; سنڌي شخصيتون: محمد بخش ”واصف“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي

06 August, 2011

محمد بخش ”واصف“ ميمڻ عبدالغفور سنڌي


محمد بخش ”واصف“
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
’فخرالشعراءُ‘ محمد بخش ”واصف“ ولد محمد عثمان لوهار، هڪ عمدو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ناناڻن ۾ 18 شعبان 1310هه مطابق 12 جولاءِ 1892ع تي، ضلعي نواب شاه، تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ ”راضي جتوئيءَ“ ۾ ٿي. سندس والد حيدرآباد ۾ ملازم هو؛ جنهن ڪري هن نينگر جي پالنا حيدرآباد ۾ ٿي. اڃا ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ ئي مس هو، ته سندس والد 1911ع ۾ وفات ڪري ويو. پوءِ ته پيءُ پڄاڻان، عيال جو سمورو بوجهه مٿس پئجي ويو؛ جنهن ڪري مجبوراً روزگار جي تلاش ۾، تعليم کي ترڪ ڪرڻو پيس، مگر هن زنده دل انسان انگريزيءَ طرف وڌڻ بجاءِ مشرقي ٻولين ۾ واڌارو آڻيندي، اديب، عالم ۽ فاضل تائين پڙهيو. (1)
ابتدائي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪندي، آخوند خير محمد ميمڻ وٽان قرآن پاڪ ناظران پڙهيائين. علم کان وڌيڪ سندس ذهانت هئي؛ جنهن ڪري عربي، فارسي، سنڌي، هندي، سنسڪرت، اردو ۽ انگريزي زبانن تي ڪافي دسترس حاصل هيس. ازانسواءِ يوناني فلسفي ۽ تصوف جي خاصي معلومات پئي رکيائين. اهڙيءَ طرح ديني علم کان به پوريءَ ريت باخبر هو.

”واصف“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ ڪؤنتل ڪڏايو اٿس. نثر جي فن ۾ به کيس ڪافي مهارت هئي. خاص ڪري نظم جي واٽ ۾ سندس فن اوج تي پهتل هو. اِهوئي سبب هو جو سندس ڪلام ۾ رس رچاءُ ۽ رواني جهجهي انداز ۾ نظر اچي ٿي. پاڻ نه فقط ”غزل“ جو شاعر هو، پر نظم جي سلسلي ۾ به سندس واکاڻ واجب آهي. سندس گهڻو ڪري لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ماهوار رسالي ”اديب سنڌ“ (1941ع کان 1952ع) ۾ شايع ٿيل آهي. ڪلام جي مطالعي مان سندس فن جي لوازمات ۽ فوائد و صوابط ۽ فڪر جي گهرائي پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
سندس جملي تصنيفات ۾: ”اسانجو پيارو رسول“، ”رباعيت“، ”ديوان واصف“، ”اسلامي شريعت“ (ٻه حصا)، ”شرح لطيفي“، ”گلزار چنبيلي“، ”رد“ ۽ ”تناسخ“ ميدان تي پهتل آهن. باقي سندس آخري تصنيفن ۾ ”خزينتہ العلوم“ ۽ ”الاهي انتقام“ اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس پوين وٽ محفوظ آهن. افسوس جو کيس موت مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري 29 ربيع الاخر 1374هه مطابق 16 نومبر 1954ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.
”واصف“ مرحوم جو سنڌي ادب ۾ چڱو ڀاڱو آهي ازانسواءِ سندس شمار اُنهن نقادن ۾ ٿئي ٿو؛ جن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي (1884ع – 1947ع) جي شايع ٿيل شاه جي رسالي (جلد پهرين – 1923ع) تي ڀرپور تنقيد ڪئي آهي.
’واصف‘ مرحوم ”فقہ“ ۽ ”علم المناظر“ جي به ڄاڻ رکندو هو.
(1) – استاد الشعراءُ حافظ محمد ”احسن“ چنه صاحب جن کان معلوم ٿيو آهي، ته ”واصف“ صاحب ورنيڪيولر فائينل، ڊرائينگ جو امتحان ۽ مئٽرڪ به پاس هو. سندس زبان سرائڪي هئي، مگر سنڌي زبان کي زياده ترجيح ڏيندو هو. (والله اعلم باالصواب)

No comments:

راءِ ڏيندا