; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - مير نادر علي ابڙو

13 December, 2012

ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي - مير نادر علي ابڙو


ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي
هڪ سِر-وَيچُ ۽ کاهوڙي ڪردار
مير نادر علي ابڙو
ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، منهنجي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي انتهائي پراڻن دوستن منجهان هڪ دوست آهي، جڏهن کان مون هوش سنڀاليو ته ڪامريڊ سوڀي جو ذڪر گهر ڀاتين جي زباني ٻُڌو اٿم . منهنجي والد جو هي واحد دوست آهي. جيڪو اسان جي گهر ڀاتين جيان ڄڻ ته فيملي جو هڪ فرد آهي. مان به ڪامريڊ جي گهر ۾ جيڪي به پروگرام ٿيندا آهن، خصوصن سندس سالگرهه، گهر جي ڀاتين سان گڏ موجود هوندو آهيان. بابا سائين جي وفات کان پوءِ ڪامريڊ سوڀي جي اسان جي فيملي سان هر ڏکي وقت ۾ اخلاقي مدد رهي، پر مان ڪامريڊ سان اڃا وڌيڪ ويجهو تڏهن ٿيس، جڏهن مون ۱۹۹۳ ۾ لاڙڪاڻي ۾ عبدالرزاق سومرو سان گڏ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي پر جلد ئي عبدالرزاق سومرو سفير ٿي دبئي هليو ويو. تڏهن ئي ڪامريڊ سوڀي مونکي چيو ته مان وڪالت ۾ ادا تاج محمد جو شاگرد هئس، مونکي وڏي خوشي ٿيندي اگر تون منهنجو وڪالت ۾ شاگرد ٿئين. مان راضپو ڏيکاريو ۽ پوءِ اصل ۾ اهو ڪامريڊ سوڀو ئي هيو، جيڪو مونکي هر ادبي گڏجاڻي ۾ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هئو. اهڙي نموني منهنجي ادبي تربيت ٿي ۽ ڪامريڊ سوڀي جي اصرار تي ئي مون ادبي دنيا ۾ قدم رکيو. ڪامريڊ سوڀي کي مون سان ايترو ئي پيار هيو، جيترو سندس وڏي پٽ ڊاڪٽر ڪنعي سان وڪالت ۾ به بحيثيت جونيئر جي مون لاڙڪاڻي ۾ هي واحد وڪيل ڏٺو، جيڪو هٿ جو ڏاڍو ڪشادو هو، مونکي هر ڪيس جي في ملڻ تي ڪجهه نه ڪجهه في منجهان پئسا بطور خرچي ڏيندو هئو ۽ ايئن هن منهنجو کيسو  هميشه گرم رکيو. مون ڪافي اهڙن موقعن تي غريب اصيلن کي ڪامريڊ جي هٿان بجاءِ في وٺڻ جي پنهنجي هڙان وڙان ڪاغذن پٽن جو خرچ برداشت ڪندي ڏٺو پر مرڳو اصيل اگر ڪامريڊ کي چئي ويٺو، ته ڪامريڊ ڳوٺ وڃڻ جيترو ڪرايو به ڪونه اٿم . ته يڪدم ڪامريڊ کيسي ۾ هٿ وجهي ڪرائي جا پئسا به ڏيندو هئو. نه فقط ايترو پر ڪيس به انهن جا کڻندي ڏٺو مانس جيڪي ناحقي جيل ۾ هجن، اڳ ۾ هنن کان پڪ وٺندو هئو، ته واقعي پوليس جا ستايل آهن، پوءِ جي سمجهندو هئو، ته واقعي اصيل بي ڏوهي ڦاٿو آهي، ته ڪيس کڻندو ور نه ٿڏي تي ئي جواب ڏيندو هئو، پر هڪ موقعي تي ته مونکي تعجب لڳو، جڏهن ڪامريڊ ڪيس وٺي هلائي رهيو هئو ۽ خبر پيس ته هي ماڻهو واقعي به ڏوهي آهي، ته هن کان ورتل سموري في واپس ڪندي چيائين ته مان ڪنهن ڏوهي کي بچائڻ لاءِ وڪالت ڪو نه ٿو ڪريان.


ڪامريڊ جو وڏو شوق ۽ اصرار هئو، ته تون وڪالت کي ئي جاري رک پر مونکي سرڪاري نوڪري ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هئو ۽ آخرڪار اينٽي ڪرپشن ۾ سرڪل آفيسر ٿيس ۽ ڪامريڊ کي ٻڌايم ته ڪامريڊ منهنجي پيشاني تي چمي ڏئي چيو ته نادر هاڻي سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي پارت اٿئي. هي تنهنجو عهدو MNA ۽ MPA کان وڌيڪ اٿئي. ممڪن آهي ته MNA ۽ MPA کي آفيسر جواب ڏين پر توکي ڪونه ڏيندا. تون انهي عهدي تي رهي سنڌ جي ڏتڙيل پيرين اگهاڙين جي پنهنجي والد وانگر خدمت ڪجانءِ ۽ انهي جو نالو روشن رکجانءِ. ڪامريڊ سوڀي کي مون انسان جي روپ ۾ فرشتو ڄاتو. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي زندگي ۾ اهڙو غريب نواز شخص سنڌ ۾ اڃان ڪونه مليو آهي. ڪوئي به در تي آيو، ته ڪامريڊ پنهنجي وس کان ٻاهر سندس اخلاقي توڙي مالي مدد ڪري هن جي تڪليف ضرور دور ڪندو ۽ پوءِ ئي ساهه پٽيندو. ڪامريڊ سوڀو جيڪو جيلن ۽ سختين سان ته کلندي کلندي منهن ڏئي آيو، پر مون سندس اکيون آليون ٿيندي ڏٺو، ته فقط ۽ فقط سندس پٽ ڊاڪٽر ڪنعي جي وفات تي ڏٺو، جنهن لاءِ مون کي چوندو آهي، ته نادر بابا ڪنعيو پٽ ته منهنجو هيو پر تنهنجي والد ادا تاج محمد هن کي اڄ کان ۲۰ سال اڳ ۾ ئي سمجهي ويو هيو ۽ مونکي هوشيار ڪندي اڳڪٿي ڪئي هئائين ته ڪنعيو پٽڙي تان لهڻ وارو اٿئي، ڪنٽرول ڪرينس، پر انهيءَ وقت مون سندس انهيءَ ڳالهه تي بنهه غور ڪونه ڪيو. ڇو جو مونکي وهم گمان به ڪونه هئو، ته ڪنعيو هيڏو شاعر ۽ اديب آهي، مون هن جي وڏي محنت سان تربيت ڪئي آهي، هو غلط صحبت ۾ ته اچي ئي نه ٿو سگهي، مگر ٿيو اهو ئي، جيڪو ادا تاج محمد ۲۰ سال اڳ اڳڪٿي ڪئي هئي. پر ڪامريڊ ايڏي وڏي صدمي سهڻ کان پوءِ به هماليه جبل وانگر مضبوط ۽ ارڏو پنهنجي مشن سان لڳل نظر اچي ٿو.
شال ڪامريڊ چنڊ ۽ ستارن جيڏي ڄمار ماڻي ۽ تازي گلاب جي گل وانگر ٽڙندڙ رهي، سندس خوشبو جي سڳند سان سنڌ واسيل رهي.

(عبرت، عوامي آواز، تعمير سنڌ، هلال پاڪستان، سنڌ، سنڌو)

No comments:

راءِ ڏيندا