; سنڌي شخصيتون: مخدوم احمد يار خان مهر - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

06 August, 2011

مخدوم احمد يار خان مهر - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم احمد يار خان مهر [ 1841ع – 1922ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مشهور موجد، محدث، فقيه نقشبندي، صوفي متوڪل بزرگ ۽ علم قرات جو ماهر، مخدوم احمد يار خان ولد عبدالغفار خان مهر، تعلقي گهوٽڪي (سکر) جي ڳوٺ خانڳڙهه شريف جو ويٺل هو. سندس ولادت 13 شوال 1257هه مطابق 3 مارچ 1841ع تي ٿي هئي. سندس والد نهايت مسڪين ۽ سپتيو انسان هو. سندس جد- امجد جو عربي نسل سان تعلق رهيو آهي.
 
ابتدا ۾ ديني تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان حاصل ڪري، باقي تعليم لاءِ ”مدرسه صديقيه شهدادڪوٽ“ مان تاج العلماءُ ميان غلام صديق ميڪڻ رح (1842ع – 1905ع) وٽان فارغ التحصيل ٿي، دستار- فضيلت ٻڌائين. ٽيهن ورهين جي عمر ۾ والد وڇوڙو ڏنس. پورا پنج ورهيه سندس ڏک ۾ رهي، ڀرچنڊي واري بزرگ، حافظ محمد صديق سميجهو رح جن وٽان روحاني فيض حاصل ڪيائين. پوءِ ته سندس عقيدتمند بڻجي، ڀرچنڊي شريف ۾ رهڻ لڳو. سندس همعصر دوست، روح- روان ۽ هم سبق عالم ۽ درويش: مولانا سيد تاج محمود امروٽي رح، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مير علي نواز علوي هئا جن سان سندس روح رهاڻيون ٿينديون رهيون. خاص ڪري گرمين جا ڏينهن شڪارپور ۾ مير صاحب وٽ وڃي رهندو هو. هن سلسلي ۾ سندس دوستيءَ و پيچ، مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح (1844ع – 1918ع) سان به ڪافي پيچدا ۽ عقيدتمند نه رهيو؛ جنهن ڪري سندس روحاني شعل ۾ خاصل اضافو ٿيو.
جوانيءَ ۾ سندس مرشد ۽ مربي، حافظ محمد صديق سميجي، ڀرچنڊي شريف مان پنهنجي مريد، امير حسن ميمڻ جي نياڻي، رحيمان خاتونءَ سان نڪاح ڪرايو هوس؛ جنهن ۾ نڪاح جي رسم به پاڻ ئي ادا ڪئي هئائين. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته مخدوم صاحب کي ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ڄائي هئي، جيڪي سندس ئي حياتيءَ ۾ خدا پاڪ واپس گهرائي ورتا. پوءِ ته پاڻ کي اڪيلو ڄاڻي، حافظ صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي مستن جيان ويڳاڻو ٿي پيو. آخر ڀرچنڊي ڇڏي، سير ۽ سفر لاءِ نڪري پيو. پهريائين پنهنجي هم رفيق مولانا اَمروٽي رح وٽ ويو، مگر اُتي به کيس راحت نه رسي؛ جنهن ڪري اجمير کان وڃي نڪتو، جتي خواجه معين الدين چشتي رح (1142ع – 1235ع) جي درگاهه جو وڃي مجاور بڻيو. زندگيءَ جا ٽيٽيهه ورهيه خواجه صاحب جي درگاه جا مٽ ڀريندو رهيو. آخر ”مجذوبيت جي منزل“ تي رسي، واپس ڀرچنڊيءَ پهتو.  
مخدوم صاحب نهايت نيڪ نفس، خاموش طبيعت، مخلص، وفادار، مهمان نواز، آزاد خيال، زنده دل ۽ محب- وطن انسان هو. ڪڏهن به ڪنهن کي ايذاءُ نه رسايائين. هميشہ پنهنجن عزيزن خواه عقيدتمندن سان سٺو برتاءُ پسند هوس. سندس صلئه رحميءَ جي ڳالهه ڪندي چون ٿا، ته هڪ دفعي ڳوٺان (خانڳڙهه مان) قاصد آيس، ته ”توهان جي کوه واري زمين تي، توهان جي سوٽن قبضو ڪيو آهي – توهان جيڪر هلو، ته هلي کانئن زمين واپس وٺون!“ جنهن تي جواب ۾ کيس چيائين، ته ”ابا! هو به غريب آهن، کين مون کان وڌيڪ ضرورت هوندي – تڏهن ئي ته ائين ڪيو اٿن. آءٌ چئن جريبن زمين لاءِ پنهنجي عزيزن (سوٽن) سان ويٺو ڦٽايان – زمين اتي ئي پئي هوندي، بس دعا ڪريو، ته ڪا اڳتي ڪشادي زمين نصيب ٿئي!!“
مخدوم صاحب، شريعت جو پابند، وڏو فياض ۽ قادرالڪلام شاعر به هو. مرشد سان والهانه محبت هيس. اهوئي سبب هو جو سندس ساراه ۾ ڪيترو ڪلام چيو اٿس. ازاسواءِ مداحون، مناجاتيون ۽ مولود به چيل ملن ٿا، جن ۾ فني لحاظ کان صنعت تجنيس حرفي ۽ اندروني قافيي جو ڪثرت سان استعمال نظر اچي ٿو. سنڌي سٻاجهڙا سندس ڪلام کي درد ۽ سوز وچان آلاپين ٿا. سندس هڪ ”سه حرفي“ (ٽيهه اکري) مداح سنڌي زبان ۾ چيل ملي آهي. جنهن مان نمونو هيٺ ڏجي ٿو:-
الف – اول ڀي تون، آخر ڀي تون – باطن ڀي تون، ظاهر ڀي تون،
بيشڪ تون آن بيرنگ بيچون – خاوند خالق ارض سماءِ،
لاالله الاالله
سندس وفات حصرت آيات غالباً 81 ورهين جي ڄمار ۾، 11 ذوالحج 1341هه مطابق 29 مئي 1923ع تي ڀرچنڊي شريف ۾ ٿي. سندس دلي منشا موجب کيس مرشد جي پيراندي نصيب ٿي.
(1) – ڳوٺ ”ڀرچنڊي شريف“، سکر ضلعي ۾ اوڀارين طرف، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ واقع آهي.
(2) – زباني روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مخدوم صاحب هڪ ڀيرو لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ ”سونو جتوئيءَ“ ۾، عمدت العلماءُ ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح (1833ع – 1953ع) جن وٽ به آيو هو.
(1) – اُن وقت سندس عمر 73 ورهين جي لڳ ڀڳ هئي؛ ۽ سندس مرشد حافظ محمد صديق سميجو رح (1827ع – 1890ع) وفات ڪري چڪو هو.
(1) – والد بزرگوار، حاجي رحيم بخش ولد ملا مينهون ميمڻ (عمر 70 ورهيه) جن جي زباني آهي، ته ”مخدوم احمد يار خان مهر، قد جو هلڪو، رعبدار اکيون، چمڪندڙ چهرو، سفيد ريش، قديم وضع جو بزرگ ۽ محبت مرد هو. پاڻ پڇاڙيءَ ۾ ”مجذوب“ ٿيو؛ جنهن ڪري بالڪل ٿورو ڳالهائيندو هو. سندس دعا مستجاب هئي، ويٺي ويٺي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي شان ۾ مولود ۽ مداحون چوندو هو. عام و خاص لاءِ سندس اها هدايت هئي، ته ”صالحن جي صحبت، تتل ڏينهن ۾ ٿڌي ڇانور برابر ٿيندي آهي“– مونکي سندس هڪ سه- حرفي بر زبان ياد آهي، جيڪا آءٌ هر روز سومهڻيءَ جي نماز بعد، رات جي آرام کان اڳ پڙهي سمهندو آهيان.“
[مذڪوره سه- حرفي، سنڌي ادبي بورڊ جي ”لوڪ ادب اسڪيم“ (مڪمل چاليهه جلد) ۾ شامل ناهي؛ جنهن کي راقم الحروف (ميمڻ عبدالغفور سنڌي)، مدرسه عربيه مدينته العلوم ڀينڊه شريف (حيدرآباد) طرفان شايع ٿيل ماهوار ”المدينه“ (نمبر 14، رمضان المبارڪ 1399هه) ۾ شايع ڪرايو آهي].

No comments:

راءِ ڏيندا