; سنڌي شخصيتون: مخدوم جميل الزمان - مير نادر علي ابڙو

13 December, 2012

مخدوم جميل الزمان - مير نادر علي ابڙو


مخدوم جميل الزمان
۽ منجھس اميدون
مير نادر علي ابڙو
سنڌ ۾ روحانيت جي پرچار تمام آڳاٽي دؤر کان ٿيندي رهي آهي. روحانيت جي سفر پويان صوفي ازم جا پيروڪار هر دؤر ۾ مايوسين جي در چڙهيل سماج ۾ خوشيون ڦهلائيندا رهيا آهن، سنڌ ۾ گادين ۽ انهن جي مريدن جو سلسلو تما م آڳاٽو آهي ۽ مريد پنهنجن مرشدن کي دلين اندر جاءِ  ڏيندي انهن جي هر حڪم تي لبيڪ چوندا رهيا آهن. سنڌ جي تاريخي شهر هالا جنهن جي سماجي توڙي سياسي ۽ ادبي حساب سان هڪ الڳ حيثيت رهي آهي، ان شهر جي فضائن ۾ محبتن جي پرچار ملي ٿي، هن شهر ۾ سروري جماعت جيڪا سوا نوَ لک گودڙي جي جماعت ليکي وڃي ٿي، تنهن جي گادي به هن ئي شهر ۾ آهي ۽ هن جماعت جو سلسلو  تمام پراڻو رهيو آهي ۽ سروري جماعت جا مريد پاڪ ۽ هند ۾ وڏي انگ ۾ موجود آهن. سروري جماعت کي اهو اعزاز حاصل آهي ته جڏهن قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ گادي نشين هئا ته پاڻ تمام اثرائتي نموني گادي کي سنڀاليندي سروري جماعت ۽ انسانيت جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽ پنهنجي دؤر  ۾ پاڻ جتي ادبي ميلا رچايا ته اتي سماجي ڪمن ۾ اڳڀرا نظر آيا ته سياسي حوالي سان به پاڻ مڪمل طور تي راڄ ڪيو ۽ هن دؤر  ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به پيپلز پارٽي جو بنياد رکڻ لاءِ مخدوم صاحب جي شهر هالا جي چونڊ ڪئي هئي ۽ پاڻ لاڙڪاڻي کان هالا اچي پارٽي جو بنياد رکيو.


مخدوم طالب الموليٰ جي لاڏاڻي بعد موجوده گادي نشين قبله سائين مخدوم امين فهيم به ساڳئي راهه تي هلندي نظر ٿا اچن ۽ سندس شخصيت کي ملڪي توڙي بين القوامي طور تي وڏي حيثيت حاصل آهي، انهي خاندان جو چشم و چراغ ۽ قبله مخدوم امين فهيم جي فرزند قبله مخدوم جميل الزمان کي وزير اعليٰ سنڌ ، سيد قائم شاهه پاران سنڌي ادبي  بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪا تمام گهڻي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ۽ سنڌ جي تمام حلقن وزير اعليٰ جي ان قدم کي ساراهيو آهي، مخدوم جميل الزمان جي چيئرمين مقرر ٿيڻ بعد بورڊ ۾ جتي انقلابي تبديليون اچڻ شروع ٿيون آهن ته اتي سنڌي ادبي بورڊ جي فلاح و بهبود لاءِ هينئر کان ئي تڪڙن بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.
بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اڪثر ڪچهرين ۾ قبله سائين مخدوم طالب الموليٰ سان ڪيل ڪچهرين جو قصو ٻڌائيندا رهندا هئا ۽ لاڙڪاڻي جي ابڙا خاندان ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ هالا جي مخدومن جي وچ ۾ انتهائي ويجهڙائي وارو رشتو رهيو آهي ۽ منهنجو پنهنجو به ذاتي طور تي هن گادي سان انتها جو عشق رهيو آهي ۽ مخدوم قبله سائين جميل الزمان سان ڪڏهن ڪچهري ڪراچي ۾ ته ڪڏهن وري هالا ۾ ٿيندي رهي آهي، سندن ڪچهرين ۾ جيڪو قرب محبت سنڌي عوام لاءِ پسجڻ لاءِ ملي ٿو اهو شايد ئي ٻئي ڪنهن جي ڪچهري ۾ سرور پسجڻ لاءِ ملي ٿو. اهڙي ادب دوست ۽ انسانيت دوست انسان کي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ سان جتي ادبي بورڊ کي نوان رنگ نصيب ٿيندا ته اتي ان جي ترقي به ٿيندي ۽ پاڻ جيڪي شروعاتي قدم کنيا آهن اهي انتهائي تعريف لائق آهن ۽ انهن قدم کڻڻ جي سنڌي قوم منتظر هئي.
دعا آهي ته شل قبله سائين مخدوم طالب الموليٰ وانگر قبله سائين مخدوم جميل الزمان هن ادبي بورڊ کي هن جو وڃايل جوڀن موٽائي ڏين. جنهن جي لاءِ سموري سنڌ جي عوام منتظر آهي ۽ انهن جون نگاهون قبله سائين مخدوم جميل الزمان ۾ آهن.

(سوڀ، سنڌو ڊائجسٽ، مقدمو، سنڌو، سڪار، عوامي آواز، هفتيوار سدابهار، هلچل)

No comments:

راءِ ڏيندا