; سنڌي شخصيتون: منٺار فقير راڄڙ، نور سنڌي،
Showing posts with label منٺار فقير راڄڙ، نور سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label منٺار فقير راڄڙ، نور سنڌي،. Show all posts

21 August, 2019

حضرت منٺار فقير راڄڙ


حضرت منٺار فقير راڄڙ
مشهور شاعر ۽ ولي الله
نور سنڌي
منٺار فقير راڄڙ سنڌ جو مشهور ولي الله ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي، سندس شاعري روح کي ڇهندڙ آهي. راڄڙ برادري لاءِ روايت آهي ته پاڻ سنڌ جي قديم سمان جي هڪ شاخ مان آهن. فقير جا وڏا ڀارتي رياست جيسلمير جا رهواسي هئا، جتي لاڳيتو ڪجهه سال بارش نه پوڻ جي ڪري ڏڪار وارين حالتن سبب ميرن جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. فقير منٺار راڄڙ جو خاندان حضرت مخدوم نوح جو مريد هو. روايتون آهن ته هن خاندان ۾ ڪجهه مشهور بزرگ به ٿي گذريا آهن. انهن ۾ مهراڻ فقير راڄڙ، منٺار فقير ڪنگور وارو به شامل آهن، منٺار فقير راڄڙ تقريبن ۱۸۸۵ع ۾ قبول محمد راڄڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.، کيس ظاهري تعليم نه هئي، روايت آهي ته منٺار فقير جي ولادت کان ڪجهه وقت پوءِ چار درويش دروازي تي آيا ۽ اهي صدائون بلند ڪيون ته جيجان، اسان کي ڏاڏي جي زيارت ڪرايو. ان تي فقير صاحب جي امڙ کيس دروازي تي کڻي وئي. انهن درويشن مان هڪ ٻارڙي کي هنج ۾ ورتو، پيار ڪيو ۽ پنهنجي پِڪ سندس وات ۾ وڌي ۽ اهو چئي هليا ويا ته منٺار فقير ڪنگوري هتي آيو آهي، هي دنيا ۾ مشهور ٿيندو. هن جو ادب ڪجو، فقير والدين کي ننڍو فرزند هجڻ ڪري ڏاڍي لاڏ ڪوڏ ۾ پليو. پاڻ ڄمندي ڄام هو. جڏهن جوان ٿيو ته ان زماني ۾ سندس مرشد حضرت پکن ڌڻي راهونڊ ۾ چلو مڪمل ڪري هالا پهتو هو ۽ جماعت وارا سندس زيارت لاءِ هالا ۾ اچي رهيا هئا. منٺار فقير به مرشد جي زيارت ڪرڻ ۽ بعيت وٺڻ لاءِ هالا پهتو. ان ڏينهن ذڪر ڏيڻ جو سلسلو بند هو پر جي حاضري واري کي فقير صاحب منٿ ڪئي ته مٿس خاص مهرباني ٿئي، حاضري وارو جيڪو سيد هو ان فقير کان سندس باري ۾ حال احوال وٺي پکن ڌڻي کي عرض ڪيو ته پکن ڌڻي کيس گهرائي نظرون ملايون ۽ ذڪر ڏنائون، ڪجهه عرصي کانپوءِ پکن ڌڻي وصال ڪري ويو.