30 July, 2016
جمال الدين فقير - نواز ڪنڀر
ساقي شاهه - وحيد مراد سيال
جمال فقير - لياقت علي ٿهيم
29 July, 2016
شاهنواز جوڻيجو
نسيم کرل
نسيم کرل
سنڌي ٻوليء جو امر ڪهاڻيڪار کي سندس ورسيءَ تي ڀيٽا
محمد سليمان وساڻ
سنڌي
ادب جو هيءُ ناميارو افسانه نويس ۽ ڪهاڻيڪار ڳوٺ کرل خيرپور جو پڙهيل زميندار هو،
سندس پيدائش ۲۹ جون ۱۹۳۹ع ۾ ٿي ۽ زمينداريءَ ۾ جهڳڙي جي سبب سان سندن قتل ۱۴ جولاء ۱۹۷۸ع ۾ ٿيو.
سندس
پهريون مجموعو ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ اداره ادب جي طرفان ۱۹۶۶ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس جڳ مشهور ڪهاڻي ڪافر کان سواءِ گردش زماني جي، گذريل
واردات، ڳڻ گٽس، ڪچو رنگ ۽ ڪجهه ٻيا افسانا شامل آهن.
استاد محمد بچل - رکيل مورائي
شفيق حسين ميمڻ - محمد سليم ميمڻ
فقير عبدالغفور
مير غلام الله ٽالپر - مخمور مهيري
معراج محمد خان - رياض سهيل
24 July, 2016
نارائڻ شيام
نارائڻ شيام
هجي جا کاڻ خوبين جي
وينا شرنگي
پهتاسين
ڪهڙي ماڳ وڃي ڇا ڪندين پڇي
ها، ڏس
ته هن سفر ۾ لنگهياسين ڪٿان ڪٿان.
(شيام)
سدا حيات شاعر شيام ڪهڙو ماڳ وڃي
وسايو آهي، ان جو انت لهڻ ته مشڪل آهي، پر زندگيءَ جي سفر ۾ هو ڪٿان ڪٿان رهگذر ٿيو،
ان سفر جو پيرو کڻن ته مشڪل آهي، جنهن تخليقي
شعور جي منزل ۽ ماڳن جي بلندين کي شيام ڇهيو تنهن نقش پا، جي مٽيءَ جي خوشبو ۽ هڳاءَ
جو واس جڏهن به، جنهن به ماڻيو آهي، اهو مدهوشيءَ جي عالم ۾ پاڻ وڃائي ويٺو آهي، هو
سچ ۽ سنهن جو شاعر هو، سندس ٻوليءَ ۾ مٺاس، ۽ ان جو استعمال اهڙي ته ٺهڪندڙ نموني ڪيو
آهي جو عبارت ۽ سندس اسٽائيل ٻين شاعرن کان الڳ ٿي بيهي ٿي، سندس شاعري بلندين کي ڇهي
ٿي، پوءِ چاهي شاعريءَ ۾ ڪتب آندل تشبيهون هجن يا وري مُحاورا يا مثال – شيام پنهنجي
رچنائن ۾ جا ٻولي ۽ لفظ ڪتب آندا آهن، تن جي باري ۾ شاعر سڳن آهوجا جو چوڻ آهي ته
: هو اهڙا لفظ نه گهڙيندو آهي جن مان ٻوليءَ جي بگڙجڻ جو انديشو هجي، شيام پنهنجا لفظ
گهڙيندو ضرور آهي پر اهڙا جن سان شاعريءَ ۽ ٻوليءَ جي خدمت ٿي سگهي، دهليءَ جي سدا
حيات شاعر جي فڪر ۽ شخصيت جي ڪن پهلوئن کي اوهان آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، شيام
سان ڪهڙي سال ملاقات ٿي، اهو ته ياد نه آهي پر ماضيءَ جي جهروڪن مان سندس ماٺيڻي شخصيت
جا ڪي عڪس ۽ اولڙا اُڀري اچن ٿا، سندس گفتگو ٿڌي هير جيان، اڄ به اچي دڳ جهلي ٿي بيهي،
تقريبن اڌ صديءَ شيام شاعريءَ جي نانءِ ڪري ڇڏي، دهليءَ جي هن سدا حيات شاعر جو جنم
۱۹۲۲ع ۾ ٿيو، ۱۹۳۹ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي، سندس پتا ڪامورو هو، سندس ادبي پونجي.
23 July, 2016
واجد منگي
واجد منگي
جا پيڙ هئي پرواني ۾
منظور ڪوھيار
’واجد‘ سان جڏهن منهنجي پهرين ملاقات
ٿي هئي ته مون ٽي ڳالهيون نوٽ ڪيون هيون. هڪ ته هو خوشخط آهي. ٻيو ڦڻي ڦوڪاري جو شوقين
آھي. ٽيون سندس لفظن جي ادائيگي زبردست آهي.
واجد سان منهنجي ڇتڙن جي ياري ته
ڪو نه هئي. پر پنهنجي، ”عليڪ سليڪ“ ادبي ميڙاڪن ۾ ٿي، ۱۹۷۵ع ۾. ڪجهه ويجهڙائپ وڌي ته چار چونڪ گيان باغ جي نام نهاد ليڊيز پارڪ ۾ ويهي
ڪُٽيندا هياسي. جنهن ۾ عورتون گھٽ، مرد گھڻا ويٺا هوندا هيا. انهيءَ دؤران مون کيس
انگريزي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ واجد مون کي شاعريءَ جو بحر وزن سمجهائڻ جي. ٻئي ناڪام
وياسي.
17 July, 2016
ماسي سدوري - منظور ڪوھيار
فقير محمد لاشاري
فقير محمد لاشاري
علم ادب ۽ سماج جو
سونھون
فقير محمد سنڌي
فقير
محمد لاشاري صحافت ۽ ادبي صحافت جي اهميت کي چڱي ريت ڄاڻي ورتو هو، پنھنجي اوسي
پاسي سياسي، سماجي، مذهبي حالتن جو پورو پورو ادراڪ رکندڙ باشعور سجاڳ ذهن جو مالڪ،
جنھن هر وقت پاڻ سان گڏ معاشري کي سجاڳ رکڻ جو حوصلو ڏيڻ ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪامياب
ٿيو.
12 July, 2016
عبدالستار ايڌي
10 July, 2016
ڊاڪٽر تنوير عباسي
بدر ابڙو
بدر ابڙو
رکيل مورائي
لڳي ٿو هاڻ هُن مڪمل ويراڳ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هو ڪنهن به تقريب، جيڪا سچ پچ نج
ادبي تقريب هوندي آهي، ان ۾ به شريڪ نه ٿيندو آهي، جتي سندس ڳالهائڻ جي گهرج هوندي
آهي، اتي به هو گهٽ ئي ايندو آهي، سندس نه اچڻ سبب سندس جڳهه تي جيڪو ڳالهائڻ وارو
هوندو آهي، اهو اديب، تخليقڪار، تنقيد نگار، تحقيقڪار نه هوندو آهي، پر انهن گهڙين
۾ هو پاڻ اهو سڀ ڪجهه هجڻ جو ڏيک ڏيندو آهي.
فقير جانڻ چن
فقير جانڻ چن
موت جي مارڻ جو مان
ناهيان
ابراهيم لاشاري
پنهنجي سنڌ ڌرتي کي
اهو اعزاز حاصل آهي هي سرزمين صوفين، فقيرن، امن، رواداري وارن جو ديس سڏيو وڃي ٿي
هن ڌرتي هر دور ۾ ڪيترن ئي املهه انسانن کي پنهنجي سيني تي جنم ڏئي پنهنجو پنهنجي
ديس جي ماڻهن جو نالو هميشه جرڪايو آهي، اهڙي طرح منهنجي شهر وارهه کي پڻ اهو شرف
حاصل آهي ته هن علائقي جي املهه انسانن جنهن ۾ عالم، اديب، شاعر، سگهڙ، ڪالم نگار،
سياستدان، صحافي، پڻ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هن ڌرتي سان گڏ پنهنجو نالو ڏيهان
ڏيهه مشهور ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي انهن
منجهان وارهه ڀرسان ڳوٺ ٿرڙي هاجران جي
فقير محمد حسن چن کي اها گهڙي نهايت خوشين جي نصيب ٿي جو سال ۱۸۹۵ع ڌاري صوفي مشن ٻار جانڻ چن جي نالي سان
سندس گهر ۾ جنم ورتو، سندس والد فقير محمد حسن چن بلوچستان جي هڪ (بروهي قبيلي)
منجهان رحيم خاتون سان شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي نڪاح ڪيو هو هن صوفي فقير جانڻ چن جو ٻانگ
جو نالو (جان محمد چن) رکيو ويو مڱر فقير جانڻ چن کي مرشد وري (صادق علي) جي خطاب
سان هميشه ڪوٺيندا هئا. پاڻ شاعري ۾ تخلص
وري (جانڻ چن) استعمال ڪندو رهيو جڏهن هي صوفي صفت ٻار نصابي تعليم جي عمر کي پهتو
ته گهر وارن سندس کي ديني تعليم ڏيارڻ
خاطر مدرسي منجهه ويهاريو مسلسل (ٽي سال) هي صاحب ان مدرسي منجهه پڙهيو مڱر قرآن
پاڪ جو ڪجهه (ايميون) پڙهي پڙهڻ کان نابري واريون، مدرسي جي معلم سندس گهر وارن
سان هن جي پڙهائي جو سربستو احوال اوريو ته هي ٻار هت پڙهي نه سگهندو پوءِ جلد جانڻ سائين پڙهائي واري سلسلي منجهان هٿ
ڪڍي وڃي مال چارڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي جهنگ ۾ اڪيلائي پسند ڪرڻ لڳو، جان محمد
المعروف جانڻ چن صاحب يارهن، ٻارهن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته سندس والد ديني عالم
فقير محمد حسن چن هن دنيا مان وصال ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، جانڻ سائين پاڻ
هميشه اڪيلائي پسند ڪندا هئا انهي زماني منجهه پيرن جي پير (سيد عبدالقادر جيلاني
بغدادي رح) تي ڀروسو رکندي هر ڏکي گهڙي منجهه هميشه زبان تي (يا دستگير) جو اسم
اوچاريندي نظر آيا سال ۱۹۱۹ع ڌاري خلافت تحريڪ واري زماني منجهه مسلمان ۽ هندو هڪ ٿي انگريزن (گورن)
خلاف مخالف ٿيا هئا ته جانڻ چن سائين پنهنجي ڀاءَ بخشل چن سان انقلابي شاعري ڪرڻ
شروع ڪيائون جلد ئي شاعري جي ڪري عام خلق خدا وٽ وڏي مشوري ماڻيائين، پاڻ جانڻ
سائين ٽيهن سالن جي ڄمار کي پهتو ته وارهه تعلقي جي (کيٽاڻ) ڳوٺ جي کيٽاڻ خاندان جي معزز گهراڻي منجهان شادي وارو نڪاح ٿيو
جنهن منجهان رب سائين پنج نِاڻين ۽ چار نرينان اولاد عطا ٿيس جن منجهان ٽي نياڻيون
ننڍي هوندي رحلت فرمائي ويون پٽن ۾ فتح علي چن، شوڪت علي چن، محمدعلي چن مست ۽ هڪ
فرزند ننڍي هوندي رب سائين کي پيارو ٿي ويو هو فقير جانڻ چن پيٽ گذر لاءِ (درگاهه
حيدر شاهه تعلقه وارهه) ان جي ڀرسان هڪ هندو سيٺ جي (ڏهه جريب) زمين هارپي تي ڪري
پنهنجي زندگي جو گاڏو پئي گهليائين اسان جو ملڪ پيارو پاڪستان جڏهن آزاد ٿيو ۽
هندن جي لڏ پلاڻ شروع ٿي ته هندو جڏهن ملڪ ڇڏي هليا ويا ته اها زمين سندس جي نالي
تي الاٽ ٿي مڱر زمين جي وارثي نه ڪيائين فقير جانڻ چن سائين ننڍي وهي کان ئي توڪل
تي يقين رکندڙ انسان هئا صدائين من ۾ (حق موجد) جو آواز بلند ڀائي ڪندي نظر آيا
هميشه من منجهه اهيو خيال هوندو هيس ته (اڄ ڏنو ٿين سڀاڻي به ڏيڻ وارو رب ڪريم
آهي) فقير جانڻ چن غريبن جو هڏ ڏوکي انسانيت جو علمبردار ٿي لوڪان لوڪ مشهوري ماڻيائين
جڏهن هاري تحريڪ جو پايو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي وڌو ته هي فقير به ان تحريڪ جو حصو
بڻجي غريبن، هارين، مسڪين، ماروئرن جي دردن جو درمان بڻجي ان وقت جي اليڪشن منجهه ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي جو چٽو پٽو ساٿ ڏنائين ان اليڪشن ۾ تر جي مشهور زميندارن حاجي خان ڪلهوڙو
۽ عبدالفتاح ميمڻ صاحب وڏو اثر رسوخ استعمال ڪري سندس جي حمايت حاصل ڪرڻ ۽ پئسن جو
طرح طرح جون لاچون ڏئي حاصل ڪرڻ پئي چاهيو مڱر هي صوفي مشين شاعر سمورين لاچن کي ٿڏي
غريبن رهارين جي حقن جو آواز بلند ڪندڙ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ساٿ ڏنو، ان
زماني منجهه پنهنجي من جو آواز انقلابي شعر چئي عام خلق ۾ پنهنجو نالو نروار ڪرڻ ۾
ڪامياب ويو پاڻ ان زماني منجهه هارين جي حقن جي ڳالهه ڪهڙي نه بهترين نموني ڪري
عام خلق کي ٻڌائي ٿو؛
شاهه نصير
شاهه نصير
صوفي شاعر
گل مورو
هيڪر ويهه اچي، نوشهري ۾ نصير چوي...
صوفي شاهه عنايت شهيد، ڀٽائي، سامي، سچل جو صوفياڻو
فڪر ۽ شاعري هند توڙي سنڌ ۾ دنيا جهان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تصوف واري فڪر يعني انسانيت واري
فڪر سان اڄ به ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، اهو ئي پيغام کڻي هند ۽ سنڌ جو صوفي شاعر شاهه نصير،
جنهن ساهتي پرڳڻي جي شهر نوشهروفيروز ۾ ۱۲۲۳ هجري ۾ ان وقت جي ناليواري صوفي شاعر عبدالحي
نقشبندي جي گهر ۾ جنم ورتو. اهو ئي سندس والد عبدالحي نقشبندي جهوڪ ميرانپور جي صوفي
شاعر ۽ تصوف جي پرچارڪ فضل الله قلندر جو دوست بڻيو ۽ ان جي وفات کان پوءِ صوفي شاهه
نصير سندس اها واٽ جيڪا شاهه عنايت شهيد واري فڪر مان سندس والد کي نصيب ٿي هئي، اهو
ئي پيغام کڻي جهر جهنگ ۾ نڪري پيو، جنهن جي شاعري سنڌي، اردو، فارسي، سرائيڪي اڄ به
ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي، جنهن ۾ سندس مشهور صوفي ڪلام آهي ته:
علي نواز تڳر - مظهر خاصخيلي
علڻ فقير
مائي ڀاڳي
مائي ڀاڳي
ٿر جي ڪويل (سندس ورسيء تي کيس
ڀيٽا)
محمد سليمان وساڻ
ٿر جتي نازڪ دليون، جانٺا جسم ڏينھن جي سختين سامھون اڏول رات جي ٿڌڪار ۾ ڏھرن
۽ ڀٽن جي ڀر ۾ ڪنن تي ھٿ رکي ڪڏھن ٽيجون الاپين ته ڪڏھن ورساڙو ۽ ڪجلئي ٻول جا چئي
پنھنجي اميدن ۽ آسن کي مظبوط ڪري ايندڙ اڀرندڙ سج سان سيني ساھڻ جون تياريون ڪن. زندگي
نھايت سخت آھي تيز ٻرندڙ سج ۽ سالن جو سوڪھڙو مقابلي لاءِ ھر وقت موجود آھي ان ۾ زندگي
کي ڏورڻ ۽ ان جي مشڪلن کي مڙس ٿي مقابل ٿيڻ جو احساس شامل آھي ۽ اھوجذبول تڏھن وڌيڪ
وڻندڙ ۽ ھانو کي ٺاريندڙ لڳندو آھي جڏھن ٿر جي ٿڌين راتين ۾ پر انھين ڀٽن مان ڪوئل
جي ڪوڪ وانگر ڪو اوچتو آواز اسرندو ھو ۽ اھو ڏھرن توڙي ڀٽن کي پنھنجن سرن ۾ سمائي سرھو
ڪري ڇڏيندو هو.
ڊاڪٽر فهميده حسين
ڊاڪٽر فهميده حسين
نامياري محقق، اسڪالر ۽ ليکڪ کي جنم ڏينهن جون واڌايون
محمد سليمان وساڻ
نامور ليکڪا، اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر فهميده حسين، ۵ جولاءِ ۱۹۴۸ع تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ پنهنجي وقت جي مثالي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم حيدرآباد جي مسلم گرلس اسڪول مان؛ سيڪنڊري ڪجهه عرصو ميران اسڪول مان پڙهي ۽ پوءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿي، جتان ۱۹۶۴ ۾ امتيازي نمبرن سان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ۱۹۶۸ع ڌاري ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس سي ڪري، ۱۹۷۰ع ۾ ايم اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اتان ئي ۱۹۷۲ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم اي، ڪيائين. ٻنهي ڊگرين ۾ هن ٻين پوزيشن حاصل ڪئي. هن ۱۹۸۱ع ۾ ايل ايل بي ۽ ۱۹۹۰ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما به ڪئي. ڊاڪٽر صاحبه ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ عنوان هيٺ ۱۹۹۲ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. ڊاڪٽر اياز قادري (مرحوم) سندس پي ايڇ ڊي گائيڊ رهيو. ڊاڪٽر فهميده حسين کي ادب ۽ علم سان چاهه ننڍپڻ کان پنهنجي خاندان مان ئي حاصل ٿيو، سندس والد محمد يعقوب ’نياز‘ نه رڳو سٺو شاعر، پر هڪ عالم شخص ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ هو، جنهن ڪلاسيڪي فارسي شاعر حافظ جي شاعري ’ڪلام حافظ‘ جي نالي سان ترجمو ڪئي هئي ۽ سنڌي لغت بورڊ ۾ به هڪ عرصي تائين ڪم ڪيو هو. کيس عربي، فارسي، سنسڪرت هنديءَ ٻوليءَ تي به عبور هو. ڊاڪٽر صاحبه جو وڏو ڀاءُ سراج ميمڻ به سنڌي زبان جو وڏو اسڪالر، ڪهاڻيڪار ۽ لسانيات جو ماهر آهي. سندس ٻيا ڀائر ڀيڻون به سنڌي ادب سان وابسته رهيا جن ۾ عبدالحق عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر ’بادل‘، جميله ’تبسم‘ ڪهاڻيڪار ۽ انيس ميمڻ شاعر ۽ ايڊيٽر رسالو ’سگهڙين سٿ‘ شامل آهن. اهڙي علمي ادبي ماحول ۾ سندس پرورش ٿي.ڊاڪٽر فهميده حسين عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نيوز ٽرانسليٽر جي نوڪريءَ سان ڪئي. ان بعد ۱۹۷۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. ڪجهه وقت اتي پڙهائڻ بعد جڏهن ۱۹۷۴ع ۾ سندس شادي جناب عبدالحسين سرائيءَ سان ٿي ته کيس ڪراچيءَ وڃي رهڻو پيو جتي ۱۹۷۸ع ۾ هوءَ سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، اتي ترقي ڪندي ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۵ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر؛ ۱۹۹۵ع کان ۱۹۹۷ع تائين پروفيسر؛ بعد ۾ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن مقرر ٿي. ان بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر طور ڏهه سال خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ لطيفيات جي حوالي سان جديد تقاضائن موجب ڪيترائي ڪتاب ڇپايائين. ٽماهي تحقيقي جنرل ’ڪلاچي‘ سندس ادارت ۾ جاري ٿيو. ڪيترن نوجوانن ريسرچ جي ميدان ۾ سندس رهبريءَ هيٺ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. ان کان پوءِ کيس سنڌ حڪومت طرفان مئي ۲۰۰۸ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ هن ڏينهن رات محنت ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت واري جذبي سان فرض نڀايا آهن.