; سنڌي شخصيتون: رشيد چارڻ، وزير فرهاد سولنگي،
Showing posts with label رشيد چارڻ، وزير فرهاد سولنگي،. Show all posts
Showing posts with label رشيد چارڻ، وزير فرهاد سولنگي،. Show all posts

13 August, 2019

رشيد چارڻ - وزير فرهاد سولنگي


رشيد چارڻ
سنڌي ناٽڪ جو منفرد ڪردار
وزير فرهاد سولنگي
رشيد چارڻ سنڌ جو اهو ذات ڌڻي آهي جنهن سنڌي اسٽيج ٿيٽر ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ڪرائي آهي. سنڌي اسٽيج ناٽڪ جي حوالي سان رشيد چارڻ جو فني خدمتون تمام گهڻو ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن نه صرف اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي آهي پر بحيثيت هي ڊراما رائيٽر، هدايتڪار، صحافي، سماج سڌارڪ سان گڏ فن موسيقيءَ سان به تمام گهڻي دلچسپي رکي ٿو. جڏهن اردو اسٽيج ٿيٽر جو تمام گهڻو عروج هيو. جنهن ۾ معين اختر، لياقت سولجر، خالد عباس ڊار بحيثيت ون مين شو ڪندا هئا. تڏهن سنڌي اسٽيج ناٽڪ ۾ ون مين شو ڪجهه مسخرن کانسواءِ باقي اونده هئي. سنڌي اسٽيج ناٽڪ ۾ مزاح وارو شعبو اڳ ۾ روايتي مسخرن حوالي هوندو هيو. جنهن ۾ محمد مسخرو، خانصاحب بيگو کوسو، نٿو ڪهيري ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا نالا آهن جن سنڌي مزاح کي هڪ روايتي انداز ۾ پيش ڪيو. جيڪي شادين مرادين، ميلن ملاکڙن ۽ ڪاڄن ۾ وڃي ماڻهن کي مرڪون ڏيندا هئا. پر ان قسم جي مزاج جو معيار سنڌ جي باشعور طبقي جي دل وندرائي نه سگهندو هو. اهڙي دور ۾  رشيد چارڻ هڪ برجستو فنڪار ٿي سامهون آيو ۽ سنڌي اسٽيج تي ون مين شو جي حوالي سان هن بنيادي ڪم ڪيو ۽ کيس پوري سنڌ ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي جڏهن ته رشيد چارڻ کي خدا تعاليٰ بي پناهه فنڪارانه صلاحيتن سان مالا مال ڪيو آهي. جنهن جي بنياد تي سنڌ جو هي البيلو اداڪار اڄ به سنڌي ڊرامي جي ڏسندڙ شوقين جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي. اڄ به هو سنڌ جي باشعور ۽ علم دوست طبقي ۾ وڌيڪ پسند ڪيو وڃي ٿو. رشيد چارڻ سنڌي فلمن ۽ ڪيترن ئي ٽي وي چينلن تي پنهنجي فن کي نروار ڪيو آهي. هن نه رڳو ون مين شو ڪيا آهن پر ساڳئي وقت ڪيترن ئي ٽي وي سيرلين ۾ ڪم ڪري پنهنجي اداڪاريءَ سان هن ڏسندڙن کي دلين جي دلين ۾ گهر ڪيو آهي. هن ڪيترن ئي لائيو پروگرامن ۾ ڪم ڪري پنهنجي ڏسندڙن کي سٺي تفريح ڏني آهي.