; سنڌي شخصيتون: August 2019

31 August, 2019

ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي


ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي
جاکوڙي هاري اڳواڻ
قادر بخش طالباڻي
لڳاتار بيمار ۽ ضعيف عمر هئڻ ڪري طبيعت سفر ڪرڻ کان لنوائيندي آهي، شادي غمي ۾ اُٿڻ ويهڻ به ان ڪري گهٽائي ڇڏيو اٿم پر ڪنهن دل واري جي موت جي خبر ڪَن تي پوندي آهي ته پاڻ کڻائي به ان ۾ شرڪت ڪندو آهيان پر واپسي تي ڪي ڏينهن تڪليف ڀوڳڻ تي دل ۾ فيصلو ڪندو آهيان ته هاڻ ٻيهر سفر نه ڪندس.
زندگي ۾ فيصلا ڪري ان تي پير کوڙي بيهڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي اٿم پر هن فيصلي تي پابندي ڪرڻ ۾ بيوس ۽ لاچار آهيان.

ميڊم نور جهان


ميڊم نور جهان
آواز دي ڪَهان هي- سندس وڇوڙي جو ڏينهن
وزير فرهاد سولنگي
ميڊم نور جهان جو اصل نالو الله رکي هيو، سندس جنم ۲۱ سيپٽمبر پنجاب جي شهر قصور ۾ فتح بيبي ۽ امداد علي جي گهر ۾ جنم ٿيو، قصور جي ميونسپل ڪاميٽي جي رڪارڊ موجب سندس جنم ۲۱ سيپٽمبر ۱۹۲۶ع آهي، جڏهن ته سندس مزار جي ڪتبي تي ۲۳ سيپٽمبر ۱۹۲۰ع لکيل آهي. ميڊم نور جهان برصغير جي اها ڪلاڪار آهي جنهن آرٽ جي دنيا ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو، هن ٿيٽر جي دنيا ۾ ٻالڪپڻ کان پنهنجي فن جي شروعات ڪئي، انهيءَ دور ۾ سندس ڀينر عيدن ٻائي، حيدر بندي، مختيار بيگم اڳ ۾ ئي ٿيٽر جي دنيا ۾ قدم رکي چڪيون هيون. ميڊم نورجهان ۹ سالن جي عمر ۾ فن جي دنيا ۾ قدم رکيو، اهڙي طرح هن پنهنجي زندگي جا ۶۵ سال فن جي دنيا کي ڏنا.

ظفر اڄڻ


سندس وڇوڙي تي
نعيم ملڪ
هڪ طرف سڄي دنيا نئين سال جون خوشيون ملهائي رهي هئي، ٻه پيار ڪندڙ دليون نئين سال جي شروعات نون واعدن ۽ وفائن جي لاءِ قسم کڻي رهيون هيون. انهيءَ سمي پنهنجي وقت جون ٻه پيار ڪندڙ دليون جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي عظيم شاعره فهميده رياض ۽ سياسي ڪارڪن ۽ ادبي لڏي جو پانڌيئڙو ظفر اڄڻ به انهن مان هئا. جيڪي گڏ رهڻ جي باوجود به نئين سال ۾ گڏ رهڻ جا وچن ڪندا هئا، فهميده رياض جي ۲۰۱۸ع ۾ وڇوڙي جيتوڻيڪ ظفر اڄڻ جي زندگي مان رنگ ۽ رومانس ئي ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ هو هڪ هلندڙ گهمندڙ انسان بدران بس ساهه کڻندڙ هڪ مٽيءَ جو پتلو وڃي رهيو هو. هڪ عظيم محبوبا جي وڇُڙي جا وڍ اڳ ئي کيس اڌ مئو بڻائي رهيا هئا. ويتر جو نئين سال جي آمد جي موقعي تي هڪ هر پل فهميده کي ياد ڪري هن ڇٽي ويل سمورا زخم ساوا ڪري ڇڏيا هئا. هر سال جي آخري ڏينهن تي گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ وارا ڪيل واعدا هڪ طوفان بڻجي ظفر اڄڻ جي دماغ ۾ گهمڻ لڳا، جنهن جي سٽ نه سهندي پهريان کيس پنهنجي زندهه رهڻ جي مٿان آيل ڪاوڙ هو، پاڻ کي ئي کائڻ لڳو هو ۽ فالج جي حملي جو شڪار ٿي ويو، نئين سال جي آمد جي موقعي تي هن گڏ رهڻ واري فهميده رياض جيڪا هن سان گڏ جيئڻ جو واعدو ساهه جو سڳو ٽٽڻ جي ڪري نڀائي ته نه سگهي پر ظفر هن سان گڏ مرڻ وارو سور سانڍيندي نئين سال ۾ اڳ جيان مرڻ وارو واعدو نڀائيندي پنهنجي محبوبا ڏانهن اڏامي هليو ويو..!!.

سومر فقير


سومر فقير
دينِ اسلام جو خادم
خدا ڏنو ڪاڇائي
سومر فقير پنهنجي وقت جو ولي ۽ دينِ اسلام جو خادم ٿي گذريو آهي، جنهن جو هڪ واقعو مشهور آهي ته ”مهمانن کي اوطاق تي ويهاري پاڻ گهران بُهه جي ڀري مٿي تي کڻي شهدادپور شهر روانو ٿي ويو، جيڪو تقريبن ٽي ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي، اُتان بُهه وڪڻي مهمانن جي لاءِ کاڌي جو سامان خريد ڪري آيو، مهمانن کي لنگر کارائڻ کان پوءِ حال احوال ٿيندو هو. هڪ ڏينهن هڪ مسافر کي ويهاري پاڻ طعام تيار ڪرائڻ لاءِ گهر ڏانهن ويو. ڪجهه دير ٿي وئي، مهمان روانو ٿي ويو. فقير سائين ماني مٿي تي کڻي ان مسافر جي پويان ويو ۽ ڪافي پنڌ ڪيائين، شام تائين کيس ڳوليندو رهيو، پر جڏهن سج لهڻ لڳو ۽ مسافر نه ملي سگهيو ته فقير تمام گهڻو ڏکارو ٿيو ۽ اهو ارمان کيس ڪئين ڏينهن تائين رهيو ته اهو مسافر ماني کائڻ بنا ڪيئن روانو ٿي ويو.“

صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي


صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي
مختيار ملاح
صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻيءَ (۱۸۶۸_۱۹۳۱ع) جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو. ۱۸۹۶ع ۾ ڊي جي ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر هو. ڪاليج جي ميگزين جو ايڊيٽر رهيو. ۱۹۱۷ کان ۱۹۲۷ع تائين ڪاليج جو پرنسپال رهيو. عورتن جي تعليم لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيائين ۽ پنهنجي سڀني نياڻين کي تعليم ڏياريائين.
ادبي دنيا ۾ ناول نگار هو ۽ ٿامس هارڊيءَ کان متاثر هو. سندس ٽي ڪتاب: ”بلوکوکر“ (ناول ۱۹۳۰ع)، ”تارن جو اڀياس“ (ناول ۱۹۳۰ع) ۽ ”سيل پري“ (قصو) اهم آهن.

عبدالقيوم ’صائب‘ پيرزادو


عبدالقيوم صائبپيرزادو
تهذيب جو هڪ نشان گُم ٿي ويو
تاج جويو
ورهاڱي کان پوءِ حُسناڪ ۽ اُجاڙ حيدرآباد جي ٻنهي روپن کي ڏسندڙ آخري اک به ٻُوٽجي وئي. پورهيت ۽ خوددار اديب، عبدالقيوم پيرزادو، پنهنجي تخلص ‘صائب’ جي رُوءِ سان زندگيءَ ۽ زماني جون صعوبتون سهي، لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ سائنسز جي وارڊ نمبر ۱۳ جي خانگي ڪمري ۾ بي وارث ۽ بيواهو ٿي گذاري ويو. ڊاڪٽر قاضي خادم، شوڪت شورو، اسحاق سميجو، موهن مدهوش ۽ آءٌ ‘بسترِ مرگ’ تي عبدالقيوم ‘صائب’ جي مُرجهائيندڙ، مايوس ۽ مياري اکين جو تابُ نه سهي، نيڻ ڀِڄائي موٽي آيا سون، ۽ وري سندس سار لھڻ ئي نه وياسون. البت ڊاڪٽر قاضي خادم ۽ مون، ثقافت کاتي جي سرواڻن کي موبائيل سنيھو ضرور ڪيو هو ته هن پورهيت اديب جي ڪا سارَ لھي سگهو ته مھرباني، جنھن جو اڪيلو پُٽ وقار رڪشا هلائي گهر جي اٽي ٻاٽ جو مَس پورائو ڪري سگهندو آهي، ۽ ‘صائب’ جي وني، پيرانه ساليءَ ۾ به ڪنهن وڏيري جا ٿانوَ ٿِپا ملي ‘ٻوڙ ٻاڙيءَ’ جو بِلو ڪندي آهي. اڪبر لغاري صاحب، مهرباني ڪري ٻن لکن جو چيڪُ، ‘صائب’ جي اڪائونٽ PK30FAYS3172301900333826 فيصل بئنڪ، ڪلاٿ مارڪيٽ، حيدرآباد ۾ جمع ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنو هو، جيڪو مرحوم ‘صائب’ جي ونيءَ ضرور بئنڪ ۾ جمع ڪرايو هوندو. ATM ذريعي پئسا نڪتا هوندا ته واهه، ٻيءَ صورت ۾ چيڪ تي صحيح ڪري، پئسن ڪڍائڻ وارو شخص ته وڃي پرلوڪ پهتو، جتان شاهه لطيف چواڻي:

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه


پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
هن جي سوچ به نرالي هئي ته لوچ به منفرد هئي. هن جو پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ به پنهنجي نوعيت جو هو. هن جو ظاهر ظهور هڪڙو هو ته باطن ان کان گهڻو گَهرو ۽ وشال هو. هن جي پرواز به اتاهينءَ کان اتاهينءَ تائين! هن ۾ جيڪي به گڻ ۽ گوهر هئا، سي گيڙوءَ رتن گودڙين جي صحبت ۽ سنگت مان پرايا هئائين. هو ساهت جي سمندر تي ويدانت جي ويران سان وهنتو ۽ چانڊوڪين سان چمڪيو هو.
هن جا انسان ۽ ڪائنات، زندگي ۽ موت لاءِ ويچار به پنهنجي رنگ جا هئا. ڄڻ ريشمي تاڪين جهڙا هئا، زرق برق هئا!

30 August, 2019

خانصاحب الھڏنو نوناري


خانصاحب الھڏنو نوناري
ڪلاسيڪل سنڌي ڪافيءَ جو شھنشاھ گائيڪ
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
سنڌي ڪافيءَ جي ڳائڻ جو هڪ پنهنجو رنگ ٿئي ٿو. ان ڪارڻ جن به وڏن گهراڻن جي ڪلاسيڪل فنڪارن سنڌي ڪافيون ڳايون آهن، تن ۾ خيال جي گائيڪي ته بيشڪ ڪمال رهي آهي، پر سنڌي ڪافيءَ جو رنگ ڍنگ ۽ هن خطي جون ڪيفيتون سولائيءَ سان سمائي نه سگهيا آهن. اهو خيال هڪ ذاتي به آهي ۽ شايد ڪافي دوست ان سان سهمت به ٿيندا. خانصاحب الهه ڏني خان نوناريءَ کي اهو ڏانءُ ۽ ڏات مليل هئي جو هن سنڌي ڪافيءَ کي ڪلاسيڪل گائيڪي ۾ آڻي ڪمال جو درجو ماڻيو. هن درويش صفت انسان جا آواز گرجدار ۽ تان جا اعلان تمام وزندار هئا.

27 August, 2019

مشتاق مغل - نصير مرزا


مشتاق مغل
آخري مغل شھنشاھ صداڪار
نصير مرزا
ننڍي کنڊ ۾ جڏهن ريڊيو کليو، تڏهن وڏا صداڪار وڏي شيءِ سمجهيا ويندا هئا. چون ٿا ته؛ اسٽيشن ڊائريڪٽر کين بوڪ ڪرڻ لاءِ وٽن پاڻ هلي ويندا هئا. تڏهن ٿيئٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن وانگر، هي ريڊيو جا صداڪار به، ڇا ته گليمرس ۽ افسانوي دنيا جا شهزاده هئا. جن جي صرف هڪ ئي جهلڪ ڏسڻ لاءِ، ڪيئي ٻڌندڙ تڙپندا رهندا هئا. هتي عرض ڪريان ته آل انڊيا ريڊيو جي گليمرس صداڪارن جي سڀاوَ جي بيشڪ ته مون کي ڪا گهڻي سُڌ ناهي، پر هي جيڪي پاڪستاني براڊ ڪاسٽنگ جا بالا آفيسر ذوالفقار علي بخاري ۽ سندس شاگرد ايم بي انصاري ۽ سليم گيلاني، اهي ته آڪڙ ۽ ڦونڊ جا چيمپئن ئي سمجهو. اهڙي روءِ ۽ سوءِ مون ڪن مقررن، راڳين ۽ صداڪارن ۾ به نه ڏٺي. اصل ۾ ريديو حيدرآباد جا ڪي اهڙا ئي چهرا ۽ آواز، جن کي مون پنهنجي فن تي ناز ڪندي ڏٺو ۽ مزاجن مغرور پڻ، اهڙن مان ڊگهي ڄمار ماڻي وٺندڙن مان منهنجي خوش نصيبي جو ڪن ٿورن جو ديدار، ملاقات ۽ صحبت مون کي نصيب ٿي وئي هئي. پهرين سنڌي ڊراما هيروئن نصرت چنا، سڪينه چنا، نگهت، نزهت، نسيم مغل، سيد ناياب حسين ۽ ايم بي انصاري وغيره جا آواز بي شڪ ڪٿي نه ڪٿي اڄ ضرور محفوظ ملي ٿا وڃن، پر هي جو مون لکيو ته ڊگهي ڄمار ماڻي وٺڻ سبب بلراج ساهني ۽ سهراب موديءَ جهڙي گونجدار ۽ گرجدار آواز واري مشتاق مغل کي پوئين وقت دوران مون نه فقط روبرو ڏٺو، پر ريڊيو حيدرآباد تي اسٽاف آرٽسٽ جي حيثيت ۾ ساڻس ڪڏهن ڪڏهن ڪم ڪرڻ جو به مون کي موقعو ملندو رهيو. بيشڪ هو ان وقت وهي چڙهيل هئو، پر ان وقت به هن جي شخصيت ۾ جاهه و جلال، دهشت، اکين تي ريبن جو چشمو، رنگ لال گلال، گلي ۾ سدائين پٽا پٽي مفلر ۽ آواز ۾ زبردست رعب تاب-

غزاله رفيق


غزاله رفيق
خوش ادا، خوش شڪل، خوش آواز
نصير مرزا
ويٺي ويٺي ياد اچڻ شروع ٿي وئي آهي غزالي غزالي اکين واري، خوشبودار خاتون، صداڪاره ۽ اداڪاره غزاله رفيق. اجهو ستر اسي جي ڏهاڪي ۾ ڇا ريڊيو ڊراما ۽ سنڌي ٽي وي ناٽڪ، هر ڊرامي ۾ هوءَ ئي ته هيروئن ۽ ٽاڪ آف دي ٽائون. اتفاق سان روبرو به ته هن کي مون ڏٺو، ڪيڏو حيران ۽ پريشان ٿئس. هيءَ خاتون ته هوبهو جهڙي ٺهيل ٺڪيل ٽي وي اسٽار غزاله رفيق. ڀانئيان ٿو هي ۷۴-۱۹۷۲ع جي ڳالهه، صبح سان ٿڌي ٿڌي هوا ۾ بنگلي جي دروازي آڏو وڃي جي گئلريءَ ۾، ماڪ ڀنل گلاب جي پنکڙين جهڙو ترو تازو چهرو، نڪ ۾ ڊائمنڊ جي ڦلي، مٿي تي نڀور ڪارا گهٽا گهنگهور وار، لڳو ڄڻ فلم اسٽار زيبا کي پيو ڏسان. تڏهن ٻيءَ گهڙي مون هُن کي صاف سڃاڻي ورتو. اها اسان جي ريڊيو ٽي وي ڊرامن جي صدا بهار هيروئن ئي ته هئي: ”غزاله رفيق.“ اديءَ ٻڌايو، هُوءَ اِن ئي ته اپارٽمينٽ ۾ رهي ٿي، پنهنجي پريوار سان گڏ. رفيق چوڌري، سندس گهر وارو آهي ۽ ٻارڙين جا نالا اٿس. صبا، صدف ۽ پٽڙي جو نالو اٿس: حسن!

25 August, 2019

ڪامريڊ مظھر جتوئي

ڪامريڊ مظهر جتوئي
۲۱ هين ورسي جي مناسبت سان - مون سي ڏِٺا، ماءِ! جنِين ڏِٺو پِرينءَ کي.
ثمر حيدر جتوئي


اڄ شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي جي ورسي تي ان جون ڪيل خدمتون ياد اچن ٿيون. ڪامريڊ مظهر ۱۹۳۶ع ۾ گهوٽڪي شهر ۾ ڄائو. هو ننڍي هوندي کان پنهنجي والد ۽ ننڍي کنڊ جي عظيم انقلابي اڳواڻ باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئيءَ جي صحبت ۾ رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي وفات کانپوءِ ان جو وڏو فرزند مصطفيٰ حيدر جتوئي جيڪو ۴ سالن تائين بيمار رهيو ۽ آخر هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ان وقت ڪامريڊ مظهر بئنڪ ۾ ملازم هو. ڪامريڊ مظهر تي وڏي ڀاءُ کانپوءِ سڄي خاندان جي وڏي ذميواري اچي وئي. ڪامريڊ مظهر باهمت ۽ حوصلي وارو مردِ مجاهد هو. ان پنهنجي ملازمت به هلائي. سنڌ هاري ڪاميٽي جو ٻانهه ٻيلي پڻ رهيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ساٿين سميت هاري اڳواڻ ۽ هاري ورڪرن سان لهه وچڙ ۾ رهندو هو. ڪامريڊ مظهر جو ڪامريڊ سوڀو گيان چنداڻي، ڪامريڊ مير ٽالپر، ڪامريڊ عثمان لغاري، ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ الله جڙيو، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ صالح بلو، ڪامريڊ امن چانڊيو ۽ ٻيا کوڙ سارا ڪامريڊ ايندا هئا. ڪامريڊ مظهر تي هن جو وڏو اثر هو. ڪامريڊ مظهر سنڌ هاري ڪاميٽي جي هر پروگرام ۾ شرڪت ڪندو هو. باباءِ سنڌ جون تاريخي ورسيون هيون جنهن ۾ لکين هارين ۽ مزدورن شرڪت ڪئي. 

ميان شفيع محمد آخوند


ميان شفيع محمد آخوند
هڪ سٻاجهو انسان، هڪ ايماندار مصنف
شفقت آخوند
ميان شفيع محمد رحمت الله آخوند کي گذاري اڄ ٻاويهه سال ٿي ويا آهن پر ان جون يادون ان جي اولاد، مٽن مائٽن ۽ دوستن جي دلين ۾ اڄ به زندهه آهن، هو ۱۹۲۰ع ۾ حيدرآباد سنڌ واري گاڏي کاتي جي کوکر پاڙي ۾ پيدا ٿيو، ان وقت سندس والد ميان رحمت الله حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ چيف آفيسر جي عهدي تي فائز هو.

21 August, 2019

حضرت منٺار فقير راڄڙ


حضرت منٺار فقير راڄڙ
مشهور شاعر ۽ ولي الله
نور سنڌي
منٺار فقير راڄڙ سنڌ جو مشهور ولي الله ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي، سندس شاعري روح کي ڇهندڙ آهي. راڄڙ برادري لاءِ روايت آهي ته پاڻ سنڌ جي قديم سمان جي هڪ شاخ مان آهن. فقير جا وڏا ڀارتي رياست جيسلمير جا رهواسي هئا، جتي لاڳيتو ڪجهه سال بارش نه پوڻ جي ڪري ڏڪار وارين حالتن سبب ميرن جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. فقير منٺار راڄڙ جو خاندان حضرت مخدوم نوح جو مريد هو. روايتون آهن ته هن خاندان ۾ ڪجهه مشهور بزرگ به ٿي گذريا آهن. انهن ۾ مهراڻ فقير راڄڙ، منٺار فقير ڪنگور وارو به شامل آهن، منٺار فقير راڄڙ تقريبن ۱۸۸۵ع ۾ قبول محمد راڄڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.، کيس ظاهري تعليم نه هئي، روايت آهي ته منٺار فقير جي ولادت کان ڪجهه وقت پوءِ چار درويش دروازي تي آيا ۽ اهي صدائون بلند ڪيون ته جيجان، اسان کي ڏاڏي جي زيارت ڪرايو. ان تي فقير صاحب جي امڙ کيس دروازي تي کڻي وئي. انهن درويشن مان هڪ ٻارڙي کي هنج ۾ ورتو، پيار ڪيو ۽ پنهنجي پِڪ سندس وات ۾ وڌي ۽ اهو چئي هليا ويا ته منٺار فقير ڪنگوري هتي آيو آهي، هي دنيا ۾ مشهور ٿيندو. هن جو ادب ڪجو، فقير والدين کي ننڍو فرزند هجڻ ڪري ڏاڍي لاڏ ڪوڏ ۾ پليو. پاڻ ڄمندي ڄام هو. جڏهن جوان ٿيو ته ان زماني ۾ سندس مرشد حضرت پکن ڌڻي راهونڊ ۾ چلو مڪمل ڪري هالا پهتو هو ۽ جماعت وارا سندس زيارت لاءِ هالا ۾ اچي رهيا هئا. منٺار فقير به مرشد جي زيارت ڪرڻ ۽ بعيت وٺڻ لاءِ هالا پهتو. ان ڏينهن ذڪر ڏيڻ جو سلسلو بند هو پر جي حاضري واري کي فقير صاحب منٿ ڪئي ته مٿس خاص مهرباني ٿئي، حاضري وارو جيڪو سيد هو ان فقير کان سندس باري ۾ حال احوال وٺي پکن ڌڻي کي عرض ڪيو ته پکن ڌڻي کيس گهرائي نظرون ملايون ۽ ذڪر ڏنائون، ڪجهه عرصي کانپوءِ پکن ڌڻي وصال ڪري ويو.

استاد لعل بخش


استاد لعل بخش
اوِرچُ انسان
ستار پيرزادو
مامي الهه بخش کي چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون. انهن چئني پٽن مان وڏو پٽ لعل بخش هوس. هن تي پنهنجي پڙ ڏاڏي جو نانءُ رکيل هو. سندس ڄم اصل ۾ اسان جي هن ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ ۾ ۷ نومبر ۱۹۳۷ع  ۾ ٿيو هو. مامي الهه بخش جي گھر واري خليفي محمود جي ڌيئڙي هئي، خليفي محمود کي جيئن ته پٽيلو اولاد ڪو نه هو، تنهن ڪري هن مامي الهه بخش کي گھر ڄاٽو ڪري رکيو هو. مامو الهه بخش جيئن ته ان وقت جي مطابق پرائيمري تعليم ۾ فائينل پاس هو، تنهن ڪري کيس انگريز نامدار جي حڪومت ۾ پرائمري ماستري ملي وئي هئي. انڪري هن به پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيورن سان سينگاريو. سندس چار ئي پٽ انگريزي تعليم حاصل ڪري، سرڪاري نوڪري ڪندي، ٽي پٽ پنهنجي عمر گذاري، ڌڻيءَ جي سڏ کي اونائي، اجل ڏانهن راهي ٿي ويا. باقي سندس ننڍو پٽ شمس الدين اڃا قيدِ حيات ۾ آهي. سندس ٻئي نياڻيون، پنج درجا سنڌي ۽ قرآن شريف پڙهيل هيون، سي به هاڻ هن جهان ۾ ناهن رهيون.

20 August, 2019

ڊاڪٽر عبدالباقي محمد سليمان شيخ


ڊاڪٽر عبدالباقي محمد سليمان شيخ
مڻيادار ماڻهن جي کوٽ
ستار پيرزادو
هن کان اڳ به مان ڪجھه ڪالمن ۾ ڊاڪٽر عبدالباقي محمد سليمان شيخ جو ڪجھه ذڪر ڪري چڪو آهيان. پر اڄ مان هي سڄو ليک هن جي باري ۾ لکڻ ٿو گھران. اهڙا مڻيادار ماڻهو هاڻ اسان جي سنڌ ۾ به گھٽجي ويا آهن. سنڌ ۾ اهڙا زمانا به هئا جن ۾ ماڻهن جي ڀلون ڀل هجڻ جو ڇيهه ئي ڪو نه هو. جيئن شيخ اياز پنهنجي پهرئين سينيئر وڪيل خالد اسحاق جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته هن جهڙن ماڻهن جو نسل هن زماني ۾ ختم ٿيندو پيو وڃي.. حقيقت ۾ شيخ اياز ڪراچيءَ ۾ جڏهن وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي ته اهو خالد اسحاق وڪيل ئي هو، جنهنجو جونيئر ٿي هن وڪالت شروع ڪئي هئي. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪڙو ماڻهو ڊاڪٽر عبدالباقي ولد محمد سليمان شيخ هوندو هو. سندس والد سکر ۾ ڇپائيءَ جي پريس هلائيندو هو. اهو انگريز جي حڪومت جو زمانو هوندو هو. ڊاڪٽر شيخ چواڻي ته اسان گھر ۾ ڀاءُ ڀيڻ به پريس جو ڪم ڄاڻندا هئاسون ۽ جيڪڏهن شهر ۾ ڪو مسئلو هوندو هو ۽ مارڪيٽ بند ٿي ويندو هو ته به اسان جي پريس هلندي هئي. ان هوندي به هن هائر ايجيوڪيشن بمبئي ِيونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي شاگردن جو ميٽرڪ جو امتحان به بمبئي يونيورسٽي وٺندي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ مسلمان تمام ٿورا هوندا هئا جيڪي گريجويٽ يا پوسٽ گريجويٽ هوندا هئا، پي ايڇ ڊي ته ڪو مسلمان ورلي هوندو هو. اهڙي تعليمي اڪُر واري زماني  ۾ عبدالباقي محمد سليمان شيخ برطانيا مان سوائل ڪيمسٽريءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو. سندس چواڻي ته: جڏهن هو ڊگري وٺي موٽي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري آيو ته کيس انگريز هندستان جي حڪومت ۾ ان تعليم جي لياقت آهر ڪا به نوڪري هئي ئي ڪا نه، ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن ۾ ايڏيون وڏيون ملازمتون، انگريز سرڪار پنهنجي پُر اعتماد انگريزن کي ئي ڏيندي هئي. هنن لاءِ هندستاني ته گھت حيثيت جا مالڪ هوندا هئا، ان ڪري کين اهڙين اعليٰ ملازمتن جي لاءِ اهل ئي نه ڄاتو ويندو هو، تنهن ڪري ڊاڪٽر اي ايم شيخ جي زباني ته: هن پنهنجي تعليمي لياقت کان گھٽ درجي واري ملازمت به قبول ڪئي.

ولي رام ولڀ

ولي رام ولڀ
اڻ ڌريو ليکڪ
ستار پيرزادو

ولي رام ولڀ سنڌي ادب ۾ داخل ته پنهنجي طبع زاد ڪهاڻين جي لکڻ ۽ ڇپجڻ سان ٿيو هو، پر اڄڪلهه سندس سڃاڻ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي جھوليءَ ۾ ڀانت ڀانت جا گل وجھي ڀريندڙن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن يار دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب پارن کي ترجمو ڪري، پنهنجي ٻوليءَ جي نئين نسل ۽ پنهنجي ٽهيءَ جي ادب پڙهندڙن کي دنيا ۾ لکجندڙ ادب، ادبي خيالن، ادبي نون لاڙن ۽ موضوعن کان روشناس ڪرايو ۽ سندس اها ادا سنڌي ادب ۾ ايتري مقبول ٿي جو هن جا پنهنجا ڇپيل ڪتاب، “اُڏارون آڪاس ۾” (شعري مجموعو) ۽ “زندگيءَ جو ڪپيل هڪ ٽڪرو (آکاڻين جو مجموعو)، کي سندس ئي ترجمن جي ڪتابن پنهنجي ويرن سان ڊُوهي، سمونڊ جي تري ۾ لڪل ڪنهن پهاڙيءَ جي پاڙ ۾ لڪائي ڇڏيو، جيڪي ڪنهن کي به ياد ناهن، ان حد تائين جو کيس به اها پروڙ پئجي نه سگھي آهي ته اهي ڪڏهن ڇپيا آهن.

ڊاڪٽر عاشق بدوي


ڊاڪٽر عاشق بدوي
محمد علي محمدي
ائين لڳي ٿو ته ڪالھ جي ڳالھ آھي. منھنجي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ۱۹۶۹ع ۾ داخلا ٿي، ڪمري نمبر ۱۳ ابن سينا ۾ ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ جيڪو تازو آخري سال جو شاگرد هو جي ڪمري ۾ اچي سامان رکيو.
۱۳ ابن سينا ۾، هڪ روسٽرم به رکيل ھوندو ھو. شام جو ڪيترائي دوست ان ڪمري ۾ ايندا هئا. علمي فڪري بحث ڇڙندا هئا. انهي ساڳي هاسٽل ۾ ڪامن روم جي ڀرسان وارو ڪمرو هڪ ڊگهي قد وارو، مشڪي رنگ، اکين ۾ بلا جي ذهانت . ڊاڪٽر ممتاز جو ڪلاس ميٽ مونکان چار سال سينئر.