سندس شاعريءَ ۾ پيار ۽ پريت جو رنگ ڇانيل هو ۽ ڪهاڻين ۾ پڻ هن محبت جو پرچار ڪندي روماني مسئلن ۽ سماجي ابترين تي لکيو. سندس ڪهاڻيون مختصر به آهن ته ڪجھ قدر طويل به، جن ۾ ڪردار نگاري ۽ گفتگو نمايان آهي. شاعريءَ جي صنفن ۾ هن گھڻي ڀاڱي غزل ۽ گيت لکيا.


حسن علي هڪڙو ولد عبدالستار هڪڙو تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ بَٺي هڪڙا ۾، پهرين مارچ ۱۹۴۵ع تي، ناناڻن ۾، پيدا ٿيو، پر ساڻس پهريون الميو اهو ٿيو، جو سندس ڄمڻ کان هفتو کن اڳ سندس والد صاحب وفات ڪري ويو، جنهن جو ارمان کيس سڄي حياتي رهيو. هُو پيءُ جي پيار کان ته محروم رهيو، پر سندس امڙ کيس پنهنجيءَ ممتا سميت پيءُ جو پيار به ڏنو. چاچي حسن علي هڪڙي جو ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين زندگيءَ جو سفر ڪشمڪش ۽ جدوجهد ۾ گذريو، جنهن ۾ هن تعليم پرائڻ سميت غربت سان پڻ منهن ڏنو. هن پرائمري تعليم ۱۹۵۶ع ۾ ڳوٺ بَٺي هڪڙي مان، مئٽرڪ ۱۹۶۲ع ۾ گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول قنبر مان، انٽر پرائيويٽ ۱۹۶۸ع ۾ شاهه لطيف ڪاليج قنبر مان ۽ بِي اي پرائيويٽ ۱۹۷۰ع ۾ ساڳئي ڪاليج ذريعي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪئي.
حسن علي هڪڙي نوڪريءَ جي شروعات ۱۹۶۲ع ۾، ميونسپل ڪاميٽي قنبر ۾ بطور سيڪريٽري ڪئي. هُو شهدادڪوٽ، ميرو خان، وارهه، ڏوڪري، ڳيريلي، ميهڙ، راڌڻ، ڀان سعيد آباد، خان پور مهر، ٺيڙهي، پير ڳوٺ، سيٺارجا، مدئجي، ڪنب، ڊگھڙي، نئون ڪوٽ، سجاول، ميرپور بٺوري، ميرپور ساڪري، گھاري ۽ نظر پور جي يونين ڪائونسلن جي سيڪريٽري طور، ٽائون ڪاميٽين جي سيڪريٽري، ٽائون آفيسر ۽ ايڊمنسٽريٽر طور، ۽ ميونسپل ڪاميٽين جي چيف آفيسر طور پنهنجا فرض نڀائيندي، پهرين اپريل ۲۰۰۲ع تي ايڊمنسٽريٽر ڪُنري، ضلعي ميرپور خاص، جي عهدي تان، بيماريءَ سبب اڳواٽ رٽائرمينٽ ورتي. نوڪريءَ دوران حسن علي هڪڙي لوڪل گورنمينٽ جون ڪيتريون ئي ٽريننگس ۽ ڪورسَ پڻ ڪيا.
حسن علي هڪڙي جي سياسي ويجھڙائي ۷۰-۱۹۶۰ع دوران جماعت اسلامي سان رهي، جنهن بعد سندس تعلق ٻي ڪنهن به سياسي جماعت سان نه رهيو.
حسن علي هڪڙي صاحب باضابطا طور لکڻ جي شروعات ۸۹-۱۹۸۸ع ڌاري ڪهاڻين سان ڪئي، جنهن کان پوءِ هُو شاعري پڻ ڪرڻ لڳو. جڏهن ته ان کان اڳ ۸۱-۱۹۸۰ع ۾، ادب سان وابستگيءَ سبب هُو لطيف ادبي سنگت قنبر جو ميمبر ۽ سيڪريٽري پڻ رهيو. شاعريءَ ۾ سندس رهبري ۽ رهنمائي مشهور شاعر آتش سنڌيءَ ڪئي. حسن علي هڪڙو صاحب ۹۳-۱۹۹۲ع دوران سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو ميمبر پڻ ٿيو. ان عرصي دوران ئي هن مسلسل ڪهاڻيون لکيون ۽ سنگت قنبر جي ادبي تنقيدي گڏجاڻين ۾ پيش ڪيون. هُن تنقيد کان ڪڏهن به نه گھٻرايو ۽ پاڻ کي بهتر بڻائڻ جو سلسلو برقرار رکيو، البت هُو پاڻ کي اردو ٻوليءَ جي اثر کان آجو ڪري نه سگھيو، جيڪو سندس شاعريءَ تي وڌيڪ ڇانيل رهيو. هن پنهنجين تخليقن کي ڇپرائڻ ۾ ڪڏهن به دلچسپي نه ورتي، جنهن سبب سندس شاعري ۽ ڪهاڻيون عام پڙهندڙن کان اوجھل رهيون. چاچي حسن علي جِي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر سان پڻ ويجھڙائي رهي، جنهن جو مُک سبب نامور اديب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سان سندس محبتَ ۽ وڏو پٽ عبدالستار هڪڙو آهي، جيڪو پڻ هڪ سڄاڻ فرد ۽ اڪيڊميءَ جو باني اڳواڻ آهي.
سٻاجھي ۽ شفقت ڀرِي طبيعت واري هن محبتي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار حسن علي هڪڙي کي گذريل ڪجھ وقت کان ڪينسر سبب ڏاڍي گھڻي تڪليف رهي. هُن بيماريءَ جي اذيتن کي وڏي همٿ سان برداشت ڪيو. سال ۲۰۰۱ع ۾، ڪراچيءَ ۾، سندس آپريشن ڪري، ڪينسر جي ڳوڙهي، کاڌي جي نليءَ مان، معدي وٽان، ڪوري ڪڍِي وئي، پر بيماريءَ عارضي طور مهلت ڏئي ٻيهر شدت اختيار ڪئي، جنهنڪري سندس وفات ۳۰ ڊسمبر ۲۰۰۴ع تي، ڪراچيءَ ۾، واقع ٿي. کيس قنبر جي علي خان محلي جي قبرستان ۾ ابدي جڳهه ڏني وئي.
سندس زندگي شاهه لطيف جي هن امر بيت مثل هئي:
جان جان هئي جيئرِي، ورچي نه ويٺي،
وڃِي ڀُونءِ پيٺِي، سِڪندي کي سڄڻين.



No comments:

راءِ ڏيندا