سامي چين راءِ لنڊ
مايا، ڪروڌ ۽ لوڀ کان
نفرت
حسيب ناياب منگي
سنڌي ادب ۾ سامي
چين راءِ بچومل لُنڊ (۱۸۵۰ع ـــ ۱۷۴۳ع) حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه ۽ حضرت سچل سرمست رحه کانپوءِ وڏو شاعر
تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ اها حقيقت به آهي ته سامي جي سلوڪن منجهه جيڪو اسرار ۽ پيغام
آهي اهو گهٽ ڪونهي، سامي ڪٿي ڪٿي اهو به پيغام ڏئي رهيو آهي جيڪو سنڌ جي ٻين صوفي
شاعرن جي ڪلام ۾ به سمايل آهي. سامي جي سلوڪن ۾ صرف مايا سان نفرت ناهي پر هو ڪروڌ
۽ لوڀ کي به زندگي گذارڻ واري راهه ۾ رڪاوٽ سمجهي ٿو. روحاني رازن کي سولي طرح ٿو
سمجهائي، عورت کي به ٿو ڳائي ۽ محبت جو پيغام به ٿو سڻائي، سچ پچ ته سامي سنڌي
ساهت جو وڏو سرمايو آهي.
قلم ڌڻي سامي جي
حوالي سان اِها ڳالهه ٿا ڪن ته:”سامي جي سلوڪ لکڻ جو نمونو حافظ شيرازيءَ جهڙو
هو“. ڪجهه اديبن جو اهو خيال آهي ته ”سندس شعر ۾ تجنيس حرفي جو اکٽ خزانو موجود
آهي ان کانسواءِ اصطلاحن جي اهڙي ته ڪثرت آهي جو انهن کي ڏسي حيراني ٿئي ٿي“. سامي
جي سلوڪن جي حوالي سان اهو به لکيو ويو آهي ته ”ساميءَ جا سلوڪ شانتيءَ جو خزانو
آهن، جن کي پڙهڻ سان آتما کي آنند اچي ٿو“ اها به حقيقت آهي ته سامي جا سلوڪ من کي
تسڪين پيا بخشين، سندس ڪلام ۾ ڪتب آيل ٻولي شڪارپوري رسيلي سريلي ۽ مٺي آهي.
غور سان سوچينداسين
ته ازخود معلوم ٿي ويندو ته ساميءَ جا سلوڪ ان ڪري به مستقبل جي معمارن کان اوجهل
يا انهن لاءِ ڏکيا آهن جو اهي ڪورس اندر تمام گهٽ تعداد ۾ شامل ڪيل ڏسجن ٿا.
پرائمري کان هائير سيڪندري تائين جو ئي مثال پيش ڪجي ته صرف نائين ڪلاس جي سنڌي ڪتاب
۾ ساميءَ جو مختصر احوال ۽ ڇهه سلوڪ ڏنل ملندا، اهڙي صداقت اسان لاءِ چٽو ثبوت آهي
ته اسان سامي ۽ سندس سخن طرازي سان ڪيترا مخلص آهيون. ۱۸۵۹ع جي ٽئين درسي ڪتاب ۾ سامي جا ٽي سلوڪ شامل
هئا، ۱۸۷۴ع ۾ اهڙن سلوڪن جو تعداد ٽيٽيهه ٿي ويو، هاڻي نتيجو اهو نڪتو آهي جو سندس ڏهه
سلوڪ به اسان جا شاگرد نه ٿا پڙهن.
اڄ جي دور ۾ هر هڪ
ماڻهو پريم جي حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪري ٿو، ڪجهه ماڻهو صوفي شاعرن جي ڪلام جي تقليد ڪندي
بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي توڙي ذات پات جي سڀني سان پريم سان پيش ايندا آهن. سامي به
پريم جو پيالو پيئارڻ جي ڳالهه ٿو ڪري
آءُ ته پياريانءِ ڀري
پيالو پريم جو،
سامي هن اوسر ۾، تن
من سڀ ٺاريانءِ،
دهه دس ڏيکاريانءِ،
انڀه پرک اکين سان.
پرچي جنهن پيتو، پاڪ
پيالو پريم جو،
ملي تنهن محبوب
سان، امل جنم جيتو،
سامي سک اڳتون، سر
صدقي ڪيتو،
هاريو تنهن جيتو، جڳتن
سان جهان کي.
پريم جي حوالي سان
سامي جا انيڪ سلوڪ سرجيل ملن ٿا، جن جي اڀياس کانپوءِ اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي
ته سنڌ جو ناليوارو هي سنت سامي پريم جو ترجمان شاعر هو. شاهه لطيف رحه ۽ سامي جي ڪلام
۾ به ٿوري گهڻي هڪجهڙائي ملي ٿي، جهڙي طرح شاهه جي رسالي ۾ شاهه لطيف جو هي بيت
نظر کان گذري ٿو:
اکر پڙهه الف جو،
ورق سڀ وسار،
اندر تون اُجار،
پنا پڙهندين ڪيترا.
”سامي جي سلوڪ“
۾ وري سامي جو هي سلوڪ شاهه ۽ سامي ۾ هڪجهڙائي کي ظاهر ٿو ڪري:
حرف اٿئي هيڪڙو،
پنا ڪوهه پڙهين،
پائي منهن مڙهيءَ ۾
انهيءَ سان اڙين،
تان چاڙهي تنهن چڙهين،
موٽي مُور نه ڪڏهين.
سامي جي سلوڪن جو
مطالعو ڪرڻ کانپوءِ اسانکي پتو پوي ٿو ته سندس سلوڪن جي سٽ سٽ ۾ سبق سمايل آهي، هو
پنهنجي سلوڪن ۾دنيا جي براين کان باز اچڻ جو ڏس ٿو ڏي، حياتيءَ کي هن دنيا دورنگيءَ
۾ دورنگي ٿي گذارڻ کان بچي رهڻ جو سبق ٿو ٻُڌائي. ساميءَ جي سلوڪن ۾ معنيٰ جا موتي
ملن ٿا، اگر انهن موتين جي مالا کي پائڻ ٿا گهرون ته سلوڪن جو اڀياس من جي مڙهيءَ
۾ منهن پائي ڪيو وڃي ۽ جيڪو سبق هو آڇي ٿو تنهن کي من جي شانتيءَ خاطر اول سمجهي
پوءِ سمجهائڻ لاءِ جتن ڪجن ته جيئن سامي ۽ سندس سلوڪ عام ٿي سگهن.
سامي پنهنجي سلوڪن
۾ ايڪتا جو پيغام ارپي ويو آهي،سندس سلوڪن کي ڪو پڙهي ته ڏسي ڇا ته تشبيهون پيش ڪيون
اٿس، جيڪڏهن ڌيان ڏبو ته ازخود اظهار ٿي ويندو ته سندس سلوڪ من تي اثر ڇڏڻ وارا
آهن، انهن اثرن جي اُڏام درياءَ جي موجن جهڙي آهي. سلوڪن ۾ سامي انسان دوستيءَ جي ڳالهه
ڪندي پنهنجو پاڻ سُڃاڻڻ تي گهڻو زور ڏئي ٿو.
پاڻ پنهنجو پاڻ ۾
پَسان جان پيهي،
ته نڪو ملڪ خلق ڪا،
نڪو آ سيهي،
اسين ساريون جن کي،
سي پڻ اسيهي،
ٻي وائي ويئي، لات
پرين جي هڪڙي.
سامي جي سلوڪن ۾
عورت به سمايل آهي، هو عورت جي ڪردار کي بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ڏسجي ٿو،سهاڳڻ کي خودي
۽ وڏائي ڪڍي ڦٽي ڪرڻ لاءِ هئين پيو چوي:
سُهاڳڻ سائي، جنهن
کي سڪ اندر ۾،
جاڳي ڪري جڳ سان،
جيئندي جُدائي،
ماري ڪڍي من مون، ٻي
سڀُ ٻِيائي،
سامي سدائين، ملي
رهي محبوب سان.
سامي مايا سان سڀ
کان وڌيڪ نفرت ڪندڙ نظر اچي ٿو. هو شڪارپور جهڙي واپاري شهر ۾ سيٺين جي وچ ۾ ويهي،
توڻي جو پاڻ پڻ واپار سان تعلق رکندڙ هو، سو ماڻهو مايا سان ايئن نفرت جو اظهار ڪري
سا وڏي ڳالهه آهي. سامي جي سلوڪن ۾ ته مايا سان نفرت هجي يا فريب ۽ مڪر کي پاڻ کان
پري ڪرڻ جي ڳالهه، حرص ۽ لالچ جي ڪمن جي ويجهو نه وڃڻ جا ته ڪيترائي اشارا ٿو ڏي:
سارو جڳ انڌو، ٿيو
مايا جي موهه ۾،
سڀ کي رئاريموهي
مايا موهڻي،
ٻيائي منجهه ٻوڙي،
مايا ڇڏيو ماڙن کي.
سامي جنهن حيثيت
سان سنڌي ادب جي تاريخن ۾ دادلو لکيو وڃي ٿو، تنهن حيثيت سان پڙهيو ۽ پڙهايو به وڃي
ته هوند بهتر ٿيندو. اسان کي مالڪ اها مت ڏي ته هن درويش ۽ سندس پيغام جو قدر به
اسان ٻين صوفين جيان ڪريون جن تي سال به سال ڪانفرنسون منعقد ڪرائي اسان فرض ادا ڪندا
آهيون. ۱۰ فيبروري ۲۰۰۲ع تي ڪراچيءَ ۾ سامي تي هڪ وڏي شاندار ڪانفرنس ٿي هئي تنهن ۾ کلي عام چيو
ويو ته سامي نصاب ۾ شامل ٿيندو، سامي يادگار ۽ چيئر وجود ۾ ايندي، سامي تي هر سال ڪانفرنس
ڪوٺائي ويندي. ڪٿي ٿيو آ سڀ ڪجهه؟ ڪير ٿو ياد ڪري واعدا؟ افسوس جو سامي جا سلوڪ وڃن
ٿا نوجوان نسل لاءِ ڏکيا ٿيندا. مشڪل سان جڏهن سامي ياد ٿئي ٿو ته هر ڪو سندس ڪتاب
اهو چئي ٺپي رکي ٿو ڇڏي ته سامي جي ٻولي ڏاڍي ڏکي آهي. ڇا سامي کي عام ڪرڻ اسان سڀني
جو ادبي فرض ناهي؟
سامي
سنڌ جو ويدانتي ڪوي
حسيب ناياب منگي
ساميءَ جو اصل نالو
ڀائي چين راءِ ۽ سندس پِتا جو نالو بچُو مل لُنڊ هو. تاريخي، علمي ۽ ادبي ڪتابن ۾
درج آهي ته، “هُو اروڙونسي هندن مان هو. سندس وڏا شڪارپور ۾ افغانن جي دؤر ۾ اچي
آباد ٿيا هئا.” ڪي روايتون اهي به ڇپيل آهن ته ساميءَ جا وڏا اصل ۾ شڪارپور جا
رهواسي هئا. مگر اهي روايتون تحقيق طلب آهن.
سنڌ جي شاهوڪار
شهرَ شڪارپور ۾ ساميءَ جو جنم ۱۷۴۳ع ڌاري ٿيو. ساميءَ جي جنم جي حوالي سان قلم ڌڻين جا
مختلف رايا آهن. اڪثر اديبن ۽ عالمن سندس جنم جي مٿين سال کي صحيح تسليم ڪيو آهي،
پر ڪن ۱۷۳۰ع لکيو آهي. جڏهن ته ڪجهه ٻيا ليکڪَ ۱۷۸۷ع ڌاري ساميءَ جو جنم ڄاڻائين ٿا. ساميءَ جو
پيءُ خوشحال ۽ ڌن دولت وارو هو. سندس باري ۾ ڪا خاص ڄاڻ ته نٿي ملي، ها مگر ايترو
يقين سان ٻڌايو ويو آهي ته هو عام هندن جيان واپاري هو، پر ڇا جو واپار ڪندو هو،
تنهن جي پڪي پروڙ نٿي پئي. سامي ننڍپڻ کان ئي منَ جو اُجرو ۽ ٻيائيءَ جي ٻَکَ کان
دُور هو. هن پنهنجي پِتا جي خوشحاليءَ جو سھارو ڪونه ورتو ۽ دولت کي پنهنجي منزل بڻائي
مورُوثي آسائش جي ماڳ تي پھچي روح کي راحت رسائڻ جا حيلا ڪونه ڪيائين. هن ته
دورنگيءَ دنيا کي ٿُڏي حق ۽ سچ جي وائي عام ڪرڻ جا جتن ڪيا. هن کي ‘سيٺ’ چورائڻ
بدران ‘ڀائيءَ’ جي لقب کي پنھنجي نالي ساڻ سلھاڙڻ سٺو لڳو. هو هميشه مالڪ جي ڏني
تي راضي رهيو. محنت کي محبت سان انجام ڏئي ڌڻِيءَ جي رضا کي حاصل ڪرڻ جا جتن ڪندو
رهيو.
دلبر جو ديدار، ڪامل
آهي ڪهڙو؟
جنهن جو روپ نه رنگ
ڪو،
جڏهن ملندءِ يار،
پوندءِ سُڌ سروپَ جي
ساميءَ جڏهن شعور
واري وهيءَ ۾ پير پاتو ته شڪارپور جي هڪ هندُو ــ سيٺ گنگارام ٽنڊڻ ملاڻيءَ وٽ ڪم ڪرڻ
لڳو. اهو سيٺ ڪپڙي جو واپاري هو ۽ ايران توڙي خراسان جي واپارين سان سندس واپاري
تعلق هو. سامي ان سيٺ وٽ ڪميشن تي ڪم ڪندو هو. سامي، سيٺ وارو مال پنجاب کڻي وڃي،
وڪڻي سيٺ کي نفعي سميت پئسا آڻي ڏيندو هو. بدلي ۾ سيٺ وٽان جيڪو ملندو هئس، سو صبر
۽ شڪر سان وٺي حرص ۽ لالچ کان پَرڀرو ٿي پنهنجو گذر ڪندو هو. ساميءَ تي ڪيل تحقيق
مان اها به ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي ته ساميءَ کي شڪارپور ۾ پنهنجو دوڪان به هو، پاڻ ڪپهه
جو واپاري هو. جيڪو شخص پاڻ واپاري هجي ۽
تاجر طبقي سان سندس تعلق هجي، سو پئسي کي نه ته اهميت ڏئي ۽ نه ئي وري ان جي لالچ
۾ پوي، مٿان وري اهڙي دولت کي ‘منهنَ ڪارِي’ سڏي، سو پڪ سان ساڌُن جي سنگت ۽ صحبت
اختيار ڪري چڪو هوندو، جيڪي مالڪ جي ٿوري ڏنل کي به گهڻو سمجهي شڪر ادا ڪري زندگي
گذارڻ کي پنھنجو نصب العين بڻائيندا آهن.
اها حقيقت آهي ته
ساميءَ جو تعلق جنھن شهر سان هو، تنهن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مندرَ ۽ مڙهيُون هيون.
ان شهر ۾ ڪيترائي درويشَ، ساڌُو، سنتَ ۽ مها پُرشَ اچي ڪٺا ٿيندا هئا ۽ ستسنگ ڪندي
حق جي وائي بلند ڪندا هئا. ساميءَ جو پھريون گهر شڪارپور ۾ “جڳل پياري ٿان” جي ڀرسان
هوندو هو، جيڪا هڪ مشهور درٻار آهي. اُتي ٿيندڙ ڌرمي ميڙن ۽ ستسنگ جو مٿس اثر ضرور
پيو هوندو، پر اها ڳالهه به واضح ٿي ڏسجي ته هو ڌرمي ڪٽرپڻي کان آزاد ۽ مالڪ جي
بهترين تخليق ‘انسان’ سان بنا ڪنھن مذھبي متڀيد جي پيار ڪرڻ وارن مان ثابت ٿيو.
ساميءَ ته ڌرم جي نالي تي ڦُرڻ وارن کي به خوب ننديو آهي.
ساميءَ جي شخصيت تي
سڀ کان وڏو اثر سوامي ميگهراج ٻانڀڻ جو پيو، جيڪو بھاولپور جو ويٺل هو ۽ هاٿيدر تي
اچي ڪنهن مڙهيءَ ۾ ٽِڪيو هو. ساميءَ جي پِتا، پنھنجي پٽ کي سوامي ميگهراج جي ڳالهين
تي ڌيان ڏيڻ ۽ سندس گيان کي من سان سوئيڪار ڪرڻ واري ڳالهه کي پرکي ورتو ۽ ڌرمي
سکيا پرائڻ لاءِ پُٽ جو هٿ سوامي ميگهراج
کي ڏنو. چيو وڃي ٿو ته سوامي ميگهراج ٻانڀڻ شعر به لکندو هو ۽ ويدانت توڙي ڪاويه
جو پنڊت هو.
اوچتو اچي، سڄڻ بيٺو
سامهون
‘سامي’ سڏ ڪيو
چوي، ڪو اڱڻ منجهه اچي
سمجِهي ڪنھن سچي،
اها ڳالھه آگمَ جي
سامي چين راءِ،
سوامي ميگهراج ٻانڀڻ کي پنهنجو مرشد بڻايو ۽ سندس ‘ششيه’ ٿي حق ۽ سچ جي وائيءَ کي
وڌيڪ سمجهڻ لاءِ امرتسر ويو. جڏهن چاليھن ورهين جو ٿيو ته فقيراڻو ويس ڪري، سَنتن
جي صحبت ۽ عارفن جي گفتار کي اختيار ڪري پنھنجي قولَ ۽ فعل ۾ اڃا وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿي
شڪارپور موٽي آيو ۽ هتي پنهنجي اعليٰ اخلاق سان آدرشي رهڻي ڪھڻي اختيار ڪري مرشد
جي ڳالهه ۽ سَنتن جي سُخن کي پنهنجي ٻولن ذريعي بيان ڪرڻ ۾ لڳي ويو:
جن کي جاني ياد،
آءٌ ياد ڪريان نت تن کي
‘سامي’ مليا
سپرين، پرچي تن پرساد
تن من ارپيان ڀاوَ
سان، ڇڏي واد وِواد
اها آد جڳاد، واٽ بڻي
ويساهه جي
شڪارپور ۾ هو هر هڪ
سان پيار ۽ محبت سان پيش ايندو هو. نياز نوڙت جو اهو عالم جو مسلمانن سان به
مجلسون ڪندو هو، ته هندن سان به ملندو رهندو هو. شاعريءَ جو ڏانءٌ قدرت واري طرفان
عطا ٿيس ته سلوڪَ (اشلوڪَ) لکي من اندر جي ڳالھه ننڍن پنن تي لکي مَٽَ ۾ وجهندو
ويندو هو. سندس ڪويتائن کي ‘سلوڪ’ چئجي ٿو، جيڪي ساميءَ جي حياتيءَ ۾ ته ڪڏهن ڇپجي
ظاهر ٿي نه سگهيا، پر اڄ عام جام دستياب آهن. سندس پيغام جو حاصل مطلب اهڙو ئي
آهي، جيڪو سنڌ جي ٻين صوفي بزرگن پنهنجي ڪلام
۾ ڏنو آهي، البته ويدانت جو فلسفو سندس سلوڪن جو خاص امتيازي رنگ هو.
سامي ۸۰ سالن جو ٿيو ته هڪ پٽ ڄائس، جنهنجو نالو
‘گهنشام داس’ رکيائين. پاڻ ۱۸۵۰ع ڌاري شڪارپور ۾ ديھانت ڪري ويو. پرلوڪ پڌاري پورا ۳۵ ورهيه گذريس ته ديوان ڪؤڙي مل کلناڻيءَ
سندس سلوڪن کي پھريون ڀيرو ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس پُٽ شڪارپور واري جاءِ وڪڻي
امرتسر وڃي رهيو.
مايا ڀُلائي، وڌو
جيءُ ڀرم ۾
اڻ هوندي دريا ۾،
غوطا نت کائي
‘سامي’ ڏسي ڪينڪي،
منهن مڙهيءَ پائي
ستگر جاڳائي، ته جاڳي
جڙي پاڻ سان
ـــــــــــ
اندر ڏس پيھي، ته
آهي ڪير قلوب ۾
صحيح ڪر سروپ کي،
من هنسا ڏيئي
ته ‘سامي’ سڀيئي،
درد مٽنئي دم ۾
ــــــــــ
ويد پراڻ پڙهي ڪري،
ٿو لوڪن ريجهائين
سپيريان جي سڪ ۾،
جهاتي نه پائين
چاهه نه چڪائين،
تون پسي ڪيئن پرين کي!
ــــــــــ
جنھن کي لڳي سِڪَ،
‘سامي’ سُپرين جي،
مٽي تنھنجي من مون،
ٻي سڀائي ڇِڪَ
مُورت محبوبن جِي،
سڀ ۾ ڏسي هِڪَ
راتيان ڏينهن ٽِڪَ،
لائي ويٺو لک سان
ــــــــــ
سارو جڳ نچي ٿو،
منن جي محلات ۾
اٺئي پھَر اندر ۾،
بنا باهه پچي
ڪؤڙين ۾ ڪو هڪڙو،
بلا کون بچي
جنھن کي درشت اچي،
‘سامي’ سورج سِرَ تي.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ نومبر ۲۰۲۵ع تي ڇپيل)
سامي صاحب
[ ۱۷۴۳ع – ۱۸۴۹ع ]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
سنڌ جي ويدانتي شاعرن ۾، شڪارپور جي مردم خيز خطي جو
مشهور بلند پايه شاعر، ڀائي چين راءِ عرف ”سامي صاحب“، پٽ بچو مل لنڊ جو نالو ورتو
وڃي ٿو. سندس جنم ۱۷۴۳ع ڌاري شڪارپور ۾، هاٿي در
نزديڪ هندن جي پاڙي ۾ ٿيو. سندس پتا مالدار سکر ماڻهو هو. وٽس ڪنهن شيءِ جي به ڪمي
ڪانه هئي.
اهڙي سکي ۽ سهنجي ماحول سان ڀائي چين راءِ جي دل نه ڀري.
پاڻ ٻالجتيءَ کان وٺي، دنيا جي ڪوڙن سکن ۽ کٽرا ڳن کي ٻن وجهي، ساڌن جي سنگت
اختيار ڪيائين. کيس دنيا جي لوڀ لالچ جي ڪابه وحشيت نه هئي ۽ نه ئي وري لاڏ ڪو
واري چلولي ماحول مان ڪا راحت پئي آئي؛ جنهن ڪري من کي زماني جي محويت کان پاسيرو
رکي، ضروري وديا جي واس وٺڻ لاءِ، ست سنگ ۾ گذارڻ لڳو.
پاڻ ڪلهوڙن ۽ ميرن جون صاحبيون پئي سنڀريو؛ ۽ ملوڪي
خيالن جي اوستا ۾ صبر سان ساهه کڻڻ بدران راتيان ڏينهان آلمڪ ترقيءَ جو ڳالهائو
رهيو. ڌڻي مهربان آهي؛ جنهن کيس هڪ اهڙي ويدانتي مهاپرش ساڌوءَ ۽ سنجينده شخصيت:
سوامي مينگهراج سان ملايو، جيڪو اڳتي هلي سندس زندگيءَ جو مول مقصد بڻجي ويو.
ڀائي چين راءِ، سوامي صاحب جي رنگ
۾، ست سنگ کان چمڪي اٿيو. سندس دل ته اڳ ئي دکايل ۽ اهڙن سنتن لاءِ سڪايل هئي،
ويتر سواميءَ جهڙي ودوان واري صحبت ”سون تي سهاڳيءَ“ جو ڪم ڪيو. پوءِ ته چين راءِ
فقيراڻي گودڙي قبول ڪندي، سوامي صاحب جهڙي سنجينده شخصيت جي هردي ۾ اهائي جوت
جاڳايل پسي، جنهن جو اڳ هو اڃايل هو. سوامي صاحب ڪجهه وقت ترسي، بهار جي بادلن جيان
محبت جو مينهن وسائي پنهنجي ماڳ موٽيو.
گروءَ جي وڃڻ بعد، چين راءِ کي اچي وير اڳ لڳو. هوڏانهن
سندس پتا، خيالن ۾ ڦيري آڻڻ لاءِ شادي به ڪرايس؛ مگر کيس ڪنهن شيءَ مان به مزو نه
آيو. پوءِ ٻارين ٻچين وڃي امرتسر کان نڪتو، جتي گرو نانڪ جي سکيا مان لاڀ حاصل
ڪري، واپس وطن وريو. هينئر سندس عمر چاليهن ورهين جي لڳ ڀڳ اچي چڪي هئي. کيس شاهي
بازار ۾ ڪپڙي جو دوڪان به ورثي ۾ مليو هو، پر هن ان ڏانهن به توجه نه ڏنو؛ ۽ رهيل
جوت ۾ محبت واري جو ڳولهائو رهيو. وٽس ذات پات جي ڀيد ۾ ڌرم جي ٻنڌڻن جي پابندي
پسند نه هئي. پاڻ ڪڏهن مسلمان درويش جي صحبت ۾، ته ڪڏهن وري هندو ودوانن جي ساڌ
سنگت ۾ رهيو.
ڀائي چين راءِ، انهيءَ عمر ۾ ”سلوڪ“ ٺاهڻ شروع ڪيا، جيڪي سنسڪرت زبانن ۾ آهن. مٿس سوامي
مينگهراج جو ايترو ته اثر هو، جو پنهنجي سموري سلوڪن ۾ ”سوامي صاحب“ جو نالو آندو
اٿس. جيئن ته پاڻ انهن کي ڪنهن ڪتاب ۾ لکندو نه ويو، بلڪ ڪاغذن جي ٽڪرن تي لکندو،
ڀرسان پيل هڪ مٽ ۾ ويو وجهندو. سندس پٽ، ڀائي گهنشامداس اهي سمورا سلوڪ سموهي،
گرمکي اکرن ۾ لکرايا، جتان پوءِ ديوان راءِ بهادر ڪوڙي مل چندن مل لکياڻيءَ ، ۱۸۷۳ع ۾ وري عربي – سنڌي صورتخطيءَ
۾ قلمبند ڪرايا.
سامي صاحب جا سلوڪ هونئن ته تمام گهڻ چيل آهن، جيڪي
دستياب ٿي سگهيا آهن، انهن جو ڳاڻيٽو ٻه هزار هڪ سئو چيو وڃي ٿو. سمورا سلوڪ
ويدانيت جي ويچارن سان واحد جي واکاڻ ۾ آهن. منجهن ڌڻي تعاليٰ جي ويجهڙائي لاءِ
اهي سمورا مارگ (راز) واضح ڪيل آهن، جن تي ويدانيت جي عمارت جڙيل آهي. ازانسواءِ
سندس سلوڪن ۾ صوفين جيان ”پاڻ سڃاڻڻ“ تي وڏو زور ڏنل آهي، ايتري تائين جو هر شيءَ
۾ ايشور (خدا تعاليٰ) کي ساکي (سمجهي) ٿيو. هو طالب کي دنيا جي ٻنڌاڻن ۾ ڦاسڻ کان
سختيءَ سان نندي ٿو. ساڳئي وقت مسلمان صوفين جيان، هر انهيءَ شيءَ جو قائل آهي، ته
”خدا تعاليٰ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جستجو ۽ نيڪ عمل جي زياده ضرورت آهي.“
سندس سلوڪن ۾ ”ممتا مارڻ“، (خودي ختم ڪرڻ) ”مايا جي
موهه“ (دولت جي نشي) کان دور رهڻ، ”ڪام“ (شهوت)، ”ڪروڌ“ (ڪاوڙ)، ”لوڀ“ (لالچ)،
”موهه“ (هرکڻ)، ۽ ”اهنڪار“ (فخر ۽ وڏائي) جهڙن ويرن (دشمنن) کي وچ نه وجهڻ لاءِ وڌ
۾ وڌ تاڪيد ڪيل آهي. مثلا: هڪ هنڌ مايا بابت چيو اٿس:-
”مايا اچڻي
وڃڻي، ڪهڙي ڪهڙي ڀاءِ؛
ڪن جي دٻي رهي
ڌوڙ ۾، ڪن جي ساڙي باه؛
ڪن جي چور هڻي
ويا، ڪن لئه هاءِ هاءِ؛
سڦلي ٿيندءِ ساءِ؛ جيڪا ڏيندي
نانءِ ڌڻيءَ جي.“
مطلب ته سامي صاحب جي سکيا ويدانتي اصولن تحت هئي. هو هن
جهان کي فاني سمجهي، ايندڙ وقت جو اونو رکندڙ هو. هڪ اندازي مطابق ۱۸۴۹ع ۾ پرلوڪ پڌارڻ سان سندس عمر
هڪ سئو ستن ورهين جي لڳ ڀڳ چئي وڃي ٿي. سندس وقت جا همعصر ڪوي حضرت سچل سرمست رح (۱۷۳۹ع – ۱۸۲۹ع)، فقير قادر بخش ”بيدل“ رح (۱۸۱۴ع – ۱۸۴۲ع)، صوفي دلپت (۱۷۶۹ع–۱۸۴۹ع) ۽ گوئٽي (۱۷۴۹ع–۱۸۳۱ع) هئا. سندس سلوڪ اڄ به سنڌ
خواه هند جي مندرن ۽ منڊلين ۾ وڏي چاه وچان پڙهيا ۽ ڳايا وڃن ٿا.
(عظيم سنڌي انسان تان کنيل)
آئون سامي نالي جو چاھيندڙ آھيان، سندن سامي ڪردار جي خبر ھاڻ پئي، مونکي خوشي آھي اوھان سنڌي ادب کي اڳتي پيا آڻيو ۽ ھا زمانو پڙھندو ساميءَ کي ❣️
ReplyDelete