; سنڌي شخصيتون: محمد حسن ”مسڪين“ سومرو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

06 August, 2011

محمد حسن ”مسڪين“ سومرو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


محمد حسن ”مسڪين“ سومرو [ 1904ع – 1976ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي محمد ڄام بن آخوند محمد دائود سومرو 1323هه مطابق 12 مئي 1904ع تي ضلعي شڪارپور، تعلقي خانپور جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلهوڙو“ ۾ ڄائو هو. سندس مؤرث اعليٰ پنهنجي وقت ۾ اهل الله، ڪامل درويش ۽ صاحب- ڪشف ٿي گذريو آهي، جيڪو پهريائين ”موٽاڻي مهر“ (مهرن جي پنڊي)، تعلقو پنو عاقل (سکر) جو ويٺل هو؛ ۽ 1722ع ۾ درياه جي پائيندڙ سببان هجرت ڪري، حاجي خان ڪلهوري ۾ مراجعت ڪئي هئائين. سندس فرزند مولوي محمد ڄام پنهنجي دؤر جو جيد عالم ۽ خدا رسيدو بزرگ هو؛ ۽ شيخ الهند مولانا محمود الحسن جو شاگرد رشيد هو. (1) اهڙي ئي ڀلي ٻج مان محمد حسن ”مسڪين“ جو سلو سائو ٿيو.

 
محمد حسن شروعاتي تعليم ۾ قرآن پاڪ؛ ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پنهنجي والد بزرگوار وٽان پڙهيو. پوءِ سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اٺن ميلن جي وڇوٽيءَ تي، ڳوٺ ڪرم پور (ضلعو جيڪب آباد) ويندو رهيو. آخر استاد فتح محمد جت (ويٺل کبڙي تعلقو لکي، شڪارپور) وٽان 1920ع ۾ امتيازي حيثيت سان ورنيڪيولر فائينل امتحان پاس ڪري، شڪارپور ٽريننگ ڪاليج ۾ پهريون سال سکيا وٺڻ شروع ڪيائين. پاڻ نهايت ذهين ۽ اورچ انسان هو؛ جنهن ڪري اعزاز سان فتح پاتائين؛ ۽ نوڪري به آسانيءَ سان اتي ئي ملي ويس.
ملازمت دوران محمد حسن نهايت ديانتداريءَ سان وقت گذاريو. هندو خواه مسلمان استادن وٽ سندس وڏو مان هو. اپر سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ رهي، آخر 1924ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول منظور ڪرائي سڪون سان زندگي کي بسر ڪرڻ لڳو – 1946ع ۾ حيدرآباد مان ٻيو سال به پاس ڪيائين. وقت جي عملدارن وٽ سندس وڏي عزت هئي. خاص ڪري فائينل امتحان جو نوي في صد نتيجو اچڻ سببان سندس علمي استعداد ۽ اعليٰ ذهانيت تي داد ڏيندا هئا. زندگي جا 37 سال ملازمت ۾ رهي، 12 مئي 1959ع تي پينشن ورتائين. سندس شاگردن جو تعداد هونئن ته هزارن جي تعداد ۾ چيو وڃي ٿو، مگر اُنهن مان نو سؤ کن اهڙا شاگردن به آهن، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسر- روزگار آهن.
محمد حسن، جيتوڻيڪ هڪ پرائمري استاد هو، پر سندس علمي وسعت، عالمن کان گهٽ نه هئي. شعر و شاعريءَ سان به سندس شغف رهيو آهي؛ جنهن ڪري ”مسڪين“ تخلص سان سندس ڪافي ڪلام چيل هو. افسوس جو اڄ سواءِ نموني ملڻ جي باقي بياض 1942ع واري ليٽ ۾ لڙهي ويو. سندس شاعري عروضي هئي؛ جنهن ۾ نمايان خوبيون هيون. نظم سان گڏ نثر ۾ به نهايت پاڻ چڱو موکيائين. ”فقہ“، احاديث نبوي“، ۽ ”منتخب آيات ڪريمه جو تفسير ۽ شرح“ ڇڏيا اٿس، جيڪي سندس لائق ۽ فائق فرزند، ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ (1) وٽ قلمي صورت ۾ محفوظ آهن. خوش نويس، ۽ انشاءَ برداز به سٺو هو. انهيءَ سلسلي ۾ سندس قلم کي هر ماڻهوءَ جي لياقت ۽ مرتبي مطابق رواني هئي. سندس تحريڪ عالمانه ۽ انداز- بيان فاضلانه هو. زندگيءَ جا 72 سال لهي، 15 شعبان 1396هه مطابق 11 آگسٽ 1976ع تي خداوند ڪريم کيس جوار- رحمت ۾ جاءِ ڏني.
”مسڪين“، جملي ٻه شاديون ڪيون هيون؛ جن مان پهرين جوانيءَ ۾ ئي کانئس جدا ٿي وئي ۽ باقيءَ مان هڪ فرزند ۽ ٽي نياڻيون (جن مان ٻه حافظ - قرآن آهن) سندس ياد تازي ڪندا رهن ٿا. پاڻ هڪ صلح پسند، سنجيده، دانشمند، نڪتردان ۽ سني عقيدو رکندڙ هو. پنهنجي بزرگن ۽ عالمن جي نوراني قنديلن جو روشن چراغ هو. علمي بصيرت، حق گوئي، هر دلعزيزي ۽ محسن طبيعت جو مالڪ پڻ هو. سچ چوڻ ۾ ڪنهن جو به رياءُ نه ڪندو هو. اهل بيت سڳورن جو حبدار ۽ سچو عاشق – رسول هو. قادري طريقي ۾، فقير ميان فتح الدين اندڙ (قبو جامي صاحب، لکي شڪارپور) جو معتقد هو. سهروردي سلسلي ۾ حضرت مخدوم غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني رح جي گادي نشين، مخدوم مريد جسين جي بيعت حاصل هيس. صوم صلوات جو پابند هو. هر روز ٽي هزار ”صلوات تنجينا“ جو وظيفو ڪندو هو. سير و سياحت جي خيال کان حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري رح، خواجه نظام الدين اولياءُ، شاه ولي الله محدث دهلوي ۽ شاه عبدالعزيز رح جي درگاهن تي وڃي دلي مرادون ماڻيائين. سکر ۾ مدفون، شاه خيرالدين جيلاني رح جي زيارت لاءِ گهڻو ويندو هو.
”مسڪين“ جسم جو سنهو، اکيون ڪاريون لعلائيءَ تي مائل، قد ساڍا پنج فوٽ، ٻانهون ڊگهيون، ڏند موتين مثل، رنگ ڳاڙهو، نڪ سنهو، چپ ننڍا ۽ سنها، چاپهين سفيد ڏاڙهي؛ جنهن تي ڪوبه رنگ روغن نه ڪندو هو. ڪپڙا سفيد، سادا ۽ عالمانه نموني جا هوندا هيس؛ جنهن ۾ جوانيءَ کان پيريءَ تائين هڪ ڪرو هو. مٿي تي پٽڪو ۽ پير ۾ ملتاني جتي (گيتلو) هيس.
(1) – سندس همعصرن ۾ مولانا تاج محمود امروٽي رح، مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ مولانا عبدالله سنڌيءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا؛ جن سان سندس وقت بوقت روح رهاڻيون ٿينديون رهيون.
(1) – ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ (ولادت 1354هه= 1934ع)، سنڌي زبان جو بلند پايه صاحب- ديوان شاعر، عربي ۽ فارسيءَ جو ڄائو، سنجيده، کلمک، خوش ذوق، خوش پوش، همدرد، انسان دوست، آزاد خيال، ”حق گو“، يارو ويس ۽ محبت مڙس آهي. ”مان علي نواز علوي شڪارپوري ۽ سندس ڪلام“ جي عنوان تحت ڊي - فل (D.Phil:) سنڌيءَ لاءِ تحقيقي مقالو لکي، اعليٰ سينڌ ورڻي اٿس. سندس لکڻي بهترين آهي. راقم الحروف سان سندس قرب آهي. هن وقت پاڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول خانپور (شڪارپور) ۾ استاد آهي. خداوند کيس خضري عمر عطا ڪري؛

No comments:

راءِ ڏيندا