; سنڌي شخصيتون: عباس ڪوريجو - رياضت ٻرڙو

05 August, 2012

عباس ڪوريجو - رياضت ٻرڙو


عباس ڪوريجو
رياضت ٻرڙو
هيءُ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. غلام عباس ولد حاڪم علي ڪوريجو پهرين مارچ ۱۹۸۳ع تي ڳوٺ ڪوريجا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم قنبر ۾ پِرائڻ کان پوءِ هن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي (اڪنامڪس) پرائيويٽ ڪئي آهي. عباس ڪوريجي لکڻ جي شروعات ۱۹۹۹ع کان ڪئي. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون ۽ شاعري سرجي آهي. سندس ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ”چنڊ پيرن هيٺ“ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ۲۰۰۵ع ۾ ڇپيو. هُو ۲۰۰۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو ميمبر ٿيو ۽ ان جو سيڪريٽري ۽ خزانچي به رهيو آهي. هن قنبر ۾ مختلف تعليمي ۽ ڪمپيوٽر جا ادارا پڻ هلايا آهن. انٽرنيٽ تي پڻ ويب سائيٽون جوڙڻ جي حوالي سان ڪم ڪري پيو. سندس مستقل رهائش ڳوٺ ڪوريجا ۾ آهي.

2 comments:

  1. ان کان علاوهه قمبر مان نڪرندڙ رسالي وائيس آف سنڌ جو ايڊيٽر پڻ رهيو،

    ReplyDelete
  2. عباس ڪوريجو جو هڪ ٻيو ڪهاڻي ڪتاب پنهنجي ڌرتي جي نالي سان اي بڪ طور انٽرنيٽ تي موجود آهي. عباس ڪوريجي هيومن رائيٽس ۾ ضلعي صدر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪيو آهي.

    ReplyDelete