; سنڌي شخصيتون: مخدوم بلال باغباني رح - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

30 July, 2011

مخدوم بلال باغباني رح - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم بلال باغباني رح [ 1451ع – 1522ع ]
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مخدوم بلال ولد مخدوم حسن سمو، تعلقي سيوهڻ (دادو) جي ڳوٺ ”ٽلٽي“ ۾ 4 ربيع الاول 856هه مطابق 16 جون 1451 تي تولد ٿيو هو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ سمجهو هو. اميراڻو ٻار ٿي ڪري، دنيوي علم طرف گهٽ ۽ ديني علم ڏانهن زياده توجہ ڏنائين. شروعات ۾ سيد نور حسين شاه بخاريءَ وٽان پهريائين قرآن پاڪ ناظران ۽ پوءِ حفظ ڪيائين. ڏاتر طرفان ڏنل ڏات ۽ غير معمولي ذهانت ۽ ذڪائت جي زور تي ننڍپڻ ۾ ئي ڪافي ڪتاب برزبان ياد ڪري ويو؛ جنهن ڪري استاد ته ٺهيو، پر مدرسي جا سمورا طالب به کيس قدر جي نگاه سان نهارڻ لڳا. حق حلال جي روزيءَ خاطري ڪورڪي ڪم کي ترجيح ڏنائين. سندس جد- امجد مخدوم ادريس سمو اصل ٺٽي جو رهاڪو هو. صوفيانه طبيعت ۽ الله وارن جي عقيدت ۾ ملڪي معاملات مان منهن ڪڍي، سيوهڻ شريف لڳ ”باغبان“ ۾ اچي رهيو.

اُن زماني ۾ مخدوم شيخ دانيال جونپري نالي هڪ الله لوڪ صوفي درويش باغبان ۾ رهندو هو، جيڪو ميران محمد شاه جونپوريءَ جو خاص خليفو هو. سندس ڪافي معتقد هئا، جيڪي وٽانئس فيضياب ٿيندا رهيا. اُنهن مخدوم دانيال تي زور ڀريو، ته ”ڪجهه ڪرامتون ڏيکار!“ مگر جيئن ته مخدوم دانيال جي منزل محدود هئي؛ ان ڪري هو خود، خدا وارن جي ڳولها ۾ رڌل رهيو. آخر مخدوم بلال سمي کي ڳولهي ڦولهي، باغبان ۾ آندائين.
مخدوم بلال باغبان ۾ رهندي، پيٽ قوت کان پالهوٿي، مطالع ۾ منهن وڌو. هڪ ڏينهن جيئن ئي خلوت خاني ۾ ويٺو هو، ته کيس سخت اڃ لڳي؛ جنهن ڪري مجبوراً ٻاهر نڪري جيئن ئي اڱڻ تائين مس آيو، ته خواجه خضر عليه السلام سان ملاقات ٿيس. پوءِ ته وٽانئس فيضياب ٿي، واصل باالله بڻيو. دستور موجب هڪ لڱا مخدوم صاحب آڏاڻي ۾ ڪپڙو اُڻي رهيو هو، ته مخدوم دانيال به وٽس اچي سهڙيو. پاڻ اڇا احوالن ۾ ئي محدو هئا، ته سيد حيدر شاه سنائي نالي هڪ سائل، پنهنجي قافلي سميت اچي وٽس نڪتو. مخدوم صاحب ايترو سارو اٽالو ڏسي، آڏواڻي مان نڪري سندن مرحبا ڪئي. پوءِ مخدوم دانيال کي چيائين، ته ”جلد ڪر! مهمان پري کان آيل ٿا ڏسجن، سندن لاءِ ڪو کاڌي جو معقول انتظام ۽ رهڻ لاءِ ٺڪاڻو ٺاه!!“ حڪم ملڻ سان شيخ دانيال پنهنجي دوست شيخ ڀرڪڻ جي مدد سان مهمانن لاءِ خاطر خواه کاڌي ۽ رهڻ جو بندوبست ڪيو. روايتون آهن، ته مهمانن جي کاڌي لاءِ ٻه وڏيون ديڳيون تيار ڪرايون ويون. هڪ ۾ طاهري ۽ ٻيءَ ۾ ڪڻڪ جو ڏارو. کائڻ وقت ٻئي طعام آڏو آندان ويا. پوءِ جن طاهري کاڌي؛ اُنهن جي مقدر ۾ خداپرستي ۽ دنياداري لکجي وئي؛ ۽ جن ڏارو چٻاڙيو، تن کي ڪماليت ۽ فقيري حاصل ٿي.
انهيءَ ماجرا جي جڏهن ٺٽي جي بزرگن کي خبر پيئي، تڏهن سيد ميرا محمد شاه جونپوريءَ کي اچي ساڙ لڳو. پوءِ مخدوم صاحب سان روبرو ملاقات لاءِ درياهي سفر رستي سانباها ڪيائين. جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو، ته واٽ ويندي پنهنجي عبادت، زهد ۽ تقويٰ جي ناز تي پنهنجن معتقدن کي حڪم ڪندو رهيو، ته ”خدا رسيده بزرگ منهنجي ٻيڙيءَ جي رسي ڇڪيندا، حد ٽپائيندا هلو:“ انهيءَ تي ڪيترن ئي صاحب- دل بزرگن خوف وچان رسي ڇڪي، پنهنجي پنهنجي حد ٽپائيندا رهيا. آخر جڏهن سندس ٻيڙو، حيدر شاه سنائيءَ جي حد ۾ رسيو، تڏهن حيدر شاه ٻيڙيءَ جي رسي ڇڪڻ گواره نه ڪئي ۽ روبرو وڃي کيس چيائين، ته ”اي بزرگ! بهتر آهي، ته توهان انهيءَ هوڏ تان لهو ۽ واپس وڃو!!“ سيد ميران محمد شاه، سنائيءَ جي زبان مان اهي الفاظ ٻڌي ويتر جيئن ئي اڳتي وک وڌائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته حيدر شاه غصي ۾ اچي چيس، ته ”ميران سيد! آءٌ پنهنجي پير جو هي پادر اڇلايان ٿو. پوءِ جيڪڏهن ٻيڙيءَ ۾ اونڌو پيو، ته توهان غرق ٿي ويندؤ ۽ جيڪڏهن سنئون پيو، ته صرف ٻيڙي ٻڏي ويندي!!“.
ميران صاحب کي سنائيءَ جي اڍنگي گفتگو، ڪاوڙ ڪنڊي تي چاڙهي ڇڏي. پوءِ ته اڳتي وک وڌائڻ بدران واپس ٺٽي موٽيو. هينئر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، پڪو ارادو ڪيائين، ته ڪيئن به ڪري مخدوم بلاول کي مارائي ڇڏجي، نه ته سمورا ماڻهو مون کان ڦري ويندا. اهو خيال ڪري، موچيءَ کي گهرائي چيائين، ته ”اهڙي ڪا جتي تيار ڪر؛ جنهن جي تري ۾ قرآن پاڪ جا ورق وجهي، وڃي مخدوم بلال کي باغبان ۾ تحفي طور ڏئي اچ!“ موچي پهريائين انهيءَ فريمي ڪم کان انڪار ڪيو. پر پوءِ حاڪمن جي ڊپ کان ڊڄي لاچار هائو ڪئي. پوءِ ٿورن ڏينهن ۾ جتي تيار ڪري، آڻي مخدوم صاحب کي ڏنائين. مخدوم بلال، جتي ڏسي موچيءَ کان پڇيو، ته ”ابا! هيءَ جتي آهي!!؟“ موچيءَ هٻڪندي وراڻيو ته ”هائو سائين“. پوءِ مخدوم صاحب ڳوٺ جي موچيءَ کان اوزار گهرائي، جتي کولائي، منجهانئس ٽوپي جوڙائي؛ ۽ مخدوم ساهڙ جي مٿي تي وڌي.
موچي، موٽي اچي سموري اکين ڏٺي ماجرا ميران شاه کي ٻڌائي؛ جنهن جو غصو ويتر چوٽ چڙهيو. پوءِ زبردستي موچيءَ کان ڪوڙي فرياد قاضيءَ وٽ داخل ڪرايائينس؛ ۽ اهڙو اطلاع پڻ نوابن کي به موڪليائين، ته ”باغبان جو بزرگ مخدوم بلاول، جتيءَ ۾ قرآن پاڪ جا ورق وجهي، پيرن ۾ پائي گهمندو وتي ٿو“. انهيءَ گواهيءَ لاءِ مٿس ڪوڙا شاهد به بيهاريا ويا. هوڏانهن ٺٽي جي نوابن، جنهن جو ميران شاه تي مڪمل ڀروسو هو، تن بنا ڪنهن دير جي باغبان ۾ منزل هئين. ساڻن سيد ميران شاه، وقت جو قاضي، موچي ۽ هٿرادو شاهد به آيا.
ڪورٽ قائم ٿي، جنهن ۾ مخدوم صاحب کي آڏي پڇا لاءِ پڻ آندو ويو. مخدوم صاحب سموري ماجرا سڻي، موچيءَ کان صرف ايترو پڇيو، ته ”ابا! تنهن جي ٺاهيل جتي مان پيرن ۾ پاتي هئي!!؟“ موچيءَ هٻڪندي ”هائو“ ڪئي. انهيءَ تي مخدول بلال ٿڌو ساه ڀريندي، قاضيءَ کي چيو، ته ”آءٌ ٻيو ڪجهه به چوڻ نٿو چاهيان .... ۽ خدا جي رضا تي راضي آهيان .... بس، توهان پنهنجو ارادو پورو ڪريو!“ قاضي، جيڪو مخدوم صاحب تي آيو ئي ڏوهه ثابت ڪرڻ هو؛ تنهن ٺهه پهه مٿس ڪفر ۽ الحاد جي تهمت ڏيندي وراڻيو، ته ”مخدوم صاحب کي انهيءَ عظيم گناه عيوض، شرعاً لوهي گهاڻي ۾ جيئرو پيڙايو وڃي!“
بس حڪم ملڻ جي دير هئي. سمورا سانباها ٿي ويا. فتويٰ موجب مخدوم صاحب کي لوهي گهاڻي ۾ وڌو ويو. پهريائين سندس پير پيڙيا ويا؛ جنهن تي مخدوم صاحب جي اکين مان آب اچي ويو .... سندس زبان مان هي الفاظ نڪتا، ته ”هينئر انهن ظالمن جون ڀاڙان پٽجي رهيون آهن. جڏهن چيلهه کان مٿي پيڙجڻ لڳو، ته سندس صبر جو پيالو لبريز ٿيو؛ جنهن ڪري پاڻ کان زبان مان هي الفاظ نڪري ويا، ته ”شڪر الحمد لله! جو مون کي اڄ شهادت نصيب ٿي آهي!!“ آخري باغبان ۾ وقتي سياست سببان، 71 ورهين جي ڄمار ۾، سومر جي شام جو، پهرين محرم الحرام 929هه مطابق 2 جنوري 1522ع تي مخدوم صاحب شهادت جو جام نوش فرمايو. سندس چڪنا چور جسم کي مٽ ۾ وجهي، اتي ئي دفنايو ويو.
”بيشڪ الله وارن جي رنگ کان مئل دليون به زنده ٿيو پون“ – سندس عقيدتمندن ۽ همعصرن جو ڳاڻاٽو ڪري نٿو سهگجي. البته مخدوم شيخ ڀرڪيو، مخدوم عربي ڌياڻو، مخدوم اسحاق هالائي، مخدوم عبدالرشيد هالائي، مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم صدو لانگاه بٺوري، شيخ ڀريو گنجو ٽڪر، قاضي قاضن، قاضي عبدالله درٻيلوي باغباني شيخ عبدالله متقي درٻيلوي، مولانا سعيد درٻيلوي مولانا محمد يونس سمفقندي ، سيد صفائي بکري رح، مخدوم محمد فخر پٽو ڪاهاني، امير غياث الدين رضائي سبزواري بکري، مير ابو سعيد پيراني بکري، مخدوم عبدالعزيز محدت ڪاهاني ۽ مولانا شيخ مبارڪ پاٽائي رح جا نالا هن ڏس ۾ وساري نٿا سگهجن. اهڙيءَ طرح سندس شاگرد رشيدن جي فهرست به نهايت طويل آهي؛ جن مخدوم صاحب جي پيغام کي جاري رکيو؛ اُنهن مان راهو سيوهاڻي، مخدوم حيدر سنائي، مخدوم ساهڙ لنجار ۽ مخدوم رڪن الدين جرار پوٽو متعلوي سر- فهرست آهن.
مخدوم بلال رح، عربي، فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ ترڪي زبانن جي خاصي ڄاڻ رکندو هو. خاص ڪري فارسيءَ ۾ سندس رباعيون به چيل آهن. پاڻ ڄام تغلق (وفات 857هه = 1454ع) کان مرزا شاه حسن ارغون (وفات 962هه = 1554ع) جو زمانو پئي سنڀريو. سندس حياتي4 ۾ ٻن مذهبي تحريڪن: ”مهدوي تحريڪ“  ۽ ”بلالي تحريڪ“ جنم ورتو هو. سندس سلسلي طريقت ”قادري“ هو؛ ۽ ڪافي ڪرامتون کانئس سرزد ٿيون. ”ڪوڙين ڪن سلام اچيو آتڻ اُن جي“ – مصداق صاحب جي مزار تي روزانو وڏو رنگ لڳو پيو هوندو آهي. خاص ڪري ماه پهريون جمعو وڏيءَ ڌام ڌوم سان لڳندو آهي، جتي هزارين عقيدتمند، خدا جا خلقيل، اهل - دل الله وارا ذڪر، فڪر، سمع ۽ سماع جي محفلين رچائيندي، پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪندا آهن. لاڙڪاڻي جي زميندار، محبوب خان وڳڻ، روضي سان لڳ هڪ عاليشان مسجد شريف ٺهرائي آهي. هن وقت هن درگاه جي نگهباني، مخدوم ڀرڪڻ جي اولاد جي سپرد آهي، جيڪي پاڻ کي ”ملڪ“ سڏائين ٿا. ماضي قريب ۾ سنڌ سرڪار سندس ديدار فرحت آثار جي سهوليت لاءِ ”مخدوم هالٽ ريلوي اسٽيشن“ قائم ڪئي آهي، جيڪا مخدوم صاحب جي روضي جي بالڪل سامهون آهي.
(1) – جنهن کي عام ديسي محاوري ۾ ”بلاول“ به سڏيندا آهن.
(2) – مخدوم حسن المعروف ڄام حسن ولد مخدوم ادريس سمو، لس ٻيلي جو حاڪم به ٿي گذريو آهي، کيس پنج پٽ هئا، جن مان مخدوم بلال وڏو هو.
(3) – سنڌ ۾ ”سما“ پاڻ کي ”ڄام“ جي لقب سان سڏائيندا هئا، جيڪي انگريز محقق ڊاڪٽر ٽاڊ (Tod) جي تحقيق موجب: دوارڪا جي راجا ڪرشن جي ستين راڻي (جامبوتي) جي اولاد مان هجڻ ڪري پاڻ کي ”ڄام“ سڏائڻ لڳا [جنت سنڌ – مير رحيم داد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ؛ 1958ع، صفحو 342].
سومرن جي زوال کان پوءِ، سمي سردار ڄام اُنڙين بابينه 751هه (1351ع) ڌاري سنڌ جون واڳون ورتيون؛ ۽ پنهنجي گادي ٺٽي ۾ ”سمانگر“ وٽ قائم ڪئي. پوڻا ٻه سؤ سال سمن جي صاحبي سنڌي تي رهي؛ جنهن ۾ 18 حاڪمن حڪومت ڪئي. هو مخدوم جهانيان جهان گشت جا معتقد هئا. سندس آخري حاڪم ڄام فيروز بن نظام الدين سمو (وفات 926هه= 1520ع) هو [سنڌي ادب جي مختصر تاريخ – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، 1976ع، صفحو 70].
(1) – ٽلٽيءَ جو اصل نالو ”ٽهل هٽي“ هو، جيڪو تعلقي سيوهڻ ۾ هڪ واهڻ هو. منجهس ”ٽهل“ نالي هندوءَ جي هٽي مشهور هئي؛ جنهن تان هن ڳوٺ تي ”ٽهل هٽي“ نالو پيو، جيڪو اڳتي هلي ”ٽلٽيءَ“ ۾ بدلجي ويو. ڪجهه وقت هن ڳوٺ کي ”پرڳڻي“ جي حيثيت به حاصل هئي. هتان جا ڀائيبند سنڌ ۾ مشهور هئا. ورهاڱي کان اڳ سيٺ ڀاونداس، هتان جو ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز هو. ٽهل هٽيءَ جي اولاهين طرف ”ڪانهيري“ ڳوٺ آهي، جتان جو غدار- سنڌ ”نائومل“ ويٺل هو. انهن ٻنهي ڳوٺن جا واڻيا پاڻ ۾ هم قدم ۽ هم صلاح هئا.
(2) – اُن زماني ۾ ڪورڪي ڪم جو وڏو قدر هو. اجرت جي معقوليءَ سان گڏ اگهاڙن کي ڍڪڻ، ڇنل ڳنڍڻ ۽ اُميري ورائڻ واري فلسفي کي اسلامي خيال کان اهميت هئي. نيڪو ڪار ماڻهو (خاص ڪري ”مومن“، جيڪي پاڻ کي ”ميمڻ“ سڏائن ٿا) هن ڪرت کي افضل ڀائيندا آهن. خود ڀٽائي ڀلاري به ڪورين جي ڪرت کي چڱو ڄاڻندي فرمايو آهي:
”هلو ته هلو ڪورين نازڪ جن جو نينهن،
ڇنڻ مور نــــه سکيا، هو ڳنڍن سارو ڏيــنهن.“
”هو ڇنن تون م ڇن، پــــاءِ اُميري اُن سين.“
(1) – مخدوم ادريس، ڄام نظام الدين سمي جو سڳو ڀاءُ هو. سندس هٿ هيٺ 1509ع کان 1511ع تائين سنڌ جون واڳو رهيون.
(2) – سيد ميران محمد شاه المعروف مخدوم ميران محمد جونپوري ولد مولانا سيد محمد يعقوب (ولادت 748هه= 1346ع) وقت جو وڏو بزرگ ۽ ٺٽي جي نوابن جو مرشد هو. ڄام نظام الدين سمي جي ڏينهن ۾ ٺٽي آيو. وقت جي عالمن مٿس ڪفر جون فتوائون به صادر ڪيون. پاڻ معقولي خواه منقولي علمن جو ڄاڻو هو. انهيءَ سببان داناپور جي علمان طرفان کيس ”اسدالعلماءُ“ جو خطاب به مليو هو. ڪجهه وقت مرزا شاه حسين کي درس به ڏنو هئائين. سندس عقيدتمند توڙي شاگردن جو وسيع حلقو هو، جيڪي سندس روشن دماغيءَ مان فيضيات ٿيا، اُنهن مان: شيخ جهنڊو پاتڻي، قاضي قاضن، مير ڪمال الله (پوٽو)، پير آسات، مخدوم شيخ دانيال، قاضي محمد اوچي ۽ ميان ابوبڪر جا نالا قابل- ذڪر آهن– 911هه (1506ع) ۾ وفات ڪيائين. سندس آرامگاه مڪلي بڻيو. ”علامه وارث الانبياءُ“ سندس غير فاني تصنيف آهي – 911هه ۾ ”مهدوي تحريڪ جو بنياد پڻ وڌائين.
(3) – مطالع مان معلوم ٿئي ٿو، ته ميران محمد جونپوري، پهريائين مخدوم شيخ دانيال جونپوريءَ کان ظاهري خواه باطني تعليم وٺي، سندس ئي معتقد ٿيو هو. پر پوءِ سيد صاحب پنهنجي ڪمال قرب وسيلي، پنهنجي استاد، شيخ دانيال کي به مريد بڻائي ڇڏيائين [تاريخ تمدن سنڌ – مير رحيم دان خان مولائي شيدائي، سنڌ يونيورسٽي، 1959ع، صفحو 395].
(1) – مخدوم صاحب کي جڏهن کان خواجه خضر عليہ السلام وٽان امانت ملي، تڏهن کان روزانو رات جو پاڻيءَ سان ڀريل هڪ وڏي ڪونار ۾ ويهي خدا جي تات ۾ مشغول رهيو. ذڪر اذڪار ۾ هو ايترو ته محو ٿي ويو، جو وجد واري ڪيفيت ۾ پاڻي به جانڊاه جيان ڦيرا پائڻ لڳو. صبح ٿيندي ئي جيئن ڪونار مان ٻاهر نڪتو، ته پاڻي چڪر ڪاٽڻ لڳو. پوءِ جيستائين اهو پاڻي درياه جي حوالي نه ڪندا هئا، تيستائين بس نه ڪندو هو [تحفته الڪرام – مير علي شير ”قانع“، (سنڌي ترجمو، جلد 3)، سنڌي ادبي بورڊ، 1976ع، صفحو 359].
(1) – تاريخي شهادتن موجب سيد حيدر شاه سنائي، سنڌ جي حاڪم شاه بيگ ارغون (وفات 928هه = 1522ع) جو ملازم هو. ڪن سياسي اختلافن سببان ڪاوڙجي حج بيت الله شريف جي زيارت لاءِ عرب ڏانهن ويو. مديني منور پهچي، دلي مقصد لاءِ، حضورت اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن جي روضي اطهر آڏو استخاره ڪندي، ڏس پيس، ته ”تون حج پڙهي واپس سنڌ موٽي وڃ، اُتي باغبان ۾ مخدوم بلال جي صحبت اختيار ڪر (روايتن پٽاندڙ کيس مخدوم بلال جي شبيهه مبارڪ، آڏاڻي ۾ ڪپڙو جوڙيندي ڏيکاري به وئي هئي).
(2) – شيخ ڀرڪيو جکو ولد شاهو ڪاتيار نصرپور، وڏو زاهد الزمان ٿي گذريو آهي. مخدوم اسحاق هالائيءَ جي فرزندن: مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد جو همعصر هو. جوانيءَ ۾ خوب عبادتون ڪيائين. چون ٿا، ته هڪ دفعي سورهن سالن کان پوءِ روزو ڇوڙيو هئائين. سڄو سيارو هڪ چادر پهري، درياه جي ڪناري تي رهندو هو. ننڊ حرام سمجهي، سدائين خدا جي ذڪر ۾ محو رهيو. اهڙيءَ طرح وري اونهاري جي سخت ڏينهن ۾ سج جي تپش تي رڻ پٽ تي پيو هوندو هو. سندس کاڌو صرف هڪ بصري روزانو هوندي هئي. ڪافي ڪرامتون کانئس سر زد ٿيون.
(1) – مخدوم دانيال، شيخ ڀرڪڻ ۽ سيد حيدر سنائيءَ جن طاهري پئي کاڌي. جڏهن مخدوم بلال جا اهي الفاظ ٻڌائون، ته ٺهه پهه هڪ لقمو ڏاري جو به وات ۾ وڌائون. کائڻ شرط ٽئي صاحب – ڪرامت بڻجي، الاهي محبت جي درياه ۾ مستغرق ٿي ويا.
(2) – تاريخي تذڪرن ۾ بيان آيو آهي، ته ڄام فيروز جي زماني ۾ (914هه – 927هه)، جڏهن مرزا شاه بيگ ارغون (حڪومت 927هه – 928هه)، سنڌ تي ڪاه دوران جڏهن باغبان وٽان لانگهائو ٿيو، ته مخدوم بلال رح جي مريدن، قومي غيرت جو مظاهرو ڪندي، مٿس حملو ڪيو. مگر شاه بيگ ارغون سر بچائي، ٺٽي کان وڃي نڪتو. آخر ڄام فيروز کان هڪ معاهدي تحت سيوهڻ جو علائقو هٿ ڪري، ٽلٽي پهچي، باغبان جي تمام سرنديءَ وارن کي سڏائي، کانئن بيعت جي ڪوشش ڪئي؛ جنهن تي انهن صاف انڪاري ٿيندي چيس، ته ”هتان جا ماڻهو توهان جي تابيعداري ۽ فرمانبرداري قبولڻ لاءِ بالڪل تيار ناهن. مخدوم بلال هتان جو وڏو عالم ۽ مشائخ آهي، اوهو اسان کي روڪي رهيو آحي، بلڪ هو توهان سان ته مقابلي لاءِ به تيار آهي!“ – انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو، ته شايد مخدوم صاحب سان بنيادي اختلاف جو اهوئي سبب به ٿي سگهي ٿو؛ جنهن کان پوءِ ساڻس بدلي وٺڻ لاءِ من گهڙت منصوبا سٽي، کيس جام- شهادت پيارو ويو [تذڪره ”مشاهير سنڌ“ – مولانا دين محمد وفائي، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع، صفحو 65].
(1) – مخدوم ساهڙ لنجاري، مخدوم بلال جو خاص معتقد هو. اصل اُنڙ پور (دادو) جو رهاڪو هو. وڏو وڏو عابد ۽ زاهد هو. وٽس خدا جي ياد هميشہ هوندي هئي. سندس نظر فيض اثر کان سوين سالڪ ولايت واسي ويا. سيدن جو ادب ڪندو هو. جڏهن به مٽيارن ۾ ويندو هو، ته پير ڊگها ڪري نه سمهندو هو؛ انهيءَ لا ته چوطرف ساداتن جا گهر هئا. هميشہ هدايت ڪندو هو، ته جنهن شخص ۾ ٽي گڻ ڏسو، ته ان جي دامن هرگز نه ڇڏيو. اُهي گڻ آهن: جڏهن به سندس آڏو اچو، ته خدا ياد اچي وڃي – سندس گفتگو دل تي اثر ڪري ۽ سندس جدائي توهان کي تانگهي. نوي ورهين جي ڄمار ۾ اتي ئي وفات ڪيائين؛ ۽ ٽڪريءَ تي مدفون آهي.
(1) – انهيءَ موقعي تي مخدوم دانيال به موجود هو؛ جنهن جي اکين مان زارو قطار نير وهي رهيا هئا. مخدوم بلال کيس تسليٰ ڏيندي چيو، ته ”اي دانيال! تون فڪر نه ڪر، خدا چاهيو، ته تون اڳتي هلي مون سان گڏ هوندي!!“ سچ پچ ٿيو به ائين. هوڏانهن ظالم نوابن جو ستت ئي خاتمو ٿي ويو.
(1) – مولانا محمد يونس سمرقندي، مرزا شاه ارغون (وفات 962هه = 1554ع) جو استاد هو.
(1) – ”مهدوي تحريڪ“ جو باني سيد ميران محمد شاه مهدي جونپوري (1442ع – 1506ع) هو.
(2) – ”بلالي تحريڪ“ جو باني مخدوم صاحب پاڻ هو؛ جنهن (911هه - 1505ع) ۾ بنياد وڌو هو.
(3) – هڪ دفعي قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح جي زيارت لاءِ درياهي سفر لاءِ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. ملاح، زبان جو خراب هو؛ جنهن ڪري اڪثر واهيات بڪوات ڪندو رهندو هو. مخدوم صاحب کي اها ڳالهه نه وڻي، ۽ پنهنجي پڳ مان ٽوپي ڪڍي، ملاح جي مٿي تي رکي، ته هو بالڪل خاموش ٿي ويو ۽ الله ۽ سندس رسول جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. جڏهن پتڻ تي پهتا، ته مخدوم صاحب ٽوپي لاهي ورتس؛ جنهن ڪري، ملاح جو اُهو ساڳيو چوٻول جاري رهيو [تحفته الڪرام – مير علي شير ”قانع“ (سنڌي ترجمو، جلد 3)، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، صفحو 359].

No comments:

راءِ ڏيندا