; سنڌي شخصيتون: محمد علي سانگي، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ٺل، ھالا،
Showing posts with label محمد علي سانگي، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ٺل، ھالا،. Show all posts
Showing posts with label محمد علي سانگي، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ٺل، ھالا،. Show all posts

13 August, 2019

محمد علي سانگي


محمد علي سانگي
(مختصر تعارف- فرسٽ فارم منجھ خود نوشت)
مان تعلقه لاڙڪاڻه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سڄڻ سانگيءَ ۾ ڄائو هيس.
ڄمڻ جي تاريخ، اسڪول جي رجسٽر مطابق ۱۹۲۹-۰۴-۰۴ آهي. مون کان اڳ ۾ والد صاحب کي ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي. پٽ ننڍڙي هوندي ئي، هڪ ٻئي پٺيان، لاڏاڻو ڪري ويا ھيس ۽ باقي وڃي هڪ نياڻي بچيس. پٽ جي اولاد لاءِ، الله تعاليٰ کان سوال ڪيا ويا ۽ باسون باسيون ويون. منهنجي ڄمڻ تي دلي خوشي محسوس ڪئي وئي ۽ الله تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندا ويا.
منهنجو نالو محمد علي رکيو ويو. پر عام طرح مٽ مائٽ راحب سڏڻ لڳا.
منهنجو ٻالڪپڻو به ٻهراڙيءَ جي ٻين عام ٻارن وانگر گذرندو رهيو. جڏهن مان اسڪول وڃڻ واريءَ عمر کي پهتس ته مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. چار درجا پرائمريءَ جا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهي، وڌيڪ سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪنگا ڳوٺ ۾ ويس. اتي مسٽر باشومل هيڊ ماسٽر هو. ھو چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين ڪلاس جي ڇوڪرن کي پڙهائيندو هو. هو ڏاڍو هوشيار ۽ محنتي استاد هو.