; سنڌي شخصيتون: August 2012

31 August, 2012

الطاف شيخ جو انٽرويو - رشيد ميمڻ


الطاف شيخ جو انٽرويو
ڪاوش اخبار طرفان
انٽرويو وٺندڙ: رشيد ميمڻ

ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان دنيا ۾ سڃاتي ويندڙ سنڌ، ڪن اهڙن شخصيتن کي به جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فن، لکڻين، ادب ۽ ڏات ذريعي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو منور ڪيو آهي. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ نالو الطاف شيخ جو به آهي، جيڪو سنڌي ٻولي جو سڀ کان وڌيڪ سفرناما لکندڙ ۽ سنڌ جو درد رکندڙ آهي.

ڪاوش اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته؛ سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي. نوجوانن کي صحيح تعليم ئي نٿي ملي. ان ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جي اهليت ۽ قابيلت تمام گهٽ آهي. ملائيشيا ۾ سنڌ کان به گهڻي وڏيراشاهي هوندي به اُهو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، ڇو جو اتي جو هر وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ کي پنهنجو شانُ ۽ مانُ سمجهي ٿو. هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو. پر هتي، اسان وٽ سنڌ ۾، ائين نه آهي.

25 August, 2012

حيدر علي لغاري - غلام حسين رنگريز


حيدر علي لغاري
سڄڻ کٿوري بُوءِ
غلام حسين رنگريز
منهنجو اُهو اڃا شاگرديءَ وارو دؤر هو ته هڪ ڀيري شهر جي بازار ڏانهن ويندي هڪ ماڻهوءَ کي پينٽ شرٽ ۾ سامهون ايندي ڏٺم، جنهن جي چهري جي اڇي رنگت، ٿورا گهنگهريالا وار ۽ موچارا مهانڊا هُئس ۽ قدآور به هو. سوچيم ته اهو همراهه هن شهر جو ته نٿو لڳي، غالبن ڪو اجنبي ڪنهن ڪم سانگي آيو هوندو.

22 August, 2012

عابد ڪاظمي - رياضت ٻرڙو



عابد ڪاظمي
رياضت ٻرڙو

عابد ڪاظمي سينئر براڊڪاسٽر، ڪالم نويس ۽ شاعر آهي. هن اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا پڻ ٻنهي ٻولين ۾ لکيا آهن.
سندس پورو نالو سيد عابد عباس ڪاظمي آهي. سندس والد، مرحوم سيد جعفر شاهه خوراڪ کاتي سنڌ ۾ بجيٽ اينڊ اڪائونٽس آفيسر هو. سندس پڙڏاڏو سيد فضل علي شاهه ۽ سندس نانو سيد مظفر علي شاهه صوفي شاعر ٿي گذريا آهن.

19 August, 2012

مھتاب اڪبر راشدي

مھتاب اڪبر راشدي

سنڌ جي بهادر نياڻي لاءِ نيڪ تمنائنون

مدد علي سنڌي



پنهنجي والد وانگر ادي مهتاب به استاد بڻجي زندگيءَ جي عملي ابتدا ڪئي. سينيٽ ميريز گرلز هاءِ اسڪول مان سندس انهيءَ زندگيءَ جي شروعات ٿي. الله سائين وري کيس آواز به موهيندڙ عطا ڪيو. ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، شهر جي ثقافتي، ادبي ۽ سماجي سرگرمين جو مرڪز هوندو هو. اتان هُن مختلف ڊرامن ۾ پنهنجي لازوال صداڪاري شروع ڪئي. جڏهن ماڻهو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان کيس مختلف ڊرامن ۾ صداڪاري ڪندو سندس آواز ٻڌندا هئا، ته کين ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون.

18 August, 2012

سليمان شاهه - مصطفيٰ ملاح


سليمان شاهه
ڳائڻ جو منفرد انداز رکندڙ راڳي
مصطفيٰ ملاح/ ڪراچي
”سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون!“
جهڙو شاهڪار گيت ڳائيندڙ، سنڌ جي منفرد انداز واري راڳي، سيد سليمان شاهه کي اسان کان جدا ٿئي ۱۶ سال مڪمل ٿي ويا آهن. ارڙھين آگسٽ تي سورھين سندس ورسي ٿيندي.
پنهنجي انوکي رقص ۽ گائيڪيءَ جي انداز ذريعي، شاعريءَ جي لفظ لفظ ۾ زندگي ڀريندڙ هن درويش صفت راڳيءَ جي جيئڻ جو به انداز نرالو هو. هو پنهنجي انداز ۾ صوفياڻي ڪلامن تي رقص ڪندي، وجد جي حالت ۾ نچندي ڳائيندي، مست الست صوفياءِ ڪرام سچل سائين، بابا بلي شاهه جو تسلسل يا عڪس محسوس ٿيندو هو. پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي، جڏهن سيد سيلمان شاهه محفل ۾ نچندو هو ته هن جي آواز تي هر محبت ڀري دل به ڪنهن درويشن جي مزار جو آڳنڌ بڻجي ويندي هئي. سيد سليمان شاهه جو بدن راڳ ۽ ساز جي لئه تي لهر لهر ٿي نچڻ لڳندو هو.

17 August, 2012

علامه آءِ آءِ قاضي - رضوان گل


علامه آءِ آءِ قاضي
ڏاهو فلسفي، دانشور ۽ تعليمدان
رضوان گل
سنڌ ۾ جن شخصيتن پنهنجي عِلمي قابليت ۽ ڏاهپ ذريعي عملي طور يادگار ۽ تاريخ ساز خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جو نالو وڏي اهميت جو حامل آهي. علامه آءِ آءِ قـاضـي جـو اصـل نـالـو امـداد عـلـي امـام علي قاضي هو. سندس جنم ۹ اپريل ۱۸۸۹ تي حيدرآباد ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ديني تعليم پڻ ورتائين، جنهن بعد انگريزي تعليم پرائي بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو، جتي سندس مطالعي جو ڪينواس تمام گھڻو وسيع ٿي ويو. ڪيترن ئي استادن کان علم جي خزاني مان قيمتي جوهر حاصل ڪيائين. ڪتابن سان سندس گِهري وابستگي رهي. مشرقي ۽ مغربي تاريخ، فلسفي، جاگرافي، ادب ۽ ٻين انيڪ موضوعن وارا ڪتاب سندس مطالعي هيٺ آيا، جنهنڪري پاڻ فقط قانون جي تعليم تائين ئي محدود نه رهيو، پر دنيا جهانَ جي مختلف علمن بابت جامع ڄاڻ پڻ حاصل ڪيائين. لنڊن کان جرمنيءَ به ويو، جتان ڪيترن ئي ڪتب خانن مان ناياب ڪتابن جو مطالعو ڪري، انهن مان ڀرپور فائدو ورتائين ۽ اتان ئي شادي پڻ ڪيائين، جنهن بعد سن ۱۹۱۱ع ۾ وطن واپس آيو.

الله بخش انيس انصاري

الله بخش انيس انصاري

سنڌ جو ناليوارو افسانا نويس

مير نادر علي ابڙو



سائين انيس انصاري سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۸۶ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڪرائي. ڊاڪٽر صاحب منهنجو تعارف ڪرائيندي چيس ته هي مرحوم تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ سيشن جج جو فرزند آهي. اهو ٻڌندي ئي سائين انيس مون سان وڏي محبت ۽ پاٻوهه منجهان ڀاڪر پائيندي مليو ۽ چيائين ته؛ ’تون ته منهنجو ڀائيٽو آهين. تنهنجو والد ۽ مان ٻئي پرائمري اسڪول کان هڪٻئي جا پراڻا دوست آهيون.‘ انهيءَ پهرين ملاقات ۾ ئي سائين انيس منهنجي ايترو ته ويجهو ٿي ويو ڄڻ ته ڪو منهنجا ساڻس سالن کان پراڻا واسطا هجن. انهيءَ کان پوءِ  سائين انيس سان منهنجيون تڪڙيون تڪڙيون ملاقاتون ٿينديون رهيون. اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ڪچهريءَ ۾ مگن هوندا هئاسون. سائين انيس مون کي پنهنجي سروس دوران آيل تجربن بابت ڄاڻ ڏيندو رهندو هو.

ڊاڪٽر نجم عباسي

ڊاڪٽر نجم عباسي
بيباڪ ۽ انقلابي ليکڪ
رضوان گل
ڪهاڻي ادب جي اهڙي وسيع صنف آهي جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي داخلي ۽ خارجي احساسن کي دل کولي اظهاري سگهي ٿو. سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن تيز ۽ ترش انداز ۾ لکي پڙهندڙن تي پنهنجي لکڻين جو اثر ڇڏيو آهي پر انهن ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن جن پنهنجي ڌرتيءَ واسين کي انقلابي انداز ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳ ڪيو، تن ۾ نجم عباسيءَ جو نالو انتهائي معتبر ۽ محترم آهي.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو - رضوان گل

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
محقق، نقاد ۽ تعليمدان
رضوان گل


تحقيق ۽ تنقيد ادب جا ٻه انتهائي اهم شعبا آهن، جن کان سواءِ ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب اڌورو هوندو آهي. انهيءَ حوالي سان جڏهن سنڌي ادب جو ذڪر ڪبو ته انهن ٻنهي اهم شعبن ۾ خاطر خواه ۽ ذاتيات کان مٿاهون ٿي ڪم ڪرڻ جي اڃا به تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. تحقيق ۽ تنقيد وارن شعبن ۾ سنڌي ادب ۾ جن اديبن قابلِ ذڪر ڪم ڪيو آهي، تن ۾ گهڻ پڙهيي ۽ گهڻ رُخي ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جو نالو نهايت اهميت وارو آهي.

ذوالفقار راشدي - رضوان گل


ذوالفقار راشدي
ناميارو شاعر، نثر نگار ۽ نقاد
رضوان گل
سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر ۽ محقق ذوالفقار راشدي ۱۰ مارچ ۱۹۳۸ع تي نئين ديري ڀرسان پير ڳوٺ ۾ ڄايو. هن ۱۹۴۸ کان شاعري جي ابتدا ڪئي. سندس صحافتي خدمتون پڻ قابلِ ذڪر آهن. پاڻ ۱۹۵۳ ڌاري لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ”هاري“ رسالي جو ايڊيٽر رهيو، جنهن بعد ۱۹۶۰ ۾ لاڙڪاڻي مان ئي پنهنجو هفتيوار رسالو ”مذهبِ انسانيت“ جاري ڪيائين ۽ ڪاميابيءَ سان هلايائين.

قمر شهباز - رضوان گل


قمر شهباز
ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار
رضوان گل
سنڌي ادب جون ڪجهه شخصيتون اهڙيون به آهن جن هڪ ئي وقت شاعري، ڪهاڻي، ڊرامي، ڪالم نگاري ۽ فنون لطيفا جي مختلف شعبن ۾ خدمات سرانجام ڏنيون آهن. عام طور اهو تاثر هوندو آهي ته گھڻن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڪنهن به هڪ شعبي ۾ ڪم ڪجي، ان طرح تخليقي سطح تي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا، پر ادب جي مختلف شعبن ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور نموني لکي پاڻ ملهايو، اهڙن تخليقڪارن ۾ قمر شهباز جو نالو تمام وڏي اهميت جو حامل آهي. هن نه فقط ڪهاڻي پر شاعري، ڪالم نگاري ۽ هدايتڪاري کان علاوه ڪيترائي ڊراما، فيچر، خاڪا، فلمي ڪهاڻيون ۽ اسڪرپٽس پڻ لکيا. قمر شهباز جو نالو سنڌ جي انهن اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو جن تمام گهڻو لکيو آهي.

تاجل بيوس - رضوان گل



تاجل بيوس
ٻوليءَ جي جھولي ڀريندڙ شاعر
رضوان گل
جيئن هر گل جي الڳ خوشبو ٿئي ٿي، تيئن هر انسان ۾ به پنهنجي پنهنجي سڳنڌ هوندي آهي. سنڌ جي زرخيز مٽيءَ ڪيترائي اهڙا مهَا پُرش جنميا جن پيار، امن، ڀائيچاري ۽ محبت واري روَيي سان ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن. اهڙن پيارن، مانوارن ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين ۾ تاجل بيوس جو شمار پڻ ٿئي ٿو، جنهن سموري ڄمار محبت، پيار، امن ۽ ايڪتا جا گيت لکيا.

طارق اشرف - رضوان گل


طارق اشرف
ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ايڊيٽر
رضوان گل
ايمرسن پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو هو ته: ”اسان کي ٺهيل ٺڪيل نقلي ماڻهو ڪونه ٿا کپن جيڪي چاٻي ڦيرائڻ سان ادبي لفاظي يا ڪا ٻي ڪرت ڪري سگھندا هجن، پر پاڻ کي ته ڪجهه اهڙن شخصن جي گھرج آهي جيڪي پنهنجي ارادي جي سگھ ڪتب آڻيندي سمجھداريءَ سان ڪنهن به نئين ڪم ۾ هٿ وجھي سگھندا هجن.“ هي لفظ سنڌي ادب کي نئون موڙ ڏيندڙ بيباڪ ڪهاڻيڪار طارق اشرف جي ڪيل ڪارنامن سان بلڪل ٺهڪندڙ آهن. ڇا لاٰءِ ته طارق اهو قلمڪار هيو جنهن روايتن جي قيد و بند کان آزاد ٿي پنهنجي مرضيءَ مطابق ڪم ڪيو. هن پنهنجا دڳ پاڻ ٺاهيا ٻين جي گسن تي هلڻ سندس طبعيت ۾ نه هو.

ثميره زرين - رضوان گل


ثميره زرين
جديد سنڌي افساني جي سرموڙ ليکڪا
رضوان گل
ثميره زرين ان وقت ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون جڏهن سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن جو آڱرين تي ڳڻن جيترو تعداد هو. هن شروعات ۾ رابندرناٿ ٽئگور ۽ خليل جبران جي ترجمو ڪيل افسانن سان ادب ۾ پير پاتو ۽ پوءِ جلد ئي ”وطن“، ”شمع ٻاريندي شب“، ”پلئه پاسو سچ“ ۽ ”غيرت“ جهڙا طبع زاد افسانا تخليق ڪري سنڌي افسانوي ادب ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام جوڙي ورتو. سندس شمار سنڌي افسانوي ادب جي بانيڪار عورت ليکڪائن ۾ ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ حوالي سان کيس سنڌي ادب جي ”خاتونِ اول“ جو خطاب پڻ مليو.

ڊاڪٽر ملڪ نديم - رضوان گل


ڊاڪٽر ملڪ نديم
شاعر، مرتب ۽ محقق
رضوان گل
دنيا ۾ علمي ۽ عملي ڪم سرانجام ڏيندڙ شخصيتون تاريخ جو حصو بڻجي وينديون آهن. جن شخصيتن پنهنجي پوري زندگي علم، ادب ۽ شاعريءَ کان ويندي تحقيق جهڙن ڳُوڙهن شعبن کي ڏئي سنڌي ادب ۾ پنهنجي حيثيت جوڙي، انهن ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم جو نالو پڻ اهم حيثيت جو حامل آهي.

ڪيھر شوڪت

ڪيھر شوڪت

ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامہ نگار

رضوان گل



سنڌي ڪهاڻي جي اوسر ۾ جن ڪهاڻيڪارن جو اهم ڪردار رهيو آهي انهن ۾ جمال ابڙي ۽ اياز قادري کان ويندي رزاق مهر تائين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. اهڙن ئي برجستن ڪهاڻيڪارن ۽ پختن ڊرامي نگارن ۾ ڪيهر شوڪت جو نالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. هن وٽ لکڻ جو نرالو ڏانءُ هو جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيندو هو. هن زندگيءَ جي ننڍڙن مسئلن ۽ مونجهارن کان ويندي وڏن وڏن سماجي ناسورن تي جهڙي ڀرپور انداز ۽ جزيات ۾ وڃي لکيو سو انداز ئي سندس خاص سڃاڻپ بڻيو. هن کي مشاهدي واري اک پيش ڪيل منظر ۾ موجود چرندڙ پرندڙ ننڍين شين تي به هوندي هئي. سندس ڪهاڻين ۾ موجود منظرڪشي پڙهندڙ کي ان ماحول ۾ پهچائي ڇڏيندي هئي جيڪو هو لفظن ذريعي چٽيندو هو ۽ اها سندس لکڻيءَ جي ڪمال ڪاريگري هئي.

قاضي مقصود گل - رضوان گل


قاضي مقصود گل
شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار
رضوان گل
سياست، صحافت ۽ ادب جي شعبن ۾ لاڙڪاڻو هميشه اڳرو رهيو آهي. هتان جي ماڻهن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ غير معمولي ڪارڪردگيءَ سبب نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي شهرت ۽ مڃتا ماڻي آهي. ادب جي شعبي ۾ اهڙا ڪيترائي خاندان آهن جن ڪيترين ئي پيڙهين کان وٺي ساهت جي آبياري ڪئي آهي. اهڙن ئي خاندانن مان رتي ديري جو قاضي خاندان پڻ هڪ آهي، جنهن جا فرد ادب کان علاوه ٻين شعبن ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهن فردن مان هڪ گھڻ پاسائين شخصيت قاضي مقصود حيات ولد قاضي عبدالحئي ”قائل“ آهي، جيڪو ۱۵ اپريل ۱۹۵۰ع تي رتي ديري ۾ پيدا ٿيو. کيس سنڌي ادب ۾ مقصود گل جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.

ادل سومرو - رضوان گل


ادل سومرو
اميدن ۽ خوشبوئن جو شاعر
رضوان گل
شاعر سماج جو باشعور فرد ٿئي ٿو. هُو جيڪو ڪجهه به پنهنجي مشاهداتي ۽ احساساتي اک سان پنهنجي ارد گرد ٿيندي ڏسي ٿو سو سچائيءَ سان بيان ڪري ٿو. ادب جي مختلف شعبن ۾ جن ليکڪن انتهائي ذميواريءَ سان خوبصورت تخليقون سرجي ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن، انهن مان نرالي انداز وارو شاعر ادل سومرو پڻ هڪ آهي، جنهن جون سوچون مايوسين ۾ آٿت ڏيندڙ آهن. سندس شعر دلداري ڏياريندڙ ۽ روشني ڦهلائيندڙ آهن:

زيب سنڌي - رضوان گل


زيب سنڌي
ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ۽ شاعر
رضوان گل
سنڌي ڪهاڻي جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ورهاڱي کان پوءِ وارن ڪهاڻيڪارن ڪهاڻيءَ کي نئون جنم ڏئي ان کي جوان جماڻ بڻايو. جن هم عصر ڪهاڻيڪارن جديد انداز ۾ ڪهاڻي قافلي کي اڳتي وڌايو، انهن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽه مورتي جو ٽائيٽل مليو، جن ۾ ڊاڪٽر اياز قادري، غلام رباني آگرو ۽ جمال ابڙو شامل آهن. ڊاڪٽر اياز قادري ۽ جمال ابڙي جو تعلق وري لاڙڪاڻي سان هئڻ به اتفاق جي ڳالهه آهي پر اهو اتفاق هو يا لاڙڪاڻي جي مٽيءَ جي زرخيزي جو سنڌي ڪهاڻي جي ٽه مورتيءَ جا ٻه فرد هن تَر جا هئا. ان ڳالهه جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺبو ته لاڙڪاڻو جيڪو سياست کان علاوه ٻين به ڪيترن ئي شعبن ۾ اڳرو رهيو آهي، ڪهاڻي واري شعبي ۾ به سموري سرهاڻ واسيل سنڌ ڌرتيءَ جي ٻين ضلعن کان مٿاهون نظر اچي ٿو، جو هتي اياز قادري ۽ جمال ابڙي واري ٽهيءَ ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي اهڙن ڪهاڻيڪارن جنم ورتو، جن ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجو نالو مڃرايو.

اياز گل - رضوان گل


اياز گل
ڪومل احساسن ۽ سهڻن جذبن جو شاعر
رضوان گل
زندگيءَ جي تتل رڻ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون به ملنديون آهن، جن سان گھاريل لمحا گھاٽي بڙ جي ڇانوري جيان محسوس ٿيندا آهن. اهڙا انسان جھٽ پل ۾ ئي پنهنجا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن جو سندن پيار ۽ خلوص ڀريو انداز منَ کي موهي وجھندو آهي. اهڙن محبتي، ملنسار ۽ پر خلوص ماڻهن مان اياز گل به هڪ آهي. هن دوستن کي هميشه محبتون آڇيون آهن ۽ سندن مرڪي آڌرڀاءُ ڪيو آهي.

15 August, 2012

سنڌ جون مارئيون - پير علي محمد راشدي


سنڌ جون مارئيون
پير علي محمد راشدي
سنڌ ۾ ڏاڍو پردو هوندو هو. عورتن کي ”شاديءَ براديءَ“ تي برادريءَ ۾ وڃڻو پوندو هو ته برقعو اوڙهي، پلويڙي واريءَ گاڏيءَ  ۾ ۽ سو به رات ويلي. رستي ويندي. ماڻهو اهڙيون گاڏيون ڏسي، رستو ڇڏي، گاڏين ڏانهن پٺي ڪري بيهندا هئا. وڏن گهراڻن جي مستورات کي فاصلي سببان، ريل رستي وٺي ويندا هئا ته به اهڙيءَ طرح جو سڄو گاڏو بڪ ڪرايو ويندو هو ۽ درين دروازن کي بند رکڻ کان سواءِ خود گاڏي کي به چادرن جي پلويڙي سان ڍڪيو ويندو هو، جيئن ان تي غيرن جي نظر نه پوي. عورت جي آبرو جو معيار ۽ معراج اهو هوندو هو، ته جنهن گهر ۾ شاديءَ رات آئي، اتان مري کٽولو کـَـڄـُـيس. ڪو زمانو ته اهڙو به هو جو مرنديون مري وينديون هيون، پر حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن کي نبض تائين  نه ڏيکارينديون هيون، منهن پوڻ يا بدن چڪاسائڻ ته درڪنار. چوندا هئا ته يعقوب ڪونريجي جهڙا حڪيم، مريضه جي ٻانهن ۾ ڌاڳو ٻڌرائي، پري کان ڌاڳي تي آڱر رکي، ان مان نبض جو اندازو لڳائيندا هئا.

ميڊم نوران - پير علي محمد راشدي


ميڊم نوران
پير علي محمد راشدي
”نوران“ ٺيٺ سنڌي نالو هوندو هو. بنياد تور تي هوس. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن  عورت کي نور سان تشبيهه ڏيڻي پوندي هئي ته پيار ۽ عزت وچان نوران يا نوري نالو رکيو ويندو هوس. نور بيگم، نور بانو، نورجهان، نور خاتون ۽ اهڙا ٻيا ڳؤرا ۽ سنڌ جي ڌرتيءَ سان نامناسب نالا گهڻو پوءِ جون لفظي جعل سازيون آهن.

علامه علي خان ابڙو - گل محمد عمراڻي


علامه علي خان ابڙو

گوشه نشين عالم ۽ مفسر قرآن مجيد

گل محمد عمراڻي
اياز ۽ رباني جو جگري دوست جمال ابڙو سنڌي افساني جو چيخوف آهي،  هن جي فني جمالياتي جي ڀيٽ اردو جي سعادت حسن منٽو، بيدي ۽ ڪرشن چندر سان ڪري سگهجي ٿي، حالانڪه هو انهن ٽنهي اديبن کان ترقي پسندي واري تحريڪ ۾ متاثر ته ضرور ٿيو هوندو ۽ هئو به پر آخر ۾ گهٽ لکيائين، تمام مختصر ڪهاڻين (تعداد ۾) لکڻ جي باوجود، هاڻ سنڌي ٻولي جو واحد ۽ بلاشڪ ڪلاسڪ مهان ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي هڪ جديد ماڊل افسانه نويس چئي سگهجي ٿو. سندس والد محترم علامه علي خان ابڙو، جمال جي چواڻي ”هڪ وڏو ماڻهو هو“ بدر ابڙو پنهنجي پياري ڏاڏا سائين جي باري ۾ اکر لکندي ٻڌائي ٿو ”اها سن ۲۰۰۰ع ڌاري جي ڳالهه هوندي، جڏهن هڪ ڏينهن بابا سائين (جمال ابڙي) ڪنهن ڳالهه تان چيو ته متان ڪڏهن وڏائي ۾ پئو! توهان کي ڪا غلط فهمي نه هجي، ان ڪري ٿو چوان ته وڏائي ته جيڪر آئون ڪريان ها، ڇو ته منهنجو پيءُ، توهان جي پيءُ کا وڏو ماڻهو هو.“ بدر چئي ٿو ته هن جنهن وقت اهي اکر چيا، آئون سندس اکين ۾ چمڪ ڏسي حيران ٿي ويو هئس، بابا سائين هميشه اکيون اکين سان ملائي ڳالهائيندو هو، مون کي اها چمڪ ۽ لهجو اڄ تائين ياد آهي، بابا سائين عدليه ۾ جج، سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن جي عهدن تي رهي چڪو هو، منهنجي لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي ته علي خان ابڙو هن کان وڏو ماڻهو ڪيئن هو؟ انهيءَ يادگار واقعي کي بيان ڪرڻ سان گڏ هو هڪ ٻئي قصي کي به دهرائي ٿو، ان ساڳي پيش لفظ ”ٻه اکر“ (ڪتاب علامه علي خان ابڙو، علمي خدمتون) ۾ بدر ابڙو هڪ حڪايت بيان ڪري ٿو.

تابش بخاري - مارُو جمالي


تابش بخاري
جهنگ جهَر جو ماڻهو
مارُو جمالي
انسان جنهن سماج ۾ رهي ٿو، اهو ئي سماج سندس شخصيت تي گوناگون اثر ڇڏي ٿو ۽ اهو ئي سماج سندس ڪردار جو تعين ڪري ٿو. اسان جنهن ڌرتي جا وارث آهيون اها صوفين جي سرزمين سنڌ آهي، ان جو سماجي تاڃي پيٽو تصوف جي رنگ ۾ رڱيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهوءَ جي مزاج ۾ نياز ۽ نوڙت آهي. اهائي اباڻي نياز ۽ نوڙت کڻي دادو تعلقي جي ننڍڙي ڳوٺ شير محمد ڏاوچ ۾ سيد رسول بخش شاهه جي ڪچي گهر ۾ اسان جي يار تابش بخاريءَ ۱۲ جولاءِ ۱۹۶۵ع ۾ واڪو ڪري وجود جو اعلان ڪيو، جنهن جو اصل نالو سيد شبير شاهه آهي.

فقير عبدالغفور - رکيل مورائي


فقير عبدالغفور
الستي آواز جو ڌڻي
رکيل مورائي
سنڌ جي صوفي راڳين ۾ فقير عبدالغفور ۽ ڍول فقير جو هڪ نرالو انداز آهي، راڳ ڳائڻ ۾. گهٽ ۾ گهٽ اسان جا موسيقيءَ جا ڄاڻو ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪندا. اها ٻي ڳالهه آهي ته موسيقيءَ جا ڄاڻو، هنن روح سان راڳ ڳائيندڙ، ٻن فقيرن سان راڳ جي فني باريڪين جي حوالي ۾ وڌيڪ سختي ڪن ٿا، جيڪا نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته فقير عبدالغفور جو راڳ اهڙي سختيءَ کان الڳ آهي. يا چوڻ گهرجي ته صوفي راڳ جو هڪ پنهنجو رستو ۽ راهه آهي. اھو، فن جي ظاهري گهرجن کان وڌيڪ روح جي اڏام سان تعلق رکي ٿو. فقير عبدالغفور جو ڳايل راڳ، روح جو راز آهي، جنهن کي فقط رند پروڙي سگهن ٿا. موسيقيءَ جا ڄاڻو، هن سرمست ۽ الستي آواز جي مالڪ راڳيءَ سان، تنقيدي رويو رکندا ته پوءِ سندس ئي ڳايل مهدي سائين جي ڪافي ۾ انهن لاءِ هيءُ جواب هوندو ته: مهدي عليءَ جي صورت، ڪين مڃيندو منڪر!

ادل سومرو - رحمت الله پيرزادو


ادل سومرو
سنڌ جو آدرش وادي ڪردار
رحمت الله پيرزادو
ادل سومرو، محمد صالح سومري جي گهر ۾ ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي سکر ۾ ڄائو. سندس نالو عبدالڪريم رکيو ويو. ادل سومري ۱۹۷۳ع ڌاري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات Economics ۾ ايم اي ڪئي ۽ ۱۹۷۹ع ڌاري سنڌي لٽريچر ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس پوزيشن گولڊ ميڊل ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. ادل سومري، ۱۹۹۹ع ڌاري شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ادل سومري جي ادبي اوسر ترقي پسند تحريڪن مان ٿي. هو سنڌي ادب سنگت ۽ سنڌ گريجوايٽس ايسوسيئيشن کان ويندي ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو آهي.

حسن علي آفندي - طارق عزيز شيخ


حسن علي آفندي

هڪ شخصيت ۽ تحريڪ جو نالو

طارق عزيز شيخ
حيدرآباد جي مشهور آخوند گهراڻي، ڪيتريون ئي شخصيتون پيدا ڪيون، جيڪي علمي ادبي طور نالو ڪڍي چڪيون آهن. اهڙين ئي شخصيتن مان حسن علي آفندي به آهي، جنهن جو نالو ماهر تعليم طور هميشه روشن رهندو. آفندي صاحب جي جيتري خدمت آهي، حقيقت ۾ کيس ”شمس العلماءِ“ جو لقب ڏنو وڃي ها ته حق بجانب ٿئي ها. حسن علي آفندي ۱۸۳۰ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو محمد احسان هو. عربي ۽ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ منشيءَ جي نوڪري تي بيٺو پر ڪجهه عرصي کان پوءِ هو نوشهروفيروز ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ڪلارڪ بڻيو. حسن علي آفندي، نوڪريءَ سان گڏوگڏ اضافي تعليم به حاصل ڪندو رهيو. کيس پڙهڻ لکڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن انگريزيءَ ۾ تعليم پرائي ۽ وڪالت جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيو. هيءُ سنڌ جو پهريون مسلمان وڪيل هو، جنهن جيڪو ڪيس کنيو ان ۾ ڪامياب ٿيو.

14 August, 2012

پروفيسر عطاءُ الله ابڙو

پروفيسر عطاءُ الله ابڙو

رياضت ٻرڙو



پروفيسر عطاءُ اللھ ابڙو، لاڙڪاڻي شهر سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ نثر نويس هو، پر سندس خاص سڃاڻپ منتخب ترجما هئا. هُو شهرتن ۽ مشهوريءَ کان پاسائتو رهي، پنهنجي مُنهن لکپڙهه جو ڪم ڪندو رهيو ۽ ادبي خدمت ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي جھول ۾ لبناني اديب ۽ مفڪر خليل جبران جي لاجواب تخليقن، اردو اديب ڪرشن چندر جي ڪهاڻين، ڀڳت ڪبير جي دوهن ۽ فارسي شاعر ۽ سائنسدان عمر خيام جي رباعين کي وجھندو رهيو ۽ عمر جي پڇاڙڪن ڏينهنِ ۾ عربي ادب جي شاهڪار ”سبع معلقات“ کي ترجمو ڪري پورو ڪيو هئائين. مزاجًا هو ملنسار، محبتي ۽ پُرخلوص ماڻهو هو ۽ ڪم سان ڪم رکندو هو، اجائي ڊيگھ کان ڪِنارو ڪندو هو.

10 August, 2012

استاد وزير علي خان - وفا رضا


استاد وزير علي خان
پرچن شال پنهوار وارو
وفا رضا
آگسٽ جي مهيني منجهه به، رات جي وڳڙي ۾ ٿڌڙين هوائن واري شهر ٽنڊي آدم جو شمار به بلاشڪ انهن شهرن ۾ ٿئي ٿو جن سنڌ کي ساڃاهه وند فرد ڏنا.
آدم خان مري جي جوڙايل شهر ٽنڊي آدم جي آبادي هن وقت لکن ۾ آهي، تنهن شهر ۾ هن ئي مهيني يعني آگسٽ جي ٻارهين تاريخ سال ۱۹۳۸ع تي هڪ سلڇڻي ٻار جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو وزير علي خان رکيو ويو.

رئيس ڏتل خان مرحوم - پير علي محمد راشدي


رئيس ڏتل خان مرحوم
پير علي محمد راشدي
ڪنهن نالو به ڪو نه ٻڌو هوندو. دنيا پرستن جي نظر ۾ ته ننڍو ماڻهو هو، پر دل پرستن جي نگاهه ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. قدرت جو عجيب قانون آهي: هر هڪ جي جهولي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان مڙيو ئي ڀريو ڇڏي. ڪن کي ڌن ڏنائين، پر دل جي دولت کان محروم ڪري ڇڏيائين، ڪن کي دل ڏنائين، ڌن نه ڏنائين. مون اڪثر ڏٺو ته جت ڌن هو ات دل ندارد هئي، جت دل موجود هئي ات ڌن جي نافت هئي. سبب اهو سمجهه ۾ آيو ته اهي ٻئي تراريون هڪ کپ ۾ سمائجي ڪو نه ٿي سگهيون.

08 August, 2012

پريو مرهيات - پير علي محمد راشدي


پريو مرهيات
پير علي محمد راشدي
انگريزن آئي، سنڌ مان ٻانهَن جو رواج ته ختم ٿي چڪو هو، پر جن شخصن هڪ لڱا ”ٻانهپ جي ٻولي“ ڪري ڇڏي هئي، تن جا پويان به پشت بپشت، ان ٻوليءَ اندر ٻڌا رهيا. تَڙيونِ، تڙ نه مَٽيندا، ڌِڪيونِ، در نه ڇڏيندا: جت جنم ورتائون، اتانهون ئي ”اڻ ڏٺي ڏيهه“ روانا ٿي ويا. نه ڄمندي لولي ٻڌي هئائون، نه کٽ کڄندي ئي پارن جا پڙلاءَ نصيب ٿين! پر نمڪ جا ناتا، بدرجه اُلا، نباهيندا ويا.

05 August, 2012

هولارام هنس - رياضت ٻرڙو


هولارام هنس
رياضت ٻرڙو
هيءُ هڪ سٺو اديب ۽ ايڊيٽر آهي. هولارام هنس ولد رهندو مل هسيجا ۱۵ جُون ۱۹۳۴ع تي قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. هُن ابتدائي تعليم قنبر مان حاصل ڪئي ۽ انگريزي پڙهڻ لڳو ته ورهاڱو ٿيو، جنهن سبب سندس وڏا ۱۹۴۸ع ۾ هتان لڏي وڃي بممئي پهتا، جتان پوءِ مهاراشتر ۾ ويٺا. هولارام ۱۹۵۵ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي، پوءِ غربت سبب پڙهائيءَ سان گڏ نوڪري ڪرڻ لڳو. هن ۱۹۶۰ع ۾ بِي اي ۽ پوليٽيڪل سائنس ۽ پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ايم اي جي تعليم حاصل ڪئي. هن ۱۹۹۲ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيو.

حڪيم هدايت اللھ ڪلهوڙو - رياضت ٻرڙو


حڪيم هدايت اللھ ڪلهوڙو
رياضت ٻرڙو
هيءُ پنهنجي تَـر جو سٺو حڪيم هو. سندس هٿ ۾ شفا هئي. هدايت اللھ ولد صاحب ڏنو ڪلهوڙو ۱۹۴۷ع ۾ ڳوٺ ڀاوند لاکا، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هو پ پ پ ڀاوند لاکا جو اڳواڻ به هو. سندس وفات ۶ آگسٽ ۱۹۹۷ع تي دل جي دوري سبب ٿي. کيس ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. نوجوان حڪيم عبدالرزاق ڪلهوڙو سندس پٽ آهي.

وڌو فقير ديدڙ - رياضت ٻرڙو


وڌو فقير ديدڙ
رياضت ٻرڙو
هيءُ پنهنجي دَور جو مجذوب شاعر هو. سندس شعر وقت جي گردشن کان بچي ناهي سگھيو. هُو ديدڙ ڳوٺ، تعلقي قنبر جو رهاڪو هو ۽ ديدڙن جي مشهور سگھڙ-شاعرن حُسين فقير ديدڙ ۽ شاهه محمد ديدڙ جي ڏاڏنگ مان هو. سندس وفات لڳ ڀڳ ۱۸۱۰ع ۾ ٿي. هن جي مزار ديدڙن جي مَقام ۾ آهي، جتي حسين فقير ۽ شاهه محمد پڻ دفنايل آهن.

والي ولايت راءِ - رياضت ٻرڙو


والي ولايت راءِ
رياضت ٻرڙو
هيءُ مشهور مذهبي اڳواڻ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن قنبر ۾ درٻار صاحب قائم ڪري، ان کي اوج ڏياريو ۽ قنبر درٻار سنڌ ۽ هند ۾ مشهور ٿي. ولايت راءِ ولد پرتاب راءِ کتري ۱۸۲۵ع ۾ هالا پراڻا ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا عامل هندو سڏبا هئا ۽ ميرن جا ڪاردار ۽ منشي هئا. ولايت راءِ قاضي خاندان کان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي ۽ سنڌي، فارسي ۽ عربي پڙهيو. ولايت راءِ به ۱۸۴۲ع ڌاري ۱۷ ورهين جي ڄمار ۾ ميرن جو ڪاردار ٿيو، پر ۱۸۴۳ع ۾ ميرن جي صاحبي ختم ۽ انگريزن جي حڪومت شروع ٿي، ته هو تپيدار مقرر ٿيو، جنهن بعد هن سجاول، ميروخان ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪيو، پر سرڪاري خزاني ۾ کوٽ ۽ حساب ڪتاب ۾ ڀولي سبب مٿس ڪيس هليو ۽ کيس ۶ مهينا سزا ملي، جنهن دوران درويشي خيالن سندس ذهن ۾ واسو ڪيو. جيل مان ڇٽڻ کان پوءِ سندس رهاڻيون شڪارپور ۾ سوامي شنڪر ڀارتيءَ ۽ لاڙڪاڻي ۾ مشهور وڪيل چانڊو مَل سان ٿيون. پوءِ هن برهمڻن جي صحبت ۾ رهي گھڻو ڪجھ پِرايو، جنهنڪري سندس پڻ ڪيترائي شش ٿيا. هُو هر سال روهڙي، جھوڪ ۽ سيوهڻ جي صوفين سان ملڻ ويندو رهندو هو. هُو قنبر ۾ ۱۸۸۵ع ۾ آيو، جتي هن قنبر درٻار جو بنياد رکيو ۽ شاعري ڪرڻ به شروع ڪئي، جيڪا سنڌي، اردو ۽ سرئڪي ٻولين ۾ آهي، جنهن ۾ عارفاڻو ۽ صوفياڻو ڪلام آهي. هن جي وفات قنبر ۾ جيوت سنگھ جي گھر ۾ ۱۵ جنوري ۱۸۸۷ع تي ٿي. سندس سماڌي قنبر درٻار ۾ آهي.

نثار احمد شيخ - رياضت ٻرڙو


نثار احمد شيخ
رياضت ٻرڙو
هيءُ قنبر جو نوجوان سياسي ڪارڪن ۽ سڄاڻ صحافي هو، جنهن قنبر شهر جي صحافت ۾ سچي صحافت جا بنياد رکيا. نثار احمد ولد جمعو خان شيخ پهرين جنوري ۱۹۵۹ع تي، شيخ محلي ۾ گُئندِي مسجد ڀرسان، قنبر شهر ۾ پيدا ٿيو. سياسي طور هُو سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شامل رهيو. هُو وفات تائين روزاني ”هلال پاڪستان“ جو نمائندو رهيو. سندس لکيل سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جون ڪيتريون ئي خبرون ”هلال پاڪستان“ ۾ ڇپيون. سنگت قنبر جون گڏجاڻيون پڻ سندس جڳهه ۽ اوطاق تي ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۴ع تائين ٿينديون رهيون. هُو ڪار ۾ ”عبرت“ جي نمائندي روشن علي شيخ سان گڏ ڄامشوري وڃي رهيو هو، جو سندس حادثو ۲۲ ڊسمبر ۱۹۸۳ع تي دادوءَ ويجھو ڊاٽسن پِڪ اپ سان ٿيو، جنهن ۾ هُو شديد زخمي ٿيو ۽ کيس دادو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، پر هُو زخمن جي سٽ نه سهي سگھڻ سبب ۱۹۸۳ع ۾ وفات ڪري ويو.

مقبول احمد قادري - رياضت ٻرڙو


مقبول احمد قادري
رياضت ٻرڙو
مقبول احمد قادري قنبر جو تمام بهترين مصور ۽ لائق ۽ هوشيار استاد ٿي گذريو آهي. سندس فنِ مصوري اعلى خوبين سان ٽمٽار ۽ خوبصورت هو. مقبول احمد ولد غلام نبي قادري ۱۹۴۹ع ۾ قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري ۽ مئٽرڪ تائين تعليم قنبر ۾ پرائڻ کان پوءِ انٽر آرٽس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي، جنهن ۾ حيدرآباد ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. هن گھڻو پوءِ، ايم اي پرائيويٽ ۱۹۹۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪئي. مقبول احمد قادري ۶۹-۱۹۶۸ع ۾ تعليم کاتي ۾، ڊرائنگ ٽيچر طور، گورنمينٽ مڊل اسڪول گاجي کهاوڙ، تعلقي وارهه ۾ مقرر ٿيو ۽ پوءِ جيئڻ ابڙي، ٻير ۽ هاءِ اسڪول قنبر ۾ هن شاگردن کي ڊرائنگ سيکارڻ سميت مختلف سبجيڪٽ به پڙهايا ۽ ڪلاس ٽيچر به رهيو. هو ٽيچر طور قطر ملڪ ۾ به پڙهائي آيو، جتي ريڊيو قطر تان سندس انٽرويو به نشر ڪيو ويو. اُتي هن تنهن وقت جي پاڪستاني سفير جو چتر ٺاهيو، جنهن تان انعام ۽ سوکڙي طور سفير کيس پنهنجيءَ ٻانهن تي پاتل واچ لاهي ڏني. مقبول احمد قادريءَ هاءِ اسڪول قنبر جي سائنس هال ۾ مختلف پينٽنگون پڻ ٺاهيون. سندس ٻيو ڪيل ڪم وقت جي ستم ظريفين جي نظر ٿي ويو آهي. سندس وفات دل جي دَوري سبب ڊسمبر ۱۹۹۲ع ۾ قنبر ۾ ٿي.