; سنڌي شخصيتون: ارشاد گلاباڻي - ڊاڪٽر ايوب شيخ

09 July, 2012

ارشاد گلاباڻي - ڊاڪٽر ايوب شيخ


ارشاد گلاباڻي
انسان دوست صحافي
ڊاڪٽر ايوب شيخ
سڀ کان اڳ، آئون ارشاد جي وني، ان جي سمورن مٽن مائٽن، ساڻس گڏجي ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪندڙ ساٿين، علي قاضي کان ويندي سمورن ڪارڪنن سان ڏُک ونڊيان ٿو ته سندن ولر مان هڪ مور اڏامي ويو. اسان جو دوست، سنڌ جي ايماندار ۽ محنتي صحافين منجهان هڪ، دوستن جو دوست، دلبريون ورهائيندڙ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هو روحاني طور جمهوريت پسند هيو.


ارشاد گلاباڻي جيڪو ڪراچي ۾ ويهن ورهين کان صحافي هيو، اهو ايماندار سنڌي صحافين جو نشان هيو. جڏهن به ايمانداري ۽ ثابت قدمي جي ڳالهه نڪرندي هئي ته پهرين نالن ۾ سندس نالو هوندو هيو. هن جا مون سان مائٽاڻا لاڳاپا هئا. اسان جو گهرن ۾ اچڻ وڃڻ هيو. ان ڪري ڏُک سُک ونڊيندا هئاسين، کلندا هئاسين، چرچا ڀوڳ ڪندا هئاسين، تبصرا ڪندا هئاسين ۽ تجزيا ڪندا هئاسين. ڪهڙي ڳالهه تي اڃا به وڌيڪ لکڻ گهرجي، ان جون صلاحون ڏيندو هيو. هڪڙي ڳالهه ۾ ايمان جي حد تائين سندس يقين هيو ته هر خرابي سياسي مرحلن جاري رهڻ سان ختم ٿيندي، ان ڪري هو آمريت جو هردم مخالف ۽ جمهوريت جو روحاني طور حامي ۽ وڪيل هيو.
هو پهريون ڀيرو جڏهن ڪراچي آيو هيو ته پهرين ڏينهن کان منهنجي واقفيت ۽ دوستي ٿي هئي. مون پهرين ڏينهن هن کي موٽر سائيڪل تي ويهاري سهراب ڳوٺ کان وٺي سمونڊ تائين ڪراچي جي سطح ۽ گهرائي، مواقفت ۽ منافقت، حمايت ۽ مخالفت، سهپ ۽ اَسهپ، ماڻهن جي روين، هتان جي عورتن جي نظر نه ايندڙ محبتن ۽ اڻ لکن ڄارن کان آگاهه ڪيو هيو. منهنجي ان سڄي ڏينهن جي ڪراچي گهمائڻ جو نتيجو اهو نڪتو، جو هو ڪنهن به دلبي ۾ نه ڦاٿو. ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ٿي ته گمراهين جا رستا ازخود بند ٿي وڃن ٿا. يا ماڻهو ان ۾ ڦاسڻ کان پرهيز ڪري ٿو، جيستائين سندس پنهنجو خيال نه هجي.
زندگي جي آخري ٻن مهينن ۾، مون سندس جاري بخار ۽ ان کي پونسٽان سان حل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. پر انسان، ننڍو وڏو بخار سهي وڃي ٿو ته پوءِ اهڙا مشورا غير ضروري محسوس ڪري ٿو. جڏهن ڊاڪٽر عنايت جي مدد سان هن جي سي ٽي اسڪيننگ ۾ “ڪئنسر” جو خدشو پيدا ٿيو هيو ته هو ان کي بخار کان اڳيان مڃڻ لاءِ تيار نه هيو. سول اسپتال جي SIUT ۾ داخل ٿيڻ ۽ اتي موجود ڊاڪٽرن پاران تشخيص کانپوءِ هن هڪ ڏينهن مون کي چيو ته ”ڪئنسر موجود آهي، هاڻي مقابلو ڪرڻو آهي.“ هن مون کي حسرتن مان ڏٺو هيو. مون کي سندس جدائي جون ريکائون چهري تي نظر اچي ويون هيون، پر اسان ۾ هڪ اڻ لکيل معاهدو هيو ته زماني جي ڏُکن تي ڳالهائي سگهجي ٿو، پر هڪٻئي سان ٿيندڙ وارتا جي باري ۾ اکر ڪُڇڻو ناهي.
هڪ ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سان گڏجي سول اسپتال وياسين. اتي هن پنهنجي بيماري بدران ڊاڪٽر اديب رضوي جي (ههڙي دور ۾ به) انتظامي ۽ خيراتي صلاحيتن تي ڳالهايو. سمورن ويٺلن جي ذهن ۾ ارشاد جا ”باقي ڪجهه ڏينهن هجڻ“ وارو خيال حاوي هيو.
رات جو مون کي فون ڪيائين. هن مون کي امر جليل جي ان ڪهاڻيءَ جو حوالو ڏنو ته ڪيئن اڳي نوجوان عشق جي ڪري ڪئنسر جهڙي مرض جيFantasy  ۾ مبتلا هوندا هئا ۽ ڇوڪريءَ سان عشق بدران ڪئنسر ملڻ جون دعائون ڪندا هئا. اها ڳالهه ڦيرائي، وري چيائين، ”وزير اعظم يوسف رضا گيلاني کي وڏي شان مان سان الوداع ڪرڻ گهربو هيو، ۽ ايوان صدر ۾ ان جي باري ۾ ڪي ڪلمات ضروري هئا.“
جڏهن ڊاڪٽرن سندس ڪئنسر زده گڙدي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ته هن فون تي مون کي چيو ته ”صبح کان رات تائين آپريشن، ان مان بحالي ۽ پوءِ آءِ سي يو ۾ رکندا، پاڻ ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ ملنداسين.“ هن جو آپريشن ٿيو. هو آخر تائين ICU مان نه نڪري سگهيو. ڪئنسر سندس گڙدي کان جگر پار ڪري ڦڦڙن ۾ ديرو ڄمايو ويٺي هئي. مٿان باقي بچيل گڙدي تي ذميداريون وڌي ويون ته ان به ڪم ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري. هڪ رات اڳ ڊاڪٽرن کيس وارڊ ۾ منتقل ڪرڻ جو کيس اطلاع ڏنو هيو. پر باقي بچيل گڙدي عين وقت تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، جنهن ڪري اميدون خاڪ ۾ ملڻ شروع ٿي ويون.
مون کي آخري فون تي ڪجهه لهسيل، ڪجهه ماٺيڻي ۽ ڪجهه حجت مان چيائين؛ ”سنگت تي بار آهن، مون کان وڌيڪ خطرناڪ مريض به خوش ٿي هليا ويا، آئون هتان جو ٿي ويو آهيان.“ هڪ ڪلاڪ کانپوءِ هن کي بيهوش ڪري ونٽيليٽر وسيلي آڪسيجن کڻڻ تي رکيو ويو. سندس گڙدي جي صفائي لاءِ ڊائليسيز ڪئي ويئي. ڦڦڙن آڪسيجن کڻڻ کان انڪار ڪيو ته مون سڄي سنگت کي ۽ ڪاوش جي مسٽر علي قاضي کي اطلاع ڏيئي ڇڏيو.
جمعي ڏينهن مون پردو هٽائي، ارشاد کي آخري ڀيرو جيئرو ڏسندي هن جي زندگي جا اهي ويهه سال ياد ڪيا، جيڪي اسان گڏجي گذاريا هئا، هڪ دوست ۽ فيملي فرينڊ جي حيثيت ۾. ارشاد گلاباڻي بقول ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي جي ته؛ ”هڪ انسان دوست صحافي جي مري وڃڻ تي هن کي بيحد ڏک آهي.“ هن جا پراڻا دوست ڊاڪٽر بخش علي سنڌي، ڊاڪٽر مرلي ڌر، ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر سميت صحافين ۾ سندس سوين دوست، ريڊيو، ٽي وي، اخبار سان سلهاڙيل ڪيئي سينئر پنهنجي مائٽن جهڙي دوست جي وڇوڙي تي ڏُک ۾ هئا. اهو ارشاد اسان جي ياد جي ذخيري جو نشان بنجي پيو آهي. سندس ڪُمهلي موت جي ڪري الاهي شيون اڌ ۾ رهجي ويون. هن جي زندگي ۾ آمريت کي هميشه لاءِ شڪست، هن جي ٻارن جي تعليمي طور ماهر ٿيڻ، ۽ سنڌي ماڻهن جو هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جو مالڪ ٿيڻ جا خواب سندس خواب هئا. شل سندس خوابن جي تعبير ٿئي.


ارشاد گلاباڻي

مهيش ڪمار
هو اسپتال داخل ٿيو هو. دوستن ۽ ڊاڪٽرن کيس همٿ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڪراچي جي وچ ۾ انسان دوست ڊاڪٽر اديب رضوي جي ڪوشش سان جوڙيل اسپتال جي ٻئين فلور تي هڪ صاف سٿري وارڊ ۾ داخل هن خوبرو نوجوان، اسان حيدرآباد مان آيل دوستن لالا رحمان سمون، اسحاق مڱريو ۽ منهنجو آڌر ڀاءُ وڏي گرمجوشيءَ سان ڪيو هو. پنهنجي طبيعت جي باري ۾ ٻڌائڻ کان اڳ هو اسپتال، ڊاڪٽرن جي رويي ۽ وارڊ ۾ داخل هڪ هڪ مريض جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائيندو رهيو. انهيءَ وقت مان خيالن جي دنيا ۾ وڃي سوچيندو رهيس ته هي ته اسان کي همٿ ڏياري رهيو آهي اسان کيس ڪهڙي دلجاءِ ڏيون.
اڄ جڏهن اسان سڀ اداس آهيون جڏهن ارشاد گلاباڻي اسپتال ۾ ۲۸ ڏينهن رهڻ بعد آخري آرامگاهه ۾ ستو آهي. باڪمال دوست هيو. مون سان زندگي ۾ گهڻو عرصو ناراض رهيو هو. ناراضگي، ڪاوڙ، پيار زندگي جا پاسا آهن جن کانسواءِ انسان ڪجهه به نه آهي. اسان جي پياري ساٿي جعفر ميمڻ جو حيدرآباد ۾ ايڪسيڊنٽ ٿيو هو. حيدرآباد جي اسپتال مان نااُميد ٿي جڏهن اسان کيس ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هيو، انهيءَ ڏينهن جڏهن اسان تمام گهڻا مايوس هئاسين اسپتال بعد اسان ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڏک ۽ غم کي غلطان ڪرڻ لاءِ آياسين ته ان ڏينهن شينهن انسان گلاباڻي سان نه وسرندڙ ڪچهري ٿي هئي. اسان جي دوست اسحاق مڱريو گلاباڻي سان خوب ڪچهري ڪئي هئي ۽ کيس صلاح ڏني هئي ته هو پنهنجي مٺڙي آواز ذريعي ريڊيو پاڪستان سان گڏ ٽي وي تي پڻ ڪم ڪري.
 اها شاندار ڪچهري هينئر بار بار ستائي رهي آهي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن ارباب چانڊئي فون ڪري ٻڌايو ته استاد بيمار ٿي پيو آهي سندس ڪجهه ٽيسٽون ڪرايون آهن جنهن ۾ خطرناڪ بيماري جا نشان مليا آهن پر اڃان ڪجهه ٽيسٽون رهيل آهن جن جو انتظار آهي. مون انهيءَ وقت گلاباڻي جي موبائيل نمبر تي رنگ ڪئي. فون پاڻ اٽينڊ ڪندي چيائين مهيش ڪهڙا حال آهن؟ مان هڪ لمحي لاءِ پريشان ٿي ويس سوچيم منهنجو آواز سڃاتو اٿائين يا سندس فون ۾ منهنجو نالو فيڊ ٿيل آهي. جيستائين مان سندس طبيعت جي باري ۾ کانئس پڇان، هو پاڻ ڳالهائيندو رهيو. مان بلڪل ٺيڪ آهيان ۽ جلد مڪمل ٺيڪ ٿي اوهان جي وچ ۾ هوندس ۽ ها مهيش ٻڌ اڄ کان توسان منهنجي ڀائپي آهي سڀ ڪاوڙ، رنجش ختم آهن تو مون کي فون ڪيو آهي ماڻهو جيئرو هوندو ته ڪاوڙ ۽ رنجش پيو ڪندو، اهو به پيار هوندو آهي. مان ان وقت لڙڪ هاري ويٺو هوس مون کيس فون تي ئي پيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
ارشاد گلاباڻي سان ۲۰ سالن جو ناتو رهيو. هو سدائين پنهنجي من اندر ۾ پيدا ٿيندڙ ڳالهيون بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي بغير ڪنهن خيال جي ته اهي ڳالهيون ڪنهن کي پيو چوان ڪندو هيو. سچ هن جي من اندر ۾ هيو، جيئن هو رقص ڪندي ماڻهن کي جهومائيندو هو، تيئن هو سچ ۽ ايمانداري جو سدائين رقص ڪندو رهيو، آخر سچ، حق ۽ ايمانداري جو رقص ڪندي اسان کان موڪلائي ويو آهي. اسان سڀ اداس آهيون، پر هن جي رقص کي سيني سان لڳائي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا جيئن هن جي من کي شانتي نصيب ٿئي.


ارشاد گلاباڻي

ھڪ روشني جيڪا وقت کان اڳ ختم ٿي وئي.
سنڌي صحافت هن ملڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهو اڄ جي ذهين پڙهندڙ کان ڳجهو نه آهي. ملڪي اخباري دنيا اڄ جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آمهون سامهون آهي. اها پنهنجو ڪردار جنهن بهادري سان ادا ڪري رهي آهي اهو به لڪل نه آهي. سنڌي صحافين جي هڪ ڊگهي فهرست ۾ هڪ نالو ارشاد گلاباڻي جو آهي. جيڪو شايد اڄ ماضي جي صيغي ۾ يعني ڪالهه طور استعمال ۾ اچي پر سچ اهو نه هوندو.گذريل ويهن سالن ۾ سنڌي نوجوانن جي هڪ وڏي حصي صحافت کي پنهنجي گذر جو وسيلو بڻايو. هيءَ اهو نسل هئو، جيڪو گهڻي ڀاڱي سياست جي ڪنڊن واري رستي تي هلي پنهنجي خوابن کي چڪنا چور ٿيندي ڏسي، صحافت ۾ پناهه وٺڻ آيو هو، اڳتي هلي هن ان پليٽ فارم تان پنهنجي ان پراڻي خواب کي ساڀيا ڏيڻ چاهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان خواب جي ساڀيا ڪيئن ٿي. البت ايئن ضرور ٿيو ته انهيءَ نوجوان لڏي هڪ اهڙي جنگ صحافت جي پليٽ فارم تان وڙهي، جيڪا خود سنڌ جي حقن جي جنگ هئي ۽ ان جنگ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ڪندڙ ارشاد گلاباڻي به هڪ سپاهي هو. صحافت کي ڪيئن استعمال ڪجي، خبر کي خبر ڪيئن بڻائجي اهو پتو ارشاد گلاباڻي، کي هئو. هڪ مڪمل صحافي هجڻ لاءِ جيڪا صلاحيت هجڻ گهرجي اها سنڌ جي گهڻن صحافين کان گهڻي گهڻي ارشاد ۾ موجود هوندي هئي. هن جي خبر هڪ خبر طور سنڌ جي سڀني طبقن توڻي ادارن ۾ پنهنجي قبوليت ماڻي چڪي هئي. ان ۾ اها ڳالهه به واضح هئي خبر، خبر آهي، اها صحافيءَ جي منشا يا سندس آئيڊل نه آهي. ارشاد ايئن ئي ڪيو. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته پڪ ئي پڪ هو هڪ چڱي موچاري ڪار ۾ گهمندڙ هجي ها ۽ هڪ ويڪري بنگلي نما فليٽ ۾ رهندڙ هجي ۽ ان سان گڏ ٻيا جيڪي گهربل لوازمات آهن، اهي ڪي نه ڪي ڌريون سندس جهولي ۾ وجهن ها! پر هي معصوم شخص ڪجهه دوست ۽ ڪجهه پڙهندڙ ئي ٺاهي سگهيو ۽ ڪجهه نوجوان صحافي جيڪي کيس پنهنجو استاد سمجهن ٿا ۽ سڏين ٿا، هيءُ يارن جو يار ۽ زندهه دل انسان پنهنجي دوستن تان قربان ٿيندڙ، ڪڏهن به اهو احساس ڪرائڻ وارو نه  هئو، هڪ وڏي اخبار جو صحافي آهي، جيتوڻيڪ سندس همعصرن، صحافي کان وڌيڪ هڪ وڏيري جو ڏيک ٿي ڏنو، پر ارشاد سدائين پنهنجي پيرن تي سوار ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي رستي تي روان،
ڪو وقت هئو هو اسان جي دوست ۽ ان وقت جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ  جي ايڊيشنل سيڪريٽري نذير قريشي جي آفيس کي پنهنجو مسڪن بڻائيندو هو، جيڪو سندس همراز به هو ته دوست به ته شامون سُنهريون ڪندڙ پڻ.
ارشاد گلاباڻي کي بيماري جو جيستائين پتو نه هئو، تيستائين هن جي کليل پيشانيءَ تي ڪڏهن  به گهنج محسوس نه ٿيو ۽ هڪ معجزي نما ڳالهه به آهي. هن جا هڪ نج سنڌي ڳوٺاڻي جي شهپرن جهڙا خوبصورت شهپر هن جي مرڪ کي ڪڏهن به لڪائي نه سگهيا. هن جا ٽهڪ ته هونئن به ٻڌڻ جهڙا هئا ۽ ايئن اچانڪ گهڻي وقت کان پوءِ اسين هڪ بس جي هڪ سيٽ تي هڪ ٻئي سان ملياهئاسين. هن جي چهري تي  اهائي ساڳي ڪشادگي، چپن تي ساڳي مرڪ، نذير قريشي جي ذڪر نڪرڻ تي هو اداس ٿي ويو هو ۽ پوءِ مسلسل ڪلاڪ کن هن ججيڪا ڪچهري ڪئي. ان ۾ هن جي اندر جي اداسائي ته ظاهر هئي. پر مان قسم سان چوان ٿو ته هن جي صحافت کان بيزاري به خوفناڪ حد تائين سندس زبان تي ظاهر ٿي هئي. هن جڏهن صحافت جو ذڪر ٿي ڪيو ته سندس چهري اداسائيءَ کان وڌيڪ حقارت ظاهر پئي ٿي آهي. پوءِ به هو زندگيءَ مان مايوس نظر نه ٿي آيو.
شايد هن محسوس ڪيو هو ته زندگي کانئس مايوس وئي آهي ۽ جنهن عمر ۾ زندگيءَ ساڻس بي وفائي ڪئي آهي. ان عمر ۾ محبوبائون به بي وفائي نه ڪنديون آهن. شايد دنيا جي عاشقن ۽ فلسفين تڏهن ئي چيو آهي ته ”زندگي بي وفا محبوبا آهي“. سچ ته اهو آهي ته ارشاد سان زندگي جي بي وفائي ڏسي بيحد اداس ٿي وڃجي ٿو پر گهڙيءَ لاءِ اهو به سوچڻ گهرجي ته زندگي فقط هڪ ڀيرو ملي ٿي ان سان به ڪجهه نڀائڻ گهرجي ۽ ان جون به ڪي گهرجون آهن. جن کي پورڻ ڪرڻو ٿو پوي. جنهن ڏانهن ارشاد جو ڌيان گهٽ ئي ويو ٿي. اڄ جڏهن هو سدائين لاءِ هليو ويو آهي. تڏهن دل اهو قبول ڪرڻ لاءِ راضي نٿي ٿئي ته هو هميشه لاءِ هليو ويو آهي. هو برابر هليو ويو آهي پر هو پنهنجي دوستن جي اکين ۽ دلين ۾ سدائين رهڻو آهي. سنڌي صحافت جي فهرست واري لسٽ جي  پهرين نالن ۾ هن جو نالو هوندو. هو پنهنجي اولاد جي نئين روپ ۾ رهڻو آهي ۽ انهن ماڻهن کان ته هو ڪڏهن ڪو نه وسري سگهندو. جن جي اهنجن ۽ آزارن کي دور ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي قلم کي استعمال ڪيو ۽ پنهنجو نالو هڪ سنڌ دوست صحافيءَ طور سڃاڻپ لاءِ پويان ڇڏيو.



ارشاد گلاباڻي
جنھن مون کي لفظ ڇانڀي جي معني سيکاري
اسحاق مڱريو
هونءَ هو هميشه دُنگي جي چوٽ تي ڏئونڪو وڄائي ڳالهه ڪرڻ جو عادي هو، پر ايڏي ڳالهه، هو ڪرڻ جي بدران ڇانڀيءَ ۾ سڀ ڪجهه چئي روانو به ٿي ويو. ڪالهه ڪالهوڻي ڳالهه آهي جڏهن هو سانگهڙ ۾ مشاعري جي رپوٽنگ لاءِ آيو هو. جتي اسان هن کي جيم خانه ۾ ٿيندڙ مشعري وٺي وڃڻ جي بدران سانگهڙ ڪاليج جي اڳيان دولي واري هوٽل تي چانھ پيارڻ لاءِ ٻه ڪلو ميٽر پري ويا هئاسين. هن پنهنجي حيدر آباد ۾ صحافي ٿيڻ ۽ ان جي پس منظر واريون خبرون ٻڌايون پئي.
شهدادپور جي اسلام آباد محلي جو رهواسي ارشاد گلاباڻي ٽيڪسي ڊرائيور مٺي خاصخيلي جي گهر ڄائو. (ان وقت چاچي مٺي خاصخيلي وٽ ٻه وليز جيپون هيون.) شهدادپور هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي ۽ ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪامرس ۾ ڪيو. سنڌ يونيورسٽي مان گريجويشن ڪئي. جيتوڻيڪ ڪامرس پڙهڻ جي باوجود هن جو واپار ۽ تجارت ڏانهن دلچسپي جي بدران ڪامريڊ ڪارل مارڪس واري اقتصادياتي نظرئي قدر زائد ۾ هن جي دلچسپي وڌي وئي اهو ئي سبب هو جو هو شهدادپور ڪاليج ۾ پهريون ڊي ايس ايف (ڊيموڪيٽڪ شاگرد فيڊريشن) جو آرگنائيزر مقرر ٿيو. هونءَ هو ھيو ته آدرشي سياسي ورڪر پر حادثاتي طور تي وري صحافي ٿي ويو. هن جو صحافي ٿيڻ به ائين ئي حادثاتي ڳالهه هئي جيئن ڪو مسافر ڪنهن ملڪ ۾ ويندي اچانڪ بادشاه بنجي وڃي. ان کان اڳ ۾ هو اهڙي ئي طريقي سان روشني اسڪول جو ماستر ٿي ويو هو. هن انهيءَ ماستري واري ڳالهه کي به بلڪل بادشاه ٿي وڃڻ وانگر انجواءِ ڪيو هو. ٽنڊو آدم ويجهو ڳوٺ ميرحسن مريءَ ۾ هو روشني اسڪول جو ماستر ٿيو هو، اتي ڊيوٽي تي وڃڻ کان پوءِ هن تي پهريون دفعو اها ڳالهه هڪ الهام وانگر صادر ٿي هئي ته هتي ته واه جو سياسي ڪم ٿي سگهي ٿو. صفا ملڪ ڪورو لڳو پيو آ. پوءِ هن ماستري واري نوڪري کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي سيل گروپ ۾ انهيءَ نوڪري واري ڳوٺ ۾ هن جا وڌي ويل ڪانٽيڪٽ رپورٽ ڪيا هئا. هن کي پنهنجي وڌي ويل سياسي ڪم جي ڪري روشني اسڪول جي نوڪري ۾ کيس ڏاڍو مزو اچڻ لڳو هو. هن جو سياسي ڪم به وڌڻ شروع ٿيو هو ۽ هن کي هاڻ پهگار به ملڻ لڳو هو. هو ڏاڍو متحرڪ سياسي ورڪر هو. هن تي ڇتي ڪوري جي ڊيگھ ڪرڻ وارو ڪو دوستن پاران نالو ڏنل ڪو نه هو. پر هن کي هر ڳالهه تفصيلي طور تي ڪرڻ جي ڄڻ ته عادت هوندي هئي. هن جي اها عادت وڌي وڻ ٿيڻ جي پويان هن جون ڳوٺن ۽ ٻين هنڌن تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ پنهنجي طبقاتي سياست سمجهائڻ واريون تقريرون هونديون هيون. جيتوڻيڪ هن جا دوست هميشه هن جي انهيءَ مڪمل تفصيلي ڳالهائڻ واري انداز تي تنقيدون به ڪندڙ هئا. پر هن جو اهو انداز نه رڳو سياست ۾ پر پوءِ صحافت ۾ هر خبر مڪمل تفصيلن سان ڏيڻ ڪري هن جي انهيءَ انداز کي پسند به ڪيو ويو. اصل ۾ هن جي انهيءَ تفصيلي ڳالهه ڪرڻ واري انداز تي هن جا دوست هن جو شادي کان پوءِ هني مون تي لاهور ۽ ڪوھ مري وڃڻ کان پوءِ هن جو 15 ڏينهن واري پروگرام جي تفصيلي ڳالهه ڪرڻ هئي. اها ڳالهه پوءِ به هن ڪئين سالن تائين ٻڌائي وڃڻ ۾ ڪاميابي ماڻيندو رهيو. هن جو ڏوھ ڪو نه هو. پر هن جو واسطو به وڏن واتن سان پيل هو. هن جي دوستن جو هن وانگر هني مون نه ڪري سگهڻ وارو ساڙ هو يا ڪو ٻيو سبب پر هن جي اهڙي ٻڌائي ويندڙ ڳالهه تي، هو کيس ٽوڪيندا ڏاڍو هئا. چوندا هئس ته هاڻ ته ايڏا ڏينهن ٿي ويا اٿئي، لاهور مان ته نڪر، پر هو حرام جو هنن جي اهڙين ڳالهين اڳيان هار مڃي. هو پنهنجن شهپرن کي هٿ هڻي چپن تان هٽائي اڳيان ٻه ڏند ڪڍي چوندو ته اڃان لاهور ۾ ٽن ڏينهن دوران ڪامريڊن سان ٿيل ڪچهريون ته ڪيون ئي نه آهن. پوءِ وري زيرو کان شروع ٿيندو هو. پوءِ هن جا دوست کيس ڳالهين ۾ ٽوڪڻ جي بدران فزيڪلي هٿ جي پنجن آڱرين سان گفتگو ڪري هن جي تفصيلي ڳالهه کي بريڪ هڻائڻ ۾ ڪامياب ويندا هئا. (سيوٽ ۾ بيماري جي بستري تي ساڻس ٿيل آخري ملاقات دوران به هن اسان سان هر موضوع تي جيڪا ڪچهري ڪئي اها به مڪمل تفصيلي هئي)
”دهل وڄي ۽ دوسو بيهي“ واري ڳالهه به گلاباڻيءَ تي سئو سيڪڙو ٺهڪي اچي ٿي. سياسي جلسا هجن يا ثقافتي پروگرام هجن، ڪلام لڳو ته هو نچڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو هو. هو ڀلوڙ سنڌي ناچ نچي سگهندو هو. فيض ميلي لاهور ۾ ته هن وڻ وڄائي ڇڏيا هئا. فيض احمد فيض جي ميلي جي حوالي سان ريلوي گرائونڊ ۾ ٿيندڙ پروگرام ۾، پنجاب جي وڏن دهلن جي وڄت واري ٿاپ جي پسمنظر ۾ اجرڪ جي ٻڌل پٽڪي سان اهڙو ته ناچ نچيو جو پوءِ ته ڪئين ڏينهن تائين پي ٽي وي پئي اهو ناچ ڏيکاريو. هن ملڪ ۾ حڪمرانن جي اچڻ ۽ وڃڻ سان منصوبا ايندا ۽ ويندا آهن. اهڙي ريت مرحوم محمد خان جوڻيجي جي وزارت عظمه ختم ٿيڻ کان پوءِ روشني اسڪولن واري اسڪيم پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي. هن جي انهيءَ روزگار ملڻ واري ڏاٺ کڙڪي کان پوءِ گلاباڻي لاءِ هاڻ بنان پهگار جي رهڻ ڏکيو ٿي پيو هو. انهيءَ زماني ۾ اخباري ملڪن وٽ اهو خيال پختگي سان ويٺل هو ته کاٻي ڌر جو سياسي ورڪر سٺو صحافي ٿي سگهي ٿو. اهو ئي سبب هو جو هو واسا جي مليل عارضي نوڪري دوران صحافت ۾ وڃي لڳو هو. هو ڏاڍي محنتي ۽ سجاڳ ذهن رکندڙ صحافي هو. انهيءَ سبب جي ڪري ئي هو ٿوري عرصي ۾ پهرين صف جي صحافين واري قطار ۾ اچي بيٺو هو. ان جي باوجود هن نه ڪڏهن اخباري ڪارڊ ٺهرايو ۽ نه وري صحافتي وزيٽنگ ڪارڊ ٺهرايو هو. هن جي اهڙي اجائي ڏيک ڏيکاءَ سان نه پوندي هئي. هن اي ميل ۽ فيس بوڪ اڪائونٽ به نه ٺاهيو هو. بظاهر هو جڏهن پنهنجن مڇن کي هٿ جي ترين سان مهٽڻ ۾ مصروف هوندو هو ان وقت هو ڪنهن خبر جي تهه تائين پهچي چڪو هوندو هو. هو ايڏو ته سجاڳ ذهن صحافي هو جو چئن لائينن واري هينڊ آئوٽ مان ليڊ جي خبر ڪڍي وٺندو هو. هڪ دفعي ته هن صفا ڪمال ڪري ڇڏيو هو. ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به صحافيءَ کي ان ڳالهه جي ٻيٽ نه پئي هئي. لياقت جتوئي جي وڏ وزارت وارن ڏيهن کان پوءِ جڏهن اچانڪ غوث علي شاه وزير اعظم جو سنڌ بابت خاص صلاحڪار ٿي وڏي وزير طور سي ايم هائوس اچي سنڀاليو هو. انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته، جيل جي اڳوڻن قائدن جي هڪ شق ۾ تبديلي ڪرڻ وارو هيند آئوٽ هر اخبار جي آفيس ۾ فيڪس ٿي پهتو. جيل جي جنهن شق ۾ تبديلي واري ڳالهه ڪيل هئي، هينڊ آئوٽ ۾ رڳو ان شق جو نمبر ڏنل هو ته ان ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. جيئن جوڳين کي زمين ۾ پوريل نانگ جي بوءِ اچي ويندي آهي اهڙي ريت گلاباڻي کي پڻ ڪنهن اکر مان وڏي خبر جي بوءِ اچي ويندي هئي. ڪراچيءَ ۾ هي اڪيلو صحافي هو جنهن ان تبديل ٿيندڙ شق بابت معلومات هٿ ڪئي ۽ انهيءَ جي بنياد تي ٻئي ڏينهن اها ليڊ اسٽوري طور هن جي اخبار ۾ ڇپيل هئي. اصل خبر اها هئي ته تبديل ڪئي ويندڙ شق، قيدين جي پيرول بابت هئي. جنهن ۾ پيرول تي ويندڙ قيديءَ بابت شق کي تبديل ڪيو ويو. انهيءَ جي بنياد تي ايم ڪيو ايم حقيقي جي جيل ۾ پيل قيدين کي پيرول تحت (جنهن ۾ گهرو وزير جي ٻئي حڪم تائين قيدي جيل کان ٻاهر آزاد رهڻ قرار ڏنل هو) ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. انهيءَ تھ تائين پهچڻ کان پوءِ اهڙن سمورن قيدين جي آزاد ڪرڻ بابت خبر ڏئي چڪو هو. هو جيتوڻيڪ پهرين صف جو صحافي هو، پر انهيءَ جوڙ جي صحافين ۾ جيڪي ٻيون بيماريون اينديون آهن، انهن سمورن معاملن کان هن پنهنجي پاڻ کي عورت جي ڪنواپ وانگر بچائي رکيو هو. هن جي ملڪ جي صدر کان وٺي وزير اعظمن تائين ڪئين وڏن وزيرن سان ذاتي طور تي ڀلا تعلقات هئڻ جي باوجود ڪڏهن به ڪنهن کان ذاتي فائدي وارو ڪم نه ورتو هو. ملڪ جي صدر آصف زرداري کي اسيري دوران سڀ کان وڌيڪ هن رپورٽ ڪيو هو. هو قيدي جي مائٽ وانگر، رپورٽ ڪرڻ لاءِ هر شنوائي تي ويندڙ هو. اهو ئي سبب آهي جو صدر زرداري هن کي ذاتي طور سڃاڻيندو آهي. محترمه جي ٻئي دفعي واري وزارت عظمه جي معطلي کان پوءِ آصف زرداري ڪئين ڪيسن کي ڀوڳڻ لاءِ ٻيهر جيل ۾ هو. آصف زرداريءَ جو اسيري دوران اهو اسٽائيل هو ته جنهن صحافي سان هو ٺهي ٿو ان سان ئي هو ڪچهري ڪندو. نه ته نه. انهن ئي ڏينهن ۾ ڪنهن شنوائي تي اچڻ دوران هو گلاباڻي سان بيلاگ انداز ۾ سياسي بحث طور ڪچهري ۾ مصروف هو. جنهن ۾ گلاباڻيءَ کيس سندن حڪومت وارن ڏينهن جون ڳالهيون ياد ڏياريندي چيو ته اوهان فاروق لغاري سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو ان ڪري هو اوهان کي ڇڏي ويو. ان ۾ هن جي پارٽي سان غداري واري ڳالهه نه آهي. گلاباڻيءَ آصف زرداري کي هٿ جي آڱر لوڏيندي ڏيکاري ۽ چيو ته هن اسٽائيل ۾ صدر فاروق لغاريءَ کي سڏيندا هئائو، ته او فارق! ان ڳالهه تي آصف زرداري هٿ جي آڱر گلاباڻي ڏي ڪندي چيو يار اها پروپگنڊا آهي. زرداري گلاباڻي ڏانهن آڱر ڪندي چيو ته ائين ته مون ڪڏهن تو کي به نه سڏيو آهي فاروق لغاري کي ڪئين سڏيندس. زرداريءَ جو هن ڏانهن ائين آڱر ڪري ڳالهه ڪرڻ ۽ گلاباڻيءَ جو ميٽر گهمي وڃڻ. هن ٺھ پھ آصف زرداري کي چيو ته تون مون کي ائين آڱر سان اشارو ڪري آخر ڇو سڏيندين؟ اهڙو مثال ڇو ڏنئي. ائين چئي هو اٿي هليو ويو ۽ ڪئين شنواين تي هو وٽس نه ويو. جنهن تي آصف زرداري ماڻهو موڪلي هن سان وضاحت ڪئي ۽ چيو ته ٻروچ اسين آهيون پر تون ته اسان کي به ماري وئين.
منهنجي ساڻس دوستي معصوم سانگهڙائي جي ڪري ٿي. هو معصوم جو دوست هو. ان ڪري هو مونکي هميشه احترام سان ادا اسحاق ڪري مخاطب ٿيندو هو. ان جي باوجود به هو پنهنجي فرينڪنيس ۽ چرچائي طبيعت موجب هن مون تي ڇانڀي نالو رکيو هو. ان کي سڄي سنگت ۾ مشهور به ڪري ڇڏيائين. اهو ڀوڳ وارو نالو رکڻ جو هن سڀني کي سبب به ٻڌايو هو. آئون ڪنهن تي سڌو سئون تبصرو ڪرڻ جي بدران ان جي هلڪي قسم جي ڳالهه ڪرڻ جو عادي رهيو آهيان. منهنجي انهيءَ اسٽائيل کي بنياد بنائيندي هن ڇانڀي نالو رکيو. هن ان نالي جي تشريح به اسان جي سنگت کي ٻڌائي هئي. هڪ دفعي ڪٿي دهل وڳو پئي، ان کي وڄائڻ واري وٽ هڪ هٿ ۾ ڏئونڪو هو ۽ ٻئي هٿ ۾ هلڪي تلهڙ واري ڪاٺي هئي، جنهن کي ڇانڀي چئبو آهي. هن انهيءَ لمحي سڀني دوستن کي سڏي ڇانڀي ڏيکاريندي چيو ته؛ هي اٿانو ادا اسحاق!

Published on 8th July 2012 in Daily Sindh Express.

No comments:

راءِ ڏيندا