; سنڌي شخصيتون: وڪيل علي انور گوپانگ - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

وڪيل علي انور گوپانگ - رياضت ٻرڙو


وڪيل علي انور گوپانگ
رياضت ٻرڙو
علي انور قنبر شهر جو نامور استاد، وڪيل، مشهور سماجي شخصيت ۽ ڀلوڙ شاعر هو. علي انور ولد محمد خان گوپانگ ۱۲ فيبروري ۱۹۳۵ع تي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هُو ۵۷-۱۹۵۶ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر ۾ استاد مقرر ٿيو، جنهن ۾ هن پنهنجو نالو هڪ هوشيار ۽ محنتي استاد طور پيدا ڪيو. هن شاعريءَ جي شروعات ۵۹-۱۹۵۸ع ڌاري ڪئي جيڪا ۷۵-۱۹۷۴ع تائين ڪندو رهيو، پوءِ شاعريءَ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو سندس پونيرن وٽ محفوظ آهي. ۶۱-۱۹۶۰ع ڌاري هن گوپانگ برادريءَ کي متحد ڪرڻ جي ڪوششن جي شروعات ڪئي، جنهن لاءِ هن گوپانگ برادريءَ جي هڪ انجمن به قائم ڪرائي، جنهن ۾ برادريءَ جا فيصلا وغيره ڪيا ويندا هئا. هن جو سماجي ڀلائي جي تنظيم ”سٽيزن (ويلفيئر) ڪاميٽيءَ“ ۾ به سرگرم ڪردار رهيو. هُو ميونسپل ڪاميٽي قنبر جو ٻه اڍائي سال چيئرمئن به رهيو، جنهن دوران هن شهر جي صفائي سٿرائيءَ ۽ ماڻهن جي مسئلن جو خيال رکيو. سندس وڪالت جو عرصو ۸۹-۱۹۸۰ع جو آهي، جنهن دوران هن وڪيل طور سڃاڻپ پيدا ڪري ورتي. ۱۹۸۳ع ۾ سياسي سرگرمين سبب کيس ايم آر ڊِي هلچل دوران گرفتار ڪري سينٽرل جيل سکر ۾ رکيو ويو. علي انور گوپانگ جي وفات ۱۰ فيبروري ۱۹۹۴ع تي ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا