; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار راشدي - رضوان گل

17 August, 2012

ذوالفقار راشدي - رضوان گل


ذوالفقار راشدي
ناميارو شاعر، نثر نگار ۽ نقاد
رضوان گل
سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر ۽ محقق ذوالفقار راشدي ۱۰ مارچ ۱۹۳۸ع تي نئين ديري ڀرسان پير ڳوٺ ۾ ڄايو. هن ۱۹۴۸ کان شاعري جي ابتدا ڪئي. سندس صحافتي خدمتون پڻ قابلِ ذڪر آهن. پاڻ ۱۹۵۳ ڌاري لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”هاري“ رسالي جو ايڊيٽر رهيو، جنهن بعد ۱۹۶۰ ۾ لاڙڪاڻي مان ئي پنهنجو هفتيوار رسالو ”مذهبِ انسانيت“ جاري ڪيائين ۽ ڪاميابيءَ سان هلايائين.


ذوالفقار راشدي ملنسار ۽ کل مک انسان هو. سندس مَنُ چشمي جي شفاف پاڻيءَ جيان اُجرو هو. کيس ادبي بحث مباحثا ڪرڻ ۾ خاصي دلچسپي هئي. پنهنجي مؤقف لاءِ وٽس پختا دليل هوندا هئا، پر هو ڪنهن به ريت ڪنهن خول ۾ بند نه هو، جو ٻين جا دليل مڃڻ لاءِ به هو کليل دل جو مظاهرو ڪندو هو. راشدي خط و ڪتابت ذريعي ڪيترن ئي ليکڪن سان رابطي ۾ رهندو هو. سندس لِکَپڙهه پاڪستان کان ٻاهر هندوستان جي اديبن سان پڻ رهندي هئي. پاڻ نه رڳو ادبي خط و ڪتابت جي حوالي سان متحرڪ هيو، پر ادبي پروگرامن ۾ شرڪت کان علاوه ادبي پروگرام منعقد ڪرائڻ ۾ به هميشه اڳ ڀرو رهيو. ڪجهه پروگرام پنهنجي ڳوٺ ۾ به ڪرايائين جن ۾ مشاعرا، رهاڻيون ۽ ادبي ڪچهريون وغيره شامل آهن.
ذوالفقار راشدي جو مطالعو سنڌي ادب تائين محدود نه هيو پر هو فارسي، عربي ۽ انگريزي ادب جو مطالعو پڻ ڪندو رهيو، جنهن جا حوالا هُو پنهنجي گفتگوءَ ۾ اڪثر ڏيندو رهندو هو. اردو ۽ فارسي شاعريءَ جا شعر کيس ڏاڍا ياد هوندا هئا. سندس شخصيت سادي سودي، لباس اڪثر اڇي رنگ جو، سنڌي ٽوپي، هٿ ۾ رومال، ۽ آواز ماٺيڻو. پاڻ ڪچهرين جو پڻ وڏو شوقين هو. سندس ڪتاب ”سوچ کي لوچ“ ۱۹۸۲ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کان علاوه تنقيدي ڪتاب ”ڪسوٽي“ پڻ ڇپيو، جنهن جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته هن ڪتاب ۾ مون تنقيد کي نئون ڍنگ ڏنو آهي.
هر شاعر وٽ پنهنجي الڳ سڃاڻپ جو ڪو نه ڪو انداز ضرور هوندو آهي ۽ راشدي جي شاعريءَ جو خاص گُڻ ٺيٺ ٻهراڙڪي ٻولي ۽ تشبيهن جو ڀرپور استعمال آهي. هن عام ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۾ شعر لکي پنهنجي هڪ خاص سڃاڻپ ٺاهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪافي شاعري سندس هم عصر دوستن کي ياد رهندي هئي. سندس هڪ شعر نموني طور ڏسو:
مون کي ڪنهن جي مُرڪ سودائي ڪيو
چنڊ جي چانڊاڻ تي بهتان هو

شاعري ڪرڻ ڪو ايڏو سولو ڪم به نه آهي. اها ڏات به ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿئي ٿي. هر شاعر جي مَن ۾ احساسن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ هوندو آهي، جنهن کي سانتيڪو ڪرڻ لاءِ هو انهن احساسن جي اپٽار لفظن جي صورت ۾ ڪندو آهي. جيئن راشدي صاحب سماجي ناسورن کي ڏسي پنهنجي اڌمن جو اظهار هنن سٽن ۾ ڪيو آهي:
ٽِه پَهريءَ جي محل چون ٿا،
ڀرئي ترئي ڪنهن گهر کي گھيري.
ڏاڍو ماڻهو هڻندو آهي،
آسودن ماڻهن کي ڌاڙو.

شاعر وٽ داخليت ۽ خارجيت جا مليل جليل احساس جنم وٺن ٿا، جن کي هو خوبصورت لفظن جون مالهائون پارائي سهڻو شعر تخليق ڪري ٿو. اهڙا موهيندڙ عڪس ذوالفقار راشدي جي شاعري ۾ پڻ موجود آهن. سندس شاعري ۾ مختلف رنگ آهن انهيءَ حوالي سان هي سٽون ڏسو:

ڪائي وانگر ٽُٽي ڇڻي پيا، رنگ به رنگي سارا سپنا،
ڪير اسان کي موٽائي ڏي، اهڙا نازڪ پيارا سپنا.
رات نه ڳايم راڻو،ڀانيان بينَ ڀڄي پئي، هنيانءُ ڇڏي پيو،
هاءِ لُٽي ويو ڪوئي ارڏو، منهنجا راتين وارا سپنا.

نامياري شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيالَ ذوالفقار راشدي تي لکيل مضمون ”ذوالفقار علي شاهه راشدي لِبرل شخص مٺو ماڻهو“ (ماهوار نئين زندگي جنوري ۱۹۸۷) ۾ راشدي صاحب تي راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: ”ذوالفقار راشدي ظاهري طور صوفي ازم کان گهڻو متاثر هيو ۽ هن پنهنجي شاعري ۾ عشق جي حوالي سان ان جو ٿورو عڪس ڏنو آهي سندس چواڻي ته (جيڪو عشق جو انڪاري آهي، سو يا ته ڪوڙو آهي يا شاعر ئي ڪونهي مون کي هر عاشق سان عشق آهي ڇو ته عاشق قربانيون ڏيندا ۽ مخلص ٿيندا آهن “.
ذوالفقار راشدي وٽ مايوسين بدران اميدن جا روشن ڏيئا آهن. هن وٽ مستقبل لاءِ خوبصورت خواب آهن. انهيءَ حوالي سان سندس هي سٽون ڏسو:

نيٺ ته ڦٽنديون باکون، راتيون ڄاڻ ويون،
ٿي نه ڪڏهن پرڀات، ڀلا ائين ممڪن آ.
ڪو يزدان او رام، بتن جي پردي ۾،
تنهنجي آ خود ذات، ڀلا ائين ممڪن آ.

ذوالفقار راشدي ۲۷ آگسٽ ۱۹۸۶ تي بيماريءَ سان جنگ جوٽيندي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو، پر سنڌي ادب ۾ سندس لکڻيون سندس موجودگيءَ جو اڄ به احساس ڏيارينديون رهن ٿيون.

No comments:

راءِ ڏيندا