; سنڌي شخصيتون: علي گوهر ميراڻي - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

علي گوهر ميراڻي - رياضت ٻرڙو


علي گوهر ميراڻي
رياضت ٻرڙو
هيءُ قنبر تعلقي جو مشهور سگھڙ آهي. وٽس سگھڙن جو ميلو متل رهندو آهي. علي گوهر ولد فقير بخشل ميراڻي ۲۳ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تي علي خان محلي، قنبر ۾ پيدا ٿيو.  سندس نانو فقير غلام حسين ملاح ڏور ۽ ڳجھارت جو لوڪ شاعر هو. علي گوهر ميراڻيءَ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. هُو ۱۹۶۳ع کان ۱۹۸۰ع تائين سرڪاري ملازمت ۾ رهيو، جنهن کان پوءِ ۱۹۸۴ع تائين خانگي ملازمت ڪري، ۱۹۸۴ع کان عريضي نويسي ڪري رهيو آهي. علي گوهر کي لوڪ ادب سان گھڻو لڳاءُ آهي، جنهن سان ۱۹۶۳ع کان وٺي لاڳاپيل آهي. لوڪ ادب جي مڙني صنفن سان آشنائي رکي ٿو. هُو سگھڙ جماعت تعلقي قنبر جو صدر رهي چڪو آهي. سندس رهائش مستوئي ڦاٽڪ ڀرسان آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا