; سنڌي شخصيتون: July 2019

24 July, 2019

سيد اظهر گيلاني


سيد اظهر گيلاني
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
ٻه سؤ کان وڌيڪ ڪتابن جي خالق ۽ مالڪ، سيد اظهر گيلانيءَ جي وفات جو ڏينهن، تاريخ ۲۲ جولاءِ ۽ سائينءَ جي لاڏاڻي جو سال ۲۰۰۶ع آهي. نثر ۽ نظم جي ٻن سؤ ڪتابن مان پورا هڪ سؤ ڪتاب شاعريءَ جي مختلف صنفن تي لکيائين. فقط غزل جا ٻاويھ ديوان لکي مڪمل ڪيائين، جن مان ٻه چار پاڻ ڇپرايائين، باقي سڀ اشاعت لاء آتا آهن.

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي - شوڪت شورو


ورھائجي ويل سنڌي ادب جو اسڪالر
شوڪت شورو
سنڌي ٻولي ۽ ادب جنھن تيز رفتاريءَ سان ترقي پئي ڪئي، ان کي ورھاڱي کان پوءِ ڄڻ بريڪ لڳي ويو. ڪجھ سالن جي ماٺار کان پوءِ جڏھن وري نئين سر شروعات ٿي ته ان ۾ سست رفتاري ھئي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجھ کي جيڪو ڌڪ لڳو، ان جي تلافي نه ٿي سگھي آھي. ڪراچي ۽ ڪجھ ٻين وڏن شھرن ۾ سنڌي ٻولي جي اڳوڻي حيثيت ختم ٿي وئي. اھا گھڻائي بدران ٿورائيءَ واري ٻولي بڻجي وئي. ھوڏانھن سنڌ مان لڏي ويل سنڌي انڊيا ۾ ٽڙي پکڙجي ويا، ان ڪري سنڌي ٻولي کي گھڻي عرصي تائين سنڀالي سلامت رکي نه سگھيا. سنڌي ادب ٻن حصن ۾ ورھائجي ويو. تحقيق ۽ تنقيد جي صنفن تي ان جو وڏو اثر پيو. سنڌ جي سنڌي ادب ۾ تنقيد جي صنف ختم ٿي وئي. البت ھند ۾ تنقيد زور ورتو ۽ وڏا نقاد وڌي آيا. پر اتي تحقيق جي صنف اسري نه سگھي. ڇاڪاڻ ته عالمن اديبن کي تحقيق لاءِ گھربل وسيلا ۽ حوالا ميسر نه ھئا. ھن وقت جڏھن ھند ۾ نئين ٽھي سنڌي ٻولي پڙھڻ ۽ لکڻ کان ته پري آھي، پر ڳالھائڻ به ڪنھن حد تائين گھٽجي ويو آھي، تڏھن به شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۽ نقادن بددل ٿي لکڻ نه ڇڏيو آھي.

21 July, 2019

ڪريم فقير - ڀارومل امراڻي


ڪريم فقير
ڪيرٽي جو ڪلونت
ڀارومل امراڻي
ڪيسر مڪواڻي جي قرب نگر ڪيرٽي عرف ڪيرلي نگر ۾ آچار مڱڻهار جي گهر ۾ مئي ۱۹۶۱ع تي جنم وٺندڙ ڪريم فقير سنڌ جو سريلو راڳي آهي. جنهن جي آلاپ تي ريجهي صحرا جي شفق سنجها جو ڏيئو ٻاريندي آهي. جنهن جي سُرن جي ستارا ساک ڏيندا آهن، جنهن جي راڳ جي راحت ۾ ڀالوا جي ڀٽ مينهن وساڙن جو ڏيک ڏيندي آهي.
ڪريم فقير اڃان ٻه ٽن مهينن جو هو، تڏهن سندس مامي سروپي مڱڻهار وارا مٺي ڪوٺي آيا. پوءِ اتي ئي مامي جي گهر ۾ پلي وڏو ٿيو. سروپي مڱڻهار جي مٺي ۾ دهل جي وڄت جي حوالي سان وڏي مقبوليت رهي آهي.

20 July, 2019

حمايت علي شاعر


سنڌ دوست اردو شاعر جو وڇوڙو
نصير مرزا
هو سوشلسٽ هو يا شيعو؟ اها ته خبر ناهي مون کي، البت ايتري ڄاڻ ضرور، ته هند مان اردو شاعرن ۽ دانشورن جي جنهن کيپ، سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو، اُنهن مان ڊاڪٽر الياس عشقي، پروفيسر آفاق احمد  صديقي ۽ حمايت علي شاعر جهڙا مخلص ۽ سنڌ دوست اردو قلمڪار، نه مون اڳ ڪڏهن ڏٺا، نه پوءِ.... حمايت علي شاعر صاحب، جنهن کي سڀني پيار ۾ سدائين ”حمايت ڀائي“ چئي مخاطب ڪيو، اصل ۾ حيدرآباد دکن جي اورنگ آباد جي مِٽي هو. ۱۹۵۰ع ۾ هن اتان لڏيو ته اول ته سنڌ جي دل ڪراچي ۾ اچي رهيو، پر پوءِ هُو حيدرآباد ۽ حيدرآباد ۾ به لطيف سائينءَ جي نالي سان منسوب لطيف آباد ۾ گهرڙو اڏي اچي ويٺو. جتي ست نمبر ۾ جيڪو پنهنجو آکيرو جوڙيائين ان جو نالو رکيائين؛ ”گهواره“.  

18 July, 2019

ملڪ نديم


ملڪ نديم
وطن دوست ۽ عوامي شاعر
راشد شر
آزاد فضا ۽ باندي رھڻ ۾ رات ڏينهن جو فرق آھي ڇو ته آزاد معاشرن جا فرد ذھني توڙي جسماني طور خوش رھي زندگي جون سموريون بهارون خوشي سان گذاري جيئن ٿا.
ٻئي پاسي تنگ زنجيرن ۾ جڪڙيل غلام سماج جو ھر فرد عذاب ۾ هوندو آھي، خاص ڪري غلام سماج جو باشعور فرد عام ماڻھن جي ڀيٽ ۾ سوايو پيڙيل ھوندو آھي ايتريقدر جو غلام معاشرن ۾ ھر با شعور ماڻھو جو موت به زندگي جي اڌ پڪي اڌ ڪچي عمر ۾ يعنيٰ وقت کان گھڻو اڳي ٿيندو آھي، تنگ سماج ۾ باشعور ماڻھو جو موت ھر ھر پيو ٿيندو آھي جنهن جو سبب اهو آھي ته سمورا باشعور ذھن پوري سماج فطرت تي سوچڻ جا جدوجهد ڪندڙ فڪري دماغ ھوندا آھن، جيڪي راتين جون راتيون جاڳي دنيا جهان ۾ تبديلي جا خواب ڏسندا رهندا آھن.

سيد احمد مهدي


سيد احمد مهدي
لاڙڪاڻي جو فلائنگ هارس (تاثر)
منظور ڪوھيار
هو لاڙڪاڻي جي هاڪي ٽيم جو واقعي فلائنگ هارس هيو. ليفٽ آئوٽ يا ليفٽ اِن کيڏندو هيو. بال کي ايڏي ته تيزيءَ سان ڊي ۾ کڻي ويندو هيو، جو ڪنهن به حوالي سان قومي سطح جي رانديگرن سميع الله يا ڪليم الله کان گھٽ نه هيو. هي لاڙڪاڻي جي انهن رانديگرن منجھان هيو، جن پنهنجي دؤر ۾ هاڪي جي نيشنل ڪيمپ اَٽينڊ ڪري، نيشنل ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيا. پر ان دؤر جو الميو اهو هوندو هيو، جو جڏهن به نيشنل ٽيم ۾ سندن سليڪشن ٿيندي هئي، ته سليڪشن ليٽر کين تڏهن رسندو هيو، جڏهن نيشنل ٽيم ٻاهرين ملڪ جي دؤري تي وڃي چڪي هوندي هئي. اهي هيون، ون يونٽ جون ڀلايون، جنهن ننڍن صوبن جي ننڍن شهرن ۾ تعصب جو ٻج ڏاڍي هوشياري سان پوکيو، جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو، ۽ پوءِ جنهن جو ثمر سڀني چکيو.

ڄام صنم سنڌي

ڄام صنم سنڌي

گهڻ صلاحيتي ۽ متحرڪ ادبي شخصيت

وزير فرهاد سولنگي



ساهتي پرڳڻو، علم، ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ اهم جڳهه والاري ٿو. سنڌ جي هن خطي ۾ ڪيترا ئي عالم، اديب، شاعر ۽ قلمڪار پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي ٻولي ۽ ادب ۾ نمايان خدمتون ڏنيون آهن ساهتي پرڳڻي جو اهم شهر مورو جنهن ۾ تاريخ، ادب سياست ۽ تعليم جي روشني پکڙيل آهي. موري شهر ۾ قاضي خليق مورائي کان ناصر مورائي تائين ۽ قاضي نظير کان راشد مورائي تائين ڪيترا ئي اهم نالا آهن جن علم ۽ ادب جي شعبي تمام گهڻو نالو ڪمايو آهي. اهڙي طرح موري جي علمي ۽ ادبي کيتر ۾ عورتن به پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. جنهن ۾ آپا رحيمان سيال کان ايس نسيم ميمڻ ۽ رضيه مورائيءَ کان ڄام صنم سنڌي تائين ڪيتريون عورتون آهن جيڪي موري جي علمي ۽ ادبي حلقي ۾ تمام گهڻيون سرگرم رهيون آهن.

مور مغيري - حفيظ چانڊيو


مور مغيري
محبتن جو امين شاعر
حفيظ چانڊيو
شاعري هڪ اهڙو محاذ آهي، جنهن جي وسيلي ڏات جي ڏڍ تي قوم جي بقا جي جنگ جوٽي جوٽبي آهي. شاعري اهڙن احساسن جو نانءُ آهي، جنهن وسيلي بيساکين تي بيٺل سماج اندر مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي، سنوارجي ويل سماج اندر تبديليءَ جو استعارو مور مغيري به آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سماج کي تبديليءَ جا جتن پئي ڪيا آهن، انهن اڙانگن رستن تي سندس پير رتورت ٿيڻ باوجود سندس حوصلا اڄ به هالار جيڏا آهن، تازو سندس شعري ڪتاب “ڳوڙها ڳوڙها ڳل” سرسوتي ساهت گهر ڏوڪريءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، سندس ڪتاب ڀوڳنائن ۽ پڇتاونَ جو اهو تاريخي دستاويز آهي، جنهن ۾ هن بدبودار سماج جي بهتري لاءِ بظاهر بغاوت ڪئي آهي، جيڪا سندس شاعراڻي روپ ۾ اسان آڏو اظهار بڻيو آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي ضرورت آهي. مور پيار ۽ پيڙائن جي پنڌ تي ڪٿي به ٿڪجي نه ٿو، سنڌو درياهه جي وهڪري وانگر سندس قلم جي قط ڪٿي بيهڻ جو نالو نه ٿي وٺي.

ڊاڪٽر نواز علي دل - نظام الدين ڪاڪا


ڊاڪٽر نواز علي دل
محبتن جو مسيحا
نظام الدين ڪاڪا
هُو، جنهن جي سُڃاڻپ هڪ ڊاڪٽر طور آهي ۽ جنهن کي صحت کاتي سنڌ جي نالي واري اسپتال لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ سائنس ڄامشوري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو آهي، جتي هو ڪيترن مجبور، لاچار، محروم، غريب ۽ بي پهچ انسانن لاءِ مسيحا بڻيل آهي. هو نه رڳو دردن جو درمان ۽ دوا ڪري ٿو پر بي پهچ ۽ لاچار انسانن لاءِ دلاسو ۽ ڏَڍُ بڻيل آهي. ان ڪري هو ماڻهوءَ جي عضون جي سرجري ڪري علاج ته ڪري ٿو پر اُداس ۽ هيسيل ماڻهن جي ذهنن کي تازگي ۽ توانائي بخشي اميد ۽ ڀروسي جوڳو بنائڻ جو هنر به ڄاڻي ٿو. ان ڪري هُو منهنجي حواسن ۾ هڪ سماج سڌارڪ، وفادار، آئيءَ ويل اهنج ۽ ايذاءَ وقت ڪم اچڻ وارو قدردان انسان آهي. هُو پنهنجي ڪراچيءَ واري دوست بابر سان ڪَيل ويساگهاتيءَ تي پريشان ٿي سندس احساسن ۽ اُدمن ۾ سمائجي سندس دلاسو ۽ آسرو ته ٿئي ٿو پر کيس پريشانين جي سير مان ٻاهر ڪڍي ڪناري لڳائي پار ڪري به ڄاڻي ته شاهُو کوسي جي فالتو ڳالهين کي به احترام سان ٻڌي منجهيل سُٽَ کي سُلجهائڻ به ڄاڻي. اڪبر درس جو قريبي دوست ۽ ٻانهه ٻيلي رهيو آهي ۽ سندس زندگيءَ جي هر مسئلي جي حل ۾ ساڻس گڏ رهندو پيو اچي. جڏهن ته نظام ڪاڪا سان مشورا ڪري پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين کي وڏي خبرداريءَ سان نمٽائي به ڄاڻي. مير حيدر علي ٽالپر ۽ مير شير محمد ٽالپر ٻئي سندس محسن رهيا آهن. پنهنجي راڄ ڀاڳ کي، پنهنجي ڪاروبار کي، پنهنجي ٻني ٻاري کي نه رڳو سنڀالي پر پنهنجي ڳوٺ جي، ماڻهن جو پنهنجي جُوءِ جي ماڻهن جو علاج معالج مفت ڪرڻ سان گڏ سندن روزمره جي زندگيءَ جي مسئلن جو تدارڪ به ڪري. بيمارن، معذورن ۽ محرومن کان هلي حال پڇڻ وارو مون هي پهريون ڊاڪٽر ڏٺو آهي. جنهن کي ماڻهو ”ڊاڪٽر نواز علي دل“ جي نالي سان ياد ڪندا رهندا آهن. حيدرآباد تعلقي جي ڳوٺ صالح دل ۾ وڏيري عمر دل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هي سڪيلڌو ٻار واقعي پينگهي ۾ پڌرو صدورو ۽ سُڀاءُ وارو ثابت ٿيو آهي. ڊاڪٽر نواز ماڻهن جا مسئلا جهول ۾ جهلي انهن کي ائين ترتيبوار حل ڪندو آهي جيئن هو مريضن کي نمبروار سرجري ڪري دوائون ۽ علاج لکندو هجي.

ميان غوث بخش چانگ - دلبر بروهي


ميان غوث بخش چانگ
کاهوڙي ڪردار جو وڇوڙو!
دلبر بروهي
ڏاهن جو چوڻ آهي ته ”ڀلو انسان ڪڏهن به نٿو مري، سندس ڪردار کي هميشه تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.“ هونئن ته سنڌ ۾ انيڪ ڪردار ٿي گذريا آهن پر هڪ لازوال ڪردار جيڪو ميان غوث بخش چانگ جي نالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، جنهن سڄي ڄمار ڌرتي ۽ بي پهچ ماڻهن جي ناءُ ڪئي، سندس جدوجهد ذريعي پنهنجي الڳ ۽ اڻ ٿڪ ڪوششن، ڪاوشن ۽ جدوجهد ۾ سڄي زندگي گذاري، ميان غوث بخش چانگ ضلعي نوشهروفيروز جي شهر هالاڻي لڳ ننڍي ڳوٺ سوڀو خان چانگ ۾ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو، سوڀو خان چانگ جا چار پٽ هئا جنهن ۾ حمزو، محمد حسين، مير محمد ۽ محمد جمن شامل آهن، ميان غوث بخش ۽ محمد قاسم بنيادي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، ميان غوث بخش ۽ محمد قاسم جو پيءَ حمزو خان اُٺن ذريعي پنهنجي محنت مزدوري ڪري ڪٽنب جو پيٽ پاليندو هو، ننڍي هوندي کان ئي ٻئي ڀائر ميان غوث بخش ۽ محمد قاسم پنهنجي چاچي محمد حسين چانگ جي اٽي جي چڪي ۾ محنت مزدوري پڻ ڪئي جيڪي پنهنجي والد جا ٻانهن ٻيلي رهيا، اها ڳالهه ميان غوث بخش اڪثر ڪچهرين ۾ وڏي فخر سان چوندو هو ته آئون غربت ۽ جهالت سان جنگ جوٽي هن مقام تي پهتو آهيان پر ان وقت بني بشر کي خبر نه هئي ته سوڀو خان جا ٻئي پوٽا هڪ ميان غوث بخش ۽ ٻيو محمد قاسم چانگ وقت سان گڏوگڏ اڳتي هلي پنهنجي ڪردار ۾ پنهنجي قبيلي ۽ برادري جو نالو روشن ڪندا. غوث بخش چانگ جي اوچتي وڇوڙي کانپوءِ علائقي جي ماڻهن جون نظرون سندن ننڍي ڀاءُ محمد قاسم چانگ سندن ڀائٽيي امداد چانگ ۽ منصور ڏانهن آهن، ماڻهن کي يقين آهي ته محمد قاسم چانگ، امداد چانگ ۽ سندس پٽ منصور اسان کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندا، هو به ميان وانگر پنهنجي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائيندا، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ڀوتارن پاران علائقي کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ توڙي ترقياتي ڪم نه ٿيڻ تي ميان غوث بخش مجبورن پنهنجي سرڪاري نوڪري اڌ ۾ ڇڏي رٽائرمنٽ وٺي سياست ۾ حصو ورتو، ميان غوث بخش پنهنجي وس آهر پنهنجي علائقي ۾ ترقياتي ڪمن روڊ، پيئڻ جي پاڻي سميت ڪيترائي ڪم ڪرايا، هن جي ڪم ڪرائڻ تي تڪ جا سياسي ڀوتار ۽ تر جا وڏيرا مخالف ٿي ويا، هنن مختلف طريقن سان سندس رستا روڪ ڪئي، مڪاني چونڊن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان ڪامياب ٿيڻ تي ويتر ڀوتار ناراض ٿيا، هن چونڊن ۾ ميان غوث بخش پاران بيهاريل پينل جي کٽڻ تي ويتر مخالفت تيز ٿي وئي، ان بعد تازو عام چونڊن جو اعلان ٿيو ته ميان غوث بخش صوبائي تڪ تي بيهڻ جو اعلان ڪيو چونڊن ۾ هن ۱۵ هزار کان مٿي ووٽ کڻي سياسي ڀوتارن کي هڪڙي قسم جو پيغام ڏنو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي تڪ ۾ عوام جي ڀلي لاءِ ترقياتي ڪم نه ڪرائيندو ته اوهان جو اڳتي کٽڻ به مشڪل ٿيندو.

ماھين ھيسباڻي - انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي


ماھين ھيسباڻي
ڪل جڳ جي شاعره
انجنيئر عبدالحفيظ ڀٽي
سنڌ ڇھ ھزار سالن کان وٺي ڪري ڌرتي جي وايو منڊل تي سندر سڀيتا جو اھڃاڻ رھي آهي. سنڌ ازلي خوبصورتي سان پنهنجي خاموش مرڪ سان پنهنجي محور ۾ رقص ڪندي نظر ايندي اٿم جتان جو ھر شخص پنهنجي ڪَلجُڳ جو مَھراجا ھجي ٿو. ھر شخص پنهنجي عشق جي پڙلاءُ جا سَڏ سُرڪي ٿو. اندر جي سونهن سان ٽمٽار وجودَ ماحول ۾ امن جو سنديسو ارپين ٿا. اھي امن جا اولڙا روشن مستقبل جي نويد آڻين ٿا، جتي ماڻھون، ماڻھون رند ۽ شاعراڻن خيالن سان سونهن جي سرھاڻ کي پنهنجي سِراٽي رکي ڪري پر سڪون ھُڳاءُ سان مسرور رھن ٿا. اھا مسروريت جي ڪيفيت شاعر جي سڃاڻپ ڪرائن ٿا جيڪي پنهنجي محنتن سان ۽ جفاڪشن سان سنڌ جي سونهن کي مان بخشن ٿا.

17 July, 2019

شهيد احمد خان آصف مصراڻي - آزاد انور ڪانڌڙو


سندس ٻارن لاء شاعري
آزاد انور ڪانڌڙو
احمد خان آصف مصراني
شهيد احمد خان آصف ٻارن لاءِ نه صرف گيت ۽ ٻاراڻا ٻول لکيا پر هن عملي طور تي ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب به لکيا. جن ۾ ٻاراڻا ٻول ۶ جلد وڏي مقبوليت رکي ٿو. شهيد احمد خان آصف جو شمار پنهنجي دؤر جي مشهور شاعرن ۾ ٿئي ٿو. هو نه صرف ناميارو شاعر پر پاڻ ناميارو اديب ۽ محقق به هو. تحقيق جي حوالي سان سندس ڪم مثالي حيثيت رکي ٿو. شهيد احمد خان آصف ۸ جولاءِ ۱۹۲۲ع تي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ مٺو ٻٻر ۾ محمد اسماعيل مصراڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سنڌي فائنل پاس احمد خان آصف استاد هو. ۱۹۳۷ع کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ احمد خان آصف جا حافظ محمد احسن چنا ۽ مرحوم جمع خان غريب شاعريءَ ۾ استاد هئا، جڏهن ته مضمون، مقالا حاجي محمود خادم جي اثر هيٺ لکيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ارمغان آصف، گلزار چنبيلي، همايون نامه، سيرت زيب النساءِ، سيرت حضرت بلاول، سيرت خواجه اويس قرني، شڪست حال شهزاديون، روميءَ جون رهاڻيون، قصص الانبياءِ، املهه ماڻڪ، جاگرافي دادو ضلعو، جاگرافي خيرپورناٿن شاهه تعلقو، ٻاراڻا ٻول (۶ جلد)، نعتن جو نذرانو ۽ ٻيا ڇپيل آهن. جڏهن ته اڻ ڇپيلن ۾ ڪليات آصف، ڪانگل نامو، ادب رهاڻ، خانخانان جون خوبيون، تزڪ بابري، زرين اقوال، ميرل ڏانهن محبت نامه،مضامين واشعار ۽ ٻيا اڻ ڇپيل آهن.

ڊاڪٽر امان الله سومرو - لياقت راڄپر


ڊاڪٽر امان الله سومرو
لياقت راڄپر
لاڙڪاڻي ۾ هڪ سومرو فيملي جيڪا ملتان کان لڏي اچي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آباد ٿي ۽ ٿوري ئي وقت ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم فيمليز ۾ شامل ٿي وئي، جنهن جي علم، ادب، اخلاق، نفاست ۽ قرب جي ڪري لاڙڪاڻي اندر ڀٽو فيملي سان اهم دوستي ٿي وئي. هن فيمليءَ جو اهم فرد غلام حيدر روينيو کاتي ۾ تپيدار هو پر جيئن ئي هن محسوس ڪيو ته کاتي ۾ ڪم ڪرڻ هن لاءِ مشڪل آهي ته هن اتان استعيفيٰ ڏئي ننڍو ڪاروبار شروع ڪيو. پهريائين ته هيءُ خاندان ڳوٺ ٽاٽري، تعلقو ڏوڪري ۾ رهيا ۽ پوءِ لاڙڪاڻي شهر ڏانهن اچي آباد ٿيا.

16 July, 2019

برڪت علي آزاد

برڪت علي آزاد
سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي خدمتون
تهذيب الاسلام رضوي
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
مؤلف پاران
جناب برڪت علي آزاد صاحب سنڌ جي نامور صحافين ۾ شمار ٿين ٿا. ۱۹۳۷ع کان صحافتي زندگيءَ جو آغاز ڪيائون. پنھنجي ساري زندگي صحافتي مشن کي جاري رکڻ ۾ ڳاري ڇڏيائون. آخر تائين سندن اهو ارادو هيو ته؛ هڪ اهڙي اخبار جاري ڪجي، جنھن ذريعي هر طبقي جي فڪرمند ماڻھن جي رهنمائي ڪري سگهجي.
مون هن مقالي لکڻ ۾ کين وقتاً فوقتاً زحمت ڏني ۽ کانئن مفيد مشورا پڻ ورتا، جن لاءِ مان دليون جانيون سندن ٿورائتو آهيان. ان کان علاوه پراڻين اخبارن ۽ ڪيترن ڪتابن مان، گنجائش آهر استفادو پڻ حاصل ڪيو اٿم.
هيٺ آزاد صاحب جي زندگيءَ کي ننڍڙن موضوعن ۾ ورڇيندي پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ پيش ڪجي ٿي ته جيئن گهڻن لاءِ راهِ عمل پيدا ٿي سگهي.

13 July, 2019

مشڪور ڦلڪارو


مشڪور ڦلڪارو
هڪ آدرشي انسان
استاد لغاري


محمد بخش (مشڪور ڦلڪارو) ولد شير محمد خان جو جنم ۰۳ اپريل ۱۹۵۵ع تي، ڳوٺ صوفي آباد، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ جو امتحان سال ۱۹۷۲ع ۾، گورنمنٽ هاءِ اسڪول رپ شريف ۾ ڏيئي ڪاميابي ماڻيائين. هي سنڌ جو عظيم اسڪالر، محقق ۽ آدرشي انسان، هن وقت ٽنڊي محمد خان جي شهر ۾ رهائش پذير آهي. هن جو والد صاحب بنيادي طور هڪ مسڪين هر هاريءَ هيو. جنهن جي ڪري مشڪور صاحب پنهنجي مدد پاڻ تحت، ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسي، همت ڪري، ايم اي، ايل ايل بي تائين پڙهي ويو. نوڪريءَ جي تلاش ڪندي، سڀ کان پهريان خانداني منصوبه بندي کاتي ۾ فيلڊ موٽيويٽر مقرر ٿيو. ان بعد هڪ انٽرويو ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، پرائمري استاد طور خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. ايئن هو مختلف عهدن ۽ نوڪرين تي رهندي، عمر جا ۶۰ سال پورا ٿيڻ بعد، ۰۳ اپريل ۲۰۱۵ع تي باقاعده سرڪاري سروس تان ريٽائر ٿيو. سروس دوران پنهنجي پڙهائي به جاري رکندو آيو ۽ علمي ۽ ادبي کيتر ۾ شاعر، محقق ۽ بهترين اسٽيج ڪمپيئر طور به پنهنجي پاڻ کي مڃايائين. شاھ جي رسالي ۽ شيخ اياز جي مزاحمتي شاعريءَ کي، پنهنجي پسنديده موضوعن ۾ شامل ڪيائين. اسٽيج تي اچي چوندو هيو “باغي آهيان، باغي آهيان، تنهنجو آئون سماج! تو سان وڙهندي رهندي منهنجي هر هڪ رت ڦڙي”. ته پنڊال ۾ ويٺل هزارين ماڻهو، تاڙين جي گونجار ۾، کيس ڀرپور داد ڏيندا هئا.

11 July, 2019

حسن مجتبي - مختيار شاھنوازاڻي


حسن مجتبي
جرنلزم، ادب ۽ شاعري جو روشن چراغ
مختيار شاھنوازاڻي
ھن جي لکڻ جا رنگ رتول نرالا آھن، ھن جي جرنلزم جا وسيع دائرا ھجن ٿا. ھو ھڪ قلمڪار جي حيثيت ۾ اھو تخليقڪار آھي، جنھن جون تحريرون ۽ تجزيا ھلچل مچائي ڇڏين ٿا. ھن دور جو سگھارو آواز آھي. حسن مجتبي ۾ گھڻ رخيون صلاحتيون آھن، آدرشي اديب، برجستو صحافي ۽ اھو مورخ شاعر آھي جنھن جي شاعري ۾ تاريخ گفتگو ڪندي آھي. جنھن ۾ رُڪ (اسٽيشن) جي رڙ آھي ته پنڪي جي پڪار به ۽ دارا جو سپنو به. ھن جي نثر ۽ نظم جو ڊڪشن الڳ آھي. حسن مجتبي جا ڪالم ابتدا کان اختتام تائين معني خيز ھوندا آھن. ھن جي اسٽوري جي اڻت ياترا جيان دل ۽ دماغ ۾ ڦرندي رھندي آھي. حسن مجتبي جي تخيل ۾ سفرنامي جو آرٽ ھوندو آھي ھن جي لکڻ جي اسلوب ۾ اھڙيون خوبيون آھن جو پڙھندڙ مشاھدو ڪندو ھجي. ھن جي جرنلزم جي ڏيھان ڏيھ ھاڪ آھي ھن وقت نيويارڪ جي عالمي اشاعت پيپرن ۾ لکي ٿو ۽ ھُن جي تحريرن جو ايڏو اميج آھي، جو سنڌ جون اڪثر اخبارون ھن جي آرٽيڪل ۽ اسٽوري جون مشتاق ھونديون آھن.

غلام حيدر گجو - مختيار شاھنوازاڻي


غلام حيدر گجو
حسن ۽ سونھن جو ثناگر شاعر
مختيار شاھنوازاڻي
ساھتي پرڳڻو سنڌي ادب جو اثاثو آھي. جتي شاعري جا ڳاڙھا گلاب خوشبو ڦھلائن ٿا گيتن، غزل جي گونجار ساھتي جي سراپا سونھن آھي. ڇو ته ھتي نارائڻ شيام جي شاعري سرجي. ھتي نصير سائين به نوشھري ۾ آھي، جنھن جي ڪلاسيڪل شاعري؛ ”رمزن ساڻ غلام ڪيو ٿي يار اسان کي سڄڻ اسان کي“ جو گيان ملي ٿو. ھتي مسرور پنائيءَ جا گيت به آھن. ھتي نوان جتوئي جو نماڻو سنڌي، حافظ محمد بخش خاصخيلي، گدا خاصخيلي جا نظم تاريخ جي چيخ آھن. ھتي راشد سائينءَ جي چشمن سان چائڻ جھڙي سندر شاعري به آھي، جنھن ۾ مجازي مام ۽ صبح ٿيڻ جا سونھري سپنا آھن. ساھتي، ادب ۽ ڏاھپ جو اھڙو گلدستو آھي، جتي ايترا بيشمار گل آھن جنھن ۾ پنھجي پنھنجي ھٻڪار ھجي ٿي. حشو ڪيولراماڻي کان وٺي دادا ڪيرت ٻاٻاڻي تائين، وفا جا پيڪر پيدا ٿيا، جن جوت جون مشعلون ٻاري ڇڏيون. ساھتي، ادب ۽ دانش جو سرموڙ پرڳڻو آھي.

جمن ڊي بلوچ - مٺل جسڪاڻي


جمن ڊي بلوچ
رھي جمن ڪٿي به محبت ناھي
مٺل جسڪاڻي
شاعري ۾ رڌم يا لئي يعني موسيقيت جي لاءِ بحر ۽ وزن جي اهميت کان انڪار ڪونهي. شاعري ۾ جمالياتي حُسن به تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي. شاعر جو جيترو مطالعو ۽ مشاهدو هوندو، کيس جيتري فني ڄاڻ هوندي، سندس شاعري جي اڏام به ان نسبت سان ئي بيهندي.