; سنڌي شخصيتون: غلام محمد شاهواڻي، نقاد، محقق، ماهر تعليم، طارق عزيز شيخ،
Showing posts with label غلام محمد شاهواڻي، نقاد، محقق، ماهر تعليم، طارق عزيز شيخ،. Show all posts
Showing posts with label غلام محمد شاهواڻي، نقاد، محقق، ماهر تعليم، طارق عزيز شيخ،. Show all posts

24 July, 2013

غلام محمد شاهواڻي - طارق عزيز شيخ

غلام محمد شاهواڻي

نثر نويس، نقاد، محقق ۽ ماهر تعليم

طارق عزيز شيخ



سنڌ جو ناميارو عالم، شاهه جو پارکو ۽ تعليمي ماهر غلام محمد شاهواڻي حيدرآباد جي قديم علائقي ڪورين جي پڙ ۾ شاهواڻيءَ گهٽي ۾ ۱۹۱۲ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو حڪيم محمد ابراهيم شاهواڻي هو. حڪيم صاحب انگريزن جي دور ۾ حيدرآباد جي ميونسپل جو صدر رهيو ۽ شهر جي خدمت ڪيائين. هو حڪمت کان علاوه سماجي اڳواڻ، عالم ۽ سياسي ماڻهو هو. سندس وڏا اگهم ڪوٽ کان حيدرآباد لڏي اچي رهيا هئا. حيدرآباد جي جنهن پاڙي ۾ هن جو خاندان آباد اچي ٿيو ان کي شاهواڻي گهٽي طور سڃاتو وڃي ٿو.

حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول، ڪراچي جي سنڌ مدرست الاسلام ۽ بمبئي يونيورسٽي مان پڙهي ايم اي جي ڊگري حاصل ڪري، تعليم اوري شعبي سان وابسته ٿيو. سنڌ جي تڏهوڪي گورنر سر غلام حسين هدايت الله جيڪو سندس ويجهو دوست پڻ هو. حڪومتي اعليٰ عهدن جي آڇ ڪيائين پر غلام محمد شاهواڻي انڪار ڪيو. هو عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي ايترو عبور رکندو هو جو انهن ٻولين ۾ درستگيون به ڪندو هو.