جي اين مغل
بهادر ۽ سٻاجھڙو صحافي
نثار بالادي
ٿيندو ائين آيو آھي
ته جڏھن ڪو قلمڪار، چترڪار، فنڪار استاد يا ڪا سماجي/ سياسي شخصيت اسان کان موڪلائي
وڃي ٿي، تڏھن اسين انهيءَ جي نانءُ ڪا تقريب ڪوٺائي سندس باري ۾ سارڻيون ساري سندس
چڱن ڪمن تي ويچار ونڊيون ٿا، اھو به ڀلو عمل آھي پر پريس ڪلب حيدرآباد ۽ يونين آف
جرنلسٽ حيدرآباد جي ساٿين تاريخي قدم کڻندي جيڪو سلسلو شروع ڪيو آھي ته انهن مهان
شخصيتن، جن جو صحافتي، سماجي، تاريخي، ثقافتي ۽ جهموري ڪردار انسان دوست، عوام
دوست رھيو آھي، تن ڪردارن کي سندن زندگيءَ ۾ روبرو مدعو ڪري، سندن سڄي ڄمار جي
پورھئي، انھيءَ ۾ ثابت قدمي، سچائي ۽ بهتر جاکوڙ تي کين ڀيٽا پيش ڪجي. اھو ساراھڻ
جوڳو ۽ سڀني لاءِ اھڙي عمل تي اڳڀرائي ڪرڻ جي واٽ جي آگاھي وارو قدم آھي. يقينن ٻين
کي به اڳتي وڌي پنهنجن شھرن ڳوٺن ۾ اھڙن مانوارن ڪردارن کي مدعو ڪري کين روبرو
محبتن، پيار، خلوص ۽ قربتن جي ڀيٽا ڏيڻ گهرجي.