سوڀو گيانچنداڻي
سنڌ جي تاريخ جو امر
ڪردار
منظور ڪوهيار
نه هو اسان جو گروديو، نه اسان هن
جا چيلا چتينگ، اسان جي ته هن سان قرب ڪاريءَ واري واٽ رهي آهي. شناسائيءَ کان اڳ
ايتري خبر هئي ته هوءَ هڪ اهڙي ويچار ڌارا واري شخصيت آهي. جنهن لاءِ شاهه
عبدالطيف ڀٽائي، سر رامڪلي ۾ اڳ ئي فرمايو آهي؛
نه ڪي نمن ناٿ کي، ناٿ نه نمائين
جاٽا ڪن نه جوڳ کي، جوڳ نه جهارين
آديسي آڻين، اهڃاڻيون الماس جون
جاٽا ڪن نه جوڳ کي، جوڳ نه جهارين
آديسي آڻين، اهڃاڻيون الماس جون
اها به خبر هئي ته هو اهڙو ڀوميو
آهي. جنهن وقت جي متعصب حاڪم جي، ڌرتي ڇڏڻ واري ڌمڪي کي گدڙ ڀڀڪي سمجهيو.
حقيقت ۾ سندس نظرياتي ۽ سياسي
ويچار ڌارائن تي تفصيل سان اُهي ڳالهائن، جيڪي هجن نظرياتي ۽ سياسي سپورنج.
پنهنجي پهرين سينڌ ملاقات تڏهن ٿي،
جڏهن ذهن ۾ اينٿراپالاجي تي ايم فل ڪرڻ جو مٿي ۾ اُٺ ويٺو. عنوان هو .socio-anthro
pological study of Buledi tribe of Pakistan ان سبب لنگهي
ويو هومانس در. عزت احترام سان ويهاري، حال احوال ورتائين. پوءِ جو اچي ڪتابن جا
نالا کنيائين ته ائين لڳو ڄڻ ڪامريڊ سوڀو. اصل ۾ تحقيق جو ماڻهو آهي. ڀلجي ٻئي
پاسي ڏانهن هليو ويو آهي. ايڏي کليل دل وارو شخص جو پنهنجي لائبريريءَ جي سڀني
ڪٻٽن جا تالا کولي چيائين. ”جيڪي وڻني سي کڻ، پر موٽائجانءِ سهي.“
جيترا ڪتاب کڻي سگهيم اوترا کنيم.
فوٽو اسٽيٽ ڪري موٽائي ڏيندو ويومانس. اهو ۱۹۸۱ع وارو دؤر هو.
نوڪري ٽوڪري آهي. ۱۹۸۲ع ۾ حيدرآباد
کان خيرپور بدلي ٿي. انهيءَ دؤران ايم فل جي گائيڊ. حيدرآباد جا ڇهه ست اجايا ڦيرا
ڏياريا ته منهنجو ايم فل تان ارواح ئي کڄي ويو. ڪامريڊ سان جنهن بهاني ملاقات
ٿيندي هئي. اهو ئي نه رهيو ته ڇٽي ڇماهي ملاقات ٿيڻ لڳي. اها به خصوصن اهڙين محفلن
۾ جتي ڪو ادبي چوزو آني مان ڦٽندو هو يا ڪو اٺ (ڪو اديب ڪتاب جي مهورت ڪرائيندي)
پتڻ تي ڪٽبو هو.
وري مسلسل ملاقاتون تڏهن ٿيون.
جڏهن سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جي دڙي جو آغاز ٿيو. هدايت منگي پهريون سيڪريٽري،
ٻيو مان ٽيون ڪنعيو گيانچنداڻي ٿيو. اهو دؤر غالبا ۱۹۸۹ع کان ۱۹۹۳ع تائين جو آهي.
اهي ڪچهريون عموما موهن جي دڙي تي، خصوصن علي شير رونگهي جي اوطاق يا ڪامريڊ سوڀي
جي گهر ٿينديون هيون. ڪچهريون به اهڙيون
جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿي. ويٺي ويٺي ٻارنهن ٿي وڃن. ڪامريڊ سوڀي جو
انداز نرالو، جنهن موضوع تي ڳالهائيندو ته ڏاڍو تفصيل سان، برصغير جي سياسي سماجي
تاريخ سان گڏ سڄي دنيا جي تاريخ کي ورجائي ويندو هو. انهيءَ دؤر جي مشهور شخصيتن ۽
سندن جدوجهد تي تجزياتي تبصرو به ڪري ويندو هو. سچ پچ ته اتي سمجهو ڪي سمجهن، باقي
اسان جهڙن وچٿرن دماغن ۾ ته اها معلومات ائين گڏ مڏ ٿي ويندي هئي، جي اسان کان ڪو
پڇي ته ڇا سمجهيئه ته جواب اهو هوندو. ”جانا ڪه
يه جانا، ڪه نه جانا ڪڇ ڀي.“
اسان ته اسان پر جيڪي ڳوهه مان
واڳون ٿيو گهمندا هئا. انهن جو به حال اهو هوندو هو، جو سڄي قصي ٻڌڻ کان پوءِ
ڪامريڊ سوڀي کان پڇندا هئا. ”سائين زليخان
مرد هو يا مائي؟“
ڪي ته وري اهڙا به هوندا آهن، جن
کي اها به خبر ناهي هوندي ته سياست جي ڪڪڙ ڪٿان مٽندي آهي. پر پوءِ به کڙين سان
ککڙيون ڀڃندا وتندا آهن پر ڪامريڊ جي ديا درشٽي سڀن جي مٿان. هي سڀني کي پيو متيون
ڏيندو ۽ ويچار ونڊيندو. اهو ڏسي مون کي يسوع مسيح جي ٻڌايل آکاڻي ياد ايندي آهي.
”هڪ هاري ٻني
۾ ٻج ڇٽيو. ڪي پکي چڳي ويا. جيڪو ٻج پيچرن جي آسپاس ڪريو، اُتان سلا نڪتا، سخت
زمين هجڻ ڪري پاڙون گهرائيءَ ۾ نه ويون. ان ڪري سج جي تپش جو مقابلو نه ڪري سگهيا
۽ سڙي ويا. ڪي ڊاڀولين ۽ ڪنڊن ۾ ڪريا، جن کين اسرڻ ئي نه ڏنو. جيڪي ٻج سٺي زمين تي
ڪريا. انهن مان هر ٻج پنهنجي تعداد کان
ٽيهوڻو فصل ڏنو.“
شايد ان ڪري ڪامريڊ سوڀو به هر
ڀونءِ ۾ ٻج ڇٽي ٿو. بس اهو زمين تي منحصر آهي يا ان جي دل و دماغ تي.
سندس ليڪچر ۽ تقريرون ته طوالت جي
لحاظ کان مشهور آهن. پر ادبي گڏجاڻين ۾ سندس راءِ ڏاڍي مختصر مگر جامع هوندي آهي.
سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙي جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ منهنجي ڪالم ”فڪر ڦرهي هٿ ۾“
بابت صرف ايتري راءِ ڏنائين؛
”نڪ تي چڙهي ٿو لڙين!“
ڪامريڊ سوڀي جي عادت آهي، هو ڪهاڻي
ڏاڍي انهماڪ سان ٻڌندو آهي. تبصري لائق هوندي ته تبصرو ڪندو، نه ته بس، هڪ دفعي
جڏهن ان جو کائنس سبب پڇيوسين ته وراڻيائين؛ ” بنيادي طور تي مان ڪهاڻيڪار آهيان.
ان ڪري جيڪا ڪهاڻي مون کي وڻندي آهي، مان صرف ان تي ڳالهائيندو آهيان. ادب ۾ مون جنهن صنف تي پهرين
طبع آزمائي ڪئي، اها ڪهاڻي هئي.جنهن جو عنوان هو ”اڍائي روپيه.“ جيڪا سنسار سماچار
اخبار ۾ ڇپي، وياج خوريءَ جي خلاف هئي. انهيءَ وقت منهنجي عمر ۱۸ سال هئي.“
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس ان
زماني ۾ به هڪ اهڙي سماجي برائي تي لکڻ جو احساس ٿيو، جيڪا اڄ به هڪ وڏي سماجي
برائي آهي. سچ ته وياج خوري اڄ به دنيا جي وڏي لعنت آهي ۽ وياج خور لعنتي.
ڪامريڊ سوڀي جيڪي به ڪهاڻيون
لکيون، انهن جا موضوع، سماجي حقيقت پسندي تي ٻڌل آهن. هن اهڙن موضوعن کي چونڊيو،
جيڪي اڄ به اسان جي سماج جا ٻرندڙ مسئلا آهن. ۽ ان جي گواهي سندس ڪهاڻين جو ڪتاب
”ڪڏهن بهار ايندو“ ڏئي ٿو.
مون سندس انگريزيءَ ۾ لکيل ٻه
ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ۱۹۹۰ع ۾ ڇپيون.
۱_ this is, how some boys make love.
۲_ sucide
اهي ٻئي ڪهاڻيون، ”شانتي نڪيتن“
مان نڪرندڙ انگريزي جريدي، ”وشوا ڀارتي“ ۾ ۱۹۴۰ع ڌاران ڇپيون هيون.
ڪامريڊ سوڀي جو چوڻ آهي ته هن،
شانتي نڪيتن ۾ ڏاڍو پڙهيو. ادب پڙهڻ ۽ لکڻ طرف جن ماڻهن سندس رهنمائي ڪئي. انهن ۾،
”شانتي نڪيتن“ جو لئبريرن ”پرڀات راءِ.“ ٻيو استاد اليگزينڊر آرنيسن ۽ ٽيون سندس
گروديو رابندر ناٿ ٽئگور، جنهن جي ذاتي
لائبريريءَ مان به هن استفاده ڪيو. ادب
مان جن ليکڪن کان گهڻو متاثر ٿيو، تن ۾ رابندر ناٿ ٽئگور، شرت چندر، ٽالسٽاءِ ۽
دوستو وسڪي جا نالا اهم آهن.
گهڻو ڪري اهو ئي سبب آهي جو ڪامريڊ
سوڀي جو سڀاءُ ڪنهن وڏي جر واري کوهه جيان آهي. جتان هر مسلڪ، هر خيال ۽ ويچار
ڌارا جو ماڻهو اچي علمي اڃ اجهائيندو آهي. مون سندس گهر ۾ مرحوم قربان علي بگٽي،
مرحوم ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مرحوم شاهنواز سوڍر، مرحوم هدايت منگي، سليم ڪورائي،
رزاق مهر، انعام شيخ ۽ ممتاز ابڙو وغيره کي ايندي ويندي ڏٺو. موضوع سخن هميشه ڪو
علمي نڪته نظر هوندو هو. اختلافن جي باوجود به اشتراڪ هو ته سماج مان قحط الرجال
کي ڪيئن گهٽ ڪجي.
سڀاءُ جو ذڪر نڪتو ته، ”ياران ڪهن“
سان سندس گفتگو ۽ ورتاءَ ياد پيو. سائين اياز قادري لاڙڪاڻي ايندو هو ته مون کي
گهرائي چوندو هو.
”اوهان شام جو ڪچهريءَ ۾ سوڀي کي
ضرور وٺي اچجو.“
ڪامريڊ سوڀي کي نياپو پهتو، ته نه
قيل نه قال، ها، ته ها ٿي وئي. شام ٿيندي
هئي ته ڪامريڊ، سائين اياز وٽ. ٻنهي جي ڪچهري ائين ڀاسندي هئي ڄڻ ٻه سُمانا سُرت وند
صلاحو هجن ته سنڌ جي ثقافت ۽ ادب کي ڪئين بچائجي ۽ سماج مان غير معياري رسمن ۽
رواجن کي ڪيئن تڙجي؟ ٻنهي کي ڏسي ڀٽائيءَ
جو اهو بيت ياد پوندو هو.
ويٺي جنين وٽ، ڏکندو
ڏور ٿئي،
تن تنين سي ڪٽ، اڏي اوڏا پکڙا.
ڪامريڊ سوڀي کي مون ان وقت به ڏٺو.
جڏهن ۱۹۸۹ع ۾ موهن جي دڙي تي سگا طرفان سچل انٽرنيشنل ڪانگريس منقعد ٿي هئي. ان
موقعي تي سندس هڪ جيڏا ۽ همعصر ليکڪ هند مان ڪهي آيا هئا. گوبند مالهي، ڪرشن
کٽواڻي، مرلي ڌر جيٽلي ۽ ٻيا. ڪامريڊ انهيءَ ڏينهن تي ايڏو خوش پئي لڳو ڄڻ جواني
موٽي آئي هجيس. اسٽوپا تي چڙهي جڏهن گوبند مالهيءَ سان پئي ڳالهايائين ته ائين پئي
محسوس ٿيو ته ڄڻ تاريخ، تاريخ سان ڳالهائيندي هجي.
ڪامريڊ سوڀي جي بارگيري ۽ بردبار
طبيعت جا ڪيئي قصا آهن. ٻين جو ڪهڙو ذڪر ڪجي. پنهنجو ٿو ڪجي، ته هڪ دفعو علي شيررونگھي
جي اوطاق تي، سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙو جي انتظامي معاملي تي ڪنعيي ۽ منهنجو اٽڪاءُ ٿي پيو. ڪامريد سوڀو،
منٺار سولنگي ۽ ٻي سنگت به ويٺي هئي. منهنجي ڳالهائڻ ۾ تيزي ۽ ترشي وڌيڪ هئي.
جيتوڻيڪ ڪامريڊ جو ڪنعيي سان پيار عالمِ آشڪار هيو. ڪامريڊ ڪنهنجي به ڀر نه کنئي. شايد کيس خبر هئي ته چرين ۽ مستن جو جهيڙو آهي.
پاڻهي ٺهي ويندا. ٿيو به ائين جو ٻي ڏينهن تي ڪنعيو مون سان لاڙڪاڻي جي پاڪستاني
چونڪ تي مليو. چيائين.
”ڀائيجان، مان شايد اوهان کي
سمجهائي نه سگهيس.“
چيومانس. ”يار معاف ڪجانءِ، مان
توسان تيز ٿي ويس.“
ڪنعيو گيانچنداڻي لڳندو هو ته ڪجهه
ڪجهه شخصي انتشار (personality disorganization) جو شڪار آهي. پر سندس آزاد نظمن، ڪهاڻين ڪالمن جي لکڻ واري شوق
مان اندازو ٿيندو هيو ته هو پاڻ سنڀالي ويندو. هونئن به هن دؤرِ آشوب ۾ اهو ڪهڙو
ماڻهو آهي، جيڪو شخصي انتشار جو شڪار ناهي؟ هر ڪو، ڪنهن نه ڪنهن راههِ فرار تي
گامزن آهي. پر ڪن ماڻهن جي فراريت جي راهه ڪنڊن سان لبريز هوندي آهي. خبر نه آهي
ڪنعيي اها راهه ڇو اختيار ڪئي؟ جيتوڻيڪ هو گهڻ پڙهيو ۽ ايم. بي. بي ايس ڊاڪٽر هو.
ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوش نصيبي جو ڪامريڊ سوڀي جهڙو سوڀياوان پيءُ ۽ ڪلپنا ديوي
جهڙي ذهين ۽ سوڀنيڪ جيون ساٿي. هو جيئن پوءِ تيئن هڪ اهڙو منڌل سٽ بڻجي ويو، جنهن
کي ڪامريڊ سوڀي جهڙو سٻوجهه به نه سلجهائي سگهيو. ليڪن انهيءَ دؤران هن گڻونت ۽
گياني منش ڇا ڇا نه ڪيو. ڪنعيي لاءِ ۽ ڪنعيي جي مرتئي کان پوءِ هر ڪنهن ائين پئي
سمجهيو ته ڪامريڊ ڌڪ نه پچائي سگهندو. پر هو ته ارنيسٽ همينگوي جي ناول”پوڙهو ۽
سمنڊ“ جي ڪردار ’سينٽياگو‘ کان به وڌيڪ مضبوط لڳو. جنهن جو ڊائلاگ هو ؛
Man can be destroyed, but cannot
be defeated.
(ماڻهو ختم ٿي سگهي ٿو، پر شڪست کائي نٿو
سگهي.)
***
No comments:
راءِ ڏيندا