; سنڌي شخصيتون: والي ولايت راءِ - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

والي ولايت راءِ - رياضت ٻرڙو


والي ولايت راءِ
رياضت ٻرڙو
هيءُ مشهور مذهبي اڳواڻ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن قنبر ۾ درٻار صاحب قائم ڪري، ان کي اوج ڏياريو ۽ قنبر درٻار سنڌ ۽ هند ۾ مشهور ٿي. ولايت راءِ ولد پرتاب راءِ کتري ۱۸۲۵ع ۾ هالا پراڻا ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا عامل هندو سڏبا هئا ۽ ميرن جا ڪاردار ۽ منشي هئا. ولايت راءِ قاضي خاندان کان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ۽ سنڌي، فارسي ۽ عربي پڙهيو. ولايت راءِ به ۱۸۴۲ع ڌاري ۱۷ ورهين جي ڄمار ۾ ميرن جو ڪاردار ٿيو، پر ۱۸۴۳ع ۾ ميرن جي صاحبي ختم ۽ انگريزن جي حڪومت شروع ٿي، ته هو تپيدار مقرر ٿيو، جنهن بعد هن سجاول، ميروخان ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪيو، پر سرڪاري خزاني ۾ کوٽ ۽ حساب ڪتاب ۾ ڀولي سبب مٿس ڪيس هليو ۽ کيس ۶ مهينا سزا ملي، جنهن دوران درويشي خيالن سندس ذهن ۾ واسو ڪيو. جيل مان ڇٽڻ کان پوءِ سندس رهاڻيون شڪارپور ۾ سوامي شنڪر ڀارتيءَ ۽ لاڙڪاڻي ۾ مشهور وڪيل چانڊو مَل سان ٿيون. پوءِ هن برهمڻن جي صحبت ۾ رهي گھڻو ڪجھ پِرايو، جنهنڪري سندس پڻ ڪيترائي شش ٿيا. هُو هر سال روهڙي، جھوڪ ۽ سيوهڻ جي صوفين سان ملڻ ويندو رهندو هو. هُو قنبر ۾ ۱۸۸۵ع ۾ آيو، جتي هن قنبر درٻار جو بنياد رکيو ۽ شاعري ڪرڻ به شروع ڪئي، جيڪا سنڌي، اردو ۽ سرئڪي ٻولين ۾ آهي، جنهن ۾ عارفاڻو ۽ صوفياڻو ڪلام آهي. هن جي وفات قنبر ۾ جيوت سنگھ جي گھر ۾ ۱۵ جنوري ۱۸۸۷ع تي ٿي. سندس سماڌي قنبر درٻار ۾ آهي.

1 comment:

  1. ادا هي احوال اوهان کي ڪنهن ڏنو آهي يا اوهان ڪٿان کنيو آهي؟ مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا ته جيئن اسان هن درويش بابت وڌيڪ تحقيق ڪري سگهون....
    عرضدار: آڪاش ڪمار ساڪن هالا پراڻا

    ReplyDelete