; سنڌي شخصيتون: محمد صديق ”مسافر“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي

06 August, 2011

محمد صديق ”مسافر“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


محمد صديق ”مسافر“ [ 1879ع – 1961ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي ادب جو يگانو گوهر، محمد صديق ”مسافر“ ولد گلاب خان شيدي، (1) تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي حيدرآباد ۾ 13 شعبان 1297هه مطابق پهرين اپريل 1879ع تي ڄائو هو. سندس وڏا اصل زنجبار (تنزانيه) جا رهاڪو هئا. سندس پيءُ ”غلام“ بڻجي، پهريائين مسقط (عمان) پهتو، جتان داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ کيس ٺٽي (سنڌ) کڻي آئي. ڪجهه وقت اُتي رهي، آخر ٽنڊي باگي ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين؛ ۽ ٻاهتر سالن جي عمر ۾، 12 ڊسمبر 9-18ع تي وفات ڪيائين. وفات کان ٻه مهينا ڏهه ڏينهن اڳ کيس فرزند ڄائو؛ جنهن جو نالو ”محمد صديق“ رکيائين، جيڪو اڳتي هلي سنڌي زبان جو چوٽيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
 
محترم صديق ”مسافر“ ، شروعاتي تعليم ٽنڊي باگي مان ورتي، پوءِ حيدرآباد مان ورنيڪيولر فائينل امتحان پاس ڪري، پهرين جنوري 1920ع کان پرائمري ماستر بڻيو. اورچائيءَ سببان ستت ئي ترقي وٺي، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو. شاعريءَ ۾ ”مسافر“ تخلص سان پهريائين سيد فاضل شاه ”فاضل“ (1836ع– 1900ع) ۽ بعد ۾ آخوند عزيز الله ”عاجاز“ جي خدمتن مان استفادو ڪندي، پاڻ کي پڌرو ڪيائين. غزل، قصيدار، رباعيون، مثنويون، مسدس، قطعا، نظم، گيت، مناجاتيون، جاڳا ۽ ڪافيون وغيره پڻ چيا اٿس – 1934ع ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ“ جو سرگرم ڪارڪن رهي، خوب ادبي خدمتون سرانجام ڏنائين.
”مسافر“، نظم سان گڏ نثر طرف به خاصو توجہ ڏنو آهي؛ جنهن ڪري ڪافي ڪتاب سندس قلم جي سونهن بڻيا آهن. خاص ڪري درسي ڪتابن لکڻ تي کيس وڏو ملڪو حاصل هو. ڪيئي ڀيرا درسي ڪاميٽين جو ميمبر به ٿي رهيو. ڪاليج دوران ماهوار ”اَخبار تعليم“ جو 1934ع کان ايڊيٽر به ٿي رهيو؛ انهيءَ عهدي تي مسلسل 18 ورهيه ڪم ڪندو رهيو. سندس نظم خواه نثر، سنڌ مان نڪرندڙ رسالن ۽ اَخبارن ۾ ڪثرت سان شايع ٿيندو رهيو. خاص ڪري ”اَخبار تعليم“ انهيءَ ڏس لاءِ واضح ثبوت آهي عليم، ادبي ۽ تحقيق مقالا؛ ۽ تقريظي نظم وغيره لکڻ ۾ سندس ثاني ڪو ڇڊو هو. سندس ڪتابن جو ڳائيٽو ايڪيتاليهه کن آهي؛ جن مان ڦولداني، سڄاڻ زالون، مسدس اٻوجهو، حياتيءَ جي دؤر جي ڪنجي، گلشن خيال، ديوان فاضل، سنڌ جي تاريخ، ديوان قابل- تعريف آهن. ٻياسي ورهين جي ڄمار ۾ 4 ربيع الاخر 1381هه مطابق 16 مئي 1961ع تي ٽنڊي باگي ۾ راه رباني ورتائين؛ ۽ اُتي ئي ابدي ننڊ ۾ ستل آهي. سنڌي زبان جو قومي شاعر، ميمڻ غلام محمد ”نظامي“ (1895ع – 1950) سندس خاص شاگردن مان هو. خانبهادر محمد صديق ميمڻ 1890ع – 1958ع) سندس صحبتي ۽ همعصر هو.
(1) – گلاب خان شيديءَ جو اصل نالو ”بلال“ هو، جيڪو آفريڪا کنڊ جي مشرقي خطي ”زنجبار“ جو رهاڪو هو. ستن سالن جي عمر ۾ ”گولو“ (غلام) ٿي، مسقط جي واپاري شيخ حسين وٽ وڪاڻو. اُتان غلام علي سنگتراش کيس سنڌ ۾ آندو؛ ۽ ٽنڊي باگي جي مخدوم صبر علي خريد ڪري، آزاديءَ سان پاڻ وٽ رهايس. هڪ دفعي سخت بيمار ٿي پيو؛ جنهن ڪري مخدوم صاحب سندس نيڪ خصلتن سببان، نالو بدلائي، ”گلاب“ رکيو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا