مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح [ 1850ع – 1920ع ]
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شيخ الوقت حضرت عارف باالله مخدوم حسن الله ”فقيہ سنڌ“ ولد وهب الله المعروف عزت الله پاٽائي رح بن مخدوم عبدالواحد سيوستاني، 1267هه مطابق 1850ع ۾ تولد ٿيو. شروعات ۾ پنهنجي چاچي، مخدوم فضل الله صديقي (المتوفي 1290هه) وٽان درس ورتائين. ان کان پوءِ مولانا نور محمد ميڪڻ (المتوفي 1296هه) ۽ سندس وڏي فرزند مولانا گل محمد (المتوفي 1306هه) وٽان رهيل ڪتاب پورا ڪري، دستا فضيلت ٻڌائين. سندس هم سبق دوستن ۾: مولانا عطاءُ الله فيروز شاهي، مولوي محمد حسن حيدرآٻادي ۽ مولوي محمد هاشم ڳڙهي ياسينويءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا.
پاڻ هڪ بهترين عالم، متڪلم، مناظر، زبردست محقق ۽ فقيہ هو. سندس روحاني تربيت تاج العلماءُ ميان غلام صديق ميڪڻ شهدادڪوٽي رح (1842ع – 1905ع) جن وٽان ٿي هئي. سموري زندگي درس و تدرس ۽ فتويٰ نويسيءَ ۾ گذاريائين. ديني مسئلن توڙي تحريرن ۾ سندس ثاني ڪو ڇڊو هو. سندس شاگردن جو حقلو نهايت وسيع هو؛ جن مان مخدوم معين الدين سيوستاني رح، سونو جتوئيءَ جو بزرگ ۽ جيد عالم عمدت العلماءُ ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح، مولوي محمد صديق سيتائي، مخدوم محمد دائود درٻيلائي، سيد شهاب الدين هالاڻي، پيرزادو غلام مجدد مٽياروي ۽ مولوي خير محمد جوڻيجو پاٽائيءَ جا نالا قابل - ذڪر آهن.
مخدوم صاحب کي ٻه ڀيرا حج بيت الله شريف جي زيارت نصيب ٿي هئي. انهيءَ سفر دوران ڪيترن جيد عالمن سان ڏيٺ ويٺ وڌايائين. حنفي عقيدي ۾ بالڪل پختو هو ؛ ۽ ساڳئي وقت مماتيءَ وارن بزرگن کان مدد وٺڻ جو قائل هو. نقشبندي طريقي ۾ ذڪر سان گڏ قرآن مجيد و الفرقان مجيد؛ دلائل الخيرات ۽ قصيده برده شريف جو روزانو ورد ڪندو هو. پيش امام ٿيڻ بدران پنهنجن شاگردن پٺيان نماز پڙهندو هو. لاڙڪاڻي تعلقي جي ڳوٺ، سونو جتوئيءَ پنهنجي شاگرد رشيد مفتي غلام عمر جتوئي رح (1833ع – 1953ع) جن وٽ گهمڻُ ايندو هو. اهل بيت جو ادب ۽ اصحاب سڳورن جو ثنا خوان هو. هڪ اندازي مطابق، پاٽائي بزرگن جي هن آخري فقيہ جو روح پر فتوح (1339هه مطابق 1920ع) ۾ عالم الارواح ڏانهن راهي ٿيو.
(1) – ”پاٽ“ کي علمي لحاظ کان ”سنڌ جو عليڳڙهه“ سڏيو وڃي ٿو. ڪنهن زماني ۾ تعلقي دادوءَ جو هي وڏي ۾ وڏو شهر ليکجڻ ۾ پئي آيو. غالباً 603هه مطابق 1206ع ڌاري، محمد بن قاسم سان آيل انصاري ذات وارن کيس آباد ڪيو هو، جيڪو ”قبة الاسلام“ جي نالي سان ڏور ولايتن تائين مشهور هو. مٿس نالي پوڻ بابت متضاد تاريخي روايتون ملن ٿيون. [ ”پاٽ“– ميمڻ عبدالغفور سنڌي، مضمون (قلمي)، 1979ع].
(1) – مخدوم صاحب جون تحريرون ايتريون ته گهڻيون آهن، جو جيڪڏهن يڪجاءِ ڪن ته هوندا ڪيترا ضخيم جلد جڙي پون.
No comments:
راءِ ڏيندا