30 July, 2017
عبدالرشيد گبول - علي جوهر
پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي
پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“ ابڙو - مٺل جسڪاڻي
29 July, 2017
خواجه محمد زمان - حاجي احسان ميمڻ
حليم بروھي
اڄوڪي ڏينهن
ست سال اڳ آئون مري ويس. هاڻ به مونکي حساب ڪتاب کان ايترو ڊپ نه لڳندو آهي جيترو
انهيءَ ڳالهه کان لڳندو آهي ته ڪا اخبار اها خبر نه ڇپي وجهي ته “حليم بروهي جي
ستين ورسي خاموشي سان ملهائي وئي. ياد ۾ ڪا به تقريب نه رکي وئي.” منهنجي لاءِ
انهيءِ کان وڌيڪ عذاب جي ڪهڙي ڳالهه ٿيندي ته منهنجي ورسي تي ڪا تقريب رکي وڃي ۽
انهن ۾ اهي اديب، جن کي منهنجي ۽ مونکي جن جي شڪل صفا نه وڻندي هئي، سي صدارت ڪري
اهو ٻڌائين ته آئون ڪيڏو عظيم ليکڪ هئس. جن ماڻهن سان ڪڏهن زندگي ۾ نه مليو هئس
اهي ماڻهو مهمان خاص ٿي ڪري تقرير ڪري اهو ٻڌائين ته ائون ننڍي هوندي انهن سان چڍي
پائي گهمندو هئس. منهنجو ته روح تڙپي هان جيڪڏهن ڪو ٽارزن اديب وري اها ساڳي تقرير
دهرائي هان جيڪا هن پنج هزار دفعا اڳ به مختلف هنڌن تي ساڳين ماڻهن اڳيان دهرائي
هئي. جن نه منهنجي ڪم کي پڙهيو ۽ نه سمجهيو سي وڏا وڏا اوٻاسيون ڏياريندڙ مقالا
لکي منهنجي ڪم مان اهي نقطا پيش ڪن جيڪي منهنجي لکڻين ۾ آهن ئي ڪونه. مون پنهنجي
زندگي ۾ ڪنهن جي شان ۾ ڪونه ڳالهايو. مونکي انهيءَ کان بدفضليتي واري ڪا ڳالهه لڳندي
ڪونه هئي ته ڪنهن جي سامهون ويهي ان جي تعريف ڪجي. مون پنهنجي حياتي ۾ ڪنهن کي نه
چيو ته مون تي ڳالهائي. آئون ڪو وڏو ڇسو ماڻهو چئبس جو ٻين کي چوان ته منهنجي
تعريف ڪن.۽ نه ئي هاڻ ڪنهن کي ضرورت آهي ته منهنجي مجاوري ڪن. ليکڪ جو ڪم لکڻ آهي.
ڪنهن ليکڪ جو اهو ڪم ئي ڪونهي ته هو جتي مائيڪ ڏسي اتي بيهي رهي. ڪنهن ليکڪ کي ياد
ان جي لکڻين سان ڪبو آهي. مونکي ياد منهنجيون لکڻيون رکنديون. جيستائين ماڻهو
مونکي پڙهندا تيستائين آئون ماڻهن کي ياد رهندس. جڏهن نه پڙهندا ته وسري ويندس.
هرو ڀرو ماڻهو مونکي ياد ڪندا رهن اهو ضروري ڪونهي.علامه غلام مصطفيٰ خان ڀيو - حسيب ناياب منگي
27 July, 2017
شيخ اياز - حسيب ناياب منگي
آغا قادر داد خان - نسيم بخاري
26 July, 2017
استاد جان محمد بلوچ- قاسم ڪيھر
25 July, 2017
24 July, 2017
پير علي محمد شاهه راشدي- نور محمد ڀٽو
ڦوٽو خان زرداري - ابراهيم لاشاري
ڪلياڻ آڏواڻي
ڪلياڻ آڏواڻي
شاهه لطيف جو شارح
ارشاد ڪاغذي
اڄوڪي ڏينهن
۱۷ مارچ ۱۹۹۴ع تي مشهور اديب، عالم، شاهه لطيف جو شارح ۽ عاشق، ڪلياڻ آڏواڻي پرلوڪ پڌاري
ويو. ڪلياڻ آڏواڻي علم و ادب تحقيق ۽ تپسيا جي سمنڊ جي عميق ۾ ٽٻي هڻي، اهڙا شاهڪار
شهپارا تخليق ڪيا، جيڪي سنڌي ادب جو خزانو ۽ ورثو بڻجي ويا. ڪلياڻ آڏواڻي جو ”شاهه
جو رسالو“ تنقيدي شرح جو شاندار ڪارنامو آهي، جيڪو ادب جي اُفقَ جي آفتاب مثل آهي.
سنڌي اديبن، محققن، مفڪرن، شاعرن ۽ فنڪارن سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۾ ڏينهن رات نور
نچوئي تحقيقي، تنقيدي ۽ فڪرانگيز مواد کي سهيڙي سولو بڻائي عام فهم ٻوليءَ ۾ هر
عام ۽ خاص آڏو پيش ڪري ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي علم، عقل،
فهم، ادراڪ ۽ دانش جي ٻل تي شاهه لطيف جي لڪيل پهلوئن کي جهڙي نموني ظاهر ۽ نروار ڪيو
۽ شاهه جي خيال، ويچار ڌارا، موضوع، اسلوب، ٻولي، فن ۽ فڪر کي جديد تنقيدي انداز
سان اُجارڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو آهي. ان ڪارڻ شاهه لطيف جي شاعري کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي
پئي آهي.
23 July, 2017
هدايت منگي
قاضي عبدالحيُّ ”قائل“
22 July, 2017
ذوالفقار علي شاھ عرف پپو شاھ - حسن مجتبيٰ
نماڻو سنڌي
غلام حسين رنگريز
غلام حسين رنگريز
رڻ مان رڙ ڏيندڙ
نظام الدين ڪاڪا
جڏهن
بهار جي مند جي آمد ٿيندي آهي ته سڪل سلا ساوا ٿي پوندا آهن ۽ مرجهايل من جرڪي
پوندا آهن.گلاب جا گل، موتئي جا گل پنهنجي جوڀن ۾ ڦولارجي پوندا آهن.آسمان ڪارن ڪڪرن
سان ڪارونڀار ڪري ڌرتيء مٿان ڇانو ڪندو آهي ته بهار جي مند ۽ آبهوا ماڻهن جر مزاج
۽ طبيعتن ۾ توانائي بخشي ڇڏيندي آهي. انهيءَ لاءِ ته سائين رنگريز پنهنجو هي شعر
لکيو:
ڪڏهن
ته موٽي بهار ايندو، اڱڻ اسان جي گلاب ٽڙندا
وصال
وايون وري ورنديون، صدين جا ڪيئي حجاب ٽٽندا.
ماسٽر منظور
ماسٽر منظور
سنڌ جو لاڏلو فنڪار
ابراهيم لاشاري
سنڌ قدرت جي مٽي جو اهو خطو آهي جتي زندگي جي سمورن رنگن سان مالال نظر پئي ايندو پوءِ ڇو نه اهي رنگ سياسي هجن سماجي، علمي، ادبي يا ثقافتي سنڌ ڌرتي تي ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪرڻ وارن ماڻهن جي ڪا ڪمي ناهي پوءِ اهي شاعر هجن يا سگهڙ اداڪار هجن يا فنڪار جيڏانهن به نگاھ ڪبي هر طرف ڪنهن نه ڪنهن رنگ سان هن ڌرتي جو اهو لاڏلو نظر پيو ايندو. اهڙن ماڻهن منجهان اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ نئون ٺارو وڌو جي مکڻو فقير جي گهر کان ۸ جولاءِ ۱۹۷۴ع سومر جي ڀلاري ڏينهن ماسٽر منظور اکيون کوليون. سندس ڇٺي جو نالو (قدر حسين) هو. مگر پيار منجهان سمورا گهر ڀاتي ۽ دوست وري منظور علي ڪري سڏيندا هئا. سندس والد مکڻو فقير وقت جو هڪ يگانو فنڪارن ۾ شمار ٿيندو هو هر پيءَ ماءُ جي خواهش هوندي آهي ته پنهنجي ٻار جي تربيت سٺي ڪري ڪونه ڪو آفيسر ٿئي نوڪري جي ڪرسي ماڻي مڱر مکڻي فقير جي من منجھ سندس خواهش هئي ته هن جو اکين جو ٺار پٽ ماسٽر منظور به ڳائڻ وڄائڻ واري ئي ڪرت سان سلهاڙ جي وڃي ۽ ٿيو به ائين ئي ماسٽر منظور شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ منجهان حاصل ڪئي. بعد ۾ سندس سڄو ڪهول (خاندان) قمبر شهر اچي وسايو. بعد ۾ هن وڌيڪ تعليم قمبر مان حاصل ڪئي.












