جنرل جان جيڪب
جيڪب آباد جو باني
امينه جمالي
جنرل جان جيڪب، ۱۱
جنوري ۱۸۱۲ع تي انگلينڊ جي سمرسٽ نالي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ
پادري ”اسٽيفن لانگ جيڪب“ جو پٽ هو. هن ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ قومي مرڪز ”ايڊس ڪومب
اسڪول“ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ، نوڪري ڪرڻ لاءِ پابند هوندا
هئا. هن ۱۶ سالن
جي عمر ۾، ۱۱ جنوري
۱۸۲۸ع تي، ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي عهدي تي،
هندستان جي صوبي گجرات ۾، پنهنجون ذميواريون سنڀاليون.