; سنڌي شخصيتون: October 2011

28 October, 2011

تاج صحرائي

تاج صحرائي

سنڌ جو برک اديب ۽ محقق

تاج جويو



تاج صحرائي ۲۰ صديءَ جو سنڌ جو برک اديب، شاعر، قديم آثارن جو عالم ۽ محقق ٿي گذريو آهي. هن جو اصل نالو تاج محمد ولد نورمحمد ميمڻ هو ۽ ۱۱ سيپٽمبر ۱۹۲۱ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو هئائين. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪيائين. ان وچ ۾ ٻه ٽي ڀيرا هندستان جا چڪر هڻي آيو، ڇو ته ننڍپڻ کان کيس سير سفر جو وڏو شوق هوندو هو.

تاج صاحب مئٽرڪ ۱۹۴۲ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور مان ڪئي. ان کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيو ۽ بي اي ۽ بي ٽي جا امتحان اُتان پاس ڪيائين.

استاد فيروز گل - روشن جي


استاد فيروز گل
سنڌ جو موسيقارِ اعظم
 روشن جي

صدارتي ايوارڊ يافته موسيقار ۽ گلوڪار استاد مرحوم فيروز گل صاحب جو تعلق راجستان جي جيسلمير گهراڻي سان هو. جيسلمير جي گهراڻي جي فني ۽ موسيقي جي علمي صلاحيت جي متعلق شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شعر جي هڪ مشهور سٽ آهي ته:“جُتي جيسلميران آندي استادن”.

16 October, 2011

حاجي الله بخش ”سرشار“ عقيلي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حاجي الله بخش ”سرشار“ عقيلي [1907ع – 1971ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حاجي الله بخش ”سرشار“ ولد حافظ محمد صديق عقيلي ، 23 شعبان 1325 هه مطابق 21 جنوري 1907ع تي ٺٽي ۾ تولد ٿيو. سندس والد وڏو متقي ۽ پرهيزگار شخص هو ؛ جنهن جو شمار اوائلي انگريزي پڙهيل مسلمانن ۾ ٿئي ٿو ۽ قائداعظم محمد علي جناح (1876ع – 1948ع) جو هم ڪلاسي هو ؛ ۽ ان وقت ڪراچيءَ ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلارڪ هو. الله بخش سندس وڏو فرزند هو ؛ جنهن پنهنجي تعليم جو آغاز سنڌ مدرسي ڪراچيءَ کان ڪيو. گهرو ماحول ۽ والد بزرگوار جي صحبت ۾، کتري مسجد جهونا مارڪيٽ ڪراچيءَ جي مدرس، مولانا سيد محمد ظهير الدين قادري بغداديءَ وٽان ديني درس به ورتائين. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه عربي ڪتاب به سندس مطالع هيٺ رهيا. ان وقت سندس عمر سورهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي.

حاجي خان محمد چنجڻي

حاجي خان محمد چنجڻي

 [۱۸۳۱ع – ۱۹۰۷ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

 


حاجي خان محمد عرف ”خانڻ“ ولد مير محمد چنجڻي، ضلعي لاڙڪاڻي (ھن وقت قنبر-شھدادڪوٽ ائٽ قنبر)، تعلقي واره جي ڳوٺ؛ ”ميان داد چنجڻي“ ۾ ۲ شعبان ۱۲۴۷ هه مطابق ۸ آڪٽوبر ۱۸۳۱ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مڪتب مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ مولانا نور محمد ميڪڻ (۱۷۷۸ع – ۱۸۷۸ع) ۽ سندس فرزند، عمدت العلماءُ مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي رح جي مدرسي مان فارسي ۽ عربيءَ جا ڪجهه ڪتاب پڙهيو. عام طرح سان کيس ”حاجي خانڻ“ جي نالي سان سڏيندا هئا.

حاجي علي بخش جمالي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حاجي علي بخش جمالي [ولادت 3131 هه = 1912ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حاجي علي بخش ولد ڪريم بخش جمالي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”بچل مهيسر“ ۾ 1331 هه مطابق 12 اپريل 1912ع تي تولد ٿيو. ٿوري پرائمري تعليم مليل اٿس. غالباً 1930ع کان مولوي غلام رسول جتوئي جي رهبري هيٺ شعر طرف توجه ڏنائين. هينئر خدا جي فضل سان سنڌي زبان جو مڃيل شاعر تسليم ڪيو پيو وڃي. ڪي قدر پاڻ سرائڪي زبان تي به طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس ڪلام ۾ مداحون، ٽيهه اکريون، مولود، وايون، ڪافيون، قطعا، رباعيون، دوها ۽ غزل وغيره شامل آهن. سنڌي زبان ۾ سندس ”ديوان“ به ترتيب ڏنل آهي ؛ جيڪو اڃا ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهي. خدا ڪري ڇپجي پوي.

حاجي محمود ”خادم“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حاجي محمود ”خادم“ [1895ع – 1960ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

مخدوم الشعراءُ“ حاجي محمود ”خادم“ ولد محمد بچل تونيو، 1313 هه مطابق 4 جنوري 1895ع تي ؛ ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ ”بٺي“ ۾ ڄائو. سپر وائيزنگ تپيدار ٿي رٽائر ڪيائين. شعر جي سلسلي ۾ ”خادم“ تخلص ڪم آڻيندي ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ کي پنهنجو استاد ڪري ورتائين.

حافظ امام بخش سومرو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حافظ امام بخش سومرو [1895ع – 1968ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

999 حافظن جو استاد، حافظ امام بخش ولد مولانا محمد ابراهيم سومرو، انهن بزرگ هستين ۾ شمار ٿئي ٿو؛ جن جي علمي حڪمت رهنديءَ دنيا تائين قائم رهندي. ربيع الاولد جي 12، 1313 هه = 11 آگسٽ 1895ع جي سج ۾ ڳوٺ ”گل محمد تونيو“ (تعلقو ڏوڪري) ۾ اک کولي. ابتدائي استاد آخوند عبدالرحمان تونبو ۽ قرآن پاڪ جو حفظ، حافظ امام الدين ، حافظ محمد يونس ۽ حافظ محمد قاسم سومري قمبراڻيءَ جن وٽان ورتائين. مولانا غلام صديق ميڪڻ شهداد ڪوٽي رح وٽان عربي ۽ فارسي ڪتاب پڙهي فارغ التحصيل ٿيو. دادو ڪئنال جي ساڄي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ هارون تونيو ۽ گل محمد تونيو ۾ درس و تدريس ڏيندو رهيو. فقہ جو به خاصو درس ورتل هوس. قادري طريقي ۾ راڻيپور واري سيد محمد صالح شاه جو معتقد ۽ عمدت العلماءُ ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح سندس محسن هو. سندس صحبتين ۾: مولوي محمد قاسم مشوريءَ جو نالو ورتو وڃي ٿو. هن مستخاب الدعا درويش، 73 بهارون ڏسندي، دادو ضلعي جي سول اسپتال ۾، حادثي دوران، 15 جمادي الثاني 1388 هه = 9 سيپٽرمبر 1968ع تي راه رباني ورتي ۽ هينئر پنهن جي مدرسي ۾ آرامي آهي.

حافظ حامد ميمڻ ٽکڙائي- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حافظ حامد ميمڻ ٽکڙائي [1823ع – 1896ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ٽکڙ، علم ادب جي دائري ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ جو هن شهر جي عالمن جيڪو علم ادب ۾ چاه ورتو ؛ تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اهڙن املهه ماڻڪ موتين ۾، حافظ حاجي حامد ولد محمد هاشم ميمڻ جو نالو به ورتو وڃي ٿو. سندس ولادت 22 ربيع الاول 1239ع هه مطابق 15 آڪٽوبر 1823ع تي ڳوٺ ٽکڙ ۾ ٿي. پاڻ اڃان ٽن ورهين جو مس ٿيو، ته ماتا جي بيماريءَ سندس اکين ۾ اوندهه آڻي ڇڏي. بس ، پوءِ ته سمجهه ڀري ٿيڻ سان ئي نور جهڙي نرمل نعمت جو احساس وٺندي، راتيان ڏينهان روڄ ۽ راڙو ڪندو رهيو. انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ آخوند امام الدين ڀنڀري وٽان اٺ سيپارا حفظ ڪري، باقي ٻاويهه سيپارا مديني شريف وڃي پورا ڪيائين.

حافظ حيات شاهه ”حافظ“ -ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حافظ حيات شاهه ”حافظ“ [1875ع – 1955ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حسيني ساداتن جي پري مان، حافظ حيات شاه ”حافظ“ عرف سيد غلام حيات النبي شاه ولد سيد مير عالم شاه، پنهنجي ناناڻي وطن ۾ 18 ذوالحج 1292 هه مطابق 7 سيپٽمبر 1875ع تي صوبي پنجاب جهنگ ضلعي ۾ تولد ٿيو. سندس والده سرداران بيبي، نهايت نيڪ نفس، نيڪ سيرت ۽ هڪ دورانديش عورت هئي. پوءِ ته کيس ڏاڏاڻي ڏيهه ”سعيد پور“  ڏانهن نيو ويو، جتي سندس پرورش ٿيندي رهي.

حافظ عبدالله ”بسمل“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حافظ عبدالله ”بسمل“ [1886ع – 1950ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ٽکڙ جي شاعرن ۾ حافظ محمد عبدالله ”بسمل“ ولد علامه حافظ محمد يوسف سهتي جو نالو نه وٺڻ، سنڌي ادب ۾ خال پيدا ٿيندو. سندس ولادت 4 شوال 1302 هه = 2 اپريل 1886ع تي ضلعي حيدرآباد جي ننڍڙي ڳوٺ ”ٽکڙ“ ۾ ٿي. شروعاتي تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽان ورتائين، جتان قرآن پاڪ ناظران سان گڏ فارسي ۽ ڪجهه سنڌي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. عربي تعليم علامه اسدالله شاه وٽان ورتائين. قرآن پاڪ جو حفظ، حافظ محمد هارون ”دلگير“ وٽان ڪيائين.

حافظ ميان محمد صديق رح -ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حافظ ميان محمد صديق رح [1827ع – 1890ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

عمدة العلماءُ، حافظ ميان محمد صديق ولد عبدالله پنهور، 18 محرم الحرام 1243 هه مطابق 22 جون 1827ع تي، ضلعي سکر ڳوٺ ”ڀرچنڊي شريف“ تولد ٿيو وڏو عابد، با شريعت عالم ۽ زاهد الزمان بزرگ هو. اسلام جي برتري ۽ فضيلت سندس مکيه متو هو. خدا شناسي ۽ بزرگي ديسان ديس مشهور هئي. قادري طريقي سان منسلڪ رهندي، هزارين انسانن کي فيضياب ڪيائين. مخدوم احمد يار خان مهر، مولانا سيد تاج محمود امروٽي، مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايوني رح جهڙا جيد عالم، بزرگ شاعر ۽ صاحب - فيض به سندس دروازي جا پانڌيئڙا هئا. هي قديم وضع بزرگ، ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾، تاريخ 21 رمضان المبارڪ 1308 هه مطابق 14 آگسٽ 1890ع تي هن دارالفانيءَ مان دارالباقيءَ ڏانهن راهي ٿيو. سندس آخري آرامگاه ڀرچنڊي شريف ٿيو. هن بزرگ کي حنفي فقہ ۾ تمام وڏو درڪ ۽ ملڪو حاصل هو، جو سوين مسئلا حنفي مذهبي جي قانون کي سامهون رکي، پنهنجي اجتهاد سان حل ڪندو هو ۽ ان وقت جا علماءَ سڳورا سندس فتويٰ اڳيان بنا ڪنهن چون و چرا جي گردن خم ڪندا رهندا هئا. سندس فتوائون ايتريون ته جاري ٿينديون هيون، جو انهن کي سندس شاگرد گڏ ڪندا رهيا، تان جو ٽن وڏن جلدن ۾ جمع ٿي ويون.


حافظ محمد ”احسن“ چنا


حافظ محمد ”احسن“ چنه
(ولادت ۱۳۱۸ھ۱۹۰۰ع)
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
”استاد الشعراءِ“ حافظ محمد ولد جمع خان چنه صاحب، ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. سندس ولادت، دادو ضلعي جي ڳوٺ ملڪاڻي شريف ۾ ۱۳۱۸ مطابق ۱۲ اپريل ۱۹۰۰ع تي ٿي آهي. شروعاتي عربي ۽ فارسي سکيا، علامه غلام محمد صاحب ملڪاڻين واري وٽان حاصل ڪيائين. پاڻ قرآن پاڪ جو به حافظ آهي. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد، سال ۱۹۱۸ع ڌاري ڳوٺ ۾ مدرسه اسڪول قائم ڪندي، شاعريءَ طرف به توجه ڏنائين.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حڪيم فتح محمد سيوهاڻي [1882ع – 1942ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

حڪيم فتح محمد ولد خليفو ميان محي الدين صديقي، سيوهڻ شريف ۾ 1300 هه مطابق 1882ع ۾ ڄائو. پنهنجي فياضي ۽ فضيلت سببان پوريءَ سنڌ ۾ مشهور هو. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن وڏي ڄاڻ هيس ۽ ساڳئي وقت حديث، تفسير، تاريخ، ادب ۽ شعر و شاعريءَ ۾ پڻ خاص مهارت حاصل ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ جن مڪرم فاضل عالمن جون خدمتون حاصل ڪيائين ؛ انهن مان ؛ مولوي محمد عمر چنو، مولانا عطاءُ الله پيروز شاهي، مولانا عبدالرئوف بختيار پوري ۽ مولانا محمد صديق سولنگي سيتائيءَ جا نالا قابلِ ذڪر آهن. سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ صحافت کي به اپنايائين. اصلاحي، سماجي ۽ سياسي مضامين تي مشتمل 1925ع ۾ ”الجامع“ ماهوار رسالو ڪڍيائين؛ جنهن ۾ سنڌي مسلمانن کي جديد علوم جي مفيد معلومات ميسر ڪندو رهيو.

حمل فقير لغاري -ميمڻ عبدالغفور سنڌي


حمل فقير لغاري [1809ع – 1878ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ميراڻي دور جو هي مشهور عوامي شاعر، فقير حمل ولد رحيم خان لغاري، بلوچ قوم جي سير ڪاڻي قبيلي جي ”بهلولاڻي“ پاڙي ۾، 13 ذوالحج 1225 هه مطابق 28 فيبروري 1809ع تي، خيرپور رياست ۾ ڄائو هو. سندس وڏن ديري غازي خان مان لڏي، سنڌ ۾ خيرپور رياست جي ڳوٺ ”خان پور“ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. حمل فقير پاڻ ڀري ٿيڻ سان، نوابشاهه ضلعي جي تعلقي سڪرنڊ ڏانهن لڏي، ڳوٺ ”ميوي خان لغاري“ ۾ وڃي رهيو.

خانبهادر حسن علي آفندي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خانبهادر حسن علي آفندي [1830ع – 1896ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

خانبهادر حسن علي آفندي ولد ميان محمد احسان آخوند، 14 ربيع الاولد 1246 هه مطابق 7 آگسٽ 1830ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ ئي پدري شفقت کان محروم ٿيو؛ جنهن ڪري وڏي ڀاءُ، اميد عليءَ جي هٿ هيٺ تعليم پرائڻ لڳو. ان وقت جي رواج مطابق، پهريائين شهر جي کتابخاني مان قرآن پاڪ ناظران سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسيءَ جو درس به ورتائين.

خانبهادر محمد ايوب کهڙو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خانبهادر محمد ايوب کهڙو [ولادت 1319هه= 1901ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ضلعي لاڙڪاڻي جو بااثر زميندار ۽ نامور سياستدان، خانبهادر محمد ايوب ولد رئيس شاه محمد کهڙو، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”عاقل“ ۾ 4 شعبان 1319 هه مطابق 21 جولاءِ 1901ع تي تولد ٿيو. سندس والد وڏو خوشحال، متقي ۽ ديانتدار شخص هو؛ جنهن پنهنجي پٽ کي انگريزيءَ جي تعليم ڏياري.

خانبهادر محمد صديق ميمڻ- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خانبهادر محمد صديق ميمڻ [1890ع – 1958ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ جي تعليم کاتي جو سچو خدمتگار ۽ ڪهنه مشق اديب، خانبهارد محمد صديق ”صديق“ ولد محمد يوسف ميمڻ 23 شوال 1308 هه مطابق 30 مارچ 1890ع تي حيدرآباد شهر ۾ ڄائو. بي - اي، بي - ٽي تائين تعليم حاصل ڪري، تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان 1916ع کان ملازم بڻيو، جتان 1943ع ۾، رٽايرڊ پرنسپل، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي عهدي تان، سرڪاري ڳٽ ڳچيءَ مان ڪڍيائين.

خواجه عبدالحي نقشبندي رح- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خواجه عبدالحي نقشبندي رح [1765ع – 1863ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

خواجه عبدالحي ولد مخدوم شهاب الدين نقشبندي  انصاري، 2 ذوالحج 1179 هه مطابق 18 اپريل 1765ع تي ضلعي نوابشاه جي نوشهروفيروز ۾ تولد ٿيو. پاڻ حضرت خواجه شيخ احمد مجدد الف ثاني سرهندي رح  جي اولاد مان آهي وقت جو وڏو عالم ۽ عارف بزرگ ٿي گذريو آهي. جهوڪ ميرانپور جي فضل الله قلندر جو معتقد هو. سنڌ، پنجاب ايران، عراق، قنڌار ۽ هندستان جو به سير سفر ڪيو هئائين. سندس ڏيهي خواه پرڏيهي ڪافي عقيدت مند هئا. اڪثر وٽانئس روحانيت جي فيض جي آبياري ٿيندي رهي. عام و خاص کي اڪثر ”وحدت الوجود“ جي دعوت ڏيندو رهيو. سندس لائق فرزند، نصير الدين  پڻ انهيءَ مسلڪ کي سنڌ ۾ عام ڪيو هو.

خليفو گل محمد ”گل“ هالائي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خليفو گل محمد ”گل“ هالائي [1808ع – 1855ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌي زبان جو پهريون صاحبِ ديوان شاعر خليفو گل محمد ”گل“ ولد ولي محمد عقيلي، 12 صفر 1224 هه = پهرين اپريل 1808ع تي حيدرآباد جي هالا تعلقي ۾ ”سانوڻي ملن“ جي گهر ۾ ولادت ٿي. عربي، فارسي، سنڌي ۽ علم تصوف جو وڏو ڄاڻُ هو. پاڻ ڪنگريءَ واري پير سائين پاڳاري سيد علي گوهر شاه (اول) جو مريد ۽ خليفو هو، ۽ قادري طريقت رکندڙ هو.

خواجه محمد زمان لواري رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


خواجه محمد زمان لواري رح [1713ع–1774ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

اسلام جي پهرين خليفي، حضرت ابو بڪر صديق رضه جي سلسله - نسب مان لواريءَ جو لعل، خواجه محمد زمان ولد شيخ عبداللطيف صديقي رح، 21 رمضان المبارڪ 1125 هه مطابق 31 جولاءِ 1713ع تي تولد ٿيو. سندس وڏا، خليفي هارون رشيد جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ اچي، ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. ڪجهه وقت لاءِ ڪڇ طرف به ويا، پر پوءِ واپس اچي سنڌ ۾ ديرو ڄمايائون. خواجه صاحب ڄمندي ئي ڄام هو– 1736ع ۾ سندس والد وفات ڪئي جنهن کان پوءِ حيدرآباد ضلعي جي، تڏوهڪي تعلقي بدين جي ايراضيءَ ۾ ”لواريءَ“ نالي ڳوٺ ٻڌي رهڻ لڳو .

ديوان ليلارام ”خاڪي“

ديوان ليلارام ”خاڪي“

[۱۸۶۷ع – ۱۹۴۱ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



سنڌي ”غزل“ جي تاريخ ۾ ديوان ليلارام ”خاڪي“ وطن مل ٽيڪواڻيءَ کي خاصي شهرت حاصل آهي. سندس جنم حيدرآباد سنڌ ۾، ۱۳ آڪٽوبر ۱۸۶۷ع تي ٿيو. سندس پتا بلڪل مسڪين هو؛ جنهن ڪري مکي ڌنراج مل پنهنجي خرچ سان کيس پڙهايو. ليلارام منڍ کان وٺي محنتي هو. ۱۵ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ ۽ ورنيڪيولر سنڌي فائينل جا امتحان گڏ پاس ڪري، ٽي ورهين سانده جيڪا به سرڪاري نوڪري ڪچيءَ طرح پئي مليس، سا ٻئي ڪيائين.

ديوان هريرام درياني ”دلگير“- ميمڻ عبدالغفور سنڌي


ديوان هريرام درياني ”دلگير“ [جنم 1916ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

ديوان هريرام ”دلگير“ پٽ گرڏنو مل دريانيءَ جو جنم لاڙڪاڻي شهر ۾، 15 جون 1916ع تي ٿيو آهي. سندس پتا نهايت ئي ديانتدار ۽ لائق انسان هو؛ جنهن مختيار ڪاريءَ جو عهدو به ماڻيو هو. هن پنهنجي پٽ هريءَ کي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ مان بي – اي (B.e) تائين پڙهايو پوءِ ملازمت جي ارادي سان پهريائين اوور سيئر، ايس – ڊي – او ۽ آخر ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر بڻيو، جتان 1958ع جي آخر ۾ هندستان هليو ويو .

15 October, 2011

پير الاهي بخش

انسانيت جو علمبردار شخص

ظفر پياروي



سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا ڪي ئي املهه ڪردار آهن جن پنهنجي زندگي ۾ سخت محنت ۽ جفاڪشي سان اعلي مقام ماڻيو آهي ۽ انهن انسانن جو نان پاڪستان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ هڪ مثال طور ورتو وڃي ٿو اهڙن انسانن ۾ سنڌ جي دل جي حيثيت رکندڙ دادو ضلعي سان لاڳاپيل پير الاهي بخش جو نان به هڪ آهي. پير الاهي بخش جو جنم ۱۸۸۵ سن ۾ پير علي نواز جي گهر ۾ ٿيو. پير صاحب جو خاندان ڀان سعيد آباد، تعلقي سيوهڻ، جي ڀر ۾ پير جي ڳوٺ جو رهاڪو آهي. سندن خانداني تعلقات مخدوم صاحب هالن واري سان رهيا آهن. سندس ڏاڏي جو نالو پير غلام حسين هو. هن خاندان جا مريد ڪاٺياواڙ رياست طرف هئا اڃا تائين آهن.

08 October, 2011

امير بخش جوڻيجو - مختيار چانڊيو

امير بخش جوڻيجو
هڪ مهمان نواز سياستدان جو وڇوڙو
مختيار چانڊيو
جڏهن خيرپورناٿن شاهه جي سياست جو ذڪر ڪجي ٿو، تڏهن سياست جي آلوده ماحول ۾ امير بخش جوڻيجو جو نالو هڪ اميد وانگر اڀري اچي ٿو. جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته سياست رڳو عوام سان ويساهه گهاتيون ڪرڻ جو نالو آهي، امير بخش جوڻيجو اهڙين مايوسين جو زنده جواب هو. هو نه رڳو تر جي سياستدانن کان، پر سنڌ جي ڪيترن ئي سياستدانن کان گهڻو مختلف هو. هن وٽ سياست جي معنيٰ خدمت کان سواءِ ٻي ڪا به نه هئي. شايد ان ڪري جڏهن هتان جي سياست وڌيڪ آلوده ٿيندي وئي، ته هو به وڌيڪ گوشه نشين ٿي ويو.

07 October, 2011

باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي - حسن مجتبيٰ



باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي
حسن مجتبيٰ
ڀرو تم قيد خانون ڪو
ڪرو قابو جوانون ڪو
بجھائو شمع دانون ڪو
قتل ڪرو نقطه دانون ڪو
لائو رشوت ستانون ڪو
جو بنگلي اور محل جوڙين
شرم آئي آسمانون ڪو
پڙهو قومي ترانون ڪو
ڪه پاڪستان زنده آباد
هن نظم جي شاعر حيدر بخش جتوئي کي پنجاھ جي ڏهاڪي ۾ قيد بامشقت ڏني وئي هئي. سڄي حياتي قيدخاني جي ڏکيائي سهڻ واري هن شاعر کي هن جا چاهڻ وارا ”باباءِ سنڌ“ جي نالي سان ياد رکندا آهن.
حيدر بخش جتوئي هارين، وچئين طبقي ۽ جوانن ۾ حقن جي جانڪاري جي تحريڪ جو باني سمجھيو ويندو آهي. هو هڪ شاعر، ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ هو. هو پاڪستان ۾ مارشل لاء ۽ ون يونٽ جي خلاف هو ۽ هو جمهوريت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندو هو.