; سنڌي شخصيتون: March 2011

26 March, 2011

حاجي غلام شبير ڪليار - پرويز ڪليار

حاجي غلام شبير ڪليار
عوام کي انصاف ڏياريندڙ ايماندار پوليس آفيسر

پرويز ڪليار
سنڌ ڌرتيءَ اهڙين املهه ماڻڪ شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن هميشه عوام کي انصاف ڏياريو آهي. اهڙين شخصيتن ۾ ايماندار پوليس آفيسر حاجي غلام شبير ڪليار مرحوم جو نالو به آهي. حاجي غلام شبير ڪليار، ضلع نوشهرو فيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ، ٻنڊي اٽل شاهه ۾ 1926ع ۾ جنم ورتو. ڪراچيءَ مان بي اي ۽ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾، شاگرديءَ واري وقت به سرگرم ڪردار ادا ڪيائين.

حميد سنڌي - پرويز علي ڪليار


حميد سنڌي
ناميارو اديب ۽ پروفيسر 
پرويز علي ڪليار
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار، حميد سنڌيءَ جو تعلق ضلعي نوشهروفيروز سان آهي. حميد سنڌيءَ جو پورو نالو؛ عبدالحميد ميمڻ آهي. پاڻ 12 آڪٽوبر 1939ع ۾ نوشهروفيروز ۾ اسماعيل ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. حميد سنڌي تعليم ۾ بي اي ايڪنامڪس (اسپيشل سبجڪيٽ ايگريڪلچر ايڪنامڪس)، ايم اي ايڪنامڪس، ايل ايل بي، هائر ايجوڪيشن ايڊمنسٽريشن مانچسٽر يونيورسٽي (يو ڪي) مان ڪئي. پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جي وائيس چانسلر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙيءَ طرح مختلف ادارن ۾، سربراهه طور خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ، هن وقت پبلڪ اسڪول  لطيف آباد ۾ چيئرمين جي حيثيت سان خدمتون ڏيئي رهيو آهي.

راشد مورائي - ساجده چنه


راشد مورائي
سنڌ جو مزاحمتي شاعر 
 ساجده چنه
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ته ڪي وري دانائيءَ جي ڪري مهراڻ جون مالهائون ٿين ٿا. اها مالها جڏهن سمنڊ جي سپنن جيان سدائين سمنڊ ڪناري جرڪندي ۽ مرڪندي رهي ته ڪيڏي نه راحت ايندي هوندي. ايئن ئي ساهتيءَ جو سرموڙ شاعر سائين راشد مورائيءَ جي ٻهڪندڙ آواز ۽ سفيد وارن تي نظر پوندي آهي ته سندس جنم ڀومي جوڻالي ۾ اسريل گيت جهومي پوندا آهن. ساهتي پرڳڻي جي هن مهان قوي راشد مورائيءَ 5 مارچ 1944ع ۾ مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي، ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو.

ماسٽر چندر - شاهد چنه


 ماسٽر چندر
سنڌ جو مهان راڳي
شاهد چنه/ نوشهروفيروز
ساهتي خطي، اهڙن املهه ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، جن جون يادون ساري، اڄ به نيڻن مان نير وهي پوي ٿو. ضلعي نوشهروفيروز جي قديمي نارنگين واري شهر ٺاروشاهه ۾، سنڌ جي امر راڳي ماسٽر چندر جو جنم ٿيو. سندس گيت، جادوءَ جهڙو آواز ۽ من موهيندڙ مرڪ، ڄڻ ته مهراڻ جي امرت ڌارا جهڙا مٺڙا هيا. اڄ ڏينهن تائين سنڌ توڙي هند جو، ڏيهي توڙي پرڏيهي، ڪو به ديس واسي سندس گيتن کي وساري ناهي سگهيو.

پروفيسر منگها رام ملڪاڻي - شوڪت حسين شورو


پروفيسر منگها رام ملڪاڻي
سنڌي ننڍي ناٽڪ جو باني!
شوڪت حسين شورو
هونئن ته سنڌيءَ ۾ پهرئين ناٽڪ لکڻ جو اعزاز ميرزا قليچ بيگ کي حاصل آهي. هن سنڌي ٻوليءَ ۾ بي شمار ناٽڪ ترجمو ڪري، سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. بعد ۾ جديد ننڍا سنڌي ناٽڪ، جن کي ون ائڪٽ پلي يا يڪ فصلو ناٽڪ چئجي ٿو، سي پروفيسر منگها رام ملڪاڻيءَ لکيا. هن جو جنم 14 ڊسمبر 1896ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. سندس پيءُ اُڌارام شيوڪرام خدا آبادي عامل زميندار هو. سندس پيءُ ۽ ڏاڏو ٻئي روشن خيال شخص هئا. منگهارام اسڪولي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ورتي. مٿس خاص ڪري ٻن ماسترن جو گهڻو اثر ٿيو. ٻنهي کي آدرشي استاد ڪري ڪوٺيو اٿس. هڪ غلام علي نانا هو، جيڪو ٻيون درجو پڙهائيندو هوس ۽ ٻيو وليرام آئلمل ٿڌاڻي هو، جنهن وٽ هو چوٿون ۽ ڇهون درجو پڙهيو هو. غلام علي نانا کيس انگريزي ٻولي صحيح نموني ڳالهائڻ ۽ لکڻ سيکاري. هن تي ڪن ٻين وڏين سنڌي هستين جو به اثر ٿيو هو. ساڌو هيرانند ۽ رشي ڏيارام گدومل سندس ٻن پڦين کي انگريزي ۽ سنسڪرت پڙهائڻ لاءِ گهر ۾ ايندا هئا. ديوان ڪوڙومل سندس پيءُ جو دوست هو ۽ گهر جي ويجهو رهندو هو. مضمون نگار ۽ لغت نويس پرمانند ميوارام سندس ماسات هو ته دوست به هو. ڪاڪو ڀيرومل مهرچند سندس ناٺي جو سئوٽ هو ۽ منگهارام کي پيار ڪندو هو. منگهارام پنهنجي شروعاتي دور جون لکڻيون ڇپجڻ کان اڳ ميرزا قليچ بيگ کي ڏيکاري راءِ وٺندو هو.
منگهارام جڏهن اڃا ڇهين درجي ۾ هو ته کيس ناٽڪن ۾ ڳائڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ جو موقعو مليو. هو بمبئي يونيورسٽي پاران ورتل مئٽرڪ جي امتحان ۾ سڄي سنڌ اندر چوٿون نمبر آيو ۽ پنهنجي اسڪول ۾ پهريون نمبر بيٺو، جنهن تي کيس 25 رپيا انعام مليو. انهن پئسن مان هن 17 ڪتاب خريد ڪري اچي پنهنجي گهر ۾ لائبريري ٺاهڻ جي شروعات ڪئي. منگهارام ڪراچيءَ ۾ اچي ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هو ڪاليج ۾ تعليم سان گڏ ڊبيٽنگ، راڳ، ناٽڪ، ادب ۽ راندين ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو رهيو. ڪاليج ناٽڪ منڊليءَ جو سيڪريٽري به ٿيو. هن کي مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ ۾ زنانو پارٽ ڪرڻ لاءِ مليو. هو اڃا ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو ته پيءُ جي زور ڀرڻ تي کيس شادي ڪرڻي پئي. هن 1919ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪيو. سندس پيءُ وڏي ڄمار جو ٿي چڪو هو. منگهارام پيءُ جو چوڻ مڃي اچي زمينداري سنڀالي. ٽنڊي محمد خان ۾ سندن ٻنيون هيون. زمينداريءَ جو اهو دور چار پنج سال هليو. جنهن ۾ کيس زمينداريءَ ۽ هاري جيوت جي آزمودن کانسواءِ، نويڪلائيءَ ۾ قدرتي نظارن جي وچ ۾ ادب پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ به گهڻو وقت مليو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٽئگور جي شاعريءَ کي پڙهڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو. رسالي مان ڪجهه بيت چونڊي انگريزي نظم ۾ ترجمو ڪيائين ۽ اهي کڻي وڃي مرزا قليچ بيگ کي نظرثانيءَ ڪرڻ لاءِ ڏنائين. مرزا صاحب اهو ترجمو پڙهي، کيس شاباسي ڏني. منگهارام گرديو ٽئگور جي ”گارڊنر“ ڪتاب جو ترجمو نظماڻي نثر ۾ ڪيو، جيڪو ”پريت جا گيت“ نالي سان ڇپيو. ان دور ۾ منگهارام ملڪاڻي ناٽڪي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪار طور چمڪي اٿيو هو. 1920ع ڌاري، جديد سنڌي ناٽڪ جي وڏي نالي، خانچند درياڻي جيڪو منگهارام سان گڏ ڪاليج ۾ پڙهيو هو، تنهن ناٽڪن جي ذريعي سماجي خرابين خاص ڪري ڏيتي ليتيءَ خلاف ناٽڪ لکڻ ۽ اسٽيج تي آڻڻ شروع ڪيا هئا. هن انهن موضوعن تي 25 کن ڪتاب لکيا هئا، جن مان اڌ اصلوڪا ۽ اڌ اُلٿو ڪيل هئا. انهن مان ڪافي ناٽڪن ۾ منگهارام هيرو جا ڪردار ادا ڪيا هئا. خانچند ۽ منگهارام، بزرگ اديبن لعلچند امرڏنومل، ڄيٺمل پرسرام ۽ هيرانند آڏواڻيءَ جي ساٿ ۽ سهڪار سان 1923ع ۾ ”رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊرئمٽڪ ڪلب“ برپا ڪئي. ان جو مهورت گرديو ٽئگور پاڻ پنهنجن هٿن سان حيدرآباد ۾ اچي ڪيو. منگهارام ملڪاڻي ان ڏهاڙي کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ ڏاڍي اتساهه ۽ امنگ سان مهينو کن محنت ڪئي. ٽئگور جي شاعري ۽ سندس ناٽڪ ”چترا“ مان انگريزيءَ ۾ هڪ ڏيک سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جو سواد وٺائڻ لاءِ هڪ مذاقي چهچٽو به شامل ڪيو ويو. ائڪيڊمي اسڪول جي جيڪب هال ۾ گرديو جي سامهون پروگرام پيش ڪيو ويو. منگهارام ملڪاڻيءَ جي چوڻ موجب ٽئگور جهڙي اعليٰ هستيءَ جي اڳيان ڪلچرل پروگرام ڏيکارڻ لاءِ جگر کپندو هو. پردو مٿي کڳو ته پوءِ ڇا ٿيو، ان جي منگهارام کي ڪا خبر نه پئي. اسم پٺيان اسم ٿيندو رهيو ۽ هال ۾ تاڙين جو ڦهڪو پوندو رهيو. ٻئي ڏينهن ڄيٺمل پرسرام، منگهارام کي نياپو موڪليو ته گرديو توسان ۽ ٽهلرام آڏواڻيءَ سان ملڻ چاهي ٿو. ٽهلرام ناٽڪ ۾ زنانو پارٽ ڪيو هو. گرديو ٽئگور ٻنهي جي ڪم جي ساراهه ڪئي ۽ کين پاڻ سان گڏ ناشتو به ڪرايو. ڪچهري ڪندي گرديو کين چيو؛ ”اوهان جو سنڌيءَ ۾ کلائيندڙ نقل به پسند پيم. ٻوليءَ سمجهڻ کانسواءِ به مطلب سمجهي ويس ۽ خوب کليم.“ ڄيٺمل پرسرام ٻڌايس ته؛ ”اهو ٽڪر اسان جي برک ليکڪ مرزا قليچ بيگ جي ناٽڪ ”نيڪي ۽ بدي“ مان ورتل هو.“ ناشتو ختم ٿيڻ کان پوءِ گرديو هنن کي ٻانهن کان وٺي ٻاهر اماڻڻ آيو ۽ موڪلاڻي ڪندي چيائين؛ ”شال ناٽڪ منڊلي وڌي ويجهي، منهنجي آسيس اٿو.“ گرديو ٽئگور جي هٿن سان مهورت ڪيل هيءَ ناٽڪ منڊلي، سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. ان 15 سالن جي عرصي ۾ ٽيهارو کن جديد حقيقت نگاريءَ وارا ناٽڪ پيش ڪيا. منگهارام ملڪاڻي انهن مان ڪيترن ۾ اداڪاري به ڪئي ته ڪن جي هدايتڪاري به. خانچند درياڻيءَ جي ناٽڪن جهڙوڪ ”ملڪ جا مدبر“، ”بک جو شڪار“ ۽ ”زماني جي لهر“ ۾ هن يادگار ڪردار ادا ڪيا. درياڻيءَ جي اصلوڪي ۽ اهم ناٽڪ ”زمينداري ظلم“ (1928ع) ۾ منگهارام هڪ پير مرد مظلوم هاريءَ، دلمراد جو ڪردار ڪماليت سان ادا ڪيو. خانچند درياڻي، بعد ۾ سنڌ ڇڏي بمبئي ۾ وڃي فلمي دنيا ۾ گهڙيو. هن پنهنجي پهرين فلم ”انسان يا شيطان“ (1933) ۾ منگهارام کي هيرو جو پارٽ ڏنو. هيروئن جدن ٻائي (نرگس جي ماءُ) هئي. فلم جو ڊائريڪٽر موتي گدواڻي هو. خانچند درياڻي جي بمبئي وڃڻ سبب رابندر ناٿ ناٽڪ منڊلي کي وڏو نقصان رسيو. البته منگهارام کي فلمي دنيا پسند نه آئي، ان ڪري موٽي آيو. منگهارام ملڪاڻيءَ سنڌي ننڍي ناٽڪ کي حقيقت نگاري وارو ماڊرن ون ائڪٽ پلي بڻايو. هن 25 کن ناٽڪ جوڙي سنڌي يڪ فصلو ناٽڪ کي سماجي سڌاري جو واهڻ بڻايو. ”پاپُ ڪين پِڃَ“، ”بٽئي“ ۽ ”ٽي پارٽي“ اسٽيج تي نهايت مقبول ٿيا هئا.
منگهارام پنهنجين ٻنين تي هو ته کيس ڊي-جي-سنڌ ڪاليج جي پرنسپل شهاڻي وٽان نياپو آيو ته ڪراچيءَ اچ ته انگريزي فيلو ڪري رکانءِ. پيءُ سندس مرضي ڏسي، کيس موڪل ڏني. منگهارام کي هاسٽل جو وارڊن به ڪري رکيو ويو. اڳتي هلي ليڪچرر ۽ پوءِ پروفيسر ٿيو. هاڻي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي سڏجڻ لڳو. دادا جشن واسواڻي ۽ پروفيسر احمد علي خواجه (مشهور ليکڪ خيرالنساءُ جعفري جو والد) سندس شاگرد هئا. ورهاڱي کانپوءِ پروفيسر ملڪاڻي پنهنجن ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سان گڏ بمبئي لڏي آيو. اتي جئه هند ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر ۽ شعبي جو اڳواڻ مقرر ٿيو. ان وچ ۾ هن جيڪو پهريون ڪتاب لکيو، سو هو ”ادبي اصول“ جنهن ۾ نثر ۽ نظم جي مختلف صنفن جا اصول سمجهايل آهن. ان کانسواءِ هو ادبي تاريخ ۽ تنقيدي ليک ۽ ڪتابن تي تبصرا لکڻ لڳو. سندس شاهڪار ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ آهي، جيڪو 1968ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان تي کيس ساهتيه اڪادمي جو انعام مليو. ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جو مختصر جائزو“، ”ڀارت ۾ سنڌي ساهت جي سما لوچنا“، ”پڇمي ياترا“ (سفر نامو)، ”ساهتڪارن جون سمرتيون“ ڪتابن کان سواءِ ”جوانيءَ جا جذبا ۽ پيريءَ جون يادون“ سندس نظماڻي نثر جو مجموعو آهي.
پروفيسر ملڪاڻي انڊيا ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌيت هلچل ۾ هڪ رهبر طور ڪم ڪيو. اها هلچل بمبئي جي ”سنڌي ساهت منڊل“ طرفان 1949ع کان شروع ٿي هئي. پروفيسر ملڪاڻي 13 سال ان جو پريزيڊنٽ چونڊبو رهيو، جيستائين هو ڪاليج مان رٽائر ڪري پنهنجي پٽ وٽ ڪلڪتي ۾ وڃي رهيو. پروفيسر ملڪاڻي آخري گهڙيءَ تائين سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندو رهيو. هن 84 ورهين جي ڄمار ۾ پهرين ڊسمبر 1980ع ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

25 March, 2011

پروفيسر محبوب علي چنه

پروفيسر محبوب علي چنه
شخصيت ۽ عملي، ادبي خدمتون
علي اصغر اوٺو


وادي مهراڻ جي هن سون ورني ڌرتي تي ڪيترا ئي قديم ۽ تاريخي شهر اڄ به موجود آهن. انهن قديم شهرن مان (سيوستان) سيوهڻ به هڪ اهم ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو. سيوهڻ شهر نه رڳو تاريخي شهر آهي پر ان سان گڏ علم ۽ ادب جو مرڪز پڻ رهيو احي. هي شهر ادبي ميدان ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو.
هن شهر ڪيترا ئي علم ۽ ادب جا گوهر پيدا ڪيا آهن. انهن گوهرن مان مرحوم پروفيسر محبوب علي چنه به هڪ شخصيت ٿي گذريو آهي.

20 March, 2011

علامه غلام مصطفيٰ قاسمي - قريشي حامد علي خانائي


علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
قريشي حامد علي خانائي
سنڌ جي سر زمين، هر دؤر ۽ هر زماني ۾ اهڙين تواريخ ساز شخصيتن ۽ بزرگن، وطن دوست ۽ انسان ذات جو دل ۾ درد رکندڙن کي جنم پئي ڏنو آهي، جن جي علمي، ادبي، ديني ۽ پرخلوص سياسي ڪارنامن سبب ڀاڳن ڀريءَ سنڌ جو هميشه ڳاٽ اوچو رهيو آهي. خاص طرح، گذريل ويهين عيسوي صديءَ اهڙين مخصوص شخصيتن ۽ هستين کي پيدا ڪيو، جن پنهنجي پرخلوص جدوجهد ۽ ڪوششن سان نه صرف سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن کي قائم ۽ سلامت رکڻ ۾ پنهنجي حياتيءَ جي هڪ گهڙي به اجائي نه گنوائي، پر سنڌ جي تهذيب ۽ ارتقا کي دنيا جي ٻين سڌريل، مـُـهذب ۽ متمدن ملڪن جي درجي تائين رسائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي نه ڪئي ۽ سنڌ کي سموريءَ دنيا سان گڏ برصغير ۾ پڻ وڏي عزت ۽ وقعت جي نگاهه سان ڏسڻ جي لائق بڻايو.

ايڇ. ايم. خوجا - قريشي حامد علي خانائي


ايڇ ايم خوجا
قريشي حامد علي خانائي
سنڌ جو مشهور تعليمي ماهر، قومي خدمتگار ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو شيدائي، ايڇ.ايم.خوجا (حاجي خان مهر علي خوجا) تاريخ 9- جمادي الثاني 1420هه/ 20- سيپٽمبر 1999ع تي سومر ڏينهن منجهند جو ٻين بجي 92 ورهين جي ڄمار ۾، سنڌ جي تواريخي شهر حيدرآباد ۾، هن فاني جهان مان رحلت ڪري ويو.
خوجا صاحب سنڌ جو هڪ ساده دل، اصلاح پسند، غريبن ۽ مسڪينن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي ۽ انقلابي طبع جو مالڪ هو. هن پنهنجي سموري زندگي سنڌي قوم جي تعليمي خدمت  ۽ علم جي شمع جي روشني ڦهلائڻ ۾ پوري ڪئي. دراصل،خوجا صاحب جي تعليمي ۽ علمي حيثيت هڪ امرِ جا ودان آهي. سنڌ جي مرڪزي شهر نوابشاهه ۾، جيستائين سندس قائم ڪيل ايڇ. ايم.خوجا گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم آهن، تيستائين سندس ياد هميشه قائم ۽ دائم رهندي!

سيد عبدالحسين موسوي - قريشي حامد علي خانائي


سيد عبدالحسين موسوي
قريشي حامد علي خانائي
سيد عبدالحسين موسوي، روهڙيءَ جي موسوي سادات مان هو. سندس والد، سيد وڌيل شاهه موسوي پڻ پنهنجي وقت جو وڏو  عالم، اديب، صحافي ۽ هڪ ڪامياب استاد ۽ اعليٰ درجي جو منتظم ٿي گذريو آهي.
سيد عبدالحسين موسويءَ 21- رمضان المبارڪ 1319هه/ 3- جنوري 1902ع تي خميس ڏينهن شام جو ستين بجي، پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. روهڙيءَ جو شهر، قديم زماني کان وٺي علم ۽ ادب جو گهوارو پئي رهيو آهي. علمي گهراڻي ۾ جنم وٺڻ سان گڏوگڏ، شاهه صاحب جي ذهن ۽ طبيعت تي هن علمي ادبي شهر جي ماحول جو پڻ فطرتي طور تي اثر پيو.

سيد عطا حسين موسوي - قريشي حامد علي خانائي


قريشي حامد علي خانائي
سيد عطا حسين موسوي، سنڌ جي وڏي بلند مرتبي جي عالمن، اديبن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ هو. پاڻ ميرڪي سادات گهراڻي جو چشم و چراغ هو. سندس والد جو نالو، سيد وڌيل شاهه هو.(1) شاهه صاحب 12- جمادي الثاني 1316هه/28- آڪٽوبر 1898ع تي پنهنجي اباڻي شهر روهڙيءَ ۾ جنم ورتو.

عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ - قريشي حامد علي خانائي


عبدالرزاق عبدالسلام ميمڻ 
قريشي حامد علي خانائي
عبدالرزاق بن عبدالسلام ميمڻ (2)، ساهتي پرڳڻي جي قديم تواريخي شهر، نوشهري فيروز جي بلند مرتبي جي عالمن، فاضلن، اديبن، شاعرن ۽ تعليمي ماهرن مان هڪ ٿي گذريو آهي. پاڻ نوشهري فيروز جي مشهور صابـُـوگرن جي محلي (3) جو رهندڙ هو. سندس زندگيءَ ۽ علمي ۽ ادبي ڪارنامن جي باري ۾، هن وقت تائين سنڌ جي ڪنهن به  مؤرخ ۽ تذڪري نگار ڪوبه احوال بيان نه ڪيو آهي. ازان سواءِ، سنڌي زبان ۽ ادب جي تواريخ مـُـرتب ڪندڙن پڻ هن علمي شخصيت کي پنهنجن تواريخن ۾ بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. ايتري قدر، جو اسان جو نئون نسل، هن بي مثل عالم، اديب ۽ شاعر جي علمي ڪارنامن کان پوريءَ طرح سان ڪنهن به صورت ۾ واقف نه آهي. عبدالرزاق عبدالسلام جو مشهور ناول جهان آرا ورهين کان ٻارهين (انٽر) ڪلاس تي سنڌي مضمون جي سلسلي ۾، نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. ليڪن، مصنف جي متعلق، شاگردن خواه عام پڙهندڙن کي هن بلندپايي جي نثرنگار ۽ شاعر جي باري ۾ ڪابه مفصل ڄاڻ حاصل نه آهي. عبدالرزاق عبدالسلام جي باري ۾ تمام گهڻي ڳولا ۽ جستجوءَ کان پوءِ، سندس متعلق جيڪي ڪجهه احوال دستياب ٿي سگهيو آهي، ان جي بيناد تي سندس حياتيءَ جو احوال ۽ سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي ڪارنامن کي مرتب ڪري، هتي پيش ڪجي ٿو.

18 March, 2011

سيد الهندو شاهه - شاهد چنه


سيد الهندو شاهه
شاهد چنه
جڏهن برصغير ۾ تعليم جي کوٽ هئي ته ان وقت سنڌ جي آفندي خاندان جيان ساهتيءَ جي سپوت سيد الهندو شاهه 33 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ 1883ع ڌاري مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز جوڙايو، انهي مڪتب مان ڪيترا ئي عالم اديب پڙهي نڪتا. علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي ڊاڪٽر دائودپوٽي تائين، کوڙ سارا سنڌ جا ماڻهو جيڪي علمي روشنيءَ کان وانجهيل هئا انهن اها علمي لاٽ اتان ئي حاصل ڪئي. سيد الهندي شاهه جون ڪوششون علمي حوالي سان ساراهڻ جوڳيون هيون. ڇو ته برطانوي راڄ دوران، سنڌ ۾ تعيلم جو فقدان ۽ اڻهوند انتهائي حد کان وڌيڪ هئي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي، سيد الهندي شاهه سنڌ جي ماڻهن لاءِ علمي مڪتب کولي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. اهو ئي سبب آھي جو، هن وقت به هند توڙي سنڌ ۾، جن به هن مڪتب مان علم جي روشني حاصل ڪئي، سي اڄ به سيد الهندي شاهه کي ياد ڪري سندس فضيلتن جو بيان ڪندي کيس ساراهين ٿا.
حقيقت به اها آهي ته سنڌ جي هن سپوت پاران، جيڪڏهن هي مدرسه هاءِ اسڪول ۱۹هين صديءَ ۾ نه جڙي ها ته ڪيترا ئي عالم اديب، جنم نه وٺن ها. افسوس جو سنڌ حڪومت کان وٺي ڪنھن ساڃاهه وند تائين، ڪو به هن کاهوڙي ڪردار جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. نه وري ڪڏهن سندس جوڙايل مڪتب ڏي، ڪنھن منهن ورائي ڏٺو آهي ته ان جي حالت، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪهڙي بڻجي وئي آهي. اهي هاسٽلون، اهي ڪلاس روم ۽ سندس جوڙايل انهيءَ پارڪ ۽ لائبريريءَ جو هن وقت نشان به نظر نٿو اچي. ان تباهيءَ تي ٻيو ڪو ڳوڙها ڳاڙي نه ڳاڙي پر درٻيلي ۾ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي، ھيءُ جھان ڇڏيندڙ، سيد الهندي شاهه ضرور لڙڪ لاڙيا هوندا. ڪيڏي نه افسوس جوڳي ڳالهه آهي، جو سندس جوڙايل تاريخي مدرسه هاءِ اسڪول کي سوا صدي گذري چڪي آهي پر هن وقت تائين ان جي تاريخي حيثيت کي وڌائڻ لاءِ ڪهڙي به سرڪار ڪردار ادا ناهي ڪيو.
جنهن جي ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سيد الهندي شاهه جي خدمت ۽ وقار کي جيڪڏهن اڳتي وڌائڻو آهي ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ان جي ٻاريل شمع کي روشن ڪرڻو پوندو.
اڄ به سيد الهندي شاهه کي سنڌ ساري ٿي. ان جي مڪتب ڏانهن نهاري ٿي. چوي ٿي ته؛ سيد الهندي شاهه جي ٻاريل شمع کي اچو ته روشن ڪريون. افسوس جو سنڌ جي ٻين عظيم هستين جيان سيد الهندو شاهه به سنڌ کان وڇڙي ويو. سڄي سنڌ توڙي هند، کيس اڄ به خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.

استاد پيرل قمبر - رسول بخش ابڙو


استاد پيرل قمبر
ڏاڍو وئين ڏک ڏيون، محبت جي هن ماريل کي
استاد پيرل قمبر 17 جولاءِ 1933ع تي بُٺيءَ لڳ مبارڪ ڪلهوڙو تعلقو ميروخان ۾ امام بخش ’عاصي‘ سومرو جي گهر جنم ورتو. سندس ڇٺيءَ جو نالو پير محمد سومرو رکيو ويو، پاڻ پرائمري استاد هوندي سنڌي تعليم کي فروغ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪري ڪيترائي ذهين شاگرد پيدا ڪيائين. هو اسڪولي ۽ شاعري جي شاگردن جي وچ ۾ اڪثر ڪري مقابلا ڪرائي کين پنهنجي ذاتي پئسن مان پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏيندو هيو. هن شاعري جي شروعات 1950ع ۾ ڪئي. غزل، گيت، وائي، حمد، نعت ۽ چوءَ سٽو سميت هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي. 1950ع ۾ کيس مجازي عشق پيرمحمد مان پيرل قمبر بڻائي ڇڏيو. سندس شاعري جو ڏانءُ اهڙو هو جو ان جي ٻيڙي دُکائڻ کان ختم ٿيڻ تائين ڪو نه ڪو غزل گيت، ڪافي، وائي يا چئو سٽو تيار ڪري وٺندو هو. ان ۾ شاعري جو سمنڊ سمايل هو. سندس شاعري جي لفظ لفظ ۽ سٽ سٽ ۾ ساهه ڀريل آهي ۽ شاعري ۾ بلند خيالي تمام گهڻي آهي.

شير ميربحر - ذوالفقار خاصخيلي


 شير ميربحر 
رستم سنڌ پهلوان
- ذوالفقار خاصخيلي

سنڌ جي قومي ملهه جو سدا حيات پهلوان رستم سنڌ شير ميربحر، ۲۱ جون ۱۹۲۴ع ۾ فاريسٽ آفيسر علي محمد مير بحر جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندس سڄو ڌيان ملهه جي طرف هو. شروعاتي دور ۾ ننڍن ملاکڙن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ان وقت ۾ سنڌ ليول تي نئون ديرو ضلع لاڙڪاڻو ۾ زبردست ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ هن پهلوان پهرين جوڙ جي مشهور ملهه پهلوان اقبال جوڳي، پنڃل مهر ۽ هنڊال مڪراني کي شڪت ڏئي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀاءُ امداد علي ڀٽو طرفان رکيل انعام حاصل ڪيو.

لڇمڻ ڪومل- شاعر- شوڪت حسين شورو

لڇمڻ ڪومل
شاعر، ليکڪ ۽ صحافي
شوڪت حسين شورو
لڇمڻ ڪومل 26 مارچ 1936ع ۾ ڪنڊياري، ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو. سندس جنم جو نالو لوڪومل پٽ ديوان چيلارام، آڪهه ڀاٽيا آهي. هن جو ڏاڏو ديوان جاڙومل ڀاٽيا وڏو زميندار هو، جنهن جون زمينون ڊبڀري (درٻيلي) ۾ هيون. لڇمڻ جو پيءُ ديوان چيلارام فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو. هو هڪ ذهين، پڙهيل ڳڙهيل ڪامورو هو ۽ کيس انگريزي ۽ فارسي ادب جو چڱو مطالعو هو. هن لڇمڻ کي شيخ سعدي جو گلستان بوستان واتي ويڻي ياد ڪرايو هو. لڇمڻ پنهنجي والد جي اصرار تي شام جو مسجد جي آخوند وٽ فارسي ۽ اردو پڙهڻ ويندو هو. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هن جي تعليم سنڌي ۽ انگريزي ۾ ٿي. هو نوَن سالن جي عمر ۾ نوابشاهه جي ولس هاءِ اسڪول ۾ انگريزي جي پهرئين درجي ۾ داخل ٿيو. ڪيرت ٻاٻاڻي ان اسڪول ۾ ماستر هو. ورهاڱي وقت نوابشاهه جو ڪليڪٽر مسعود علي خان هو، جنهن بعد ۾ پاڻ کي مسعود کدر پوش سڏايو. هن نوابشاهه مان لڏي ويندڙ سنڌي سکن جي پنجاهه سٺ ڪٽنبن جو ٽرين ۾ قتلِ عام ڪرايو هو. ان واقعي سبب نوابشاهه جي سنڌي هندن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، اهي لڏي انڊيا وڃڻ لڳا. مسعود ڪليڪٽر ديوان چيلا رام کي هڪ طرح سان نظربند ڪري انڊيا لڏي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو. چيلا رام پنهنجي وڏي پٽ لڇمڻ کي سندس ماءُ، ٻن ڀائرن ۽ ٻن ڀينرن سان گڏ لڪ چوريءَ ڪراچيءَ روانو ڪيو. اهي سوامي نارائڻ مندر ۾ ٺهيل ڪئمپ ۾ اچي ترسيا ۽ 8 مارچ 1948ع تي پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي انڊيا روانا ٿيا. جهاز سمنڊ ۾ خراب ٿي بيهي رهيو، پنج ڏينهن ٿي ويا، کاڌو پيتو ختم ٿي ويو. جهاز ۾ چڙهيل سوين ٻار بک ۾ بي حال ٿي روئي رهيا هئا. لڇمڻ جي ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جي به حالت خراب ٿي وئي. جهاز مرمت ٿيڻ کان پوءِ اوکا بندر تي اچي سهڙيو. لڇمڻ وارا پهرين اجمير ۾ اچي رهيا، اتي ڪو بلو نه ڏسي ڀرتپور، احمد آباد ۽ آگري جي شهرن مان دربدر ٿيندا، تنگدستي ۽ غربت جون تڪليفون سهندا، ڪانپور ۾ پنهنجي پڦيءَ وٽ اچي ترسيا. اتي لڇمڻ ۽ سندس ننڍي ڀاءُ هاسو کي هڪ  سئنيما جي مئنيجر شهر ۾ فلمن جي پوسٽرن لڳائڻ جو ڪم ڏنو. لڇمڻ کي روزانو هڪ رپيو ۽ هاسي کي اٺ آنا ملندا هئا. لڇمڻ ان سئنيما هال جي ٻاهران فلمي گانن جون چوپڙيون پڻ وڪڻڻ شروع ڪيون، جنهن مان رپيو ڏيڍ ڪمائي وٺندو هو. ڪانپور ۾ رهندي هنن جيئن تيئن ڪري اڌ ڍئو اڌ بک تي چار سال گذاريا. ان عرصي ۾ ديوان چيلا رام سان سندن ڪو به رابطو نه ٿيو هو، جيڪو اڃا سنڌ ۾ رهيل هو. نيٺ هن ڪانپور ۾ اچي پنهنجي ڪٽنب کي ڳولي لڌو. نوابشاهه مان نڪرڻ وقت لڇمڻ جو سڀ کان ننڍو ڀاءُ ڌنو ٻن سالن جو هو ۽ هينئر ڇهن سالن جو ٿي چڪو هو. ديوان چيلا رام هن جي لاءِ ڌاريو ماڻهو هو، هن لڇمڻ کان آهستي پڇيو ته هي ڪير آهي؟ لڇمڻ کيس ٻڌايو ته هي پنهنجو پيءُ آهي. ان تي ڌني چيو : ”پيءُ آهي!“ ”پر هي ماڻهو رات جو سمهندو ڪٿي؟“ اڄ ڌنو انڊيا جي کاڌ خوراڪ واري هڪ وڏي اداري فوڊ ڪارپوريشن ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. لڇمڻ جو ٻيو ڀاءُ هاسو آمريڪا جي مشيگان رياست ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي. ورلڊ بئنڪ هن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاور پراجيڪٽ لڳائڻ لاءِ موڪليندي آهي، هن جو شمار دنيا جي ڏهن پاور پراجيڪٽ ماهرن ۾ ڪيو وڃي ٿو.

17 March, 2011

ڄام ڪانڀو خان

ڄام ڪانڀو خان

سنڌ جو مشهور سخي

نور سنڌي



سنڌ ۾ اها چوڻي اڄ به مشهور آهي ته يار تون ته اسان لاءِ ڄام ڪانڀو ته نه آهين. ها ڄام ڪانڀو خان سنڌ جو مشهور سخي مڙس ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌ جي اهم ڄام جوڻيجو جي خاندان مان هو. پاڻ ۱۳۰۵ھ ۾ وقت جي وڏي جاگيردار نواب ڄام محمد شريف جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان سچار غريبن جو همدرد ۽ غريبن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندڙ هو. ڄام ڪانڀو خان جي سخاوت، نه صرف ڄام نوازعلي واري علائقي ۾ پر ان وقت جي سنڌ هند ۾ مشهور هئي. پاڻ روزانه فجر جي نماز پڙهي، نوڪرن کان ڪاٺ جي هڪ وڏي صندوق، جنهن ۾ چانديءَ جا رپيا هوندا هئا، سامهون رکرائي رات دير تائين ايندڙ ضرورتمندن سوالين کي ٻڪ ڀري ڏيندو هو. وڏي سخي هئڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز به هو. اوطاق تي ايندڙ مهمانن توڙي فقير فقراءَ لاءِ هڪجهڙي ماني، ڍاڪونءَ ۾ ڍڪجي ايندي هئي. پاڻ صوفياڻه راڳ جو به وڏو شوقين هوندو هو. ڀلا گهوڙا، مهري اٺ، ڀلا ڏاند، ڀليون مينهون، ڀليون ٻڪريون رکڻ جو به شوقين هو. وٽس 2 سئو کان وڌيڪ ڀلا گهوڙا هوندا هئا. سخي اهڙو جو ڪيترا ئي سوالي مينهون يا ڍڳا ۽ ٻئي چوپائي مال سان گڏ، گهوڙا سي به سٺن سنجن سان ڏيڻ جي سين هڻندا هئا ته کين اهي به ڏئي ڇڏيندو هو. سياست کان پري هو. سياست وارو ڪم پنهنجي ڀائرن نوابزاده ڄام جان محمد خان ۽ نواب زاده ڄام مٺا خان جي حوالي ڪري ڇڏيو هيائين. مٿيان ٻئي نواب، بمبئي اسيمبليءَ جا ميمبر رهيا ۽ ان حيثيت سان سنڌ ۾ سٺا ڪم ڪرايائون. ڄام ڪانڀو خان لاءِ اهو مشهور آهي ته پاڻ پنهنجي مرشد حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي مزار تي حاضري ڀرڻ لاءِ، سوين نوڪرن سان گڏ ڀٽ شاهه ويندي نازڪ نفيس هئڻ جي باوجود ڀٽ شاهه کان ٻه ڪوهه پري، نوڪرن سميت گهوڙن تان لهي پير اگهاڙا ڪري پيرين پنڌ مزار تي حاضري ڏيندا هئا. ايئن ٻه ٽي راتيون رهي، وڏيون خير خيراتون ڪندا هئا ۽ پاڻ سان آندل چانديءَ جي ٽڪن جو خرزينون فقير فقراءَ ۾ ورهائيندا هئا. لطيف جي عرس مبارڪ ۾، زائرين لاءِ سندن پاران لنگر عام هلندڙ هوندو ھو.

سردار شاهه بخش خان سهتو - گلاب علي سهتو


سردار شاهه بخش خان سهتو
گلاب علي سهتو
ڄام شاهه بخش خان سن 1924ع تي سيٺارجا بالا ۾ سردار ڄام گل محمد خان جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ڄام شاهه بخش خان حسب دستور پنهنجي والد بزرگ سان گڏ پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ فيصلن ۾ موجود هوندو هو. سندن ذهانت ڪمال درجي جي هئي. جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي والد کان اجازت گهري ڪن اڻانگن انسانن جا فيصلا پنهنجي والد صاحب جي موجودگيءَ ۾ ئي ڪري وٺندو هو يا وري ڪڏهن سندس والد صاحب کيس خاص حڪم ڏيندي، فيصلي ڪرڻ لاءِ چوندو هو. سندس عقيدت ۽ مريديءَ وارو واسطو ناتو درگاهه غوثيا سهرورديا جي خاص خاص خلصفن ۽ عاشقن طور قائم دائم هيو ۽ اڄ به آهي. سنڌ ڌرتيءَ تي سرداري صف ۾ بيٺل هي واحد ۽ پهريون سردار هو. جڏهن ڪارو ڪاري وارين ڪڌين رسمن ۽ رواجن عيوض ۽ ڏنڊ ڏوهه يا چٽي طور نياڻيون ڏيڻ واري رسم خلاف بغاوت ڪئي. سردار ڄام شاهه بخش خان ڪڏهن به اهڙو فيصلو نه ڪيو. جنهن ۾ ڏنڊ يا چٽي طور عورت ڏني وئي هجي. هن چاهيو پئي ته هن امن واري ڌرتيءَ تي انتهائي ڪارروايون براين ۽ بڇڙاين جي ڀنور ۾ آيل شرافت ۽ حقيقت پسندي وارين ريتن رسمن کي جياريو وڃي. ڄام شاهه بخش خان پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ فائنل جا ڪلاس هلرايا ۽ پنهنجي خرچ تي استاد مقرر ڪرائي استادن ۽ شاگردن جي رهائش جو خرچ پڻ پاڻ برداشت ڪيو. جوانيءَ جي دور ۾ ئي سندس هڪ ڪمدار ڪنهن  موقعي تي کيس چيو ته اسان جي هن ڇوڪري جو مٿو خراب ٿيو آهي چوي ٿو مان پڙهان پر اسان چئونس ٿا ته ته تون مال متاع جي ڪر. جنهن کانپوءِ ڄام شاهه بخش خان ٻار ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته پٽ مان تنهنجو خرچ برداشت ڪريان ٿو. تون جتي به چاهين اتي تعليم حاصل ڪر، پوءِ ڪمدار کي تنبيهه ڪيائين ته علم کان سواءِ انسان اڌورو آهي. هن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻ عمارتون ٺهرائي تعليمي ادارا قائم ڪيا. سندس اعليٰ ذهانت سبب انگريزسرڪار جي ڪليڪٽر آءِ ايس لاءِ کيس چونڊيو ۽ لنڊن وڃي تربيت جو امتحان ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا انگريز سرڪار سان بغاوت سبب ٺڪرائي ڇڏيائون. هو سندن والد جي وفات کانپوءِ 30 جولاءِ 1985ع بمطابق11  ذوالقعد 1405ع تي سرداري مسند تي ويٺو. پاڻ 1959-60ع جي بي ڊي اليڪشن ۾ حصو وٺي باقاعدگيءَ سان سياسي ميدان ۾ پير پاتائون، يونين ڪائونسل هيٺيان سيٺارجا ۽ گڏيجي جا ڪيترائي دفعا ميمبر، وائيس چيئرمين ۽ چيئرمين چونڊيا ويا. سردار ڄام شاهه بخش خان سهتو عوامي ڀلائي جا ڪيترائي ڪم ڪيا. گڏيجي کان سيٺارجا اسٽيشن ۽ نيشنل هاءِ وي کان سيٺارجا بالا جيڪي هينئر پڪا روڊ آهن پنهنجي هارين نارين جي مدد سان ڪچا رستا ٺهرائي ماڻهن کي رستن جي سهوليت ميسر ڪئي. هن غريب پرور انسان ۽ سندن خاندان ڪڏهن به انساني تذليل نه ڪئي. اونچ نيچ ، امير غريب واري فرق کي ختم ڪري جمهوريت ۽ مساوات جو اهڙو مثال قائم ڪيو. جيڪو اهڙين مسندن تي ويٺل ٻين شخصيتن وٽ نه هيو. هن پنهنجي برادري کان سواءِ راڄداري ۾ ايندڙ ٻين ڪيترن ئي قبيلن جي ماڻهن کي پنهنجي آڳند تي کٽ، ڪرسي ويهڻ لاءِ ڏئي برابري جو مثال قائم ڪيو جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي. هن روشن خيال سردار پنهنجي اها سوچ سدائين اڳيان رکي ته پنهنجي قبيلي جي ماڻهن کي ۽ اوڙي پاڙي جي ٻين بردارين جي غريب ماڻهن کي علم جهڙي زيور کان محروم رکڻ هن مسند سان خيانت آهي. سنڌ ۽ هند ۾ سندس قبيلي جي ماڻهن جي موجودگيءَ هوندي به هن ڪڏهن خون خرابي جي هوا کي نه ڀڙڪايو هوندو. سنڌ ڌرتي تي سندس قبيلي سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي برادريون ۽ پاڙا سندس سرداريءَ هيٺ هئا ۽ راجائن جي علائقي راجستان ۾ پڻ سندس قبيلي کي، پاڙيسري کي اهنج ۽ ايذاءَ ڏيڻ، ڦرڻ لٽڻ جو درس هن گهراڻي جي ڪنهن به فرد نه ڏنو. سردار شاهه بخش خان سهتو به ان ئي سوچ جو مالڪ رهيو. هي امن پسند سردار ته هو پر ڪڏهن به انگريز سرڪار کان وٺي ٻئي ڪنهن جابر حاڪم اڳيان نه جهڪيو. جڏهن به ڪنهن ڏاڍي پير مير ڪنهن غريب پاڙيسري جي ننگ ۽ دنگ سان هٿ چراند جي ڪوشش ڪئي هوندي اتي هي سرويچ سرواڻ اڳيان اچي پاڻ ملهائڻ لاءِ پهتو هوندو. سندس سوچ ۾ اها ئي ڳالهه هوندي هئي ته هي ڪهڙي به قبيلي جو مظلوم ماڻهو آهي ان جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن ڪڏهن به اقتدار جي عيوض اصولن جي سوديبازي نه ڪئي. هن چاهيو پئي ته حقيقي حڪمراني انسانن جي دلين تي حاڪميت ڪرڻ آهي. ٻين خاطر پاڻ ارپڻ وارو اصول، نه ڪي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ ڌرتي، قوم ۽ ضمير جو سودو ڪيائين.

بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي - پروفيسر اعجاز قريشي


بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي
پروفيسر اعجاز قريشي
سنڌ هڪ مردم خير خطو رهيو آهي. هن پنهنجي ڪُکِ مان ڪيترين ئي عظيم ۽ اعلى شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. انهن مان هڪ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي پڻ آهي. غلام محمد خان ننڍي هوندي کان ئي سنڌ جي سياست ۾ پير پاتو ۽ ان ۾ هڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ننڍپڻ ۾ هن تمام سٺي تعليم حاصل ڪئي ۽ پنهنجي تعليم ۽ سمجهه جي زور تي سنڌ جي عام غريب ماڻهن ۽ خاص طور تي مقامي ڪولهي ۽ ڀيل برادرين جي ماڻهن سان هن کي محبت ٿي ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. ڀرڳڙي صاحب جڏهن هن دنيا ۾ اک کولي ته هندستان ۾ برطانوي راڄ هو  ۽ سنڌ ۾ به انگريزن جي حڪومت هئي. هن پنهنجي اکين سان ماڻهن سان انگريزن طرفان ٻه اکيائي ٿيندي ڏٺي ۽ پوءِ انگريزن کي هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ماڻهن جا مسئلا وٽن کڻي ويندو هو. انگريز بهادر ڇاڪاڻ ته حڪمران هو ۽ پنهنجي طاقت جي نشي ۾ هو، ان ڪري هو انهن ڳالهين تي ڌيان نه ڏيندو هو.
غلام محمد خان ٿوري وقت ۾ ان ڳالهه کي سمجهي ويو ۽ هن انگريز جي قانون جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ان تي دسترس حاصل ڪئي ۽ پوءِ هو جلد ئي انگلنڊ روانو ٿيو ۽ چند سالن ۾ بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪري واپس آيو. ڀرڳڙي صاحب انگلينڊ مان ڊگري وٺي 1908ع ۾ واپس سنڌ پهتو ۽ اچڻ شرط پنهنجي وڪالت جو هڪ جاندار فرم قائم ڪيو جنهن ذريعي هن عام ۽ غريب ماڻهن جا ڪيس کنيا ۽ ساڳئي وقت سياست ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. انهيءَ دؤر ۾ ڀرڳڙي صاحب جي وڪالت واري فرم ۾ ساڻس سنڌ جي ٻين وڪيلن به ساٿ ڏنو جن ۾ خاص طور تي بئريسٽر عبدالرحمان، بئريسٽر حافظ، مسٽر عبدالقادر وڪيل ۽ ڪجهه ٻيا دوست شامل هئا. هي اُهو دؤر هو، جنهن وقت سنڌ جي هڪ ٻي اعلى شخصيت شيخ عبدالمجيد سنڌي مسلمان ٿي سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. هي نو مسلم هو ۽ ڀرڳڙي صاحب سندس ڪافي مدد ڪئي. ان وقت سنڌ ۾ ڀرڳڙي صاحب جي دوستيءَ ۾ سنڌ جو ناميارو وڪيل ۽ دانشور سيٺ هرچند راءِ وشنداس، سنت داس منگهارام، جيٺمل پرسرام، جئرام داس دولترام به اچي ساڻس شريڪ ٿيا ۽ سنڌ ۾ هڪ سياسي ۽ سماجي هلچل هلڻ لڳي. انهن ئي ڏينهن ۾ مولانا عبدالله سنڌي به پير جهنڊي ۾ اچي رهيا هئا ۽ پنهنجي تعليم جو هڪ مدرسو قائم ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ شيخ عبدالمجيد، ڀرڳڙي صاحب جو سياسي اسسٽنٽ ٿيو ۽ ڀرڳڙي صاحب طرفان جاري ڪيل اخبار الامين جو ايڊيٽر ٿيو، جتان شيخ صاحب وڌي هڪ اعلى پائي جو سياستدان ٿيو.
شيخ صاحب ۽ ڀرڳڙي صاحب ننڍي کنڊ جا اعلى ڪردار ۽ اعلى پائي جا سياستدان ٿي اڀريا. انهن ڏينهن ۾ ڀرڳڙي صاحب آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. ان وقت ڪانگريس جو ليڊر جناب فيروز شا مهتا هو. 1908ع ۾ ڪانگريس طرفان سنڌ ۾ هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جيڪا لاڙڪاڻي شهر ۾ منعقد ٿي. هن ڪانفرنس جي صدارت سيٺ هرچند راءِ وشنداس ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ تمام گهڻا قومي مسئلا ۽ سوال اُٿاريا ويا خاص طور تي سنڌ جي بمبئي کان آزادي وارو معاملو ان ڪانفرنس سنڌ ۾ ڪافي هلچل پيدا ڪئي ۽ ڀرڳڙي صاحب ان سلسلي ۾ سنڌ جي حقن جي حفاظت بابت تمام اهم ۽ سٺو ڪردار ادا ڪيو. ڪانگريس ان وقت هندستان جي تمام وڏي مضبوط ۽ فعال تنظيم ٿي وئي هئي ۽ سنڌ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لڳي. سنڌ جا ڪيترائي مسلمان ليڊر هن ۾ شامل ٿي ويا هئا، ڇو ته ڪانگريس هندستان جي آزاديءَ لاءِ وڙهي رهي هئي ۽ پنهنجي مختلف هنڌن تي  انگريزن جي ڪردار جي نفي ڪئي پئي وئي. 1908ع کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ 1913ع ۾ ساليانو ميڙ ٿيو، ان بعد 1914ع ۾ مدراس ۾، 1915ع ۾ بامبي ۾ ساليانو ميڙ ٿيو. انهن سڀني ۾ غلام محمد خان صاحب جو مرڪزي ڪردار رهيو. ڪراچيءَ واري ميڙ جو سڄو بندوبست ته ڀرڳڙي صاحب ڪيو. انهيءَ کانپوءِ ٽيون صوبائي ميڙ وري لاڙڪاڻي ۾ 21 اپريل 1916ع ۾ ٿيو، جنهن ۾ پڻ ڀرڳڙي صاحب جو وڏو ڪردار هو. انهيءَ ڪانفرنس ۾ سيٺ هرچند راءِ، غلام محمد ڀرڳڙي صاحب کي انهيءَ ڪانفرنس جي صدارت لاءِ ڪوٺايو هو ۽ ڀرڳڙي صاحب جي شان ۾ هڪ ڀرپور تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ”ڀرڳڙي صاحب سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪم پيو ڪري ۽ ٻيو ته هو سڄي سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ کين ويجهي آڻڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. هو هڪ انسان آهي ۽ انسانيت جو علمبردار آهي ۽ هو انسانن ۾ ڪنهن به ورهاست جو حامي ناهي ۽ ڀرڳڙي صاحب انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪا به ميٽنگ يا ڪانفرنس هجي ۽ ڪٿي به هجي ته هو ان ۾ اچي شامل ٿيندو آهي ۽ هن ڪڏهن به نه گسايو آهي.“ انهيءَ تي سڄو حال اُٿي بيٺو ۽ ڀرڳڙي صاحب جي ايڏي عزت افزائي تي تمام گهڻيون تاڙيون وڄايون.  بعد ۾ انهيءَ لاڙڪاڻي واري ڪانفرنس جي صدارت ڀرڳڙي صاحب ڪئي ۽ هڪ ڀرپور تقرير ڪئي. انهيءَ ۾ هن هندستان ۽ سنڌ جي ماڻهن جي اهنجن جو ذڪر ڪيو ۽ برطانوي راڄ جي سٺن ماڻهن جي تعريف پڻ ڪئي. ڀرڳڙي صاحب جي اها تقرير تمام ڀرپور هئي ۽ تقرير انگريزي ۾ موجود آهي ۽ اسان جي محقق سائين محمد هاشم لغاري جي ڀرڳڙي صاحب تي لکيل ڪتاب ۾ موجود آهي.
ڀرڳڙي صاحب ڪجهه وقت آل انڊيا ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته ڪانگريس طرفان مسلمانن جي آزاديءَ جو ڪيس ڀرپور نموني نه کنيو پيو وڃي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ ڀرڳڙي صاحب جي چوڻ تي آل انڊيا مسلم ليگ ۽ آل انڊيا ڪانگريس جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڀرڳڙي صاحب سنڌ جو بمبئي کان جدائي جو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ هن ڏٺو ته قائداعظم هڪ وڏو مدبر آهي ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو سعيو ڪيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڀرڳڙي صاحب آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ محمد علي جناح صاحب ۽ ٻين سان گڏ ڪم ڪيو. ڀرڳڙي صاحب مسلم ليگ ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو. هن پنهنجي سڄي جواني جديد سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. انگريزن سان هارين ۽ زميندارن بابت رسائي ۽ لاپي تي جهيڙو ڪيو. ڀرڳڙي صاحب هڪ باڪردار، روشن خيال سياستدان هو. هن سنڌ ۾ پنهنجو نالو ڇڏيو. پاڻ ڪم ڪم ڪندي، ڪندي جوانيءَ ۾ ئي راهه رباني وٺي ويو. پر سندس ڪم اڄ اسان وٽ موجود آهي. اسان جي نوجوانن کي سندس ڏسيل واٽ تي هلڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ کي هن مهل اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي.