; سنڌي شخصيتون: مخدوم ضياءُ الدين رح- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

30 July, 2011

مخدوم ضياءُ الدين رح- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي


مخدوم ضياءُ الدين رح [ 1677ع – 1757ع ]
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مخدوم ضياءُ الدين ولد مخدوم هارون غالباً 1088هه مطابق 1677ع ۾، ”ڳوٺ ورياء“، تعلقي ڀتي (جون - چاچڪ) ۾ ڄائو هو. علمي ڏات کيس ورثي ۾ ملي هئي. سندس جد- امجد شيخ شهاب الدين سهروردي رح (وفات 632هه) بغداد (عراق) جو رهاڪو هو؛ جنهن پونير مخدوم الياس بن مخدوم عجائب، سومرن جي صاحبيءَ ۾ اُتان لڏي سنڌ جي ٺٽي شهر ۾ پهتو. سمجهه ڀري ٿيڻ سان مخدوم عنايت الله (وفات 1114هه) جي نظر فيض اثر هيٺ فضيلت ۽ ڪماليت جي درجي تي وڃي پهتو.
حليم سڀاءُ، سادگي اختيار ڪندڙ، وقت جي عالمن ۽ فياضن ۾ ناميارو ٿيو. خاص ڪري سلوڪ جي واٽ ۾ ڪيترن ئي پانڌيئڙن کي حق جي منزل تائين رسائي ڇڏيائين؛ جنهن ڪري ٺٽي ۾ باڪمال بزرگ ۽ باعمل عالم سڏجڻ ۾ آيو. ستت ئي پنهنجو مدرسو قائم ڪري، درس و تدريس ڏيندو رهيو. وٽانئس ڪيترائي عالم ۽ فاضل پڙهي نڪتا. سنڌ جي بزرگ هستي ۽ يگانو عالم، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح تي به سندس ئي صحبت جو اثر ٿيو – 1171هه مطابق 1757ع ۾، 80 ورهين جي ڄمار ۾ خدا جي سڏ تي راهي ٿيو. پٺيان سندس فرزند ميان يار محمد سندس گاديءَ تي وٺيو، جيڪو پڻ پيءُ جيان صالح پرهيزگار شخص هو.
 
مخدوم صاحب، مولوي ابوالحسن ٺٽوي رح جي فني طرز تي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن کي ”ضياءُ الدين جي سنڌي“ سڏجي ٿو. مذڪوره ڪتاب ۾ روزي ۽ نماز جي طريقن کان علاو ٻارن جي تربيت متعلق به نظر ۾ مواد وڌائين، جيڪو فني لحاظ کان پختگيءَ کان ڪي قدر خالي نظر اچي ٿو. نموني طور سندس سنڌي هيٺ ڏجي ٿي:-
فرض آهي ماءُ پيءُ تي سعي سوڌي ڀت،
ته موڪلي مڪتب ۾ صغير وڏي ست،
ته طابع ٿئي طبيعت جو مومن وڏي مت،
راتو ڏينهن ٻالڪ ڪري نماز پرت،
ڏهين ورهين جو جي ٿئي، ته ان ماري،
ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي،
جي غافل ٿئي نماز ۾ ڪڏهن اسارو،
ته هڻج هڪلج اُن کي متان اُو ٿئي اُمارو،
پڄي ڏات نماز جي سوڌو سنوارو،
سکج سنڀهج سانجهرو رات ۽ ڏينهاڙو،
ڪهه ڪلمو نبي اتي ته ٿئي مسلم موچارو.
اهو مضمون نثر ۾ هن ريت رقمطراز ڪيو اٿس:-
[ماءُ پيءُ تي سوڌي ڀت سعي فرض آهي، ته صغير (کي) وڏي ست (واري) مڪتب ۾ موڪلي، (انهيءَ لاءِ) ته (هو) تابع (۽) طبيعت ۾ وڏيءَ مت وارو مومن ٿئي ۽ اهو ٻالڪو رات ڏينهن نماز سين پرت ڪري. (مائٽ کي گهرجي ته ٻار) جي ڏهن ورهين جو ٿئي، ته ان کي (نماز نه پڙهڻ جي صورت ۾) مر ماري (مار ڏئي) ۽ ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي. جي (ٻار) ڪڏهن نماز (پڙهڻ) ۾ غافل ۽ اسارو ٿئي، ته ان کي هڻج ۽ هڪلج متان اُمارو ٿئي، (انهيءَ) لاءِ سوڌو سنوارو نماز جي ڏات کي پڄي. رات ۽ سانجهرو سنڀهج ۽ سکج، حضرت نبي (صلعم) جن تي ڪلمو ڪهه ته، موچارو مسلم ٿئن].
(2) – ”تذڪره مشاهير سنڌ“ – مولانا دين محمد وفائي، سنڌي ادبي بورڊ، 1974ع، صفحو 188
(1) – ”ورياه“، موجوده پنجاب طرف چاچڪن جي سرڪار ”جون“ جي مشهور ڀٽي تعلقي جي حدن ۾ هڪ مشهور ڳوٺ آهي. منجهس وڏا عالم ۽ صاحب- ڪشف ۽ ڪرامتن جا بندا پيدا ٿيا آحن؛ جن مان مخدوم نورنگ سومري، مخدوم اسحاق، مخدوم الياس، مخدوم عجائب، مخدوم هارون ۽ مخدوم ضياءُ الدين جا تالا قابل- ذڪر آهن. [”تحفته الڪرام“ (جلد ٽيون، سنڌي ترجمو)، 1957ع، سنڌي ادبي بورڊ؛ صفحو 409].
(1) – مخدوم الياس، مخدوم ضياءُ الدين جو پڙ ڏاڏو هو. نهايت بافضيلت ۽ خدا جي نيڪ بندن مان هڪ هو.

No comments:

راءِ ڏيندا