مولانا غلام محمد گرامي
ڏات ۽ ڏاهپ جو ڏيئو
امتياز عادل سومرو/ ميهڙ
سنڌ ڌرتيءَ هر دور ۾، ڪيترا ئي ڏاها، عالم، مُفڪر، شاعر ۽ ڏات ڌڻي پيدا
ڪيا آهن، جن پنهنجي ڏات جي آڌار تي اعليٰ مقام ماڻيو آهي ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي.
ميهڙ جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ، عالم، سيد علي اڪبر شاهه، سيد علي اصغر شاهه، محمد نواز
محزون، اسحاق راهي، شيخ سنڌي، غلام حسين ڏيپر ۽ صرير پنهور تائين، اهڙا اَڻ ڳڻيا انسان
آهن، جن جي ڏات ۽ ڏانءُ اڄ به انهن جي سڃاڻپ کي برقرار رکيو ۽ ميهڙ جي مٽيءَ کي سنسار
۾ سُرخرو ۽ ساراهه جي لائق بنائڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو آهي.
اهڙن ئي اعليٰ انسانن مان، عالم، اديب ۽ شاعر سائين غلام محمد گرامي به
هڪ آهي، جنهن جي ڏاهپ ڏيهان ڏيهه، ميهڙ جي مٽيءَ جو مان مٿانهون ڪيو آهي.
غلام محمد گراميءَ جي پيدائش ميهڙ شهر جي هڪ مسڪين ماڻهو ۽ غربت ۾ گذارو
ڪندڙ جاڙو خان لغاريءَ جي گهر ۾، ۳۰
ڊسمبر ۱۹۲۰ع ۾ ٿي. پورهيت جاڙو خان لغاري جو اهو فرزند، اڳتي
هلي علم جي دولت سان ايترو ته مالا مال ٿيو جو ان علمي خزاني مان، اڄ جو اديب، شاعر
۽ علم جو اُڃارو شعور جي بيپناهه ملڪيت جو مالڪ بڻجندو پيو وڃي.
غلام محمد گرامي، هڪ اعليٰ استاد جي حيثيت ۾، سنڌ جي سدا بهار شاعر اسحاق
راهيءَ جهڙا شاگرد تيار ڪيا. ۱۹۴۳ع
کان پنهنجي صحافتي زندگيءَ جي ابتدا ڪندي، هن مختلف اخبارن ۾ جيڪي ڪالم، مقالا ۽ مضمون
لکيا، اهي سندس اعليٰ علمي صلاحيتن ۽ ترقي پسنديءَ جو بي بَها خزانو تصور ڪيا وڃن ٿا.
سائين غلام محمد گرامي، هڪ ترقي پسند اديب هو. هن اُن دور جي نوجوان لکندڙن
کي، سندن علمي ۽ ادبي صلاحيتن جي آڌار تي، اُتساهي اڳتي آڻڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون.
نون لکندڙن جي همت افزائي ڪندي، سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، نيون راهون ڏنيون.
غلام محمد گرامي، ان وقت جي ڪيترين ئي علمي، ادبي تنظيمن ۽ اشاعتي ادارن
سان پڻ سلهاڙيل رهيو. قلم سان سندس قُرب، ڪڏهن به ڪُراڙو ٿي نه سگهيو. لِکڻ سندس جياپي
جو گَس بڻجي چڪو هو. جيڪو سندس آخري عمر تائين به پُرجوش رهيو. سندس قلم، هر دور جي
ڏاڍ، نا انصافي ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جا قهري ڪوٽَ هڪڙي ئي جُنبش سان ڪيرائيندو
رهيو.
مولانا غلام محمد گرامي جو طويل تحقيقي مقالو، ’مشرقي شاعريءَ جا فني
قَدر ۽ رجحانات‘ هڪ لازوال ادبي خزانو آهي.
غلام محمد گرامي، پنهنجي سموري زندگي، علم ۽ ادب جي اوسر، تحقيق، ۽ کوجنا
جي راهن تي هلندي گذاري ڇڏي. علم و ادب جي ميدان ۾ مسلسل محنت ۽ جاکوڙ جاري رکندي،
ڪڏهن به ڪٿي ٿڪجي ۽ ويهي رهڻ جي وائي نه ڪرڻ وارو، غلام محمد گرامي، ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۷۶ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
مولانا غلام محمد گرامي
جديد سنڌي ادب جو سرواڻ
لطافت علي جوهر
عالم، اديب شاعر، دانشور،
فلاسفر ۽ مفڪرن جو جنم هر قوم، خطي ۽ ڌرتيءَ لاءِ سعادت جو اهڃاڻ هوندو آهي ۽ انهن
درد مند انسانن جي پيدا ٿيڻ سان تهذيبون زندهه ٿي پونديون آهن. تاريخ تي چڙهيل دز
صاف ٿي ويندي آهي ۽ تاريخ جا چهرا صاف نظر ايندا آهن، اهڙن عظيم انسانن ۾ مولانا
غلام محمد گرامي جو به شمار ٿئي ٿو. سنڌ ڌرتي لک مبارڪن جي لائق آهي جنهن ۳۰ ڊسمبر ۱۹۲۰ع ۾ هڪ اهڙي پارس
مثل دانشور، عالم، مفڪر، فلاسفر، اديب ۽ شاعر کي جنم ڏنو جنهن پنهنجي ڌرتي، تهذيب،
ثقافت، تاريخ، مذهب، موسيقي، ٻولي، شاعري، اخلاقي قدرن ۽ روايتن جي پاسداري ڪندي
قوم ۾ جديد علم ۽ ادب جي تقاضائن کان روشناس ڪرائيندي ترقي پسند سوچ ۽ زندهه دلي
پيدا ڪئي.
مولانا گرامي ۾ ڪرڻ لاءِ ۱۹۲۶ع کان ۱۹۳۱ع ۾ پرائمري تعليم
ميهڙ مان پاس ڪري ۱۹۳۷ ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي ۾ داخل ٿيو جتي سيد
اڪبر شاهه جهڙن شفيق ۽ مهربان استادن جي محبت ملي جنهن سبب هر سال تعليمي ميدان ۾
پهريون نمبر حاصل ڪندو رهيو. سندس علمي چاهه، ترقي جون منزلون ماڻيندو تحقيق ڏانهن
وڌندو رهيو کيس ديني علم ۽ اصول ۽ تحقيق تي وڏي دسترس حاصل ٿي ويئي.
۳۸-۱۹۳۷ع ڌاري ديني ڪتابن کان علاوه ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون سندس مطالعي
هيٺ رهيون، انهن ڏينهن ۾ سنڌي اخبارن “سنسار سماچار” ۽ “هندو” علامه دائود پوٽي
خلاف ڪافي مضمون ۽ ايڊيٽوريل لکيا، انهن ئي ڏينهن ۾ علامه ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو
صاحب تازو ئي سنڌ جي تعليم کاتي جو “ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽريڪشن ان سنڌ” مقرر ٿيو هئو
۽ تعليم کاتي ۾ ڪافي سڌارا آندا هئائين، جنهن سبب سنڌ جي هندو واپاري طبقي ڪجهه
فساد کڙو ڪيو جنهن تي هن ننڍڙي عمر ۾ پنهنجي قلم کي جنبش ڏيندي هڪ مضمون ڊاڪٽر
دائود پوٽي جي دفاع ۾ اخبار الوحيد ۾ لکيو، ايڊيٽر اهو تحقيقي مضمون پوري هڪ صفحي
تي شايع ڪيو ۽ ايڊيٽوريل ۾ پڻ ريفرنس طور پيش ڪيو. انهيءَ تحقيقي مضمون کيس
شاگرديءَ واري دور ۾ وڏي شهرت ڏياري ۽ سندس استاد سيد اڪبر شاهه ڏاڍو متاثر ٿيو ۽
ان خوشي ۾ کيس “گرامي” جو لقب عطا ڪيائين.
پنهنجي ڪٽنب جي تنگدستي ۽ وڏي عيال
سبب پاڻ ديني تعليم مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ لاچار ٿي ديني تعليم اڌوري ڇڏي پرائمري
معلم مقرر ٿيو اتان ئي پنهنجي عملي زندگي جو آغاز ڪيائين استادن جي فيض ۽ صحبت کيس
علم جي بلندين تائين پهچايو فنون لطيفه، جاگرافي، رياضي، طب، ديني تاريخي، ثقافتي،
فني ڄاڻ ۽ سياسي شخصيات جي زندگي بابت ڄاڻ سندس وسيع مطالعي سبب حاصل ٿي. کيس قرآن
شريف ۽ اسلامي فقه تي وڏو عبور هو پر يوناني فلسفي تي به سندس وڏي نظر هئي. مسئلي
جو علمي ڇيد ڪري ابن العربي، ابن رشد، ابن خلدون، شاهه ولي الله، مولانا رومي،
مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شبلي جهڙن جيد عالمن جا
حوالا ورجائيندي سقراط، بقراط ۽ ارسطو تائين پهچندو هو، ماڻهو سندس قابليت ۽ ڏاهپ
کان متاثر ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر دائود پوٽي، سيد اڪبر شاهه ۽ محمد صديق ميمڻ پرنسپال
ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جن گڏجي حيدرآباد ۾ عربي يونيورسٽي جو بنياد رکيو ته
سيد اڪبر شاهه ميهڙ جي مدرسي مان ڪجهه استاد جامعه عربيه لاءِ آندا انهن ۾ گرامي
صاحب کي به آندائون. اهڙي طرح گرامي صاحب عربي جو استاد مقرر ٿيو جتي پاڻ وڏي چاهه
سان خدمت انجام ڏيندا رهيو پر سيد اڪبر شاهه صاحب جي سياست ۾ پير پائڻ ۽ اسيمبلي
ميمبر ٿيڻ ۽ سياسي مصروفيتن وڌڻ سبب جامعه عربيه ڏانهن ڌيان ختم ٿي ويو جنهن سبب
استاد هڪ هڪ ٿي جامعه عربيه ڇڏيندا ويا ۽ اهڙي طرح هن اداري جامعه مان ڦري هاءِ
اسڪول جي شڪل ورتي. گرامي صاحب هڪ خودار شخص هو هن اهڙي اداري ۾ ڪم ڪرڻ مناسب نه
سمجهيو، ڊاڪٽر دائود پوٽي سندس خوداري علمي لياقت ۽ صلاحيت کي جانچي ورتو تنهن کيس
ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ دينيات جو استاد مقرر ڪيو. ٽريننگ ڪاليج جي ماحول سندس
صلاحيتن کي ڪافي جلا بخشي، سندس تحريرن ۽ تقريرن ۾ فلسفياڻي نقطي ۽ تصوف جون
گهرايون اسلامي تعليمات، اخلاقي قدرن ۽ تهذيبي روايتن جو عنصر شامل هو مطلب ته علم
جو هڪ سمنڊ پلٽيون کائيندو هو. ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر غلام حسين جعفري
سندس علمي ڏاهپ جو ڏاڍو قدردان هو ۽ هر معاملي تي سندس راءِ جو احترام ڪندو هو.
ڊاڪٽر غلام حسين جي بدليءَ سبب پاڻ ٽريننگ ڪاليج ۾ رهڻ هن مناسب نه سمجهيو ۽ عهدي
تان استعيفيٰ ڏنائين ۽ جلد ئي سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملازم ٿيو.سنڌي ادبي بورڊ پاران
نڪرندڙ ٽي ماهي رسالي “مهراڻ” جي ايڊٽنگ سنڀالي. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جي سياسي افق
تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هيا، ايوب خان جو ون يونٽ قائم ٿي چڪو هو، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب،
سنڌي ثقافت ۽ تهذيب جي ترقي ۽ فروغ تي پابندي مڙهي ويئي، سنڌ جي تاريخ، ثقافت،
تهذيب ۽ تمدن تي ڪتاب لکڻ ۽ ڇپرائڻ ۽ سنڌي اشاعتي ادارن تي سينسر بورڊ جون
پابنديون لڳايون ويون ۽ کين تفتيشي ادارن آڏو جواده بڻايو ويو. اهڙي ملڪي صورتحال
۽ گهٽ، ٻوسٽ واري ماحول ۾ جتي اظهار جي آزادي جا سمورا وسيلا جيڪي حڪومتي عتاب هيٺ
آيل هيا، جو موقعو وٺندي ڪجهه رجعت پسند حلقن جديد سنڌي ادب ۽ انهن اديبن خلاف
ڪيترائي محاذ کڙا ڪري ڇڏيا، مٿن ڪفر ۽ الحاد جي فتويٰ جا دفتر کولي ڇڏيا، آزاد نظم
کي ڪفر قرار ڏنو، حسن ۽ فراق تي ٻڌل شاعري فحاشي پکيڙڻ جو ذريعو قرار ڏنو وغيره
وغيره انهيءَ رجعت پرست طبقي حڪومتي سرپرستيءَ ۾ جلسا جلوس ڪڍيا ۽ حڪومت کان
مطالبو ڪيو ته جديد ادب جا سمورا ڪتاب ضبط ڪيا وڃن ۽ ترقي پسند اديبن کي شهر بدر
ڪيو وڃي، اهڙي موقعي جو فائدو وٺندي حڪومت شيخ اياز جي شاعريءَ جي ڪتاب “ڀونر ڀري
آڪاس” تي بندش وجهي مارڪيٽ مان سڀ ڪاپيون ضبط ڪرائي ورتيون.
اهڙي ڏکئي ۽ نازڪ وقت ۾ مولانا
گرامي صاحب ئي واحد مرد مجاهد هو جنهن نه فقط فڪري محاذ تان مخالفن جو مقابلو ڪيو
۽ عملي طرح سان آزاد نظم ۽ شاعري لکي، جيڪا فڪري بصيرت، تازگي، جمالياتي حسن،
زندگي سان ٽمٽار ۽ جام محبت سان ڀريل هئي ۽ گرامي صاحب جو قلم پوري جا جلال سان
جاڳي اٿيو، هن سنڌي شاعري جي نون لاڙن تي ٽي سئو صفحن جو مضمون /شاهڪار ڪتاب “مشرقي
شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات” تخليق ڪيو جنهن تي سنڌ جو ترقي پسند عوام صدين
تائين ناز ڪندو. انهيءَ ڪتاب ۾ عربي، فارسي ۽ اردو جي قديم ۽ جديد شاعري جا مثال
ڏيڻ کان سواءِ هن شعر جي صنفن، فڪر ۽ فلسفي تي سموري مشرقي ادب جو حوالو ڏنو تنهن
هوندي به اهو رجعت پسند گروهه مطمئن نه ٿيو ۽ گرامي صاحب خلاف ڪفر ۽ الحاد جون
فتوائون مڙهي کيس پاڪستان ۽ اسلام دشمن قرار ڏيندي، سنڌي ادبي بورڊ مان برطرف ڪرڻ
جو مطالبو ڪيو ۽ ڪورٽن ۾ ڪيس ڪيا اهو سمورو عمل ايوب خان جي زوال تائين هلندو رهيو
نيٺ ون يونٽ ختم ٿيو ۽ گرامي صاحب سک جو ساهه کنيو. گرامي صاحب بنيادي طور مذهبي
ماڻهو هو، تصوف ۽ روحانيت سان سندس روح واسيل هو ۽ سنڌ جو سچو عاشق ۽ سنڌ جي عظمت
جو ثنا خوان هو. گرامي صاحب ۾ هڪ عالم ۽ صاحب بصيرت شخص جون ڪمال خوبيون موجود
هيون. ڪنهن مسئلي جي سمجهاڻي اهڙي مدلل انداز ۾ ڏيندو هئو جو ماڻهو حيرت زده رهجيو
ويندا هيا. حيرت آ ته هڪ عام ۽ ساده لوح شخص وٽ ايتري معلومات ڪٿان آئي، ديني ۽
مذهبي معاملن کان علاوه، تاريخي، ثقافتي، فني ڄاڻ کيس وڏي شهرت ڏياري مختلف سماجي
۽ سياسي شخصيتن جي بايو گرافي ۽ سندن ڪارنامن بابت گهڻي ڄاڻ هوندي هيس جيڪو سندس
وسيع مطالعي سبب هو.
گرامي صاحب نثر به لکيو ته نظم
به! سندس شاعري جو عنوان گل، بلبل سرو، سنبل زلف ۽ گيسو نه هئا. جديد ادب ۽ علم جي
تقاضائن تي وسيع مطالعي هن کي سنڌ جي نئين ادب سان گهرو شغف پيدا ڪرايو ۽ سوين نون
اديبن ۽ شاعرن کي همٿائيندي سندن اصلاح ڪيائين گرامي صاحب زندگي، سماج ۽ ڪائنات ۾
ارتقا جي حقيقت کي پرکيو ۽ قبول ڪيو هو ۽ پاڻ به ذهني طور ان ارتقائي عمل مان
گذرندو آيو، فنا کان بچندو آيو ۽ بقا حاصل ڪندو رهيو. زمان ۽ مڪان، سياسي ۽ سماجي
حالتن ۽ داخلي اثرن کي قبول ڪندو، پاڻ کي ارتقائي (ذهني) منزلن کي ڪاميابي سان
اڳتي وڌائيندي هليو. ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۷۶ع تي سنڌ جو هيءُ
لاکيڻو ۽ حق پرست انسان علم ۾ اڪابر، مفڪر ۽ فلاسفر، اديب، شاعر دانشور، ترقي پسند
سوچ جو مالڪ، مرد مجاهد سنڌ جي هزارين عوام جي دلين کي ڌڙڪائيندو اسان کان ڪافي
ڏور هليو ويو پر سنڌي ادب ۾ حق جي جيڪا روايت قائم ڪري ويو اها هميشه قائم رهندي.
مولانا غلام محمد گرامي
سنڌي ٻوليءَ جو برک اديب ۽ عالم
رکيل مورائي
ميهڙ جي مٽيءَ مان جنم
وٺندڙ ۽ حيدرآباد جي هوائن ۾ زندگيءَ جو وڏو عرصو گذاريندڙ علم، ادب ۽ سنڌي ادبي
بورڊ ۾ پنهنجون خداداد صلاحيتون استعمال ڪندڙ مولانا غلام محمد گراميءَ کي ڪامريد
غلام محمد گرامي چئجي ته گهڻو غلط نه ٿيندو. ڇاڪاڻ جو گرامي صاحب مولانا عبدالواحد
سنڌيءَ وانگر سنڌ ۾ اهڙو مولانا هُئو جنهن تي اڄ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب فخر
ڪري سگهي ٿو. هڪ مولانا عبدالواحد سنڌيءَ “ئين زندگيءَ” معرفت سنڌي ادب جي خدمت
ڪئي ٻئي مولانا گرامي صاحب “مهراڻ” معرفت سنڌي ادب جا گهڙا ڀريا.
گرامي صاحب انهن مولانائن
مان هُئو جن مسجدن کي پٺي ڏيئي، محبوب ڏي مُنهن ڪيو ۽ پنهنجي عاقبت سنواري ويا. اڄ
سنڌي ادبي بورڊ جنهن به صورت ۾ آهي. ان ۾ ڪجهه پورهيو گرامي صاحب جو به آهي نه رڳو
هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهي سنڌي ادب جي خدمت ڪئي پران کانسواءِ به گرامي صاحب جيئن
مدرسي جو پڙهيل هُئو ۽ فارسي ٻوليءَ کان واقف هُئو ان ڪري شاعري ۽ ان جو علم سندس
روح ۾ رچيل هُئو. هونئن پاڻ شاعر به هُئو ته نثر نويس به، صحافي به هُئو ته مقرر
به! هڪ ئي وقت گهڻيون لياقتون رکندڙ گرامي صاحب کي اڄ جڏهن ياد ڪجي ٿو ته، هڪ اهڙو
دور اکين اڳيان ٿو وڃي. جنهن ۾ هڪ پاسي وطن دوستيءَ ۽ روشن خياليءَ جي نظرئي هيٺ
لکيو ويندڙ ادب هُئو ته ٻئي پاسي بنياد پرستيءَ ۽ سرڪار پرستيءَ هيٺ لکيو ويندڙ
ادب هُئو ۽ ان ٻنهي پاسن جي هلندڙ جنگ جو گرامي صاحب اهڙو سپاهي هُئو، جنهن سنڌي
ادب ۾ “حُر” جو ڪم ڪيو. هو هڪ طرف مولانا مدرسي مان نڪتل، فارسيءَ جو علم ڄاڻندڙ
پر جنگ ۾هو فارسيدانن جي خلاف، پُراڻ پرستيءَ خلاف، نئين روشنيءَ لاءِ وڙهندو
رهيو. نه رڳو هو مهراڻ جي پليٽ فارم تان اها جنگ وڙهيو. پر هُو پنهنجي ان وڙهندڙ
جنگ جو عظيم داستان به اسان وٽ ڇڏي ويو جنهن جو نالو آهي “مشرقي شاعريءَ جا فني
قدر ۽ رجحانات”. اهو چوڻ شايد ننڍو وات وڏي ڳالهه ٿيندي ته ان دور ۾ وڙهي ويندڙ
ادبي جنگ جو اهڙو دستاويز ۽ نئين ادب ۽ شاعريءَ جو اهڙو وڪالت نامو سنڌي ادب ۾ اڄ
تائين ٻيو ڪوبه نه آهي. باقي سڀ ٻاهرين نظرين جا وڪالت ناما آهن.
گرامي صاحب جو جو ڪم
ڪيترو آهي. ان جو ننڍڙو مثال سنڌي ادبي بورڊ پاران تازو ڇپايل “گراميءَ جون لکڻيون”
جي نالي وارو اهو پهريون جلد آهي، جيڪو نوجوان کاهوڙيءَ ۽ اسانجي دوست آزاد انور
ڪانڌڙي ترتيب ڏنو آهي. جنهن جا ٻيا جلد اڃا شايع ٿيڻا آهن. ٻيءَ طرح گرامي صاحب
ڪجهه به نه لکي ها ۽ هو فقط “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات” ڪتاب لکي وڃي ها
تڏهن به هو سنڌي ادب ۾ پنهنجي مستند سڃاڻپ ڇڏي وڃي ها. ساڳي طرح ان دور ۾ اسان کان
وڇڙي ويل بزرگ اديبن جا جيڪي هُن وفات ناما لکيا، اهي خود هن جي لکڻيءَ جي ساک
ڀرين ٿا، جن کي گڏي سنڌي ادبي بورڊ “وياسي وينجهار” نالي ڪتاب ڇپايو، جنهن نالي
سان گرامي صاحب اهي الڳ الڳ موقعن تي لکيا هُئا ۽ جنهن کان پوءِ “مهراڻ” ۾ وري
اهڙا وفات ناما نه لکيا ويا آهن.
گرامي صاحب جي کاتي ۾ ٻين
ڪيترن ڪمن سان گڏ “مهراڻ” جو شاعر نمبر به آهي. جنهن نمبر جهڙو ڪو ٻيو نمبر وري
بورڊ نه آڻي سگهيو البت بورڊ پنهنجي هن خدمتگار کي ياد ڪندي کيس تي هڪ نمبر ضرور
ڪڍيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته بورڊ کي اهي پنهنجا ٻه عظيم محسن اڄ جي تاريخ تائين ياد
نه آيا آهن جن جي ڪري بورڊ جو وجود اڄ تائين سلامت آهي. انهن مان هڪ آهي سائين جي
ايم سيد ۽ ٻيو آهي قبلهءِ طالب الموليٰ سائين، جڏهن ته گرامي صاحب جو به ڪيترو ئي
ڪم اڃا رهيل آهي، جيڪو بورڊ پاران ڇپجڻ گهرجي. ايئن ڪري بورڊ پنهنجي هن محسن ۽
ساڳئي خدمتگار کي پنهنجو اجورو ڏيندو.
گرامي صاحب سان جن شخص
ملاقاتون ڪيون اهي سندس گفتار جا معترف آهي ۽ جن کيس پڙهيو آهي اهي سندس لکڻين جا
مداح آهن ۽ جن کيس نه پڙهيو آهي. سچ ته اهي پنهنجي ان ڪميءَ جو ازالو هُن، جو اهم
ترين ڪتاب “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات” پڙهي پورو ڪن. گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾
اڄُ شاعري ڪندڙن سڀني نوجوانن کي گرامي صاحب جو اهو ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ
ته اهو ڪتاب اسان کي پنهنجي بنيادن کان واقف ڪري ٿو نه رڳو ايترو پر اهو ڪتاب
سنڌيءَ جي نوجوان شاعرن کي پنهنجي ڪلاسيڪيت سان جوڙيندڙ. ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي
پاڙن کان الڳ ٿي ڪوبه وڻ سائو رهي نه سگهندو ۽ نه ئي ڦل ڏيئي سگهندو ۽ گرامي صاحب هيءُ
ڪتاب لکي اسان کي اهو احساس ڏياريو ته اسين هڪ لازوال ورثي جا وارث آهيون. جنهن
سان اسان کي اڳي پوءِ جُڙڻو آهي.
گرامي صاحب ٽيهه ڊسمبر ۱۹۲۰ع تي منديءَ جي مهڪ سان
واسيل شهر ميهڙ ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي سموري زندگي علم ادب کي ارپي ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۷۶ع تي حيدرآباد جهڙي علمي
ادبي شهر ۾ پنهنجي گهر اندر مجهند جو ان ڏيهه اُڏامي ويو. جنهن ڏيهه ڏانهن اڏام
هرجيئندڙ لاءِ ضروري آهي. مولانا صاحب پاڻ هليو ويو آهي پويان ڪيتريون ئي لکڻيون
ڇڏي ويو آهي، جيڪي سدائين ياد رهڻيون آهن. اڄ هُن کي ياد ڪري سچ ته ڄڻ اسين پنهنجو
پاڻ کي ياد ڪريون ٿا. اسان جا پيشرو جن جي جوڙيل پيچرن تي اسين روان آهيون ۽ سڀاڻ
ڪي ٻيا هوندا پر اهي پيچرا سلامت رهڻا آهن، جيڪي گرامي صاحب جهڙن بزرگن پنهنجي
اڻٿڪ جدوجهد سان جوڙيا آهن هاڻ اسان تي فرض اهو آهي ته نه رڳو سندن جوڙيل پيچرن تي
هلون، پر سندن نئين روشنيءَ لاءِ ٻاريل انهن ڏيئن کي به وسامڻ نه ڏيون جن جي
روشنيءَ ۾ ئي اسين انهن پيچرن تان هلي پنهنجي ماڳ پڄڻا آهيون.
(۳۰ ڊسمبر گرامي صاحب جو ۹۱ هون جنم ڏينهن آهي)
مولانا غلام محمد گرامي
ھڪ وساريل عظيم عالم، دانشور
۽ نقاد
آزاد انور ڪانڌڙو
اها انهن ڏينهن جي ڳالهه
آهي، جڏهن ايوب خان ملڪ جو صدر هو ۽ ايوب خان جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ڏکيا ڏينهن
آيل هئا.ايوب خان جي ايڊيوڪيشن پاليسيءَ تحت سنڌي ٻوليءَ کي ٽئين درجي تائين محدود
ڪيو ويو هو.ان ئي دور ۾ ايوب خان جمهوري ٽرين ۾ ملڪ جو دورو ڪيو ھو.ان ٽرين ۾ مختلف
مڪتبئه فڪر جي ماڻهن کي ايوب خان پاڻ سان گڏ سفر جي دعوت ڏني هئي.سنڌ جي هن يگاني
،جڳ مشهور عالم، اديب، شاعر، نقاد، محقق، تاريخدان، صحافي، ڪالم نويس، علم و ادب
جي درياھ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽه ماهي “مهراڻ” جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد
گراميءَ به ان ٽرين ۾ ايوب خان سان گڏ سفر ڪيو هو. ايوب خان ٽرين ۾ هر ماڻهوءَ کي
انفرادي طور سڏائيندو ۽ ساڻس گفتگو ڪندو هو.گرامي صاحب کي به ايوب خان سڏائي ساڻس
گفتگو ڪئي.ايوب خان کانئس پڇيو هو ته “سنڌ جي ماڻهن جو ڇا حال آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو
منهنجي (ايوب خان) جي باري ۾ ڇا ٿا چون ۽ ڇا ٿا سوچين؟” .
گرامي صاحب کيس
جواب ڏنو هو ته “سنڌ جا ماڻهو سادا ۽ سٻاجها آهن ،حليم ،صابر آهن،پر هو هڪ اسپرنگ مثل آهن.هنن کي اوهان جيترو به ويهي دٻائيندا”
هو پيا دٻبا ،ڇو ته ھو قربائتا آهن ۽ مريادا وارا آهن، هٺيلا نه آهن. پر مڄاڻ جو اهي ڪڇن، جيئن اسپرنگ کي اڇل ايندي آهي
۽ مٿس ويٺل يا بيٺل ماڻهو اونڌي منهن وڃي ڪرندو آهي،تيئن سنڌ جو ماڻهو انهيءَ اسپرنگ
وانگر آهي جنهن کي توهان قرب ۾ پيا دٻايو، محبت ۾ سر وٺي وڃو، پر جيڪڏهن انهن ۾
اها اڇل اچي وئي ۽ سندن جوش، جذبي ۽ غيرت کي للڪاريو ويو ته پوءِ ان کي دٻائڻ وارو
سامهون سٽ جهلي نه سگهندو.
گرامي صاحب جي
انهيءَ منهن تي سچ چوڻ واري ڳالهه ايوب خان
تي اهڙو اثر ڪيو، جو اڳتي هلي ايوب خان سنڌين جي فطرت کي سمجهي، سنڌي زبان واري
فيصلي کي واپس وٺي، ان کي ساڳي حيثيت ڏني. اهو رڳو مان نٿو لکان يا چوان، پر اهڙي
شاهدي ۴۱ سال اڳ سنڌ جي برک محقق ،عالم،اديب پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب
پنهنجي هڪ مضمون “ڪجهه حقيقتون” (مهراڻ ۰۴-۱۹۳۶ع) ۾ به ڏني آهي.
“گرامي” صاحب
بابت سنڌ جي نامياري اديب ۽ سياستدان پير علي محمد راشديءَ لکيو آهي ته: “جنهن ٻوليءَ
۾ هن قسم جو قلم آهي، اها ٻولي نه مرندي”.
سنڌ جي مها ڪوي شيخ
اياز، گرامي صاحب کي هنن لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي: “مولانا گرامي هڪ مسڪين
ماڻهو هو، پر ادب جي ڌن سان مالامال هو”.
گرامي صاحب جو جنم
دادو ضلعي جي ميهڙ شهر ۾ هڪ مسڪين هاري، جاڙي خان لغاريءَ جي گهر ۾، ۳۰ ڊسمبر ۱۹۲۰ع ۾ ٿيو. سندس نالو غلام محمد رکيو ويو. اُهو غريب جو ٻار اڳتي هلي هڪ
عالم، فاضل، اديب، شاعر، دانشور ۽ محقق مولانا غلام محمد گراميءَ جي نالي سان
مشهور ٿيو. سندس وڏن مان، خاندان جو پريو مڙس برادي خان اول، ۱۸۴۰ع ۾ شورڻ چوٽي، ديري غازي خان مان آيو ھو، ۽
ميرن جي ڏنل جاگير ڊگهه بالا ضلعي دادوءَ ۾ اچي رهيو، ۽ اتي لغارين سان مٽي مائٽي ڪيائين.
اڳتي ھي خانداني اڻبڻت جي ڪري اهو سمورو خاندان منتشر ٿي ويو ۽ ھن وقت ان خاندان
جا فرد ميهڙ، لاڙڪاڻي، قمبر، جوهي، پٽ گل محمد، ميرو خان جمالي، جُهڏي، ڍرگهه بالا
۽ حيدرآباد ۾ رهن ٿا.
“گرامي” صاحب
مڪتبن ۾ پڙهيو ۽ پرائمري تعليم سنڌي اسڪول ميهڙ ۾ حاصل ڪيائين. هن ڪجهه سنڌي، ڪجهه
عربي، فارسي ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. پر وٽس جيڪا ڄاڻ هئي، اها ذاتي مطالعي،
مشاهدي، کوجنا، تجسس ۽ تجربي ڪري وڌي. هن عمر جو ڪجهه حصو ديني رهنمائن سان گڏ
گذاريو. ننڍپڻ ۾ گرامي صاحب نهايت سنهڙو ۽ ڪمزور هوندو هو. گرامي صاحب جي همعصر ۽
هم ڪلاسي مولوي نور محمد سنڌيءَ، پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته
“گرامي صاحب
سنهڙي ۽ ڪمزور هئڻ سبب اسڪول ۾ ان وقت مشهور هو ته پهريون نمبر غلام محمد سنهڙو
آهي ۽ ٻئي نمبر تي عبدالحميد خان جتوئي! ان وقت کين ٻاراڻو ڪتاب ماستر محمد صالح مرحوم
پڙهائيندو هو ۽ ان دور ۾ اسڪولن جا ساليانا امتحان تعليم کاتي جو هڪ برجستو آفيسر
مرحوم علي خان ابڙو وٺندو هو”. گرامي صاحب
ديني تعليم حاصل ڪرڻ ان تعليم ڇڏي ميهڙ ۾ پرائمري استاد اچي مقرر ٿيو. ميهڙ جي اسڪول
۾ استاد هئڻ دوران سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر سائين اسحاق “راهي” به وٽن پڙهيو.
هو ۱۹۴۳ع ۾ پنهنجي استاد حاجي سيد علي اڪبر شاهه جي چوڻ تي جامعه عربيه اسڪول
حيدرآباد ۾ استاد ٿي رهيو. ان وقت مٿس مذهبي اثر حد کان وڌيڪ هو، اڳتي هلي جامعه
عربيه اسڪول جي استادن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن سان اختلافن سبب گرامي صاحب جامعه عربيه
اسڪول کان علحدگي اختيار ڪئي. ان وقت گرامي صاحب کي تلڪ چاڙهي جي مٿان رهائش جي جڳهه
مليل هئي، ان ڪري اھو گهر ۽ ان جو سامان ڦرائي ويٺو.
گرامي صاحب ۱۹۵۱ع کان ۱۹۵۴ع تائين ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾
فارسيءَ جو استاد ٿي رهيو ۽ علم جي روشنيءَ سان ڪيترن طالب العلمن جون دليون منور ڪيائين.
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ڪيترن علم جي شائقن جون دليون ۽ ذهن سندس علم ۽ محبت جي
خوشبوءِ سان واسيل آهن.
“ گرامي”
صاحب جي شادي ۱۹۳۶ع ۾ ميهڙ ڀرسان ڳوٺ ٻُٽ سرائيءَ جي قريشين مان ٿي. سندس اولاد مان امان الله
قريشي اڳ ڄائو فرزند هو، جنهن جي چئن سالن جي عمر کان وٺي پرورش ڪيائين، جو اڳتي
ھلي سنڌ جو سٺو ليکڪ ۽ صحافي ٿيو. کيس ٻيو پٽ محمد شبير/ شبير گرامي ٿيو ۽ ٻه نياڻيون
رضيه ۽ ممتاز ٿيس، جي سڀ تعليه يافته آهن.
“گرامي” صاحب
صحافتي زندگيءَ جو آغاز ۱۹۴۳ع کان “هلال پاڪستان” جي افتتاح واري دفتر کان ڪيو. “عبرت” جي ٻئي دور ۾ ان
جو ڪالم نويس رهيو. ان طرح “اسان جي دنيا”، “روح ادب”، “هاري حقدار” ۽ “هلال پاڪستان”جي
ابتدائي توڙي نيڻ دورن ۾ ڪم ڪيائين. رسالي”آفتاب” ڪراچي،”عرفان لطيف” حيدرآباد، “پاسبان” هالا،
“ترجمان”
ميرپورخاص، “الزمان” هالا ۽ “شاعر” هالا جو ايڊيٽر به رهيو.
گرامي صاحب ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو ۽ رسالي ٽماهي “مهراڻ”
جو ميئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو ۽ ۱۹۵۸ع کان ۱۹۳۶ع تائين ٽماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر رهيو گرامي صاحب
محمد ابراهيم جويي کان پوءِ، ٽماهي “مهراڻ” کي ان اوج تي پهچايو جتي سندس پنهنجو
ادبي ۽ عالمانه مقام هو هن “مهراڻ” وسيلي نوجوان ليکڪن جي تمام گهڻي همت افزائي ڪئي.
“مهراڻ” جا ايڊيٽوريل گرامي صاحب جي فڪر، سوچ، ساڃاهه ۽ سنڌ دوستيءَ جو چٽو ثبوت
آهن انهن مان گرامي صاحب جي ادبي مقام، ٻوليءَ جي ڄاڻ، سنڌي زبان ادب ۽ ثقافت سان
بيپناهه پيار ۽ محبت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هنن ايڊيٽوريلن ۾ گرامي صاحب ادب،
زندگي ۽ ثقافت جي جديد تقاضائن ۽ انسان ذات جي فلاح ۽ بهبود کي نظر ۾ رکي عالمانه
بحث ڪيو آهي.
“گرامي” صاحب
ڪيترن ئي ادبي تنظيمين ۽ اشاعتي ادارن جو ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن رهيو، جن ۾ بزم
صوفياءِ سنڌ، سنڌي ادبي انجمن، بزم طالب المولى سنڌ. سنڌي ادبي سنگت، سنڌي زبان سوسائٽي،
پاڪستان رائيٽرس گلڊ وغيره اهم آهن. ۽ پاڻ لنواري شريف جي عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنسن
ڪوٺائڻ جو بنياد به وڌائين.
“گرامي” صاحب
کي لکڻ سان چاهه ننڍي هوندي کان ئي هو. ۽ گهڻو وقت مطالعي ۽ لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريندو
هو. گرامي صاحب لکڻ جي شروعات اٽڪل۱۹۳۳ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئي، ان وقت هندو ايڊيٽرن جي اخبارن “سنسار
سماچار” ۽ “هندو” ۾ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن ان سنڌ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي
جي تعليمي ۽ علمي سڌارن جي خلاف ايڊيٽوريل ڇپيا هئا. ٻنهي اخبارن جي مطالعي
کانپوءِ گرامي صاحب ۴ راتيون جاڳي، هڪ مضمون لکيو، جيڪو ان وقت “الوحيد” اخبار ۾ ڇپيو، سندس نه
رڳو اھو مضمون ڇپيو، پر “الوحيد” جي ايڊيٽر پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ به ان مضمون جو ذڪر
ڪيو. ان مضمون گرامي صاحب کي تمام وڏي شهرت ڏياري. “الوحيد” اخبار ۾ ڇپيل اهو
مضمون پڙهي، سندن استاد ۽ رهنما سيد حاجي علي اڪبر شاهه تمام گهڻي خوشيءَ مان کين “گرامي”
جو لقب ڏنو، جنهن کان پوءِ پاڻ ادبي دنيا ۾ مولانا غلام محمد “گرامي” جي نالي سان ڄاتا
سڃاتا وڃن ٿا. هن سڄي عمر سنڌي ادب، ثقافت، صحافت، تاريخ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندي
گذاري. وٽس لفظن جا اڻ کٽ خزانا هئا. کيس سنڌ، سنڌين، سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب سان
اٿاهه عشق هو. هن دل جان ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي.
جنهن ۾ زندگيءَ جون آخري ساعتون پڻ صرف ڪيائين.
مولانا غلام محمد “گرامي”
سنڌ جو برک عالم، اديب، محقق، دانشور، نقاد ۽ شاعر هو، ۽ سنڌي ادب جي اهڙي مايه
ناز شخصيت آهي، جنهن جي نالي ۽ خدمتن جي ذڪر
کان سواءِ سنڌ جي ادبي تاريخ ڪڏهن به مڪمل ٿي نه ٿي سگهي. گرامي صاحب هڪ تاريخ، هڪ
دور، هڪ تحريڪ ۽ علم ادب جو درياھ هو. سندس گهڻ پاسائين شخصيت ۽ خدمتن تي مون کان
وڌيڪ اهي شخصيتون اظهار ڪري سگهن ٿيون، جن هن سان گڏ گذاريو، ادبي تحريڪن ۾ ساڻس گڏ
رهيا ۽ جن سندس جدوجهد ۽ ڪم کي ويجهي کان ڏٺو. گرامي صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾
نوجوانن لاءِ اتساهه ڏيندڙ ۽ هڪ آدرشي انسان هو. سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ هن
پنهنجي حياتيءَ ۾ خوب پتوڙيو، پر الائي ڇو هن اهم علمي، ادبي شخصيت کي وساريو ۽
نظرانداز ڪيو ويو آهي.
“گرامي” صاحب
“مهراڻ” جي ايڊيٽريءَ دوران جديد سنڌي ادب جي ڦهلاءَ ۾ وڏو ۽ مثالي ڪردار ادا ڪيو.
هونئن به ٽه ماهي “مهراڻ” شروع کان ترقي پسند ۽ سنڌ دوست اديبن، محققن ۽ شاعرن جو
ترجمان رهيو آهي. گرامي صاحب جي “مهراڻ” کي وڌ کان وڌ معياري ۽ جديد ادب جو ترجمان
رسالو بنائڻ ۾ ڪيل ڪوششن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. ۶۰ ۽ ۳۰ع وارا ڏهاڪا سنڌ تي ڏکيا ڏينهن کڻي آيا. جهڙوڪ ون يونٽ
۽ مارشل لا جو نفاظ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ وارا منصوبا، پر اهڙي ڏکئي دور ۽ ڏکين
حالتن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي کان پوءِ گرامي صاحب ئي اهو واحد اديب هو، جنهن “مهراڻ”
رسالي ۾ کُلئي نموني سنڌ دوستيءَ جي پرچار ۽ سنڌ سان وفا جي وچن کي ورجايو. سندس اهڙن ڪارنامن سان پوري تاريخ ڀري
پئي آهي، جنهن ڪري گرامي صاحب کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
“گرامي” صاحب
ٽه ماهي “مهراڻ” رستي نون اديبن ۽ شاعرن جي وڌ ۾ وڌ رهنمائي ڪئي. هن “مهراڻ” وسيلي
نوجوان ليکڪن جي هڪ وڏي کيپ تيار ڪئي.
برک ڪهاڻيڪار امر
جليل “مهراڻ” گرامي نمبر ۾ پنهنجي هڪ ڪالم “نئين ٽهيءَ جو سونهون” ۾ لکي ٿو “شروعات
۾ ڪوبه ايڊيٽر مون کي قبول نه ڪندو هو، اهو الائي ڪهڙو ڏينهن هو....... سائين گرامي
صاحب جن سان ملاقات ٿي هئي چيو هئائون ته مون کي افسانا ڏي ته مان “مهراڻ” ۾ شايع ڪندس،
گرامي صاحب جن مون کي “مهراڻ” ۾ لکڻ لاءِ چيو. مون جيڪي ڪجهه لکيو، سائينءَ “مهراڻ”
جهڙي معتبر رسالي ۾ شايع ڪري ڇڏيو، مايوسي اميد ۾ بدلجي وئي، شوق جنون جي صورت اختيار
ڪئي، اهو دور “مهراڻ” رسالي جو ٽيون دور هو. سائين گرامي صاحب سنڌي ادب لاءِ
افسانا نگارن جي نئين ٽهيءَ جي پرورش ڪئي، جنهن ۾ علي بابا، نسيم کرل، عبدالحق عالماڻي،
عبدالقادر جوڻيجو، غلام نبي مغل، قمر شهباز، طارق اشرف، حميد سنڌي، شوڪت شورو، آغا
سليم، ماڻڪ ۽ مان شامل هئاسين.”
ناميارو دانشور ظفر
حسن پنهنجي مضمون “گرامي سائين”۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته “مون کي لکڻ تي مائل ڪرڻ لاءِ،
جتي آءُ سڄو الزام طارق اشرف تي هڻندو آهيان، جنهن مون کان زوريءَ ڪهاڻي لکرائي،
اتي آءٌ سائين گراميءَ کي به ان الزام کان آجو قرار نه ٿو ڏئي سگهان، جنهن مون کي
پهريون جملو چيو هو. “اڳتي تون به ڪجهه لکي کڻي اچجانءِ!” ۽ ان جملي جي پڙاڏي ۾
آءٌ لکندو رهيس ۽ ڪاغذ ڦاڙيندو رهيس، جڏهن به ملندو هو ته پڇندو هو “شاهه! ڪجهه
لکيئي؟” سائين گراميءَ جا اهي همٿائيندڙ لفظ، رڳو منهنجي لاءِ نه هئا، پر هر ان نوجوان
کي، جنهن ۾ لکڻ پڙهڻ جو شوق هو، جي ساڻس گڏبا هئا، ان لاءِ انهن ئي خيالن جو اظهار
ڪندو هو، “مهراڻ” رسالي جا فائيل ان ڳالهه جا شاهد آهن ته گهڻن نوجوان لکندڙن کي
سائين گراميءَ ادبي کيتر ۾ آندو”.
“گرامي” صاحب
جي نوجوانن سان محبت، رهبري ۽ رهنمائيءَ کان متاثر ٿي. موجوده دور جي نامياري محقق
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي وارن “گرامي پبليڪيشن”دولتپور صفن جو بنياد وڌو ۽ پير حسام
الدين راشديءَ جي ڪتاب “سنڌي ادب” سميت ڪيترائي شاندار ڪتاب ڇپرائي، نه رڳو سنڌي
ادب ۾ واڌارو ڪيو، پر گرامي صاحب جي روح کي حقيقي خوشي ڏني. گرامي صاحب جي خدمتن
جي پيش نظر سندس جنم ڀومي ميهڙ ۾ ۱۹۹۲ع ۾ تازو وڇڙي ويل نامياري صحافي سائين لائق سنڌي، نامياري
شاعر اسحاق راهي، نامياري اديب نفيس احمد ناشاد جي دلچسپيءَ سبب ميهڙ ۾ اسان ڪجهه
دوستن “بزمِ گرامي” ۽ بعد ۾ “گرامي اڪيڊميءَ” جو بنياد وڌو ۽ گرامي صاحب جي فڪر،
فن، قلمي پورهئي ۽ ادبي خدمتن جي حوالي سان ڪيترائي سيمينار ادبي گڏجاڻيون، ميڙاڪا
۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا.
نئين نسل جي تربيت
۾ گرامي صاحب جو مثالي ڪردار رهيو. سنڌ جا هاڻوڪي دور جا برک شاعر، اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر
تنوير عباسي، استاد بخاري، امداد حسيني، ظفر حسن، تاج بلوچ، نفيس احمد ناشاد، محمد
حسين ڪاشف، اسحاق راهي، تاج جويو، شهيد سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا نالا گرامي صاحب
سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايا ۽ سندس رهبري ۽ رهنمائي ڪئي ۽ جن مھراڻ رسالي ذريعي پنهنجو
نانءُ روشن ڪيو.
سنڌ جي برک شاعر
تنوير عباسي “مهراڻ” جي گرامي نمبر ۾ “مون سي ڏٺا ماءُ” مضمون ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي، ۱۹۵۲ع جو زمانو هو. منهنجي عمر ۱۳ سال کن هئي. مرحوم شيخ عبدالله عبد، منهنجي
شعرن مان ڪن جي اصلاح ڪري واپس ڏيندي چيو: “مان توکي اهڙي ماڻهوءَ سان ٿو ملايان،
جو هوند مان به ان کان ئي اصلاح وٺان. آئينده تون پنهنجا شعر گرامي صاحب کي ڏيکاريندو
ڪر.” مون مٿي نهاريو. خوبصورت ڪاريءَ سونهاريءَ ۽ ڪارين شرعي تراشيل مُڇن جي وچ
مان، موتين جهڙا اڇا ۽ چمڪندڙ ڏند نمودار ٿيا. هڪ دلفريب مُرڪ. عينڪ مان اونهين
اکين ڏي نهاريو. گهڙيءَ پل مون پنهنجي وجود مٿان، انهيءَ خوبصورت مرڪ کي هڪ هلڪي ۽
ٿڌي ڦوهاري جيان محسوس ڪيو، پوءِ مون گرامي صاحب جو جائزو ورتو. ڀريل بُت، سادو سنڌي
لباس، سانورو رانگ ۽ مٿي تي ڪراڪلي ٽوپي. مون گرامي صاحب کي چيو: “اوهان منهنجا
شعر ڏسندا؟” ساڳيءَ مرڪ سان وراڻيائين: “ضرور، پر هتي مصروف آهيان، ڪو وقت ۽ جاءِ
مقرر ڪريو، آچر مناسب ٿيندو”
مون اتاوليءَ مان پڇيو:
“منهنجي گهر ايندا؟” مون کي اميد نه هئي ته گرامي صاحب “ها” چوندو؛ پر منهنجي اميد
خلاف چيائين: “اچبو” ان رتيءَ جي رهاڻ اهڙو جيءُ اڙايو، جو اڃا تائين اڙيل آهي.
آچر جي ڏينهن سندس اچڻ جي پڪ نه هوندي به سخت انتظار ڪيم حيرت جي حد نه رهي، جو
مقرر وقت تي گرامي صاحب منهنجي جاءِ تي اچي ويو. مان کيس پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيس.
پنهنجا شعر کيس ڏيکاريم. گرامي صاحب منڍ کان پڇاڙيءَ تائين شعر پڙهيا، تان جو
منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿيو. مون کين دستوري صلاح ڪئي. پاڻ قبول ڪيائين، مون وت
آهر خدمت ڪئي، اٿڻ کان اڳ ۾، ڪاغذ، قلم گهريائين ۽ چيائين ته اڄوڪي ملاقات جي ياد ۾
ڪا تحرير لکجي ۽ پوءِ لکيائين: “شعر جي مطالعي مان محسوس ٿو ٿئي ته هي اڳتي هلي،
سنڌ جو تمام وڏو شاعر ٿيندو، منهنجي دل ٽڙي پئي، اها سند دل ۾ سانڍي رکيم”
سنڌ جي برک دانشور ڏاهي،
سراج الحق ميمڻ پنهنجي مضمون رتيءَ جي رهاڻ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته : “گرامي ۽ مون
گهڻو وقت گڏ گذاريو آهي، ان وقت کان جڏهن ادب ۾ اڃا بابڙا پائيندو هوس ۽ گرامي اڳ
ئي قدآور شخصيت هو، پر هن ڪڏهن به اهو محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته هو ڪو ايڏو وڏو قدآور
آهي ۽ آءُ ايڏو پتڪڙو، جڏهن به حيدرآباد ويندو هوس ته پهريون سلام گرامي صاحب جو ڀرڀو
هو، هن جي صحبت ۾ ماڻهو چار ڳالهيون سکي ايندو، وڃائيندو ڪڏهن به نه.”
“گرامي” صاحب
سنگيت وديا جو پڻ ڄاڻو هو. رندي، نيم ڪلاسيڪي توڙي ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳن جي سڀني
گُرن جي ڄاڻ هئس، پاڻ جنهن نموني راڳ تي راءِ ڏيندو هو ته ان مان ائين محسوس ٿيندو
هو ته راڳ سندس روح ۾ رچيل آهي. سنگيت جي علمي ڄاڻ کان سواءِ “گرامي” صاحب
موسيقيءَ جي فن بابت مضمون لکيا. هو سنڌ جي سٺن فنڪارن سان پيار ڪندو هو، پر استاد
منظور علي خان سندس پسنديده فنڪار هو.
“گرامي” صاحب
ڪهنه مشق شاعر به هو. سندس شعر ۾ ميٺاج ۽ پختگي ان ڪري آهي، جو هو سنگيت جو ڄاڻو
هو، ان ڪري هن کي ترنم يا لئي، آهنگ يا سر تار جي پدن ۽ لفظن کي تورڻ تڪڻ جو ڏانءُ
هو. سندس ڪلام ۾ فلسفيانه نظريات سان گڏ تصوف جي چاشني ۽ بلند آهنگيءَ جون گڏيل
تصويرون سمايل آهن. سندس شعرن ۾ شگفتگي، خوش اسلوبي ۽ پاڪيزگيءَ سان گڏوگڏ انسانيت
جو سبق، تصوف جي ڪيفيت، سهڻي اخلاق جا مظاهرا ۽ ترقي پسنديءَ جي سرهاڻ نظر ايندي
آهي. هن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ آهي ۽ زندگي سان گڏ وٽس زندگيءَ جي دلفريبي به آهي.
هن ڪافي، نظم، رُباعي، غزل، سهري، نعت، حمد کان سواءِ آزاد نظم به لکيو. هن آزاد
نظم تي وڏي محنت ڪئي ۽ آزا نظم جي رمزن کان واقف ٿي، هن آزاد نظم لکيو. مواد ۽
هيئت جي اعتبار کان سندس آزاد نظم بهترين آهي. جديد علم ۽ ادب جي تقاضائن جو وسيع
مطالعي هئڻ ڪري هن روايتي شاعريءَ کان هٽي، جديد سنڌي شاعريءَ تي فني تجربا ڪيا ۽
شاعريءَ جي دنيا ۾ پڻ شهرت حاصل ڪئي.
اسان ته دير و حَرم کان مٿي ڪيا سجدا،
ڪنهين جو در نه سهي ۽ ڪو سنگ در، نه سهي.
گرامي ڪو ته اشارات کي به سمجهي ٿو،
سخن شناس ڪو آهي، سڄو شهر، نه سهي.
برک شاعر امداد
حسينيءَ جي لفظن ۾: “گرامي صاحب کي نئين نسل جي ليکڪن ۾ اَٽوٽُ ويساهه هو. ۽ هو
نئين نسل کي شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو حقيقي وارث سڏيندو هو. هن پنهنجي قيمتي زندگيءَ
جو وڏو حصو راتين جون راتيون، ريمن جا ريم ڪاغذ ڪارا ڪري، نئين نسل جي جنهن بهادريءَ
۽ دليريءَ سان رهبري ڪئي، اها هڪ مثالي حيثيت رکي ٿي. هو نه رڳو پنهنجي تحريرن ۽
تقريرن سان پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي جيءَ ۾ جاڳرتا جي جوت جلائيندو رهيو، ۽ کين جدوجهد
لاءِ اتساهيندو رهيو، پر هو ادب ۽ ٻوليءَ جي مسئلي تي، بنا ڪنهن رکُ رکاءِ ۽ ڊپ ڊاءَ
جي، عملي طور تي ويڙهه به ڪندو رهيو. ادب جهڙي ڊگهي ۽ ڏکئي محاذ تي، جتي ليڪي جي
هُن پاسي کان، بهتانن ۽ فتوائن جي پٿرن جا وسڪارا هئا، ۽ ليڪي جي هن پاسي به گهڻيون
تڻيون رڳو هُشيون هيون، اهو گرامي صاحب ئي هو، جيڪو پوري سچائيءَ ۽ سورهيائيءَ سان
نوجوان ساٿارين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، ڪنڊن جا موڙ سرتي سجائي، صليبن ڏانهن سفر ڪندو
رهيو. هر حال ۾ حق جي ڳالهه چوندو رهيو، مڙڻ ۽ موٽڻ هُن لاءِ مِهڻو هو، هن سڀني کي
رات کي رات چوڻ جو ساهس بخشيو هو”.
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سرِ عام هر بات چوندا رهياسين،
اوهان ڪيترو ئي دٻايو، ڌتاريو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.
(شمشيرالحيدري)
“گرامي” صاحب
حق گوئي ۽ حق پرستيءَ جي وڏي علامت ۽ وڏو روشن مينار هو. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري
شاعر،اديب، نقاد تاج بلوچ گرامي صاحب بابت
پنھنجي مضمون “آديسي اٿي ويا” ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو “ سنڌي ادب تي عجيب ۽ غريب دور آيا.
جدت ۽ ترقي پسنديءَ تي رجعت پسندن ڪفر ۽ الحاد جي فتوائن جا دفتر کولي ڇڏيا.
مثلا: آزاد نظم ڪفر
آهي، فحاشيءَ کي ڦهلائڻ جو ذريعو آهي. علم ۽ عروض کان اڻڄاڻائي ڪري فرار آهي. عجيب
صورتحال هئي، ليڪن جيڪو مرد مجاهد نئين نسل جو ڀرجهلو ٿي بيٺو، اهو “گرامي” صاحب
هو. هن نه فقط فڪري محاذ تان مخالفن جو مقابلو ڪيو. ليڪن عملي طرح سان، چند ئي سهي،
ليڪن بهترين آزاد نظم لکيا، جيڪي فڪري اُڏام، نواڻ، تازگي ۽ زندگيءَ سان محبت ۽
زندگيءَ جي ڪيفيت کي ڀرپور طريقي سان ظاهر ڪن ٿا.”
گرامي صاحب آزاد
نظم جي حوالي سان ڪيترائي علمي مقالا لکيا ۽ ترجمو ڪيا.
“گرامي” صاحب
سڄي حياتي ترقي پسند ادب جي آبياري ڪئي۽ ترقي پسند شاعرن ۽ اديبن جي رهنمائي ڪئي.
هو سنڌي شاعريءَ جو وڏو پارکو هو. نئين ادب جي بانين ۽ پرچارڪن مان هڪ هو، نئين
ادب ۽ ان جي سرجڻهارن تي جڏهن به، ڪٿان به، ڪابه جُلههَ ٿيندي هئي ته پاڻ سڀني
تيرن آڏو پنهنجو سينو تاڻي بيهي رهندو هو. ۱۹۶۴ع ۾ جڏهن سنڌ جي مٿان ون يونٽ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، سنڌ
دوستيءَ جو دم ڀرڻ ۽ حب الوطنيءَ جون ڳالهيون ڪرڻ سرڪار جي حڪم نامي موجب ڏوهه هو.
ان وقت سرڪار سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي ڪتاب “ڀونر ڀري آڪاس” تي بندش وڌي، جن ڳالهين
جي ڪري ڪتاب تي بندش پيئي، انهن ڳالهين کي علمي طور رد ڪرڻ لاءِ “گرامي” صاحب جو
قلم پنهنجي پوري جاهه و جلال سان جاڳي اٿيو. ۽ سنڌي شاعريءَ جي نون لاڙن تي ٽي سئو
صفحن جو هڪ تحقيقي مقالو “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات” لکيائين، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي قديم ۽
جديد شاعري ۽ ادب جي مثالن ڏيڻ کان سواءِ، هن شعر جي صنفن، فڪر ۽ فلسفي تي سمورو “عربي،
فارسي، اردو” ادب آڻي گڏ ڪيو. گرامي صاحب واحد ماڻهو هو، جنهن ان دور ۾ شيخ اياز،
ترقي پسند شاعري ۽ ترقي پسند ادب جو عملي طور دفاع ڪيو ۽ رجعت پسند ڌرين خلاف قلمي
جهاد ڪندي “مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات” جهڙو شاندار ۽ شاهڪار مقالو لکيو،
جنهن ۾ ادب توڙي جديد شاعريءَ جي موضوعن، مضمونن، اسلوبن ۽ هيئت وغيره جو جيڪو
ناقدانه ۽ فنڪارانه جائزو ورتو اٿس. تنهن ان دستاويز کي هڪ لاجواب بي مثال شاهڪار جو درجو ڏئي ڇڏيو آهي. ان مقالي
جي مهراڻ ۲، ۳ ۱۹۶۴ع ۾ ڇپجڻ کان پوءِ رجعت پسند ٽولي گرامي صاحب
کي گارين، ڪافر، ملحد، دين اسلام ۽ پاڪستان جو دشمن جهڙين فتوائن سان نوازيو. ڪورٽن
۾ مقدما داخل ڪيا. گرامي صاحب کي بورڊ جي نوڪريءَ مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو، پر کين وريو
ڪجهه به نه. انهيءَ مقالي جي جواب ۾ مضمون وغيره لکيا ويا. گرامي صاحب مقالي کان پوءِ
ملندڙ گارين، فتوائن ۽ جاهلن جي جلهن کي ٻڌندو، ڏسندو ۽ مرڪندو رهيو، ڇو ته هن جو
هر ساهه اسلامي فڪر ۽ فلسفي سان معطر هو، ۽ پاڻ مدني مرسل ﷺ جن جو سچو عاشق ۽ دين
اسلام جو زبردست مبلغ هو. سندس سوچ، خيال ۽ نظريي جي همه گيري ان حد تائين هئي ته
زاهد تنگ نظر نه مجهي
ڪافر جانان،
اور ڪافر يه سمجهتا
هي، مسلمان هون مين.
نامياري اديب غلام رباني
آگري پنهنجي مضمون ۾ ان دور جي يادگيرين کي بيان ڪندي لکيو آهي “گرامي صاحب جي خلاف
سڄي سنڌ ۾ مهم شروع ڪئي وئي، سندس خلاف الحاد ۽ ڪفر جون فتوائون ڏنيون ويون، مٿس
سنڌ دشمن اديبن متفقه طور اهو الزام مڙهيو ته گرامي ڪافر ۽ ملحد آهي. اڳتي هلي
انهيءَ معاملي سنگين نوعيت اختيار ڪئي، ڪورٽن ۾ مقدما داخل ڪيا ويا ۽ اخبارن ۾ هڪ گروهه
ٻئي جي خلاف ڪالم ڪارا ڪرڻ لڳو. بهرحال اهو دور ايوب خان جي زوال تائين هلندو
رهيو، تان جو ون يونٽ ٽٽو ۽ مس مس وڃي گرامي صاحب جي سنڌ دشمنن مان جند ڇٽي”.
هن جنهن مردانگيءَ
۽ مجاهديءَ سان مذهب جي مورچي تي مثبت رهي رجعت پسند، مذهب جي آڙ ۾ استحصال ڪندڙ،
فرسوده ۽ مدي خارج نظرين رکندڙن سان منهن ڏنو، تنهن جو مثال سنڌي ادب جي تاريخ ۾
ملڻ محال آهي. گرامي صاحب جو فڪر ۽ عمل نهايت وسيع هو. هو دينيات، مذهب ۽ فلسفي تي
رجعت پسند مولوين جي روايتي انداز ۽ فڪر جي خلاف هو. هروڀرو روايتي ڪتابي علمن جو
پرچار نه ڪيائين. پر هن پنهنجي تحرير، تقرير، گفتار ۽ ڪچهرين ۾ انهيءَ ادب کي پلٽيو،
جنهن ۾ تفڪر ۽ تدبر موجود هجي ۽ ضمير جي تازگي هجي، هن اها ڪوشش ڪئي ته سنڌي ادب ۾
اهو مواد پيش ڪيو وڃي. جو محض تفريح نه هجي، پر ذوق جماليت سان ڀرپور هجي، صحتمند
روح پيدا ڪري سگهي، ان ۾ همت ۽ حوصلي جي روشني هجي، حسن جو جوهر هجي، تعمير جو روح
هجي، جيڪو انسان جي شعوري صلاحيت ۾ حرڪت پيدا ڪري سگهي، ستل مزاج کي بيدار ڪري، هيڻن،
مظلوم ۽ مجبور انسانن جي دکن جو دارون ٿي سگهي.
سنڌ ۾ اهڙا ٿورڙا
ماڻهو آهن، جن کي تحرير ۽ تقرير ٻنهي تي عبور هجي، ڪي تحرير ۾ تکا هوندا آهن ته ڪي
تقرير ۾ تيز. گرامي صاحب تقرير ۽ تحرير جو بادشاهه هو، ٻئي فن سندس قبضي ۾ هئا.
سچل جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس هجي، سنڌي ادبي سنگت کي نئين سر جاڳائڻو هجي سنگت جو ڪو
ميڙ هجي، لنواري شريف ۾ ادبي ڪانفرنس هجي، روح رهاڻ جو ساليانو جشن هجي، شاگردن جو
ڪو ادبي ميڙ هجي، مارئيءَ جو ميلو هجي، شاهه سائينءَ جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس هجي،
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسي هجي، سنڌي زبان سوسائٽيءَ جي ڪا گڏجاڻي هجي، سن ۾
شاهه حيدر سنائيءَ جي عرس جي تقريب هجي، بزم صوفيائي سنڌ جي ڪانفرنس هجي، بزم طالب
المولى پاران ڪانفرنس هجي، سنڌي شام هجي، ون يونٽ خلاف ڪو ميڙ هجي، سنڌي ٻوليءَ جي
تحريڪ هجي، جيئي سنڌ جي ڪا ڪوٺ هجي، ريڊيو _ ٽي.ويءَ تي مذاڪرو هجي، جمعيت
الشعراءِ جو ڪو ميڙ هجي، يا ڪو ٻيو پليٽ فارم انهن موقعن تي گرامي
صاحب جون ڪيل تقريرون تاريخي حيثيت رکندڙ آهن. ۽ انهن کي فڪري تاريخ جو عظيم
سرمايو چوڻ کان رهي نٿو سگهجي.
“گرامي” صاحب
شاهه لطيف ۽ حضرت سچل سرمست جو شيدائي ۽ عقيدتمند هو. جڏهن به شاهه سائينءَ ۽ سچل
سائينءَ جي فڪر، فلسفي، فن ۽ ڪلام تي ڳالهائيندو هو ته ٻڌندڙن تي مستي ۽ هستي طاري
ٿي ويندي هئي ۽ سڄي محفل وجد جي ڪيفيت اختيار ڪندي هئي.
“گرامي” صاحب
پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ بيحد دلچسپ ماڻهو. خوش مزاج، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ مجلس جو
مور هوندو هو. سندس عام زندگي پڻ فقيرانه هئي. سندس رهڻي ڪهڻي نهايت سادي ۽ سلوڻي
هئي. اجائي ڏيک ۽ مصنوعي ٺٺ ٺانگر کان پري قلندر قسم جو ماڻهو هو. جنهن به مجلس يا
ڪچهريءَ ۾ هوندو هو، اتي رنگ لايو ويٺو هوندو هو. سندس طبيعت جي خلاف ڪا ڳالهه
هوندي هئي. ته ڪوشش ڪندو هو ته ان کي کل خوشيءَ ۾ درگذر ڪري ڇڏجي. هن جي شخصيت ۾
عجيب محبوبيت هئي، جنهن به ساڻس هڪ ڀيرو ڪچهري ڪئي، اهو سندس قرب ۾ ڪڙجي ويندو هو.
سندس دوستن، مداحن ۽ شاگردن جو وڏو حلقو ڦهليل هوندو هو. ڊاڪٽرن، عالمن، اديبن،
شاعرن، سياستدانن، دانشورن ۽ ڳائڻن کان ويندي عام ماڻهن تائين، ان ۾ هر طبقي جا ماڻهو
شامل هئا. پاڻ ڪنهن به موضوع تي في البديہ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پرمغز ۽ معنى خيز گفتگو ڪندو
هو.
“گرامي” صاحب
جي سنڌي ادب ۾ عظمت ۽ ڪردار جو هڪ اهڃاڻ هي به هو ته هن ٻولي، ادب، ثقافت ۽ صحافت
لاءِ جيڪي ڪجهه ڪيو، اهو ذاتي مفاد نه، پر اجتماعي قومي مفاد خاطر ڪيو.
گرامي صاحب جا ڪجهه
لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾: ادبي اهڃاڻ، الله جو وجود، تعليم ۽ تربيت ۱۹۶۵ع، ويا سي وينجهار ۱۹۳۳ع، تاريخي افسانا ۽ ڊراما ۱۹۳۳ع، قائد اعظم جون تقريرون، ڪلامِ بلبل ترتيب
۱۹۶۹ع، ديوانِ بلبل ترتيب ۱۹۶۹ع، مسلمان ۽ تعليم ترتيب ۱۹۳۳ع، جامِ جم، مزاحيات ترتيب ۱۹۳۳ع، مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات ۱۹۹۲ع، دينيات (اٺين ڪلاس لاءِ)، مولانا گراميءَ
جون تحريرون (مرتب آزاد انور ڪانڌڙو) ۲۰۰۹ع، تاريخ سولنگي ۲۰۰۳ع ۽ ٻيا شامل آهن.
“گرامي” صاحب،
مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي تعليم جي روشنيءَ ۾ قرآن شريف جو تفسير تيار ڪيو. جنهن
جو قلمي نسخو مرحوم ڏيپلائي صاحب وٽ هو. افسوس ته اهو علمي ۽ ديني صحيفو اڃا تائين
نه ڇپيو آهي.
سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ
لاءِ گرامي صاحب جيڪي ڪوششون ورتيون يا سنڌي
ادب لاءِ جيڪو عملي تحقيقي ڪم ڪيو، ان جي اعتراف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. گرامي
صاحب سنڌ جي تاريخ تي لکيو، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
لاءِ لکيو ۽ آخري وقت تائين لکندو رهيو. سچ ته گرامي صاحب جي شخصيت ۽ علميت تي جيترو
لکجي ٿورو آهي. سندس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ صحافتي خدمتن کي جيترو ساراهجي، اهو گهٽ
آهي. سندس صحبت ۽ بلند اخلاقيءَ جو جيترو بيان ڪجي، اهو به اڻپورو آهي.
سنڌ جي هن عظيم انسان،
عالم، اديب، شاعر، دانشور، محقق، نقاد، تعليمي ماهر ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۶ع اربعا ڏينهن، منجهند جو ٻين وڳي ۲۱ رمضان المبارڪ ۱۳۹۳هه جي بابرڪت ۽ ڀلاري مهيني ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس مزار حيدرآباد ۾
غلام شاهه ڪلهوڙي جي معتبري ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي مزار جي ڀرسان آهي.
پراوني ڀٽيءَ چواڻي:
“ڄڻ رسالي ٽه ماهي “مهراڻ” جو ڪم ڪندي ٿڪجي پيو آهي ۽ کيس ننڊ اچي ويئي آهي، پر
ابدي ننڊ....”
اڄ “گرامي” صاحب
اسان وٽ نه آهي، پر هن جو فن ۽ فڪر آهي هن جيڪي ڪجهه اسان کي ڏنو آهي، سو هميشه
اسان کي سندس ياد ڏياريندو رهندو. ۽ اسين گرامي صاحب کي وسارڻ چاهينداسين ته مھراڻ
جي ڇولين مان تيئن اڀري پوندو.
(مددي ڪتاب ۽
حوالا “مهراڻ” گرامي نمبر ۱۹۳۶)
(سارنگ مھراڻوي جي
فيسبڪ وال تان، ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي کنيل)
سِنڌُ جي سنجيدھ
سرجڻھار ۽ نرالي نقاد، ترقي پسند تخليقڪار ٽھيءَ جي ڀَرجھلي ليکڪ مولانا غلام محمد
گراميءَ جي سارَ .....
جنم: ۳۰ ڊسمبر ۱۹۲۰ ع، ميھڙ، دادو
انتقال: ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۶ ع، حيدرآباد
سنڌ جي ذھين ترقي پسند، ھاڪاري ليکڪ مولانا غلام محمد گرامي
جو جنم ۳۰ ڊسمبر ۱۹۲۰ع تي جاڙي خان لغاري جي گھر ميھڙ شھر ۾ ٿيو .......
مولانا گرامي پنھنجي
ابتدائي ادبي صحافتي مضمون لکڻ جي شروعات ۱۹۳۳ع دوران ھندو ايڊيٽرن جي “سنسار سماچار” ۽ “ھندو” اخبارن
۾ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ علامہ عمر بن دائودپوٽي جي علمي ۽ تعليمي سڌارن
تي ڇپيل ايڊيٽوريل واري تنقيد خلاف جوابي مضمون “الوحيد
“ اخبار ۾ لکي ڪئي، جيڪو مضمون ۴ راتيون جاڳي لکيو ھو. جنھن مولانا گرامي کي وڏي سڃاڻپ بخشي، انھيءَ مضمون جي
ساراھ طور سندس محسن استاد سيد اڪبر علي شاھ ميھڙ واري مولانا کي “گرامي” جو تخلص
پڻ ڏنو ........
مولانا گرامي
پنھنجي عملي پيشوراڻي زندگيءَ جي شروعات استاد طور جامعيہ عربيہ اسڪول حيدرآباد ۾ خدمتون
سرانجام ڏنيدي ڪئي مگر اتي اسڪول جي استادن ۽
مذھبي ٺيڪيدارن سان اصولي اختلاف ٿيڻ ڪري تلڪ چاڙھي تي انتظاميہ جو مليل گھر سامان سميت ڦرائي ويٺو جنھن کانپوءِ ۹۱۵۱ع کان ۱۹۵۴ع تائين ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ فارسيءَ جي استاد جي حيثيت ۾
پڙھايو. .......
مولانا گرامي
پنھنجي صحافتي زندگيءَ جو آغاز ۱۹۴۳ع ھلال پاڪستان
جي افتتاح واري دفتر کان ڪيو. ايئن عبرت جي
ٻئي دور ۾ ان جو ڪالم نويس رھيو. مختلف رسالن
۽ اخبارن ۾ ايڊيٽر پڻ رھيو.
مولانا گراميءَ ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ خدمتون ارپڻ شروع ڪيون
تہ ٽماھي مھراڻ رسالي جو مينيجنگ ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو، جنھن
کانپوءِ ۱۹۵۸ع کان ۱۹۳۶ع تائين مھراڻ رسالي جو ايڊيٽر مقرر
ٿيو.........
۶۰ ۽ ۷۰ وارا ڏھاڪا سنڌ لئہ ڏکيا ڏينھن بنجي آيا، ون يونٽ، مارشلا جو نفاذ،
سنڌي ٻوليءَ خلاف سازشي منصوبا، اھڙي دور ۾
ڀي سنڌ جي واضح حمايت ۾ وفا جا وچن مھراڻ
رسالي ۾ ورجائي ڪارائتو ڪردار ادا ڪندو رھيو .........
مولانا گرامي ڪُھنہ
مشق شاعر ھيو، موسيقيءَ جو تمام سٺو ڄاڻو ھئڻ سبب شعر ۾ روانگي ۽ پختگي وڻندڙ آھي،
جديد ترقي پسند ادبي نظرين جو قائل ھو. سنڌ ۾ آزاد نظم لکڻ تي سخت تنقيد ۽ غير موزون
شعر سمجھيو ويندو ھو مگر مولانا گرامي اھڙي ماحول ۾ آزاد نظم جي حمايت ڪندي پختا
آزاد نظم لکي راھ ھموار ڪرڻ جو ڪوششون ڪيون ......
مولانا گرامي ترقي پسند
ادب جي وڏي آبياري ڪندي ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن جي رھنمائي پڻ ڪئي. ۱۹۶۴ع سنڌ تي ون يونٽ، مارشلا، سنڌ خلاف سازشن
جا ڪارا ڪڪر ڇانيل ھيا تڏھن سنڌ دوستيءَ ۽ حب الوطنيءَ جون ڳالھيون ڪرڻ سرڪار موجب
ڏوھ ھيون. شيخ اياز جي ڪتاب “ڀونئر ڀري آڪاس“ تي سرڪار جي بندش ۽ شيخ اياز ۽ شاعريءَ
تي رجعت پسند ٽولي جي گمراھ ڪُن تنقيد خلاف ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ جھڙو
شاندار وڏو مقالو ڪتابي صورت ۾ لکندي دفاع ڪيو......
رجعت پسند ٽولي مولانا
گرامي تي ملحد، ڪافر، پاڪستان دشمن، دين اسلام جو انڪاري جا الزام ھڻندي مقدما درج
پڻ ڪرايا......
مولانا گرامي شاہ لطيف ۽ سچل سرمست جي فن ۽ فڪر تي عالمانہ انداز
۾ ڳالھ ٻولھ ڪندي ٻڌندڙن تي علمي سحر سميت مستي ۽ وجد ۾ آڻي ڇڏيندو ھو.....
مولانا گرامي ڪجھ ڪتاب
لکيا ۽ ترتيب ڏنا انھن ۾ الله جو وجود، ادبي اھڃاڻ، قائداعظم جون تقريرون، تعليم ۽
تربيت، تاريخي افسانا ۽ ڊراما، ديوان بلبل، ويا سي وينجھار، ڪلام بلبل، مسلمان ۽ تعليم، مشرقي
شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات، سميت آزاد انور پاران ترتيب ڏنل ڪتاب مولانا گرامي جون
تحريرون پڻ شامل آھن.......
واضح رھي تہ سندس خاندان
جا وڏڙا ۱۸۴۰ع ڌاري شورڻ چوٽي ڊيرا غازي خان مان لڏي ڊرگھہ بالا ضلع دادو ۾ ميرن جي ڏنل
جاگير تي رھندا ھئا، جتي لغارين سان مٽي مائٽي پڻ ڪيائين......
مولانا گرامي ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۷۶ع اربع ڏينھنمنجھند ۲ وڳي ۲۱ رمضان ۱۳۹۳ھ حيدرآباد ۾
انتقال ڪيو، سندس مزار غلام شاھ ڪلھوڙي جي مقبري ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قبر
جي ڀر سان آھي .......
مولانا غلام محمد گرامي
سنڌي ادب جو روشن مينار
ابراهيم لاشاري
(وارهه)
سونهاري سنڌ دنيا
جو اهڙي خطي جي مٽي آهي جنهن پنهنجي سيني تي وڏا وڏا علم، ادب جي اڪابرن کي پنهنجي
گود ۾ جنم ڏئي علم، ادب جا ڏاها، عالم مفڪر، اديب، سياستدان، شاعر، صحافي، اسڪالرس
پيدا ڪيا جن پنهنجي علم عقل آڌار پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ايندڙ نسل کي پري کان پنهنجي
روشني وسيلي علم ادب جون راهون ڏيکايون. اهڙين شخصيتن سنڌي ادب جي تاريخ منجهه پنهنجي
علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض اڄ به سندن جو نالو اتم ۽ اعلي درجي واري حيثيت رکي ٿو اهڙي
ريت دادو ضلعي جي ميهڙ شهر کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن چيڪي خوشبودار ميندي واري
مٽي غريب هاري جاڙي خان لغاري بلوچ جي گهر ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۲۰ع خميس ڏينهن هڪ ننيگر غلام محمد گرامي نالي پهريون ساهه
کڻي اکيون کوليون ته خوشين جو سماع ٿي ويو سندس مٽن مائٽ مبارڪون پئي ڏنيون غربت
هوندي هن جي والد جاڙي خان مولانا غلا محمد گرامي صاحب تي تربيت نهايت بهتر نموني
جي ڪئي مگر نصابي تعليم لاءِ سرڪاري اسڪول بجاءِ مدرسي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پٽ
کي داخل ڪرايو شروع شروع ۾ غلام محمد گرامي صاحب مدرسن جي تعليم حاصل ڪرڻ سان گهري
دلچسپي ورتي جتان سنڌي، اردو، فارسي، عربي وڏي شوق سان پڙهي پاس ٿيو مڱر لاڳيتو
محنت ۽ ذاتي مطالعي سان انگريزي جا وڏا وڏا امتحان به پاس ڪري ان زماني پنهنجي هم ڪلاسي
شاگردن ۽ استادن، عالمن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيائين اهڙو رنگ سندس شخصيت کي عالمن، اديبن
۽ بزرگ دوستن جي صحبت منجهان حاصل ٿيو مولانا غلام محمد گرامي صاحب جا وڏا يعني
خاندان جو چڱو مڙس برادي خان اول ڊيرا غازي خان جي علائقي (شورڻ چوٽي) منجهان لڏي
سال ۱۸۴۰ع ڌاري ميرن جي طرفان عطاءَ ٿيل جاگير (ڊگهه بالا) ۾ اچي ترسيو اتي ئي
پنهنجي ذات لغارين سان مٽي مائٽي ڪيائين، مولانا غلام محمد گرامي جي ڪٽنب جو شجرو
هن طرح ظاهر ٿئي ٿو جاڙو خان پٽ ماهي خان پٽ شهداد خان پٽ مراد خان پٽ برادي خان
اول.
اهڙي طرح مسلسل
محنت سان مولانا غلام محمد گرامي صاحب اڳتي هلي علم جي دولت سان رنگجي ويو جو سندس
ان علمي دولت منجهان اڄ به ڪيترائي سندس واٽ ۽ ڪردار واري رستي تي هلي پنهنجي منزل
پيا ماڻين، هن اديب، شاعر، عالم سنڌي ادب جي ڏات ۽ ڏاهپ جي ڏئي سال ۱۹۳۶ع ڌاري پنهنجي استاد بزرگ العلماءَحضرت
مولانا عبدالڪريم ديروي رح، علي اڪبر شاهه، رئيس غلام علي لغاري، جي ڪوشش سان ڳوٺ
سرائي ٻٽن جي قريشن منجهان سندس (پڦاٽ ) سان نڪاح ڪري شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو علم
ادب جو هي محنتي شخص سال ۱۹۴۳ع ڌاري صحافتي دنيا ۾ پير پائي سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن،
ميگزينن ۾ ڪالم، مضمون، مقالا لکي ادبي دنيا ۾ نالو نشابر ڪيو پاڻ ساڳئي سال ٿدڙي
هوائن وارو شهر حيدرآباد اچي ويايائين اتي جامع عربيه تحريڪ ۾ آيو پوءِ حيدرآباد
کي ئي پنهنجو مسڪن بڻايائين سال ۱۹۵۱ع کان سال۱۹۵۴ع تائين مسلسل ٽي سال ٽرينگ ڪاليج فارمين ۾ درس تدريس جي
شعبي سان سلهاڙي فارسي جو استاد مقرر ٿيو ۽ پنهنجو خدمتون اعلي نموني سان سرانجام ڏيندو
رهيو. مولانا غلام محمد گرامي صاحب صحافتي دنيا ۾ جڏهن قلم کنيو هو ته هو ابتدا ۾
صحافي ٿي (هلال پاڪستان اخبار) عبرت اخبار حيدرآباد سان سلهاڙيل رهيو ان کانسواءِ
ان زماني منجهه هو سنڌ جي مختلف ڇپجندڙ رسالن جهڙوڪ رسالو آفتاب ڪراچي، شاعر حيدرآباد،
پاسبان هالا، عرفان لطيف حيدرآباد، ترجمان ميرپورخاص، ۽ الزمان هالا جو بهترين ايڊيٽر
طور فرض سرانجام ڏيندو رهيو. سال ۱۹۵۵ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ ۾ پير پاتائين اتي رهي ڪري رسالي
(مهراڻ) جو مئنيجنگ ايڊيٽر بڻيو، گرامي صاحب سال ۱۹۵۵ع کان وٺي زندگي جي آخري دم تائين سه ماهي
مهراڻ رسالي سان نڀائيندو سنڌي ادب ۾ پنهنجو نالو نروار ڪندي نظر آيو، ان کان
علاوه مولانا غلام محمد گرامي صاحب ان زماني ۾ نون اديبن، شاعرن، سگهڙن جي لکڻين ۽
انهن جي اندر جي آواز کي ڇپئي مهراڻ رسالي جي زينت کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا، ۽ ڪيترئن
نالي وارن اديبن کان مواد وٺي مهراڻ رسالي جي موج ۾ اضافو ڪندي هميشه مصرف عمل
رهيو. ۽ پاڻ ذاتي دلچسپي وٺي ريگيولر بنياد تي ڪالم عنوان (آديسي اٿي ويا مڙهيون
مون مارين ) واري عنوان تي ان زماني جي اديبن، شاعرن، سياسي، سماجي شخصيتن گذاري وڃڻ
تي وفات ناما وڏي جستجو سان لکندي نظر آيو. بعد ۾ سيد بچل شاهه انهن لکڻين کي (ويا
سي وينجهار) نالي ڪتابي صورت ۾ جامو پهرايو مولانا غلامحمد گرامي صاحب پاڻ وقت به
وقت علمي، ادبي، مضمون، مقالا لکندو سنڌي ادب کي آسودو ڪندي نظر آيو هي نه رڳو نثر
لکڻ جو قابل هو مولانا صاحب نظم واري صنف ۾ به پاڻ ملهايو گرامي صاحب هڪ بهترين
غزل گو شاعر پڻ هو هو پنهنجي من اندر جو آواز ٻڌائيندي چوي ٿو ته
خدا جو شڪر غم اين
و آن جو آهيان امين،
نه آهه پنهنجي مقدر
۾ سيم و زر نه سهي،
گرامي ڪو ته اشارات
کي به سمجهي ٿو،
سخن شناس ڪو آهي سڄو
شهر نه سهي.
گرامي سنڌي ادب جي
جهول ۾ جهجي انداز ۾ پنهنجي ڏاهپ ۽ قلمي پورهي سان سنڌي ادب جي زينت ۾ اضافو ڪندي ڪيترائي
ڪتاب ڏنا جن منجهه الله جو وجود، اسانجو پيارو دين، ادبي اهڃاڻ، ديوان بلبل، رفيق
حيات، اسلامي تاريخي ڪهاڻيون، مزاحيات، مسلمان ۽ تعليم، دينيات اٺين ڪلاس لاءِ، جام
جم، قائداعظم جون تقريرون، تاريخي افسانا ۽ ڊراما، ۽ مشرقي شاعري جا فني قدر ۽
رجحانات شامل آهن غلام محمد گرامي صاحب سنڌي ادب منجه بي لوٽ خدمتون ڏيندي ڏيندي گڏهن
به ٿڪاوٽ محسوس نه ڪئي هميشه سنڌ ۽ سنڌي ادب، تاريخ، دينيات، صحافت، تنقيد، سياست،
شاعري، فلسفي جي موضوع تي مطلب ته هو هر علم ۽ فن وسيلي خدمت ڪندي نظر آيو. مولانا
غلام محمد گرامي جي ادبي پورهي مان هاڻ هميشه فيضياب پيو ٿيندو پاڻ ته زندگي جا ۵۵سال ۸ مهينا ۽۱۶ ڏينهن گهاري ۱۵سيپٽمبر ۱۹۷۶ع اربع ڏينهن دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري هي
جهان ڇڏي ويو.
غلام محمد گرامي
يوسف سنڌي
ڪي ماڻهو علم و ادب
جو روشن مينار هوندا آهن، جيڪي پري کان ئي پنهنجي روشنيءَ جي ذريعي واٽون پيا ڏسيندا
آهن. غلام محمد گرامي مرحوم به اهڙن ماڻهن منجهان هو. گرامي صاحب، سنڌي ادب جي
تاريخ ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمت ۽ فڪر و نظر جي تنوع جي حيثيت سان خاص مقام حاصل ڪيو
آهي. پير علي محمد راشديءَ جي لفظن ۾ “جنهن ٻوليءَ ۾ هن قسم جو قلم آهي، اها ٻولي
نه مرندي!”
سوانح
غلام محمد گرامي
ولد جاڙيو خان بلوچ، ميهڙ ضلع دادو ۾ ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۲۰ع تي جنم ورتو. شروعات ۾ مدرسن ۾ پڙهيو، پر گهڻو ڪجهه
ذاتي مطالعي، تجسس، عالمن،اديبن ۽ بزرگن جي صحبت مان حاصل ڪيائين. پاڻ ۱۹۴۳ع ۾ حيدرآباد آيو ۽ پوءِ هميشه لاءِ
حيدرآباد ۾ رهي پيو. پهريائين سيد علي اڪبر شاهه ميهڙ واري جي تحريڪ تي “جامع عربيہ”
۾ استاد ٿي رهيو. ان کانپوءِ ۱۹۵۱ع کان ۱۹۵۳ع تائين ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ فارسيءَ جو
استاد ٿي رهيو.
صحافت
پاڻ صحافت جي شروعات
۱۹۴۳ع کان ڪيائين، ڪيترن ئي رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جهڙوڪ: “شاعر” الزمان”، “پاسبان”
هالا،”آفتاب” ڪراچي، “عرفان لطيف” حيدرآباد، “ترجمان” ميرپورخاص، ڪن اخبارن ۾ ڪالم
۽ مضمون به لکيائين. جهڙوڪ: هلال پاڪستان حيدرآباد، عبرت حيدرآباد، وغيره.پاڻ ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو. ۽ رسالي “مهراڻ”
جو مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو ۽ ۱۹۵۸ع کان وٺي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين “سھ ماهي مهراڻ”
جو ايڊيٽر رهيو. پاڻ سڄي عمر ادب ۽ صحافت سان لاڳاپيل رهيو ۽ پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکاريندو
رهيو. حقيقت ۾ جتي پاڻ “مهراڻ” رسالي کي پنهنجي قلم جي جوهر وسيلي اهم ادبي ۽
تحقيقي پرچو بنائي ڇڏيائين، اتي مهراڻ ۽ گرامي لازم ۽ ملزوم هئا.
گرامي صاحب انيڪ
خوبين جو مالڪ هو. هو عالم به هو ته دانشور به هو. شاعر به هو ته اديب به هو،
صحافي هو ته نقاد پڻ هو. اسلامي تصوف جو ڄاڻو هئڻ سان گڏ مغربي ۽ مشرقي فڪر ۽ فلسفي
جو اڀياس ڪندڙ پڻ هو. قديم علمن ۽ فنن سان دلي لڳاءُ هئڻ سان گڏ، جديد رجحانن سان
به ميل جول رکندڙ هو. هن نه رڳو قديم روايتن کان منهن نه موڙيو، پر جديد رجحانن
سان پڻ نباهيائين، هن وٽ قدامت پسندي ۽ روايت پسندي به هئي ته نون لاڙن ۽ قدرن جو
کليءَ دل سان آڌرڀاءُ به هو. وٽس قديم ۽ جديد جو سهڻو امتزاج نظم اچي ٿو.
گرامي صاحب جدت
پسند طبيعت جو مالڪ هو ۽ جدت پسند ۽ ترقي پسند لاڙن کي ترجيح ڏيندو هو ۽ قديم ادب
جو جائزو به جديد رجحانن جي روشنيءَ ۾ وٺندو هو. سندس ڊگهو مقالو “مشرقي شاعريءَ
جا فني قدر” جيڪو پهرين “مهراڻ” ۾ ڇپيو ۽ پوءِ ڌار ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. جنهن
انهيءَ دور ۾ رجعت پسند طبقي ۾ وڏو ٻڙدڪ مچايو، نتيجي ۾ مٿس ڪافي تنقيدون به ڇپيون،
پراهو مقالو هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.
گرامي صاحب تمام گهڻو
لکيو. پاڻ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي تحريرون،مقالا، تقريرون، گذارشون، تبصرا، تعزيت
ناما، ڪتابن جا مقدما ۽ تقريطون وغيره لکيائين. انهيءَ سان گڏ گرامي صاحب هڪ سٺو
شاعر پڻ هو. پاڻ غزل ۽ نظم پڻ لکيائين. جدت ۽ انفراديت پسندي سندس شاعريءَ جون خاص
خوبيون آهن.
سندس تحريرن جو
دفتر ايترو ته ٽڙيل ۽ پکڙيل آهي، جو انهن کي باقاعده سهيڙڻ جي ضرورت آهي. سندس
انقلاب آفرين تحريرن سان اختلاف ڪندي نه رڳو ڪتابن جا ڪتاب لکيا ويا، پر کيس
فتوائن سان پڻ نوازيو ويو، پر پاڻ پنهنجي نصب العين ۽ فڪر تان تِر جيترو به نه هٽيو.
سندس چواڻي:
“مقصد، تحقيق
۽ تصديق جي اهڙي هنڌ تي پهچڻ گهرجي، جتي هماليه هٽي سگهي ته ڀلي هٽي، باقي پنهنجي
عقيدي ۾ ڪوبه فرق يا ڦير اچڻ نه گهرجي.”
سنڌي ادب ۾ سندس
تحرير ۽ اسلوب جو انداز،پنهنجي حسن ۽ نکار جي ڪري ڌار مقام پيدا ڪيو آهي. ٻيو ته
سندس لکڻي جذباتي ۽ لفاظيءَ جي طلسم کان آجي نظر ايندي. پڙهندڙ هڪ معنوي روح محسوس
ڪندو، جو لفظن جي حسن ۽ تناسب جي لباس ۾ نظر ايندو.
گرامي صاحب “مهراڻ”
جي لاءِ گذارشون لکيون آهن. اهي “ادب عاليھ” جو هڪ بهترين مثال آهن. گهڻو ڪري علم
۽ فن جي هر مسئلي تي بحث ڪيو اٿس، انداز بيان ۽ اسلوب تحرير اهڙو ته دلپذير، ولوله
انگيز ۽ جاذب نظر اٿس، جو افساني ۽ ڊرامي، ناول ۽ ڪهاڻي کان به وڌيڪ دلڪش ۽ روح آفرين
ٿو محسوس ٿئي. حقيقت ۾ انهن گذارشن کي ڪتابي صورت ۾ سهيڙڻ جي گهرج آهي.
گرامي صاحب “مهراڻ”
جي ايڊيٽري واري زماني ۾ “مهراڻ” جا ڪيترائي اهم نمبر پڻ ڪڍيا، جن ۾ شاعر نمبر ۱۹۶۹ع، سندي تنقيدي جائزي جي لحاظ کان سنڌي تنقيدي
ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.
گرامي صاحب ڪيترائي
ڪتاب ترتيب ڏنا۽ ترجمو ڪيا. جن ۾ “تاريخي افسانا ۽ ڊراما”، “قائداعظم جون تقريرون”،
“مشرقي شاعريءَ جا فني قدر”، “ويا سي وينجهار” (جيڪو سندس وفات کان پوءِ سيد بچل
شاهه ترتيب ڏنو) “ديوان بلبل”، “مسلمان ۽ تعليم”، “جام جم”، “مزاحيات” ۽ اڻ ڳڻيا مقالا
۽ مهراڻ لاءِ لکيل گذارشون اهم آهن. تازو سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس گڏيل لکڻين جو
پهريون جلد “گرامي جون لکڻيون” جي نالي سان شايع ڪيو ويو آهي.
اياز قادري “سنڌي
غزل جي اوسر” ۾ لکي ٿو:
“گرامي صاحب
هڪ سٺي نثر نويس سان گڏ بهترين شاعر پڻ هو. پاڻ شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي
ڪئي اٿس. پر هو بنيادي طور تي غزل جو شاعر هو. پارسي ديوانن جي ڪثير مطالعي ۽ بزم
مشاعرن سان گهري ناتي سبب سندس غزلن تي پراڻو رنگ ڇانيل هو ۽ سندس ٻولي پارسي آميز
گلقند هئي، جا ڪڏهن ڪڏهن مشڪل به ٿي ويندي هئي. ڪيترن غزلن ۾ هن نوان ۽ وڻندڙ خيال
پڻ پيش ڪيا آهن. غزل ۾ سندس درجو اُستاد وارو هو.”
جناب غلام محمد
گرامي ۱۵سيپٽمبر ۱۹۷۶ع تي وفات ڪئي.
(سنڌي ادب هڪ سئو سنڌي اديب ڪتاب ۾ ڇپيل)
مولانا غلام محمد گرامي
(يادگيرين جو سفر)
حميد
سنڌي
هيءَ تنهن زماني جي ڳالهه
آهي جڏهن حيدرآباد جو گاڏي کاتو، گهوڙي گاڏين سان ڀريل اڇن اجرن پرامن ماڻهن جي
چرپر سان پر هوندو هو. گاڏي کاتي جو مشهور چوڪ ۽ هاري حقدار پريس هڪ ٻئي کان جدا
نه هيا. مون جڏهن مئٽرڪ ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي ته دادن جتوئي سان ملاقات
ٿي جنهن سان گڏجي هاري حقدار پريس گهمڻ آيو هيس. ڏاڍي حسرت سان پريس کي ڏٺم. ڏاڍي
سنڌ هيم ته پنهنجي پريس هجي ۽ مان هڪ سٺو ماهوار رسالو ڪڍان. انهي شوق ۾ هاري
حقدار پريس ايندو به هيس ۽ ڪجهه ڪجهه سکڻ جي به ڪيم. ان زماني ۾ مطيع الرحمن ۽
رزاق ڀائي گڏجي پريس مقاطعي تي کنئي. ماڻهو چڱا هيا. مون کين سمجهيو ۽ هنن مون کي.
مون ڪتابن ڇپائڻ سان شروعات ڪئي ۽ زندگي پبليڪيشن جو پايو وڌو.
اُن زماني ۾ جمال ابڙي جو
”پشو پاشا“ غلام رباني جو ”آب حيات“ مورائي جو ”راتيون جاڳن جي“ ۽ منهنجو ڪتاب
”سيمي “ انهي پريس مان ڇپيا.
اِنهيءَ ڪم سانگي منهنجو
اُٿڻ وهڻ پريس سان هيو. مان جڏهن پريس تي ويندو هيس يا شام جو پريس تان نڪرندو هيس
ته عبرت پريس واري گهٽي جي ڪنڊ تي ”مولانا ٽائيپ“ هڪ ٿلو ٿنڀرو، اڇو اجريل وڳو
پايو هڪ ماڻهو مون کي نظر ايندو هيو. سهڻي سونهاري، عينڪ ۽ ٽوپي سندس جسم مناسب نه
به هوندي سندس شخصيت ۾ هڪ ڪشش هئي. هميشه سندس هٿ ۾ پڪوڙن جو دونو يا کائڻ جي شي
هوندي هئي. مان کيس هڪ وڏي نامياري اديب جي حيثيت سان سڃاڻيندو هيس، رسالن ۾ سندس
فوٽو به ڏٺو هيم. هلڪي ملاقات به هئي. پر مان کانئس ڇرڪندو به هيس. هڪ وڏو اديب
شاعر ۽ ڪيترن رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو. سو پري کان وڏو سلام هڻي سرڪي ويندو
هيس. هو جڏهن به پريس تي ايندو هيو ۽ مرحوم حيدر بخش جتوئي سان اچي ملندو هيو.
اسان کيس ڏسي پريس ۾ اندر ٿي ويندا هياسين پر هو مرڪندو دادن يا مصطفى سان ڳالهيون
ڪندو مٿي هليو ويندو هيو. مون سان سندس مکا مک ملاقات سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ ٿي.
مان ان ڏينهن سنگت ۾ هڪ تاثر لکي کڻي آيو هيس. کيس ڏٺم ته سڄو پگهرجي ويس. منهنجي
تاثر کي ڪو خاص مان نه مليو. هن ٿلهي ٿنڀري شخص بنهه مون کي روئاڙي ڇڏيو. جيتوڻيڪ
مون ڏاڍي سٺي انداز ۽ تاثر ڏيندڙ آواز ۾ اهو تاثر پڙهيو هو. پهريائين ته ڏاڍي
لاپراوهي سان ٻڌو ۽ پوءِ پنهنجي واري اچڻ تي، هن هڪ پاسي واري وڏي اديب کي چيو هن
نينگر کي چئوس ته ريڊيو اسٽيشن تي وڃي صداڪاري ڪري، لکڻ سندس وس جي ڳالهه نه آهي.
ان وقت ”سيمي“ منهنجي ڪهاڻين
جو مجموعو پڌرو ٿي چڪو هو ۽ اِهو به محسوس ڪيو هيم ته ادبي فضا ۾ ڪنهن پر مون وٽان
لنگهندڙ هوا جو جهوٽو به نه هو، مون ڪو وقت ڏک ۽ مونجهاري ۾ گذاريو، مون وچ ۾ ڪجهه
ڪهاڻيون به لکيون پر ڏٺم ته ڪو خاص چوٻول نه ٿيو. پر جلدئي سڻائو واءُ وريو. اهو
سنڌي ادبي سنگت جو ساليانو ميڙ هو. بسنت هال ۾ ڪهاڻي جي نشست هئي. مان جڏهن پنهنجي
واري تي ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي پهتس ته ڏٺم ته منهنجي سامهون اهوئي سانورو ٿلهو
ٿنڀرو عينڪائي مولانا ٽائپ ويٺو هو. منهنجيون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. دل ۾ چيم
مري ويس. پر ڏٺم ته ڀر ۾ ڪافي مهربان بزرگ ۽ ساٿي ويٺا هيا. مون اُتِ پنهنجي ڪهاڻي
”ڪارو رت“ پڙهي. ڪهاڻي پڙهندي ئي مون محسوس ڪيو ته هال ۾ خاموشي ڇائنجي وئي آهي ۽ ڪهاڻي
تاثر ڇڏيندي پئي وڃي. هيءَ ڪهاڻي ڪجهه ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي هئي. ڏٺم ته سڀني کي وڻي.
منهنجو ڪنڌ مٿي ٿي ويو. ان اوچي ڳاٽ سان جيئن اسٽيج تان هيٺ لٿس ته ان ٿلهي ٿنڀري
شخص مون کي ٻانهن کان جهلي رستي ۾ روڪيو ”اها ڪهاڻي مون کي ڏي مان ڇاپيندس“.
مون هن جي لهجي ۾ محبت
محسوس ڪئي پر سندس ڏنل زخم مون کان ڪاٿي ٿو وسري.
سائين مان وڃان ٿو ريڊيو
تي صداڪاري ڪرڻ، موٽان ته پوءِ ڳالهائينداسين.
هو کليو. پوءِ سٽ ڏئي ڪهاڻي
مون کان ڦري ورتائين.
ڇورا! تون هاڻ اهو حميد
نه آهين. مون تنهنجيون ڪهاڻين پڙهيون آهن. تون سٺو ٿو لکين، بس هاڻي تون سه ماهي
”مهراڻ“ لاءِ لک. مان توکي ڇاپيندس“ ان زماني ۾ سه ماهي مهراڻ ۾ ڇپجڻ وڏي ڳالهه
هئي.
ها سائين! هيءَ ڳالهه ان
زماني جي نامي گرامي مهراڻ جي ايڊيٽر عالم مفڪر ۽ ليکڪ موانا غلام محمد گرامي جي ڳالهه
هلي پئي. مولانا گرامي واقعي مون کي مهراڻ ۾ ڇاپيو ”ڪارو رت“، ”زندگي بڻجي نه شل
سسئيءَ جا سور“ ”هڪ خواب هڪ حقيقت“.
هي ڪهاڻيون هيون جن
بحيثيت ڪهاڻيڪار منهنجي ادبي حلقن ۾ سڃاڻپ ڪرائي. منهنجي ٻي وڏي سڃاڻپ ”روح رهاڻ“
هئي. ان روح رهاڻ جي تدوين تاليف منهنجي لاءِ هڪ وڏو چئلنج هو. ادارت جو ادراڪ مون
کي گرامي صاحب جي معرفت ٿيو. ايڊيٽنگ آهي ڇا؟ ”روح رهاڻ“ جديد قدرن جو حامي هوندي،
ڪيئن پنهنجو ڪردار نمايان طور تي ادا ڪري سگهي ٿو؟ ان جي ڄاڻ گهڻي قدر گرامي صاحب
وٽان پئي، جڏهن هو زوريءَ مون کي پنهنجي آفيس ۾ روڪي وٺندو هو ۽ گاريون ڏيندي
چوندو.
ڇورا! هت ڪجهه ڪم سک، اڃان
ٻار آن ٻار“
اهو ٻار ڪئين وڏو ٿيو ۽ ڪنهن
ڪنهن جي هٿن ۾ پليو نپنو ۽ پيرن تي ٻيٺو. مون کي خبر نه آهي. انهي سلسلي جو ڪڙيون،
انهي سلسلي جا وارث وصي گهڻا آهن جن جا قصا واري سان ٻڌائندو هلندس. هن دفعي صرف
مولانا غلام محمد گرامي کي ياد ڪرڻ ڏيو ته بهتر. هيءُ ڏسڻ ۾ بزرگ، اندر ۾ ننڍو نيٽو
پهلوان مڙس، قلم جو ڌڻي خطابت جو بادشاهه. ڏکن ۽ تڪليفن لاءِ ويڙهو جوان. سندس
زندگي جا رخ عجيب هيا. مولانا گرامي جو دور ڪجهه هن طرح لڳيم ٿو جو ان دور جون
نمايان شخصيتون جيڪي سندس ويجهو رهيون يا پاڻ سندن ويجهو رهيو، ڪجهه هن طرح آهن
مخدوم طالب الموليٰ، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش جتوئي، پير حسام الدين راشدي،
محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو ابن حيات پنهور محمد عثمان ڏيپلائي، تنوير
عباسي، شيخ علي محمد، خير محمد کوکر، خانصاحب عبدالله چنا، مظهر جتوئي، شمشر
الحيدري ۽ ٻيا کوڙ بزرگ ساٿي.
اِنهن شخصيتن سان گهٽ وڌ
جو ساٿ ڪجهه گهڙيون ڪجهه گيهرايون، ڪجهه اهنج ڪجهه خوشيون سندس شخصيت کي چٽو ڪري
بيهارين پيون. جڏهن هو انهيءَ ساٿ سفر در سفر مان پچي پچي نڪتو ته هاڻ سائين ڪير
کيس روڪي. سندس تقرير ۽ تحرير ۾ جيڪا تکائي هئي تنهن ون يونٽ واري دور ۾ انقلاب آڻي
ڇڏيو. سه ماهي مهراڻ جا ايڊيٽوريل هجن يا جشن روح رهاڻ جي موقعي تي ڪيل تقريرون.
ادبي ڪانفرنس هجن يا ميلا، کيس ڳالهائڻ سو ڏيو، باهه ٻري ويندي هئي. مان گهڻو ڪري
کيس پنهنجي ”فوڪسيءَ“ ۾ عبدالله چنه صاحب ۽ ٻين جهونن سان گڏ کڻي ون يونٽ واري دور
۾ ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه لڳائڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهچائيندو هيس. هڪ دفعي ٽنڊي محمد
خان ۾ جلسو هجي، ڪي يار بس ۾ ته ڪي جهونا مون سان، مون واري ”فوڪسيءَ “ ۾ هجن
(جنهن ڪار انهي دور ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو)
جڏهن ٽنڊي پهتاسين ۽ اڃا
شهر ۾ داخل ٿياسين ۽ سينيما وٽ پهتاسين ته هڪ ٽانگي تي سينيما جا بورڊ ٽنگيل ڏٺاسون،
ٽانگو لائوڊ سوڌو پڙهي لاءِ تيار هو . مون جئين بورڊ پڙهيا ته ڪار کڻي جهليم.
سامهون لکيل هو. ”اڄ جو شاهڪار عظيم الشان جلسو“ ستارا فلاڻا فلاڻا (اديبن جا نالا)
۽ دشمن جي دل ڏهڪائيندڙ هنيان ڦاڙ خوفناڪ مقرر غلام محمد گرامي. لائوڊ تي به هڪ
همراه لڳو پيو هو ”اچي ويو، اچي ويو اهو شاهڪار جنهن جو انتظار هو. طوفاني پروگرام
دونهان دار تقريرون مولانا غلام محمد گراميءَ جو خوفناڪ پروگرام، زبردست تماشو، اڄ
رات اڄ رات“
گرامي صاحب باهه ٿي ويو.
وڏا ڪي حرامي آهن. اسان
ايڪٽر آهيون هيءَڪهڙي حرامپائي آهي؟ ماڻهن جو تماشو پڻهن جو تماشو“
”سائين توهان ايڪٽر آهيو
لکيو به آخر ۾ اٿن ته ڏهڪائيندڙ ڦٿڪائيندڙ ۽ هنيان ڦاڙيندڙ خوفناڪ غلام محمد
گرامي“.
تون ته بس ڪر بدمعاش“
”هلو پنڊال تي ته ڪئين ٿو
حرامين کي ڦٿڪايان. اهي ڪم هوندا لچ پرواني جا“
پنڊال تي هليو، پرواني ۽ ٻين
کي گاريون ڏئي بالم ٿي ويهي رهيو. سندن هنيان ته نه ڏاريائين باقي ون يونٽي سرڪار
جون ليڙيون ڪري ڇڏيائين. مجال جو ڪو هو انقلابين جو جلسو ڇڏي، ان زماني نئين فڪر ۽
انقلاب جي ڳالهه ڪرڻ ڪفر هو. اسان تي ملحدي ۽ ڪفر جي فتويٰ هئي ۽ اسان ڇا به
هياسين پر اسان جي فڪر ۽ نظريي جي سند مولانا غلام محمد گراميءَ جهڙو جيد عالم ۽
مفڪر هو. جيستائين گرامي صاحب جيئرو هو، تيستائين سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ
اسان لاءِ ڏکي نه رهي. ڇاڪاڻ ته بقول مولانا گرامي جي ته طاغوتي قوتون هميشه ٻيو ٻيو
لبادو اوڍي سچ جي ڳالهه ڪرڻ وارن تي وار ڪنديون آهن. هن جشن روح رهاڻ ۾ جڏهن چيو.
”عزيزو“ تازه فڪر پيدا ڪريو
ستلن کي جاڳايو. جاڳيلن کي وڌايو. انسان ذات جي خدمت کي عبادت سمجهيو. حق چئو ۽ حق
قبول ڪريو اهوئي آهي اسلام“. ڄڻ ته اسان جي سڄي لڏي کي جيئاري ڇڏيائين. ڇاڪاڻ ته
اسين سڀ ان وقت سڄي سنڌ ۽ سنڌ جي ايندڙ نسل کي نئين سر جيارڻ جو متو کڻي اڳتي وڏي
رهيا هياسين.
گرامي صاحب جي زندگي جا ڪئين
ئي رخ آهن. هڪ رخ سندس چرچي گهٻي وارو به آهي. سندس چرچي ۽ گارين کان اسين ڏاڍا
لطف اندوز ٿيندا هياسين ۽ وري جوابي چرچا ڪرڻ اسان جو ڪم هو. جي ساڻس چرچو نه ڪيو
ته دل ۾ ڪندو هو. پر هڪ دفعي ڏاڍو چڙي ويو. سکر ۾ ادبي سنگت جو سالانه ميڙ هجي.
هتان اديبن جو لڏو ساڻ هجي. خاص طرح شيخ عبدالمجيد سنڌي ساڻ هجي ۽ شيخ صاحب جو ڇوڪراڻي
ڇيڙ ڏني، ڏاڍو ڪو لطف آيس. ور ور ڪيو چوي ته ابا حميد! ماٺ ڇو ٿي وئي آهي. گرامي
صاحب کي واندو نه ڇڏيو“. ڀلا نياز همايوني جهڙو ڀوڳائي گڏ هجي ته پوءِ اسان جهڙن
کي به همٿ ٿيو پوي. هونئن ته مان ڀوڳائي نه آهيان پر ٻن ماڻهن سان جيترا مون چرچا ڪيا.
اهي منهنجي حياتيءَ جو وڏو سرمايو آهن. ڇاڪاڻ ته ان عيوضي جيڪي به هنن گاريون ڏنيون،
اهي جهول پائي مون جهليون. اڄ جڏهن به کين يا د ڪرڻو هوند اٿم ته سندن گارين وارن
مٺن ٻولن کي پهريائين ياد ڪندو آهيان. اهي ٻه ماڻهو هيا. هڪ غلام محمد گرامي ٻيو
رشيد ڀٽي. سو ڳالهه ٿي ڪيم ريل جي سفر جي، جنهن ۾ اسان سڄي واٽ گرامي صاحب کي تنگ ڪندا
رهياسين. ڪڏهن سندس کاڌي تي ٽوڪ ڪڏهن ٿولهه تي پر گرامي صاحب بنهه نه چڙيو. رڳو
چوندو هو ، ڇورا مستي ڀل ڪيو پر کارائيندا هلو“
اسان جا به شيون آڻيندي
بهرحال... ٿيا کيسا خالي. جي ڪنهن اسٽيشن تي گاڏي نه ٿي بيٺي ۽ گرامي صاحب جو موڊ ٿيو
ته هن اسٽيشن جي هيءَ شيءَ مشهور آهي ته زنجير ڇڪي به گاڏي روڪائي ڊوڙي وڃي، ڪڏهن
کير پيڙا ڪڏهن ڪوهر ڪڏهن کٽ مٺڙا، ڪڏهن پڪوڙا ڪڏهن ڪيلا، بس سکر تائين ڀينگ ٿي
وئي. اسان به ان عيوض ڏاڍا چرچا ڪيس. چڙيو ڪونه پر جڏهن ڪيلا اندران خالي، آلا پڪوڙا
ڪوهرن ۾ پٿريون ڏنيوسين ته بنهه چڙي ويو. هو کاڌي جي سلسلي ۾ نهايت حساس هو. هاڻي
پرچي ڪيئن، سکر ۾ به ڪاوڙيل. رات جو سڀ صلاح ڪري گڏجي وياسين ۽ سڌو ”ماتا! ماتا
کميا ڪريو!“ ڪري سندس پيرن تي ڪرياسين بنهه پيرن کي چنبڙي وياسين.
”اڙي ڇورا! ڇڏيو، اڙي ڇڏيو!
ڪو چوي ”ماتا مان يڌشتر“ ڪو
چوي ”ماتا مان ارجن“ ڪو چوي ماتا مان ڌريو ڌن. بس کلي ويٺو دل تي بجا ۽ گاريون ڏنائين.
ڇورا! وڏا ڪي ايڪٽر آهيو!
بس اوهان جي سزا آهي ته کاڌي جو بندوبست ڪريو. بک لڳي آهي هاڻي
رات جو ٻاهرين وڳي ماني ڪٿان اچي.
”سائين توهان ديڳ پوري کاڌي
آهي، ڪجهه ته رحم ڪريو“
”بڪواس بند ڪريو، کاڌي جو
بندوبست ڪريو“
رباني سان شوڪت جماڻي ملڻ
آيو هو. انهيءَ گراميءَ صاحب کي اسڪوٽر تي پويان وهاريو ۽ روهڙي اسٽيشن تي وڃي
ورهين جا رکيل باسي پڪوڙا ۽ ٻوٽيون کارائين. تڏهن اسانجي جان ڇٽي. واپسي تي به شيخ
عبدالمجيد صاحب گاڏي ۾ وهندي ئي دانهن ڪئي ”اڙي نياز، حميد ڇاهي ڀلا ڇو ماٺ آهي.
شروع ٿي وڃو“ هٿ سان مولانا گرامي صاحب ڏانهن اشارو به پيو ڪري. گرامي صاحب ڪجهه ٿڪل
هو ۽ چرچا به گهڻا ٿيا هيا. نيٺ چڙي پيو ۽ خار ۾ اٿي هليو ويو. گهڙي کان پوءِ ڪجهه
خيال آيو. ڳوليوسين ته هلندي گاڏي مان گرامي صاحب گم. ڏاڍا پريشان ٿياسين. نيٺ هڻي
هنڌ ڪيوسين. ٻين مسافرن ٻڌايو ۽ ڏٺو گرامي صاحب (Toilet) ۾ بند هيو. بس پوءِ در ڀڃي
گرامي صاحب کي موٽائي وٺي آياسين. پيرن تي هٿ رکياسين ته کلي پيو.
”ڇورا ايڏو گستاخ ٿبو آهي ڇا“.
مون ان وقت کان پوءِ ساڻس
چرچا ڪرڻ ڇڏي ڏنا. نيٺ زينت پريس تي هڪ ڏينهن لنگهي آيو.
”اڙي ڇورا ڇا
هي،
آفيس ۾ به نه آيو آهين. تنهنجا ٽهڪ نه ٻڌا اٿم ته دل بي چين ٿي پئي آهي.
”ها سائين ڪجهه پريشان
آهيان.“
”مون کي تنهنجي پريشانيءَ
جي خبر آهي. تو سان ڏاڍيون ناانصافيون ٿيون آهن. پر ڏس مون سان نه ٿيون آهن ڇا؟ سڄي
سنڌ سان ناانصافي نه ٿي آهي ڇا؟ همٿ ڪر حميد. تنهنجيون قربانيون رائگان نه
وينديون. همٿ ڪر!.
گرامي صاحب هر انهي ويلي
پهچي ويندو هو. جڏهن مان سندس ٻڌايل طاغوتي طاقتن سان وڙهي وڙهي ٿڪجي پوندو هيس.
مون لاءِ اهي شامون اڻ ميو ملهه رکن ٿيون، جڏهن گرامي صاحب مون سان گڏ هوندو هيو ۽
ڪلاڪن جا ڪلاڪ زينت پريس ۾ مون تي آيل ڏکين ڏينهن کي سکن ڏينهن جو آواڻ سمجهي سبق ڏيندو
هيو ۽ مان سندس ڏيل کي ڏسي ٽپ ڏئي اٿندو هيس. گڏجي وڃي ڪراچي هوٽل تي ڪباب کائيندا
هياسين.
گرامي صاحب جي گهڻ رخي
شخصيت کي بيان ڪرڻ لاءِ دفتر کپن. هڪ همٿ وارو. دل جو امير. عالم مفڪر. وقت جي هٿان
ٻين اديبن عالمن وانگر پاڻهيءَ پاڻ گذاري ويو. اسان نه سندس علاج ڪرايو. نه سندس
لاءِ اپيلون ڪيون. هو شايد ايئن وڃڻو هو. اڄ ورهيه گذريا. ڏاڍي ڌام ڌام ڌوم سان
دفن ڪري آيا هياسين. هڪ وڏي قبرستان ۾ انهي وعدن سان ته هت مقبرو ٺهندو ۽ هن مزار
تي ادبي ڪانفرنسون ٿينديون. ميلا لڳندا. پر ٿيو ايئن جو، ڪڏهن سندس مزار ڀرسان
لنگهندي لڳندو اٿم ته گرامي صاحب چئي پيو.
بر مزار ما غريبان ني
چراغ ني گل
تنهن ڪري شايد اڄ مان
يادن جا چراغ ٻاريو ويٺو آهيان. کيس ياد ڪرڻ، ان اڇي اجري ٿلهي ٿنڀري ماڻهو کي، ڪيترو
وقت ”عبرت“ جي گهٽيءَ وٽ پڪوڙن جي دوني سان بيٺل ڏسندو هيس. پر جڏهن کان گاڏي
کاتو، گاڏي کاتو نه رهيو آهي، ان پاسي ويندي ڀو ٿو ٿئي، گولين جا ٺڪاءَ ٻڌان ٿو.
بس پوءِ انهيءَ ۾ ڀلائي سمجهندو آهيان ته يادگيرين جو سفر جاري رهي، ساري رهي.
ايئن منهنجا همسفر ساٿي بزرگ مون سان ساٿ ڏئي هلندا رهندا، هلندا رهندا، جيسين
شايد سسي ۾ ساهه اٿم.
(اسان جو قلم ھڪ عَلم؛
حميد سنڌي، تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا