; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو - رحيم منگي

14 March, 2011

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو - رحيم منگي

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
 رحيم منگي
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو مشهور دانشور، محقق، عالم ٻوليءَ جو ماهر، نقاد، ڪهاڻيڪار، شاعر، ماهر عمرانيات، تعليمي ماهر ۽ تعليم کاتي جو آفيسر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو 8 آگسٽ 1934ع تي تعلقي قمبر جي ڳوٺ گهاگهري ۾ ڄائو سندس والد جو نالو محمد علي ٻوهيو هو جيڪو هارپو ڪندو هو. سندس ماءُ ننڍپڻ ۾ گذاري وئي هئي، کيس ڏاڏي پاليو. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو پرائمري تعليم ڳوٺ ”پيچوهن“ ۾ پرائي. مئٽرڪ 1953ع ۾ لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي ۽ انٽر سروري ڪاليج هالا مان ڪئي. هن انگلش ۾ ايم اي ڪئي ۽ ايل ايل بي به ڪيائين. لاهور بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن لائلپور ڪاليج مان (پي ٽي سي) برابر امتحان پاس ڪيو، جڏهن ته پي ايڇ ڊي 1977ع ۾ ڄامشورو مان سنڌي ٻولي جي سماجي ڪارج جي موضوع تي ڪئي. اهو موضوع سڄي ايشيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪم هو.


1977ع تائين ايشيا کنڊ جي ڪنهن به ٻولي بابت ان حوالي سان تحقيقي ڪم نه ٿيو هو. ڊاڪٽر ٻوهئي نوڪري 1957ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي کان شروع ڪئي. هن نوڪري به ڪئي ۽ تعليم به جاري رکيائين ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر اسڪولس لاڙڪاڻو به ٿيو. ڊاڪٽر ٻوهئي لکڻ جي شروعات 1950ع ڌاري ڪئي.
سندس پهريون نظم هاري حقدار اخبار ۾ ڇپيو. کيس تقرير جو به شوق هيو.
هن ڊراما به لکيا، جيڪي لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پيش ڪيا ويا. سندس ڪجهه ڊرامن جا نالا هي آهن؛ نوري ڄام تماچي، امرتا، ڳورهين جو قرض ۽ صبح نه ٿي سگهندو.
هن ڪهاڻيون به لکيون جن ۾؛ اسان جا روح ڪٿي آهن، منهنجو قلم مري ويو آهي ۽ ميراثين جي گهرن کي باهه لڳي، مشهور ٿيون.
هن لوڪ ڪهاڻيون به لکيون جن ۾؛ ڪينجهر ڪيئن ٿي ڳالهائي، مصنف شاهه ۽ وڪيل ۽ جواني جو موت نمايان آهن.
هن ڪيترا ئي مضمون به لکيا جن ۾؛ شعر جي اڀياس جا نوان طريقا، سنڌ ۾ ڏوهن جو سماجي پسمنظر ۽ جمهوريت جي وات ۾، مشهور آهن.
ڊاڪٽر ٻوهيو سنڌ ريسرچ ڪائونسل جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. هن جا ڪجهه ڪتاب ڇپيل آهن. سنڌي ٻولي جو سماجي ڪارج 1978ع، تنقيدون1980ع، ادب جا فڪري محرڪ 1984، علم تحقيق 1990ع، ٻوهئي جون تحريرون (1994ع مرتب ناز سنائي) ٻوهئي صاحب جو هڪ ڪتاب ٽيلس ري ٽولڊ 1990ع ۾ انگريزي ۾ ڇپيو. هن املهه ماڻهو جي وفات دل جي دؤري سبب 1994ع ۾ ٿي.

No comments:

راءِ ڏيندا