29 April, 2011
ذوالفقار علي ڀٽو - عبدالستار ڀٽي
پير حسام الدين راشدي
پير حسام الدين
راشدي
صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو
پير حسام الدين راشدي، مشهور تاريخدان ۽ محقق علم و ادب جي افق تي چمڪندڙ
هڪ روشن ستارو اسان جي نظرن کان هميشه لاءِ اوجهل ٿي ويو، پهرين اپريل ۱۹۸۲ع جي هي خبر نهايت ڏک سان ٻڌي وئي ته اڄ سنڌ جو مشهور
تاريخ دان اديب علم دوست شخصيت سيد حسام الدين راشدي وفات ڪري ويو، راشدي صاحب جي وفات
جي خبر باهه وانگر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي وئي، هر جاءِ تي علم دوست ساٿين جا عذر خواهي وارا
اجلاس ٿيا ۽ راشدي صاحب جي وفات کي سنڌي ادب جو وڏو نقصان قرار ڏنو ويو، راشدي صاحب
جي وفات سبب اهڙو ته خال پيدا ٿي ويو آهي، جنهن جو پورائو ڪرڻ مشڪل آهي. سندس ساري
زندگي علم ادب جي خدمت ڪندي گذري. پاڻ مشهور تاريخدان محقق ۽ دانشور هو. ڏاهپ ڄاڻ پروڙ
۾ ته هو يڪتا هو، تاريخ داني ۾ ملڪ اندر مشڪل سان سندس ڪو ثاني ملندو. سنڌ شناسي ۾
ته پنهنجو مٽ پاڻ هو، هلندڙ مدي ۾ سنڌ جون تقريباً ٽي پيڙهيون سندس اعليٰ خيالن ۽ ويچارن
کان فيض ياب ٿينديون رهيون.
عبدالقادر ميوا خان کوکر عبدالستار ڀٽي
پير علي محمد شاھ راشدي
پير علي محمد راشدي
عبدالستار ڀٽي
سنڌ ۾ ڪيترائي
خاندان اهڙا آهن جيڪي تاريخ جو حصو آهن، يا سندن خاندان جي حوالي سان تاريخ جڙي
آهي، اهڙن معتبر خاندانن مان هڪ راشدي خاندان آهي. جنهن ۾ ڪيترا ئي جڳ مشهور اديب
محقق، دانشور ۽ اڳواڻ پيدا ٿيا، جن سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي باب پنهنجن ڪارنامن
وسيلي جوڙيا آهن، اهڙين نه وسرندڙ هستين ۾ سنڌ جو ڏاهو زيرڪ سياستدان، ادب ۽ لفظن
وسيلي موتين مالا ٺاهيندڙ اديب، سنڌين جي صدين جي رسم ۽ رواج تي کوجنا ڪندڙ محقق، ٻئي
کي جملن ۾ مٺڙي جادو ساڻ پنهنجي مقصد تي راضي ڪرائيندڙ سفارتڪار، صحافي، ايڊيٽر
جنهن پنهنجي قلم ڪالم اخبار ۽ ايڊيٽوريل وسيلي سنڌي قوم جي حقن ۽ سنڌ ۾ قائم سياسي
پارٽين جي تنظيم سازي ۾ مدد ڪئي. نظرين جو پرچار ڪيو، تحريڪن کي رهنمائي ڏني ۽
تحريڪن جو پيغام عوام کي پهچايو اهو پير علي محمد راشدي صاحب آهي. سنڌ جي هن مهان
هستي پنهنجي زندگي جا ڀرپور ۸۲ سال
تحرير ۽ تقرير ۾ تحريڪ سان گذاريا. جنهن پنهنجي قلم کي عبادت سمجهندي تحريڪن لاءِ
گس ۽ لاڙا ڏنا پوءِ چاهي اها سنڌ ۾ انگريز راڄ خلاف تحريڪ هجي يا مسجد منزل گاهه،
يا سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي ۽ تحريڪ پاڪستان هجي. هن پنهنجي قلم سان سنڌي اردو ۽
انگريزي اخبارن وسيلي سنڌ جو مقدمو وڙهيو، جبل جيڏي هن اعلى دماغ شخصيت جي زندگي
عملي طرح سان ڪجهه حصن ۾ ورهائيل آهي، جنهن ۾ هڪ زميندار ۽ پير گهراڻي ۾ پيدا ٿيڻ
پر پنهنجي صلاحيت ۾ جدوجهد وسيلي قوم ۾ شناخت ڪرائڻ، ٻيو صحافت، ادب، ٽيون سياست ۽
سفارت شامل آهن. پير علي محمد راشدي ڪيترن ئي دورن جو ترجمان ۽ تاريخساز انسان هيو
جنهن زندگي ۾ جيڪو به ڪم يا شعبو هٿ ۾ کنيو ان ۾ پنهنجي فن ۽ ڪمال سان ڪاميابي ماڻي.
سندس سحر انگيز شخصيت ۾ دنيا جي گهڻين ٻولين تي عبور کي وڏو دخل هيو. هن صحافت،
ادب ۽ سفارت جي عهدن تي تاريخساز ڪارناما سر انجام ڏنا. جنهن جي تحقيق ڪرڻ بعد
اسان کي اڄ ۽ سڀاڻي تي ناز رهندو پر پير علي محمد راشدي جي سياسي دور ۾ حڪومتن جي
جوڙ توڙ ۽ ون يونٽ قائم ڪرڻ سخت تنقيد جو نشانو بڻيو رهندو. سندس سياسي غلطيون اڄ
جي وڏيرن، سياستدانن لاءِ سبق آهن. هن طوفاني شخصيت جنهن پنهنجي سوچ عقل ۽ عمل سان
منصوبابندي ڪري حاڪمن جي سوچن جا رخ بدلايا، سندس منصوبن سان اقتدار ڊهندا ۽ ٺهندا
رهيا. سياسي تاريخ جا ورق ۽ حالتن جا موڙ مڙيا. مٿس ڪجهه لکڻ کان اڳ اهو ٻڌائڻ
ضروري آهي ته سندس پيدائش وارو دور پيري جاگيرداري جي عروج وارو دور هيو. هي جهالت
جو دور هيو، علم ڪو نه هيو. پير علي محمد راشدي صاحب جو خاندان لڪياري سيدن جي شاخ
مان آهي. سندن نسب جو سلسلو سيد علي مڪي جي سنڌ ۾ اچڻ سان شروع ٿئي ٿو، جيڪو ۱۱۲۷ع ڌاري سنڌ ۾ لڏي آيو. سيد علي مڪي جي اولاد لڪيءَ جي ڳوٺ ۾ رهائش پذير ٿي
تنهن ڪري لڪياري سڏجڻ لڳا. راشدي خاندان جي باني سيد محمد راشد جي پيدائشي شجري
مطابق سيد محمد راشد شاهه جنهن ۶ جون ۱۸۱۸ع تاريخ وفات ڪئي، ان کي ٻه پٽ هيا هڪ سيد ميان صبغت اللھ شاهه اول جيڪو صاحب دستار يا پير پاڳارو سڏيو
ويندو هيو. ٻيو سيد محمد ياسين شاهه جيڪو صاحب علم يا جهنڊي وارو پير سڏيو ويندو
هيو، پير ميان صبغت اللھ شاهه ۱۸۳۱ع جي تاريخ ۱۸
فيبروري تي وفات ڪئي، کيس ٻه فرزند هيا، هڪ سيد علي محمد شاهه جنهن مان راشدي
خاندان آهي، ٻيو ننڍو سيد علي گوهر شاهه جنهن مان حضرت پير پاڳارو جو اولاد آهي،
سيد علي محمد شاهه جي وفات ۱۷
جولائي ۱۸۶۷ع تي ٿي کيس پنج فرزند هيا جنهن
مان هڪ سيد پير شاهه کي هڪ فرزند سيد محمد حامد شاهه ٿيو، جيڪو ۳۱ مارچ ۱۹۳۷ع تي گذاري ويو. سيد حامد شاهه
کي ٽي فرزند ٿيا. هڪ سيد پير علي محمد شاهه راشدي ٻيو پير حسان الدين راشدي ٽيون
سيد احمد شاهه آهن. پير علي محمد راشدي تاريخ ۵ آگسٽ ۱۹۰۵ع جمعي ڏينهن صبح جو ساڍي پنجين
وڳي قديم ڳوٺ ”بهمڻ“ تعلقو رتوديرو ضلعو لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.


