; سنڌي شخصيتون: سومر فقير، خدا ڏنو ڪاڇائي،
Showing posts with label سومر فقير، خدا ڏنو ڪاڇائي،. Show all posts
Showing posts with label سومر فقير، خدا ڏنو ڪاڇائي،. Show all posts

31 August, 2019

سومر فقير


سومر فقير
دينِ اسلام جو خادم
خدا ڏنو ڪاڇائي
سومر فقير پنهنجي وقت جو ولي ۽ دينِ اسلام جو خادم ٿي گذريو آهي، جنهن جو هڪ واقعو مشهور آهي ته ”مهمانن کي اوطاق تي ويهاري پاڻ گهران بُهه جي ڀري مٿي تي کڻي شهدادپور شهر روانو ٿي ويو، جيڪو تقريبن ٽي ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آهي، اُتان بُهه وڪڻي مهمانن جي لاءِ کاڌي جو سامان خريد ڪري آيو، مهمانن کي لنگر کارائڻ کان پوءِ حال احوال ٿيندو هو. هڪ ڏينهن هڪ مسافر کي ويهاري پاڻ طعام تيار ڪرائڻ لاءِ گهر ڏانهن ويو. ڪجهه دير ٿي وئي، مهمان روانو ٿي ويو. فقير سائين ماني مٿي تي کڻي ان مسافر جي پويان ويو ۽ ڪافي پنڌ ڪيائين، شام تائين کيس ڳوليندو رهيو، پر جڏهن سج لهڻ لڳو ۽ مسافر نه ملي سگهيو ته فقير تمام گهڻو ڏکارو ٿيو ۽ اهو ارمان کيس ڪئين ڏينهن تائين رهيو ته اهو مسافر ماني کائڻ بنا ڪيئن روانو ٿي ويو.“